Realtime Hit Counter

Tuesday 25 October 2011

ڪارل مارڪس، هيگل ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي فڪر فلسفي ۽ نظرين ۾ بنيادي فرق! جوکيو شفيق احمد.


Karl Heinrich Marx (5 May 1818 – 14 March 1883) was a German philosopher, sociologist,economic historian, journalist, and revolutionary socialist who developed the socio-political theory of Marxism. His ideas have since played a significant role in the development of social science and the socialist political movement. He published various books during his lifetime, with the most notable being The Communist Manifesto (1848) and Capital (1867–1894), many of which were co-written with his friend, the fellow German revolutionary socialistFriedrich Engels.[2]

http://en.wikipedia.org/wiki/Karl_Marx


Georg Wilhelm Friedrich Hegel (German pronunciation: [ˈɡeɔɐ̯k ˈvɪlhɛlm ˈfʁiːdʁɪç ˈheːɡəl]) (August 27, 1770 – November 14, 1831) was a German philosopher, one of the creators ofGerman Idealism. His historicist and idealist account of reality as a whole revolutionizedEuropean philosophy and was an important precursor to Continental philosophy and Marxism.

http://en.wikipedia.org/wiki/Georg_Wilhelm_Friedrich_Hegel



Maulana Ubaidullah Sindhi (10 March 1872 - 22 August 1944)(Sindhi: عبیداللہ سنڌي, Urdu: مولانا عبیداللہ سندھی) was a noted pan-Islamic leader a political activist of the Indian independence movement. Born in a Sikh family of Sialkot, Ubaidullah converted to Islam early in his life and later enrolled in the Darul Uloom Deoband, where he was at various times associated with other noted Islamic scholars of the time, including Maulana Rasheed Gangohi and Mahmud al Hasan. Maulana Sindhi returned to the Darul Uloom Deoband in 1909, and gradually involved himself in the pan-Islamic movement. During World War I, he was amongst the leaders of the Deoband school who, led by Maulana Mahmud al Hasan, left India to seek support of the Central Powers for a Pan-Islmaic revolution in India in what came to be known as the Silk Letter Conspiracy. Ubaidullah reached Kabul during the war to rally the Afghan Amir Habibullah Khan, and after brief period, he offered his support to Raja Mahendra Pratap's plans for revolution in India withGerman support. He joined the Provisional Government of India formed in Kabul in December 1915, and remained in Afghanistan till the end of the war, and left for Russia. He subsequently spent two years in Turkey and, passing through many countries, eventually reached Hijaz(Saudi Arabia) where he spent about fourteen years learning and pondering over the philosophy of Islam especially in the light of Shah Waliullah's works. In his early career was a pan-Islamic thinker. However, after his studies of Shah Waliullah's works, Ubaidullah Sindhi emerged as non-Pan-Islamic scholar. He was one of the most active and prominent members of the faction of Indian Freedom Movement led by Muslim Clergy chiefly from Islamic School of Deoband. Ubaidullah Sindhi died on August 22, 1944.

http://en.wikipedia.org/wiki/Ubaidullah_Sindhi


ڪارل مارڪس، هيگل ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي فڪر فلسفي ۽ نظرين ۾ بنيادي فرق!

جوکيو شفيق احمد.

متي لکيل عنوان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پهريون؛ هڪ ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکڻ گهرجي، امام انقلاب عبيد الله سنڌي پاڻ ته وڏو فلاسفر حڪيم ڏاهو مدبر مفڪر ۽ علم لاهوت لامڪان (ٿيولاجي ٿيوسافي) سياست، تمدن، شهريت(علم سِوِڪِ،سوسائٽي) معاشيات اقتصاديات (سوشيالاجي) ۽ علم سائينس جي سڀني شعبن جا وڏا ماهر هيا.

ليڪن پاڻ پنهنجي استادن جي استاد يعني حڪيم الهند امام شاهه ولي الله جي فڪر جي تقليد ڪندا هيا ۽ ان جي فڪر کي ٻين اسلام جي فلاسافر يعني امام غزالي ۽ امام ابن تيميه / غير مسلم حڪيمن ڏاهن تي ترجيح ڏيندا هيا.

امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جن امام شاهه ولي الله الهندي جي فڪر فلسفي حڪمت ڏاهپ کي (اون) پنهنجو ڪري ان جي نشر اشاعت ۽ هر مسئلي جي حل (سوليوشن) لاء اصول قرار ڏئي، اسان لاء هڪ سونهائي (گائيڊ لائين) راهه، گس، پيچري، شارع سلوڪ، طريقي جو تعين ڪيو.

نوٽ: ٻي هڪ اهم ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي؛ ته حڪيم الهند شاهه ولي الله ۽ سنڌ جي فلسفين مدبرن مفڪرن: شيخ مبارڪ سيوهاڻي، مخدوم بلاول باغباني، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد بن عبد الهادي عرف امام ابو الحسن سنڌي ثم مدني، مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد فاضل سنڌي (جيڪو حڪيم الهند امام شاهه ولي الله جو استاد هو) امام محمد حيات سنڌي ثم مدني، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،مخدوم محمد اسمٰعيل پريان لوءِ واري، پير محمد راشد روضي ڌڻي، پير جو ڳوٺ،سنڌ (جيڪي سڀ امام عبيد الله سنڌي جي فڪر استاد آهي ۽ خاص طور پير محمد راشد روضي ڌڻي رح جن امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جا ٻن واسطن سان مرشد آهن ) ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جي فلسفي فڪر تدبر منجهه ڪوبه فرق نه هو.

بس فرق رڳو ايترو حڪيم الهندامام شاهه ولي الله جنهن دور ۾ پيدا ٿيا، ان دور ۾ هندوستان اخلاقي پستي ۽ زوال جو شڪار ٿي چڪو هو، جنهن ڪري حڪيم الهند امام شاهه ولي الله کي پنهنجي قوم يعني هندوستانين لاء اخلاقي تعليم تي غور ڪري لکڻ جي لوڙ گهرج پئي.

ليڪن ٻئي پاسي سنڌ جي فلسفين مفڪرن مدبرن حڪيمن ڏاهن کي ڪنهن به مسئلي تي ڪنهن به قسم جي لاء لکڻ جي ڪابه لوڙ گهرج نه پئي جو سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي بادشاهي هئي، جنهن ڪري اهو دور سنڌ جو علم ادب جي ترقيءَ جوسونهري دورهيو۽ سنڌ جا سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌ جي عالمن فلاسافرن حڪيمن ڏاهن صوفين جي فيض مان مستفيد ٿي، پنهنجي حياتي سک شانت سان گهاري رهيا هيا.

مون کي هن مضمون آرٽيڪل لکڻ جو ضرورت ڇو پئي؟

جواب: هي آهي ته جنهن وقت هندوستان ۾ اخلاقي پستيءَ زوال ۽ طوائف الملوڪيءَ يعني گهر گهر ۾ هڪ هڪ رياست قائم ٿي چڪي هئي، معاشرتي، معاشِي، عدل، انصاف ۽ مساوات جو نالو نشان ڪونه هو ۽ جيڪو ڏاڍو سو گابو، مسڪين محتاجِيءَ جو شڪار هيا. انهن جو ڪوبه ڌڻي سائين ڪونه هو. هو انساني بنيادي ضرورتن يعني رزق روٽي اٽي، لٽي ڪپڙي، اجهي گهر، صحت تعليم، سک شانتي ۽ امن کان محروم هيا.

ساڳي طرح هن وقت سنڌ جا سنڌي ماڻهو انهن ساڳين ظلمن جو شڪار ۽ مٿي بيان ڪيل سهولتن کان محروم آهن ۽ پنهنجي جياپي لاء وجود جي جنگ لڙي رهيا آهن ۽ اهڙي پريشانيءَ جو شڪار آهن جو سواء محروميءَ آپگهات موت جي ڪجهه به حاصل ناهي ٿي رهيو. اچو ته هاڻي امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي فڪر فلسفي ۽ نظرين ۾ بنيادي فرق سمجهي پڙهون! جوکيو شفيق احمد

***


امام انقلاب عبيد الله سنڌي جي فڪر فلسفي ۽ نظرين ۾ بنيادي فرق!


امام عبيد الله سنڌي جن چون ٿا: ته حڪيم الهند امام شاهه ولي الله ۽ ڪارل مارڪس جي نظرين ۾ بنيادي فرق منجهه هينئن به نه سمجهڻ گهرجي ته اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي مادي فلسفي سان مشابهت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪارل مارڪس به خلاقي اصولن ۽ مذهبي حڪمن کي معاشي ضروتن جي تابع قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته جڏهن اخلاقي اصولن ۽ معاشي گهرجن جو پاڻ ۾ ٽڪر هوندو آهي، تڏهن اخلاق ۽ مذهب کي پنهنجي شڪست مڃي معاشيات جو غلبو مڃڻو پوندو آهي.

اصل حقيقت هيءَ آهي ته معاشيات جي باري ۾ حڪيم الهند امام شاهه ولي الله جن جي ٻڌايل اصولن جو بنياد قرآن حڪيم جي حڪمت ڀري تعليم ۽ ان جي عملي شڪل رسول عليه الصواة والسلام جن جي سنت تي آهي. ان ڪري ولي اللٰهي فلسفي ۾ معاشي ضرورت ۽ مذهب ۽ اخلاق ۾ ٽڪراءُ جو ئي پيدا نه ٿو ٿئي. حڪيم الهند شاهه ولي الله جن اسلام جو مطلب ٻن لفظن اقتراب ۽ ارتفاق (رفاهي،ڀلائي) سان بيان ڪيو آهي، يعني خداپرستي ۽ انسان دوستي کي انسانيت جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان دوستيءَ جو صحيح مطلب مال ۽ دولت جي برابري (عدل انصاف ۽ مساوات) واري تقسيم آهي جئين ائين نه ٿئي جو معاشري ۾ هڪ ته وڏو سرمائيدار بڻجي وڃي ۽ ٻئي کي کائڻ لاء ماني ۽ اوڍڻ لاء ڪپڙو(لٽو) به نه ملي سگهي!.

فاشسٽ نظام:

فاشسٽ نظام (سسٽم) ۾ سمورو زرو هڪ فرد جي انفرادي صلاحيت ۽ ذاتي ملڪيت تي ڏنو ويو آهي. ان سان اجتماعي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ معاشي فلاح ۽ خوشحالي (ڀلائي فلاحي رفاهي)جو اچڻ ممڪن کڻي نه هجي ته به مشڪل ضرور آهي. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب ( حڪيم الهند شاهه ولي الله) فرد (هڪ ماڻهوءَ) جي ڀيٽ ۾ اجتماعيت تي زور ڏنو آهي، شاهه صاحب (حڪيم الهند امام ولي الله) جي فلسفي ۾ سڄي ڪائنات حقيقت ۾ هڪ وحدت (هيڪڙائي آهي جنهن جو نالو ان جي فلسفي ۾ شخص اڪبر آهي.

شخص اڪبر:

جسماني جهان کي (پوءِ کڻي ڪيترو ئي ڊگهو موڪرو هجي انکي) هڪ جسم مڃڻ گهرجي. اهو سڄو جسم هڪ مستقل شيءَ آهي ۽ ان ۾ مختلف جسم ائين آهن جيئن سمنڊ ۾ موجون (لهرون) . ان سڄي جسم ۾ طبعي تقاضا (گهرج)ڪندڙ هڪ خاص طاقت (سگهه) آهي جيڪا سڀني جزن کي سندن مناسب شڪلين ۾ مٽائيندي (ڦيرائيندي) رهي ٿي، ان وڏي جسم کي سندس سڀني طاقتن(سگهن) '' شخص اڪبر'' چوڻ گهرجي.

طبعيت الڪل:

جسم جو هڪ حصو ته اهو آهي جو ڪنهن وقت ۾ عنصرن جي شڪل رکندو هيو. پوءِ ان ٻوٽي (پلانٽ) گاهه وغيره جي شڪل اختيار ڪئي، مطلب ته ان جسم جا مختلف جزا جيڪي مختلف شڪليون بدلائيندو رهندا آهن. انهن سڀني جي مرڪزي طاقت (سگهه) شاهه صاحب (حڪيم الهند شاهه ولي الله) جي فلسفي ۾ ''طبعيت الڪل'' جي نالي سان سڏبي آهي.

نفس الڪُلُ:

جهڙي طرح هر انسان ۾ روح آهي جيڪو ان جي علم ۽ ارادي جو مالڪ آهي، اهڙي طرح ان وڏي جسم شخص اڪبر کي به هڪ روح آهي جيڪو نفسُ الڪُلُ (روح اعظم) جي نالي سان سڏجي ٿو. (ڪتاب - سطعات) شاهه ولي الله.

هيگل ۽ روح عالم:

هيگل جي فلسفي جو دارو مدار هڪ ٻئي جي ضدن جي ٽڪراءَ تي آهي. دنيا ۾ هن وقت تائين جيتري به ترقي ٿي آهي. هيگل ان جو حقيقي سبب انهن ضدن جي ٽڪراءَ کي قرار(ٺهراء) ڏنو آهي.

مثال طور مختلف خيالن يا تصورن جي پاڻ ۾ آويزش ۽ ضدن جي ٽڪراءَ مان هڪ ٽيون خيال يا تصور پيدا ٿي پوندو آهي.

هيگل ان ٽڪراءَ ۽ جدلي (لڙائي، ويڙهه، ڇڪ-تاڻ) عمل جو حقيقي سرچشمو يا محرڪ هڪ مخفي طاقت (سگهه) کي قرار ڏنو آهي. جنهن کي ان '' روح عالم'' يا روح مطلق جو نالو ڏنو آه. هيگل جي فلسفي مطابق روح مطلق پنهنجي تڪميل لاء ان نظام (سسٽم) جي طلب(گُهر) ڪندو رهندو آهي. ڇو ته ان جدلي عمل ۽ ڇڪتاڻ سان جيڪو نئون تصور وجود ۾ ايندو آهي. اهو پهرئين تصور کان وڌيڪ جامع ۽ ڪشادو هوندو آهي. ترقيءَ جو اهو سلسلو تيسين وڌندو رهندو آهي. جيسيتائين روح مطلق ترقي ۽ ڪمال جي مٿاهين درجي تي نه پهچي وڃي. هن دنيا يا عالم اجسام (جسمن واري جهان) ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهي ٿو اهو رڳو روح مطلق جي تقاضا جو نتيجو آهي ۽ خودمختيار سمجهي ٿو. پر اصل ۾ هي روح مطلق جو هڪ مظهر آهي. جنهن ۾ ٻه روح مطلق جي تقاضا جو ظهور پوري طرح سان ٿيندو ان کي روح سان به مظبوط تعلق ۽ واسطوهوندو ۽ اهو پوري طرح طرح مطلق جي تجلي سڏبو.

حڪيم الهند شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ذات بحت يا الله تعاليٰ جي ذات ايتري ته ڪامل (پوري) ۽ محيط (گهيرو ڪندڙ) آهي جو ان کي وڌيڪ ڪنهن ڪمال حاصل ڪرڻ جي ڪابه حاجت (گهرج) نه آهي ۽ اها هڪ اهڙي حقيقت قصويٰ آهي. جنهن جون ٻيون سڀ حقيقتون مقابلو نه ٿيون ڪري سگهن.(ڪتاب البدور بازغه، ص10،11 ڇاپو ڍاٻيل، انڊيا. - امام شاهه ولي الله. ان لحاظ کان روح مطلق (آزاد روح). شخص اڪبر جي روح نالو آهي. البت الله تعالي جي ذات ۾ جيترا به ڪمال آهن انهن کي هڪ بسيطُ وحدت، نه سمجهيو وڃي. پر سڀ مختلف شيون پنهنجي اختلافي شان کي پوري طرح محفوظ رکندي ذاتي ڪمالن ۾ داخل ۽ شامل آهن. انهن مان هر شيءِ کي فلسفه ۾ الله تعالي جو نالو سڏيو ويندو آهي. جن جي مجموعي کي اسماء ڪونيه (وجودي نالا) سڏيو ويندو آهي. روح اعظم يا نفس الڪليه انهن وجودي نالن جو هڪ مرڪزي نالو به آهي.

اصل ۾ فلسفو نالو آهي ذهني تبديليءَ (مَٽَ سَٽَ) جو، جيسيتائين ذهن کي هڪ طرف نه لڳايو ويندو. تيسين سماجي تبديلي نه اچي سگهندي. فلسفي جو حاصل مطلب هي آهي ته عقل جي سامهون هڪ شيءِ مرڪزي تصور جي طور تي پيش ڪئي وڃي ۽ ٻيون سڀ شيون ان وابسته (لاڳو) ڪيون وڃن. قرآن حڪيم ان بنيادي نقطي کي هر جاءِ تي بيان ڪيو آهي. ۽ سورة اخلاص (قل هو و الله احد الله الصمد) ۾ ان مرڪزي هيڪڙائيءَ جي جن صفتن جو ذڪر ڪيو ويو. اها احد يعني هڪ آهي. جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ ٻي صفت صمد آهي ۽ صَمَدُ ان کي چوندا آهن، جنهن جون سڀ شيون محتاج هجن ۽ اهو ڪنهن جو محتاج نه هجي!.

يوناني فلسفه ۾ حقيقت قصويٰ يا الله تعالي جي ذات لاء جيڪو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ان جو عربيءَ ۾ ترجمون '' واجب الوجود'' آهي يعني جيڪا هستي ٻين جي محتاج نه هجي پر اها پاڻ مرادو موجود آهي اهڙي هستيءَ کي فارسيءَ ۾ خدا يعني خود آمده (پاڻ ئي وجود ۾ آيل) چئبو آهي.

نوٽ: مٿين معني به صَمَدَ جي پوري معني ناهي، ليڪن سمجهائڻ لاء هڪ مثال آهي. جوکيو شفيق احمد.

امام انقلاب استاذي علامه عبيد الله سنڌي جي راء ۾ ان معنيٰ کي ادا ڪرڻ لاء قرآن حڪيم ۾ ''صَمَدَ'' جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. فلسفاڻي نموني ان جو ترجمون ؛ واجب الوجود آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌي.

شاهه صاحب (حڪيم الهند شاهه ولي الله) جن جي نظر ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عقلي طاقت (سگهه) فلسفه جي پيداوار هوندي آهي ۽ اسلام جهڙي بين الاقوامي دين جو فلسفو جيڪو سڄي دنيا ۾ عقلن کان مٿاهون آهي ۽ ان فلسفي جي روءِ سان اسلام ۽ انسانيت لازم ملزوم آهن. جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته جيسيتائين انسان باقي رهندا؛ تيسيتائين اسلام جو رهڻ به ضروري آهي ۽ انسانيت جي ترقي سان الله تعالي جي ذات با برڪات ۽ ان جي ذاتي صفتن جي ڪمال تي ڪوبه اثر نه پوندو.

ڏسو! ڪتاب _سماجي انصاف ۽ اجتماعيت

امام شاهه ولي الله جي نظر ۾

ليکڪ: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌي

سنڌيڪار: علامه محمد قاسم سومرو صاحب

پبلشر:ساگر پبليڪيشن هائوس،

ڪراچي،سنڌ.

by Jokhio Shafique Ahmed on Sunday, October 16, 2011 at 5:43am

Monday 10 October 2011

منافق ۽ جنگ (انقلاب) : ۽ سنڌ جي اڄوڪي منافق گيدي صوفي جي منافقانه سوچ فڪري حالت ! _جوکيو شفيق احمد.


منافق ۽ جنگ (انقلاب): ۽ سنڌ جي اڄوڪي منافق گيدي صوفي جي منافقانه سوچ فڪري حالت ! _جوکيو شفيق احمد.

مؤمن ۽ قتال (جنگ انقلاب): مؤمنن جي هڪ جماعت (پارٽي) انقلاب جي پهرين صف ۾ اچڻ لاء بيتاب آهي. اها چاهي ٿي ته جنگ (انقلاب) لاءِ ڪو حاڪم (امير) ملي جو ارتجاعين ( ريئڪشنريز رجعت پسند) جا مٿا ڀڃي.

ب- فاِذَا انزلت سورة محڪمة وذُڪِرَ فيها القتال. سوره محمد؛ جڏهن اهڙي سورة نازل ٿي جنهن ۾ جنگ (انقلاب) جو ذڪر اچي ويو ۽ اهو ذڪر به اهڙو صاف جو ان کان سواءِ ٻي معني نه ٿي سگهي.

ترقي ڪندڙ انقلابي مؤمنن جي جماعت جنگ جي لاءِ آماده ۽ تيار ٿي آهي، ان لاء جنگ جي سورة قتال نازل ٿي ويئي. هن سورت ۾ جنگ جو حڪمُ اهڙن صاف لفظن ۾ اچي ويو آهي جو انهن مان مراد فقط ميدان جنگ ۾ وڃي وڙهڻ ئي آهي پوءِ يا مارڻو آهي يا مرڻو!. ان کان سواءِ هن جي ٻي ڪا تاويل ۽ معنيٰ ٿي نٿي سگهي، هن سورة جي چوٿين آيت جنهن ۾ جنگ جو ذڪرُ آهي ساڳِئِي اهڙي آيت آهي.

ج- رَايت الذين في قلوبهم مرضُ ينظرون اليڪ نظر المغشِيِّ عليه من الموتِ ط

ترجمه: تون ڏسين ٿو ته جن جي دلين ۾ بيماري آهي اهي توڏي ائين نهارين ٿا ڄڻڪِ مٿن موت جهڙي بيهوشِي چڙهي ويئي آهي.

منافق ۽ جنگ (انقلاب): هي جنگ (انقلاب) جا حڪم ٻڌي منافقن تي، جن جي دلين ۾ نفاق جي بيماري آهي موت جهڙي بيهوشي چڙهيو وڃي ڇوته انهن جي خواهش ته هيءَ آهي ته انقلاب برپا ٿئي ۽ اهي حڪومت برپا(قائم) ٿئي ۽ اهي حڪومت برپا(قائم) ڪن، ليڪن وڙهڻو نه پوي ڇوته ۾ جان (جسم جند نفس) مال وڃڻ جو ڊپ آهي.

انسانيت جا سڀ طبقه برابر نه آهن، بلڪه ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو آهن. هر جماعت پنهنجي عقيدي تي قائم آهي انهن جي وچ ۾ بيشمار جھڳڙا آهن. جيڪڏهن انقلابي جماعت (پارٽي) پنهنجي مخالف ارتجائين (رجعت پسند، ريئيڪشنريز) کي مهلت ڏئي انهن کي غلط پروگرام تي ڇڏي ۽ قتل نه ڪري ته اهي ارتجاعي (رجعت پسند،ريئيڪشنريز) هن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا ته انقلابي جماعت (پارٽي) ڪمزور آهي، ۽ اهي ارتجاعي (رجعت پسند) مظبوط ٿي انهن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڇا انهيءَ صورت ۾ جنگ (انقلاب) کانسواءِ انقلاب ٿي سگهندو؟ جيڪڏهن انقلابي جماعت (پارٽي) جنگ نه ڪندي تڏهن ارتجاعي(رجعت پسند) ضرور جنگ جي تياري ۽ ابتداءِ شروعات) ڪندا ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪا جماعت (پارٽي) انهيءَ تباهيءَ تي راضي اُها ڪڏهن به پنهنجو وجود قائم نه رکي سگهندي. انهيءَ ڪري هي انقلابي چاهين (گهرن) ٿا ته کين جنگ جي اجازت ملي؛ ليڪن انهن ۾ جيڪي منافق آهن اهي جنگ (انقلاب) کان ڪيٻائين ٿا. جنگ (انقلاب) جي اجازت پهچندي ئي مٿن موت جهڙي بيهوشِي چڙهيو وڃي.

ج- فاَوليٰ لهم ج: ته پوءِ انهن لاء خرابي (بڇڙائي) آهي.

جيڪڏهن هي شخص پنهنجي حالت درست (اصلاح) نه ڪندا ۽ پنهنجي پاڻ کي جنگ (انقلاب) لاءِ تيار نه ڪندا ته پوءِ انهن جو انجامُ چڱو نه ٿيندو، ۽ آهستي آهستي ارتجاعي (ريئيڪشنريز، رجعت پسند) ٿي ويندا جو ڪُفُرُ آهي.

طاعة وّ قولُ مّعروف (قف) فاذا عزم الاَمرُ (قف) فلو صدقوا الله لکان خيرا لّهم (ج) آيت 21

ترجمه: حڪم مڃڻ آهي، چڱي ڳالهه چوڻ پوءِ جڏهن تاڪيد ٿئي ڪم جو جيڪڏهن ان ۾ الله سان سچا رهندا ته سندن ڀلو آهي.

1- طاعة وّ قول مّعروف:(حڪم مڃڻ ۽ چڱي ڳالهه چوڻ) جو شخص اطاعت ۽ قول معروف تي بعيت ڪري مسلمانن جي جماعت پارٽي ۾ داخل ٿيو ان کان پهرين ئي ڏينهن جواب طلبي ڪري سگھجي ٿي.

ورتل لکيل:

ڪتاب جنگ انقلاب

امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح.

مترجمه-محمد يوسف ندوي

امام انقلاب عبيد الله سنڌي ڪتاب گهر،

نيو سعيد آباد،سنڌ،

ضلع حيدرآباد.سنڌ


سنڌي لپيءَ جو مصلو ۽ رومنائيجيشن



جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي وجود جي ڳاله ايندي آهي ته مميساه ئي هڪ سٽ لکي ويندي آهي جيڪا ارنيسٽ ٽرنپ پنهنجي سنڌي گرامر (انگريجي ٻوليءَ ۾ ) سنڌي ٻوليءَ تابت لکي هئي ته "سنڌي هڪ نڄ سنسڪرت ڪرت ٻولي آهي جيڪا هندستان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ ويجھو آهي " ۽ "جيڪر اسين سنڌي کي هندستان جي هيئر اتر هندستان واري الاڪي ۾ ڳالهائيندڙ ٻوليون سان ڀيٽينداسين ته اڻ سنڌي ٻوليون کي يقينن ريِس پئي اندي سنڌيءَ جي سنسڪرت سان ويجھايپ تي" جيڪڌهن سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي ڳاله ڪجي ته هيئنر سنڌ ۾ به سنڌي جي سنسڪرت توڙي پراڪرت جي ويجھايپ جي ڳاله قبولي ويندي آهي. هندو سنڌي ته سنسڪرت توڙي پراڪرت سان ويجھڙائيپ جي ڳاله هميشاه ئي مڃندا آيا آهن. ان سڀن ڳالهيون جو سار اهو ٿو نڪري ته سڀي سنڌي (سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ) ان ڳاله کي مڃن ٿا ته سنڌيءَ جي سنسڪر توڙي پراڪرت سان ڏاڍي پُکتي واٽ آهي پر جڏهن لپيءَ جي ڳاله ٿي اچي ته اسانجا وچار پنهنجي پنهنجا ٿا ٿي پون. اسانجي ويچارن ۾ توڙي راين ۾ ڪا به هڪجيڙائي نٿي نظر اچي. لپيءَ جي مصلي تي اسين سنڌي 1843 کان 1947 تائين لڳ ڀڳ هڪ تي رهياسين ۽ ان سبب هندي توڙي اردو کي مات تائين ڏئي سگھاسين ڇاڪاڻ ته جڏهن پوري اتر هندستان هندي اردو جي جدوجهد جو اکاڙو ٿي بيٺو ته سنڌ ۾ سن جو ڪو به اسر ڪون پيو. سنڌ ۾ رهندي نه هندو هنديءَ کي سنڌي جيترو مانُ ڏنو، نڪو مسلمان اردو کي مسلمانن جي وجود لاءَ اردو کي لاظمي پئي سمجھو. اهو ان جي باوجود جي سنڌ ۾ 75 سيڪرو ادمشُماري مسلمان هئي . اتر ڀارت ۾ سنڌي مسلمان هيڪلا مسلمان هئا جيڪي اردو جي نالي تي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪرباني گھٽ ۾ گھٽ .
ورهاڱي کان اول ته بلڪل ڪون ڏني.
جيڪر انگريجن جي حڪومت کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي ڳاله ڪجي ته هندن ۾ هڪ کان وڌيڪ لپيون پيون ڏسجن. اتر ۾ جتي گُرمُکيءَ جو واهپو هو ته پوري سنڌي ۾ واڻڪي ءَ جو. هندو واڻيا هميشاه ئي واڻڪي جواستمعال ڪندا هئا. جيستائين عامل جي ڳاله آهي ته کين عربي توڙي فارسي پڙهائي ويندي هئي ڇا ڪاڻ ته سرڪاري نوڪرن سبب ان جي ضرورت پوندي هئي. (هو انگريجن جي ڏنهن ۾ ڌنڌا پئي کوليا..ڀيرومل ميرچند آڏواڻ سنڌ جي هندن جي تاريک) لپيءَ جو مصلو سنڌي مسلمانن لاءَ ڪڏهن ڪو وڏو مصلو هو هو ڇا ڪاڻ ته هو گھڻو تڻو عربي فارسيءَ ۾ ئي لکندا هئا (جيتوڻيڪ اکرن جا مسلا سندن لاءِ به هئي جيئن هندن پئي سٺا) جا سندن کي اسلام جي سبب لازمر تور ٿوپيل هوندي هئي. ورهاڱي کان اڳ توڙي بعد سندن لپي سبب ڪنهن به مصلي کي منهن ڪون ڏنو. مصلو هو ته رڳو سنڌي هندن لاءِ . جيڪا ڪميٽي سنڌ ۾ انگريزن جوڙائي هئي تنهن مان ڪو به فيسلو ڪون نڪتو ڇاڪاڻ ته هندن ديوناگري جي همايتي ڪئي ته مسلمانن عربي فارسي جي. هندن جي ليکي ڇو ته سنڌي سنسڪرت توڙي پراڪرت هڪ ساک آهي ۽ سنڌيءَ جا 80 سيڪڙو لفظ سنسڪرت ، پراڪرت سان واٽ ٿا رکن سو لکڻ پڙهڻ به ديوناگري ٿيئڻ کپي. دفتري طور ته مسلمانن ان ڳاله تي ايتراج ڪيو ته ديوناگريءَ سان مسلمانڪا لفظ ڪون تا لکي سگھجن سو کين ديوناگري ڪبول ناهي. وري لپيءِ جي نالي تي انگريزن ۾ به ايڪو ڪون هو. ڪن جي رايه هئي ته ڇو ته سنڌ ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي ۽ هندو جو هڪ تبڪعو به اربي فارسي جو ڄاڻو آهي سو لپي به عربي توڙي فارسي ٿيئڻ کپي. ٻي پاسي وري ڪي اڙها به انگرز هئا جيڪي نڄ سنڌي لفظن کي آڌار ٺاهي سنڌي ٻوليءَ جي لپي ديوناگري قبول ڪرڻ جي حمايت ڪئي. ان مان ٻه بالي اهم هئا ارنيسٽ ٽرنمپ ۽ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ جيڪي پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جا سٺا ڄاڻو هئا.

سري انسيٽ ٽرنمپ پنهنجي سنڌي گرامر (جيڪو هن انگريجي ٻوليءَ ۾ لکو هو) ۾ لکي ٿو ته ڪا به لپي سنڌي لاءِ ٺاهوڪي نه ٿيندي سواءِ سنسڪرت لپيءَ جي ڇاڪاڻ ته سنڌي ، سنسڪريت جي سڪلندي ڌيءَ ٻولي آهي. هو اڳتي لکي ٿو ته" سنڌي لاءِ سنسڪررت اکر ڪارائتا سابت ٿيندا پر اهو ممڪن آهي ته سنڌ جي مسلم آبادي پنهنجي دين ڌرم سبب اڙهي لپيءَ کي قبول نه ڪندي. سنڌ لاءِ اهو ياد رکڻ گھرجي ته پهرون ملڪ هو جنهن هندستان تي عربن جي ڪاه سٺي هئي جنهن سبب پورو اڳوڻو سنڌي توڙي سنسڪرت، پراڪرت، پالي ساهته ناسُ ٿي ويو يا کڻي چئجي ته ناسُ ڪيو ويو". وري ٻئي پاسي ڪيپٽين جارج اسٽيڪ پنهن گرامر ۾ تنهن مهل استمعال ٿيندڙ لپيون بابت وچوڻ ۾ لکو. هو لکي ٿو ته "گرامر لکڻ کان اڳواٽ منهنجي ذهن به اها ڳاله آئي ته گرامر ۾ نڄا
سنڌي لفظ ڪيڙهي لپيءَ ۾ لکجن. منهنجي چُنڊ ۾ هي لپيون هيون
سنڌي واڻڪي
رومن
عربي فارسي
ڳرموُکي
ديوناگري
واڻڪي کان آئون پرهيج ڪيو ڇاڪاڻ ته اها لپي پنهنجي پاڻ ۾ ئي پوري ناهي. ماترائون جو غلط استمعال منجھارو پيدا ٿو ڪري سگھي. رومن کان به مان پاسو ڪيو ڇاڪاڻ مونکي سمجھ ۾ پئي ڪين آيو ته رومن ائيٽويٽا سان اڀريندي ملڪن جون ٻولويون جا لفظ ڪيئن لکي سگھبا. رومن ۾ ماترائون لاءِ ايترا اکر ڳنڊڻا پوندا جي پڙهندڙ ۾ منجھارو اچي ويندو سو به جيڪر هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪو هڪ نئي آئيٽويٽا سکڻي پوي ته ڳاله واجب به پئي ڀاسين. عربي توڙي فارسي لپيءَ کان به مون پري رهيوس ڇو ته ان لپيون ۾ سنڌي لکڻ جي نسبت ايترون ته ماترائون ڳنڊڻيون پون ٿيون جي رومن وارو حال ٿو ٿئي. سو منهنجي ڇونڊ ديوناگري ۽ گرموُکي تي اچي بيٺي. جيتوڻيڪ ديوناگري جي ڀيٽ ۾ گرموُکي وڌيڪ سنڌي لفظن جي زجب ڪري جي سگھ ٿي ڏسجي پر آئون ديوناگري تي دلجاءِ ڪئي ڇاڪاڻ ته ان آئيٽواٽي سان يوروپي ڀلي ڀانت واقيف آهن ۽ مٿون وري سنڌي سنسڪرت توڙي پراڪرت جي سڪلندي ڌيءَ هئڻ سبب ديوناگري ئي ڪرائيتي سابت ٿيندي. رهي ڳاله نڄ سنڌي اکرن جي ته ديوناگريءَ ۾ مامولي ڌار نشانيون سان سٺي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي تي سگھي".
پر ان سڀ جي باوجود انگريزن سنڌيءَ لاءَ عربي لپي جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو. عربي سنڌي لپيءَ کي تنهن مهل وڏي قاميابي ملي جڏهن سنڌي هندن به ان لپيءَ جي قبول ڪندي اسڪولن ۾ عربي سنڌي پڙهائڻ سرروع ڪئي. سنڌي هندن ان لپيءَ کي ڪنهن ريت اپنايو ان جو ساهد اها سچچائي آهي جي سنڌ ۾ 1843 کان 1947 تائين لکيل اڻ اسلامي مواد ۾ هندن جي هصيداري 80 سيڪڙو هئي جڏهن ته هو سنڌ جا آباديءَ جا ڇوٿو حصو هئا. پر ورهاڱي بعد هندن جي لڏپڻ سڀ ڪجه ڄڻ فيري ڇڏو. سنڌي ٻوليءَ جي لپي جي ٻهر فيرائڻ جي ڳالهيون ٿيئڻ لڳيون. جيتوڻيڪ 1948 آزاد هندستان جي حڪومت سنڌي ٻوليءَ جي مول لپي عربي کان مٽي ديوناگري ڪرڻ جو آرڊينينس تائين پڌرو ڪيو پر ڇو ته گھڻو تڻو سنڌين کي اها لپي ڪون پئي آئي سو ان لپيءَ جو وروڌ به چڱو ٿيئڻ لڳو جنهن سبب حڪومت کي نيٺ پنهنجو اهو آرڊينينس موٽائي وٺڻو پيو. تنهن مهل ديوناگري جو وروڌ انهن پڻ ڪيو جيڪي جدا جدا سنڌي اسڪولن ۾ پڙهائيندا هئا. سندن ليکي سندس اجويڪا تي اصر پوندو ڇا ڪان ته کين هڪ نئين لپي پئي سکڻي پوندي. ديوناگري لپيءِ جو وروڌ انهن به چڱو ڪيو جيڪي سنڌي ساهته سان ڳنڊيل هئا. سندن ۾ اهو ويساءُ ويٺل هو ته ديوناگري هڪ ڌار لپي آهي جڏهن ته عربي سنڌيءَ جي نڄي لپي آهي . جيتپڻيڪ ان ليکڪن مان ڪي ديوناگري جا همايتي پڻ هئا جيئن مصال طور دادا جيرامداس دولترام يا دادا رام پنجواڻي وعيراه، پر ان جي باوجود ديوناگري لپيءَ کي جنهن ساٿ جي ضرورت هئي سو کائينس ڪون مليو. ديوناگريءَ جو ساٿُ رڳو انهن ڏنو جيڪي يا ته ڪٽٽر هندوادي هئا يا ڪي رواجي سنڌي جيڪي هند ۾ نئين حالتيون ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ پئي چاهيا. ان جو فل اهو نڪتو ته هند ۾ سنڌين جا به تبعڪا ٿي اڀرا . هڪ جن کي عربي سنڌي پئي اچي ۽ ٻيا جيڪي ان سان بلڪل اڻ واقيف هئا. سنڌين لاءِ اهي عجيب منظر هئا ڇو ته اها ساڳي لپي هئي جنهن لاءِ سنڌي 1843 ۾ هڪ ٿي انگريزن تي ديوناگري لاءِ ذور پئي ڏنو.

لپيءَ جي ان ڳوڙ ۾ جن لپيءَ کا اڳوپوءِ وساريو ويو اها آهي واڻڪي. ان لپرءَ جي سنڌ ۾ جدا جدا نالن سان صوڃاتو ويندو هو. مصلن هٽوانڪي، ٿٺائي، ڀاٽيا، ميمڻي، کوجڪي، سکارپوري، هندوڪي وغيراه وغيراه. لپي جي حسيست ۾ واڻڪيءَ کي لنڊا جو هڪ لهجي ڪري مڃيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ گرمووکي به لنڊا جو هڪ روپ آهي پر سنڌ ۽ پنجاب جي لنڊا ۾ تمام گھڻو فرڪ آه ، پر ان جي باوجود انگريزن جي سنڌ فته تائين واڻڪيءَ کي هڪ مول سنڌي لپيءَ جي روپ ۾ قاميابي ڪون ملي. هنڌ توڙي سند م جڏهن ته ديوناگري ۽ عربي جي بِدورُ ۾ چڱا سنڌي اجي مڙيا پر واڻڪيءِ جي همايت تمام گھٽ سنڌين ڪئي. جيتوڻيڪ ان لپي ۾ ٿوڙو گھڻو فرڪ رهيو آهي، ماترائون جي به ڪمي رهي آهي پر ان جي باوجود جيتري مهنت عربي فارسي جي اصلوڪي روپ ۾ ڪئي وئي سان جيڪر واڻڪيءَ ۾ ڪئي وڃي ها ته سايد لپيءَ جي سوال هميشاه لاءَ اسين نبري سگھوئون ها. اسان چئي سگھوئون ها واڻڪي ئي سنڌ جي مول لپي آهي سو ڪا به ڌار لپي اپنائڻ جي ضرورت ناهي. جيڪر اسين بنگالين، گجتارين يا مراٺين واڱر لپيءَ تي هڪ ٿيون ها ته اڄ جيئن هند توڙي سنڌ تي لپيءَ جي نسبت مصلا اچن پيا سي نه اچن ها ۽ اسان کي ڪنهن پرائي ڌار لپيءَ اڳيا جيئن هيئر رومن اڳيان ڳوڏا نه ٽيڪڻا پون ها. جيتوڻيڪ اسين سنڌين واڻڪيءَ تي جوڳو ڌيان ڪون ڏنو پر هيئر واڻڪيءَ جو سڌريل روپ تيار ڪيو ويو آهي ۽ يونيڪوڊ جي ڪوڊڱ لاءَ به پيش ڪيو ويو آهي.


ويجھڙائيءَ ۾ سنڌي لپي بابت هڪ بهس سروع ٿي وئي آهي. هيئر بهس رومن بابت پئي ٿي. پر ڌيان جوڳي ڳاله ته اهي جي هيئر نه رڳو هندو پيا واڪا ڪن پر ان بابت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ به جھجھو اتهاه آه. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي جو لاڙو رومن ڏانهن چڱن سالن کان آهي جڏهن يونيڪوڊ جو ايجاد اڃا ڪون ٿيو هو. سندن هڪ ايڙي لپيءَ جي ضرورت پئي هئي جنهن جي مدد سان ڪمپيوٽر ۾ سهُلاهي ءَ سان لکي سگھجي وري هيئر ساماجڪ تانيباني جون سائيٽيون جي ايجاد سبب عام رواجي سنڌي ڇڪجن پيا پر اتي پريشاني لپيءَ جي اچي پئي ڇاڪاڻ ته اڄ به ان سائيٽن ۾ سنڌيءَ جو پورو سپورٽ ناهي. وري فيسبوڪ توڙي ٽويٽر ۾ هند جا به سنڌي اچي مڙن پيا. هند وارا سنڌي وري اها عربي لپي اصولي سمجھن ڪونه جنهن سبب هو اڙهي لپيءَ جيضرورت مهصوس پيا ڪن جيڪا هرڪو سمجھي سگھي. وري هيئر موبائيل به چڱو پئي استمعال ٿي جيتي به ساڳيا منظر پيا نظر اچن. پڇاڙيءَ ۾ ڪن سنڌين کي اهو به لڳي ٿو ته هندو عربي لپي ڪون پڙهندا ۽ مسلمان ديوناگري سو رومن وچ جي واٽءَِ ٿي تي سگھي.
دراصل يونيڪوڊ جي ايجاد بعد سنڌي عربي لپيءَ کي اهو فائدو ڪون ٿيوجنهنجي اميد ڪجي پئي. هندستان ۾ جتي مرڪجي حڪومت هندستان جي قومي ٻولون لاءِ جاکڙو پئي ڪري اتي پاڪستان جي حڪومت رڳو اردو تي ئي مهربان ٿي ڏسجي . اردو ۽ سنڌي جيئن ته فارسي توڙي عربي تي ٻنڌيل آهي پر روبرو عربي فارسي به ناهي سو ڪنهن حد تائين کين مدد جي ضرورت پوي ٿي ڇا ڪاڻ ته ڪيبورڊ جي ليئوٽ عربي فارسي جو سنڌي توڙي اردو کان ڌار تو ٿئي. حڪومت جيتوڻيڪ اردو لاءِ جاکڙو پئي ڪري پر سنڌيءِ سان پاڪستان جي حڪومت ايترا ٿوڙا ڪون لاٿا آهن . پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد ئي حڪومت جو سنڌي ۽ ٻين ڏيهي ٻوليون سان ماٽيلو وهنوار رهيو آهي. بنگالين جي پنهنجي ٻوليءِ بابت جدوجهد ان ڳاله جي ساهد آهي. جناح ٿوڙي ان بعد حڪمراڻ هميساه ئي اردو کي پاڪستان جي وجود سان ڳنڏي ئي ڏٺو. اهو ئي نه اردو کي هر ممڪن سهُلتيون ڏنيون ويو آهن جڏهن ته سنڌي سان ٻئائي ڪئي وئي آهي. کيس هڪ مئل ٻولي ڪرار ڏيئڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪون ڇڏي وئي آهي. سندن ٻوليءَ لاءَ نه ڪو مانُ آهي نه ڪا ازت. يونيڪوڊ جي ايجاد بعد جيڪو به سنڌي ڪمپيوٽيگ ۾ ڪم ڪيوويو آهي سو يا ته سنڌي ليکڪن ۽ ليکڪائون جي ذور تي ٿيو آهي يا نه ته سنڌي ٻوليءِ جي چاهيندڙن جي جاکڙي سبب ئي ممڪن ٿيو آهي. وري عربي سنڌي جي بناوٽ ئي ايڙهي آهي جي اربي فارسي مول لپيون جي ڪنهن به نئين ايجاد جي باوجود سنڌيءَ کي ڪو به فائدو نه پوندو آهي ڇو ته ان لپيون جو سنڌيءِ سان تمام گھڻو فرڪ آهي. مطلب ته هر ڪدم تي سنڌيءَ کي پنهنجي لاءَ ڌار هڏ هرڻا ٿا پون . ايڙها مصلا هندستان ۾ به ڏهي لپيون کي آهن پر گھٽ ۾ گھٽ اتي حڪومت جو ساٿ آهي. مرڪجي حڪومت ٿوڙي صوبي جون حڪومتيون ان ٻوليون لاءِ ڪم پئي ڪري. اهو ئي نه هت ان ٻوليون جي پوري ايجت ڪئي ويندي آهي. وري پڇاڙي ءَ ۾ اها به ڳاله نظرانداج نه ڪرڻو کپي ته عربن جي لهجن ۾ اهميت سنڌي ءَ کي ڪون ڏني ويندي آهي. اڄ به مول عربي جي عربيستان واري لهجن
کي ئي ڏنو ويندو آهي.
هند ۾ سنڌيءَ لاءِ مصلا سنڌ جي ڀيٽ ۾ بلڪل ڌار آهن. هت اڳين ئي لپيءَ جي نسبت هڪ مصلو رهيو آهي. مصلو ان لاءِ آهي جي لپي جي نسبت غلط فيسلا کيا ويا هئا جنهن سبب ساهتيه يا ادب ۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ فرڪ اچي ٿيو. جيستان ڳاله ڪجي رومن جي ته ان لپيءَ جي همايتين جو چوڻ آهي ته سنڌي هندن جو هڪ وڏو تڪعو هندستان توڙي سنڌ کان ٻاهر ٿو رهي جنهن کي ديوناگري توڙي عربي سنڌي لکڻ يا پڙهڻ نٿي اچي. سندن اهو پڻ چوڻ آهي ته رومن، عربي توڙي ديوناگري جي جاءِ تي ناهي. پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي ته هندستان ۾ ان جو ذور پرچار توڙي پرسار پيو ٿي جتي هر هڪ سنڌيءَ کي ديوناگري لپي اچي ٿي. اهو ئي نه کين اها به ڀلي ڀانت ڄاڻ آهي ته پرڏيه ۾ گجراتين ۽ هندو توڙي سک پنجابين جون وڏيون آباديون رهن ٿيون پر هنن اڙها فيسلا نه پئي ڪن. رومن لپي جي حمايت ۾ جيتوڻيڪ ڪجه ڪم سالن کان ٿي رهيون آهي. خاص ڪري بمبئي ۾ رهندڙ سري چندراماڻي ۽ آديپور گھانڌيڌام جي ڊاڪٽر ستيش روهڙا پارا، پر ان ڏس ۾ اڳتي وک الاينس فار سنڌيز آف اميريڪاوڌائي آهي جنهن جي سرنرائي ۾ اميريڪا توڙي دنيا جي مختليف ملڪن جي سنڌي سنسٿائون ٿيون اچن. سنسٿا جو چوڻ آهي جيڪا لپي سندن تيار ڪرائي آهي سان ماضي ۾ شايع ٿيئل لپيون جو سڌريل روپ آهي. ان ڪم ساڱي سندن ڊاڪٽر بلديو گجرا جون به سيوائون ورتيون آهي جيڪي بامبي يونوسٽي جا هيڊ آف ڊمارمينٽ آهن سنڌي وشيه جا. هيٽ ان لپيءَ جو نموني پيو پيش ڪجي.





مٿي ڏيکاريل لپيءَ ۾ جا ڪي اهم وچوڙ ڪجه هن ريت آهن
هي لپي انگريزي جي ڪيبورڊ کي ڌيان ۾ رکي ٺاتي وئي آهي.
سوائي ک ۽ خ جي ڪنهن به نڄ اربي فارسي اکر جي جاءِ ڪون ڏني وئي آهي.
لپيءَ ۾ جيتوڻيڪ ديوناگريءَ جي جھلڪ پئي ملي پر هت به نڄ ماترائون جيڪي عربي لپي ۾ نظرانداز ڪيون ويون سو هن لپيءَ ۾ به نظرانداز ڪيون ويون آهن.
ديوناگري ۾ رومن ائيٽويٽا جي نسبت چڱو ڪم پئي ڪيو ويون آهي پر لڳ پيو ته ايئن ٿو ته ان سڀ ڪمن کي ڌيان ۾ نه رکيو ويو آهي.

حمجي يا نڄ سنسڪرن اکرن جي به پاسيرو ڪري رکيو ويو آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو اچي ته جيڪر لپي پاڻ ۾ پوري ناهي ته پوءِ ڇو ان جو پرڇا پيو ٿي؟ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جڏهن ايڙهيون غلطيون رهنديون ته ڇا ٻوليءِ تي ان جو غلط اصر نه پوندو ؟ هيئنر جيڪا به لپي سنڌيءَ لاءَ پيش ڪبي سان يقينن ديوناگريءَ سان ڀيٽبي. جڏهن انگريزن سنڌي ٻولي جي عربي لپي وارو فيصلو ورتو ته سندن جو پورو ڌيان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي نه پر گھڻائي ۾ هوندڙ ڪوم تي هو. جيڪر ڌيان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي هجي ها ته سنڌي ٻوليءَ بابت چڱا مصلا نبري وڃن ها. پر هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪا غلطي انگھريزن ڪئي سان غلطي ٻهر ڇو دهرائينجي.؟ سنڌ ۾ جنهن مهل عربي لپي طسليم تي ان ماهول ۾ اڄ جي ماهول ۾ چڱو فرڪ آهي هاڻي ته سنڌ جا به ڪي سنڌي عربي جي حمايت ۾ ناهن. سو اهو سٺو معڪو ناهي ته سنڌي لپيءَ غلطيون کي درست ڪجي ؟
هندستان ۾ ديوناگري لپيءَ جو رومانيڪرڻ چڱن سالن کان هلندو پيو اچي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي يوروپينن جو سنسڪرت سان هب. جان کان انگريزن هندستان تي پنهنجي حڪومت برپا ڪئي تان کان يوروپينن جو ڀاتريه سنسڪري ۾ چاه هميساه ئي رهيو آهي وري ڇو ته اڳوڻي هندستان بابت سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هندوستان بابت ڄان جو هڪ ايڏو وڏو ڀنڊار پئي ڏنو سو لاظمي طور يوروپي سنسڪرت ڏانهن ڇڪيا. جيتوڻيڪ سنسڪرت جي ان گرنٿن ۾ مول ذور روهانيت تي هو پر پر ان ۾ اڳوڻي هندو سماج توڙي اڳوڻي هندستان جي حالتيون بابت جھجھو ذڪر هو. (جيتوڻيڪ ڏکن هندستان جا دراود ان ڳاله تي هڪ رايه ناهن ) پي ڇو ته سنسڪرت ۾ چاه رکندڙ گھڻ يوروپينن کي ديوناگري لپي نه پئي آئي سو رومن لپي جي کين ضرورت محسوس ڪئون. وري هندستان ۾ ٻوليون بابت هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏيئڻ لاءِ ان لپي جي ضرورت ٿي پئي. پڇاڙيءَ ۾ وري آزاد هندستان ۾ هندي سان ڳڏ انگريزي به ڪومي ٻولي تسليم ٿيئل آهي جن ۾ هندي توڙي ٻين ٻوليون جا نالا لکڻ ۾ همساه ئي تڪليف تيندي پئي رهي آهي. هندستان ۾ ته پي ايچ ڊي جون ٿيسيز به انگريزي ۾ پيو لکجن جنهن سبب هڪ ديوناگريءَ جي جي اکرن تي ٻنڌل رومن لپي جي ضرورت پئي آهي جنهن جي آئيٽويٽا سان سب ڪو واقيف هجي. انگريزن جي ڏنهن به ڪي تريڪا اپنايا ويا هئا جيڪي ڪنهن ڪدر سوڌارا پڻ ويا آهن. انهن تريڪن مان ڪن اهم تريڪا ڪجه هي ريت آهن
هنٽيرين تريڪو هي تريڪو جيتوڻيڪ سري چارلس ويلڪينس ايجاد ڪيو هو پر پوءِ ان کي انگريزن جي حڪومت مهل سرويئر جنريل جو اهدو سنڀالندڙ سري وليم هنٽر درست ڪيو. جيتوڻيڪ تنهن مهل ان تريڪي کي رڳو ديوناگري لاءِ ايستمعال ڪيو ويو پر اڳتي هلي ان تريڪي کي ڏکڻ ايشيا جي جدا جدا براهمڻي مان ايجاد ٿيندڙ لپيون لاءِ پڻ ڪتب آڻيو ويو. مصلن ٿائيليڊ، مليائي وغيراه ٻوليون جي لپيون لاءَ. آزاد هندستان ۾ ساهتيه اڪاڊمي پڻ ان تريڪي جو جھجھو استمعال ڪيو ويو آهي جدا جدا ڀارتين ٻوليون جي ڪتابن توڙي ليکڪن جي نالن لاءِ.
هاروڊ ڪيوٽو تريڪو. هي تريڪو جيتوڻيڪ ديوناگري لاءِ ايجاد ڪيو ويو هو پر سهورت ان دراود لپين ۾ ماڻي. ان تريڪي جو حڻو تڻو ايتمعال اي ميل يا ڪمپيوٽر ۾ دراود ٻوليون جي رومنائيجيشن ۾ ڪيو ويو.
ان کان سواءِ ٻيا به گھڻا تريڪا اپڃايا ويا جنهن جي مدد سان ديوناگري توڙي ڏيهي ٻوليون جي ڪنهن هد تائين رومناجيشن پئي ٿي. ان تريڪن جا پاڻ ۾ ڀيٽ پڙهندڙن لاءَ هٽ ڏجن ٿا.


مٿي ڏسيل جدا جدا رومن ۾ ديوناگري جي تريڪن مان هڪ ڳاله ته چٽي آهي ته نڪا اميريڪي سنڌي سنستا پارا تيار ڪيل لپي نڪو سري چندراماڻي پاران تيار ڪيل لپي پنهنجي پاڻ ۾ مخمل لپيون آهن. سندن پاران تيار ڪيل لپيون ۾ اهم ڪميون آهن خاص طور سان ماترائون جي نسبت. وري ان لپيون ۾ اڌ لفظ جي ڪا به گنجائيش ڪونه آهي جڏهن ته سنڌي ساڻ ننڊي کنڊ جي هر هڪ ڀارتين ٻوليون ۾ ان جي اهم ضرورت پوندي آهي. پر ان جي باوجود اها لپي سيکاري پئي وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته ان لپيءَ کي جوڙائڻ ۾ سري بلديو گجرا ، ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻيندڙن جي مدد ورتي وئي آهي پر پوءِ ايڏي وڏي غلطي پئي ٿي ان ،لپي ۾ سا ڳاله سمگجھ کان پري آهي. لپيءَ کي فيرائڻ ڪا ننڊي ڳاله نه سمجھڻي کپي پر ان جي باوجود سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان ان لپيءِ بابت رابطو ڪين ڪيو ويو جتي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي رهي ٿي. جيڪر لپي جيڙهي هڪ اهم مصلي تي ڪا تڪڙ ڪبي ته غلط لپي سبب ٻوليءَ تي غلط اسر پوندو ڇاڪاڻ ته لفظن جو اچچار غلط ٿيندو جنهن سان ٻولي توڙي ڪوم ٻنهن کي نڪسان آهي.

ٻوليءَ ۽ لپيءَ جو هڪ اٽوٽ واٽ ٿئي ٿي جنهن کي نظرانداز نه ڪيڻي کپي. اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن هڪڙي ٻولي ڪنهن ڌار ساک جي ٻوليءَ لاءِ تيار ڪيل لپيءَ سان لکبي آهي ته ايڙها مصلا ايندا آهن ئي جن کي سنڌي هيئر منهن پيا ڏين. مصلو ماترائون جي نسبت ته اچڻو ئي آهي ڇو جو لفظن جي صهيح اچچار نه ٿيئڻ سان ٻوليءِ جو جھجھو نڪسان آهي.وري اکر جي اچار ۾ هڪ ڳجھو سُر ٿئي ٿو مصلن سنسڪرت توڙي پراڪرت لڦظن ۾ "ا" جو اچچار . مصلن اسين سنڌي ۾ ب کي ب چئون جنهن پڇاڙئي ءَ ۾ "ا" تي ذور ٿو اچي. ان ڳُجھي سُرن لاءِ انگريزيءَ ۾ هڪ لفظ استمعال ٿيندو آهي "اِسڪيوا" جيڪو ڪي مول هربيون ٻولي جو لفظ آهي. اهي مصلا تڏهن پڌرا ٿيندا آهن جڏهن اسين ڪا ٻولي هڪ اڙهي لپيءَ سان لکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جيڪا ڪنهن ٻئي ساک جي ٻولي هجي مصلن سنڌي جي لاءِ اربي فارسي يا هندستان ۾ ڪونڪڻي لاءِ رومن. پر اهو گھڻو تڻو ڏٺو ويندو آهي ته ايڙهن ماترائون توڙي سُرن کي نظرانداذ ڪيو ويندو آهي . ساڳي ريت سنڌي لاءِ دليل اها ڏني ويندي آهي ته سائي عربي فارسي وانڱر سنڌي ۾ به ڪي لفظ ڳالهئا هڪڙي ريت ويندا آهن ۽ لکبا ٻئي ريت آهن. ايتي مصلو آهي ٿو اچي ته سنڌي جا ته 80 سيڪڙو لفظ پراڪرت جي جڙ وارا آهن پوءِ اسين عربن جا تريڪا ڇا اپنائو ؟ جيڪر ڌاريا لفظ هجن ته ٺهيو پر پنهن نڄ لفظن لاءِ ايڙها تريڪا ڪيترون ٻوليون جا ڳالهائندڙ قبول ڪندا ؟ ڇا اربي فارسي پاڻ قبول ڪندا ؟
ايڙهي ڳاله ناهي ته رومن لپيون ڏکڻ ايشيا جي ٻوليون لاءِ ڪم نه پئي اچي. اسان جي اڳيان هندستان ۾ ڀِڪ ۾ انڊونيشيا جي ڀاشا انڊونيشيا جو مصال آهي. انڊونيشيا جي مول ٻولي مليائي جو هڪ لهجو آهي جيڪا مليشيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ انڊونيشيا ۾ ٻيون به ٻوليو آهن مصلن بالي، جاوا يا ڪن چني ٻوليون جا لهجا، پر ان مليا ٻولي جي لهجي جا ڳالهائنڊڙ گھڻائي ۾ آهن. اها ٻولي اڳوڻي وقط ۾ ڪنهن براماڻي لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي پوءِ اسلام جي اچڻ سان ڪا عربي فارسي لپي ۾ لکي ويندي هئي پر هيئر انڊونيشيا جي آزادي بعد رومن ۾ پئي لکجي. ڀاشا انڊونيشيا ۾ پراڪرت (سنسڪيرت)، عربي، پرتوگيج ۽ ڊچ لفظ آهن. جيتوڻيڪ ڊچ لفظن جي ڳڻپ عربي توڙي پرتوگيج کان وڌيڪ آهي. ان جي رومن به ٽي ڀيڙا سڌاري وئي آهي ماترائون جي سنبت پر ڏسڻ ۾ بلڪل انگريزي پئي ڀاسيندي آهي. ماترائون به ٻه رومن اکرن جي ڳنڏي پئي ٺاهيون ويو آهن . ايڙي ڳاله ناهي ته رومن ۾ هو برامڻي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ سمجھوتا نه ڪيا هوندا، پر سوال آهي ڪنهن هد تائين ڪا ٻوليءَ جا ڳالهائندڙ ان ٻوليءِ جي نڄ لفظن تي سمجھوتوڪندي ؟ا. ٻه ٽي ڀيڙا لپيءَ ۾ فير فار ڪيو وڃڻ ان ڳاله جو ساهد آهي ته اها لپي پوري مکمل ناهي. سنسڪرت ۾ يوروپر ٿوڙو گھڻو سمجوتو ضرور ڪيو هوندو پر وڏي ڳاله اها آهي ته ڇا هو پنهنجي ٻوليءَ سان ايڙها سمجھوتا ڪرڻ چاهيندا؟؟.
هندستان ۾ لڳ ڀڳ هر هڪ ٻوليءَ جو رومناجيشن پئي ٿي. پر هو ان لاءِ سڌو سهوُن رومن لپي ءَ ۾ نٿا لکن پر رومن جي ضريئي پنهنجي لپي پيا لکن. ڪي ٻوليون جيتوڻيڪ رومن لپين ۾ لکيون ٿيون وڃن مصلن ڪونڪڻي (رڳو ڳوئا ۾ ) يا سنٿالي پر انهن ۾ به سندن هندو ديوناگري ۾ پيا لکن جيڪا ان ڳاله ساهد آهي آهي ته رومن لپي جي پٺيون ڪرسچن دين درم جو به هڪ وڏو ڪردار آهي هندستان ۾. ويجھڙائيءَ ۾ ڪشميري پنڊتءَ جيڪي 1990 بعد هندستان توڙي دنيا جي چڱن ملڪل ۾ ٽري پکرجي وايا آهن سي به رومن ۾ لکڻ جي ڪوشش پيا ڪن پر قامياب ڪون ٿي سگھا آهن. سندن به چوڻ آهي ته رومن ۾ ڪشميري ٻوليءَ جا اکر صحيح ريت ڪون ٿا لکي سجھجن ۽ هو وري هيئر ديوناگري ۾ پيا لکن. هندي ۾ به جيڪا رومنائيجيشن پئي ٿي تنهن جو مقصد به اهو آهي ته رومن جي ذريئي ديوناگري لکجي. ان سان رومن به پئي لکجي ۽ ديوناگري لپي به پئي لکجي. دراصل رومن ۾ ننڊي کنڊ جو مکتليف ٻوليون لکن ۾ وڏو مصلو اهو آهي جي سنسڪريت ڪرت ٻوليون جون خصوسيتن کي رومن جي ڀيٽ ۾ ديوناگري تمام بيهرين نموني سان پاڻ ۾ ذجب ٿي ڪري سگھي. هندستان ۾ پنجابي، بنگالي يا گجراتي جون لپيون جيتوڻيڪ ديوناگري ناهي پر سندن ماترائون ۽ اڌ يا ٻٽن لفظن جو تريڪو بلڪل ديوناگري جيڙهو آهي. اهو ئي سبب آهي جي گجراتي، پنجابي لپي مٽڻ جي باوجود سندن کي پنهنجي بوليءَ ۾ لپيءَ سبب ڪو به سمجھوتو ڪون ڪرڻو پيوآهي . اهو ئي نه پاڪستان ۾ به بلٽي جيڪا هيئر ڪنهن عربي فارسي لپيءَ ۾ لکي ٿي وڃي تنهن لاءِ به بلٽي ڳالهائندڙن جو رايو آهي ته جيڪر سندس ٻولي پنهنجي اصلوڪي لپي ۾ لکجي ته سٺو جيئن هند ۾ لداقي پئي لکي وڃي.

ڪنهن به ٻوليءَ جي لپي هميساه ئي اها ٿيئڻ کپي جنهن ٻوليءَ ۾ ان ٻوليءَ جي نڄا لفظ صحيح ريت لکجي سگھن. جيڪر ڳاله سنڌي عربي لپيءَ جي ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌيءَ لاءِ عربي لپي اپنائڻ سبب سنڌي سان ۽ خاص ڪري نڄ يا ٺيٺ سنڌي لفظن سان سمجھوتو ڪيو ويو هو. هڪ ڳاله هماساه ئي اسانجي ذهن ۾ رکڻي کپي ته عربي فارسي توڙي رومن ڪڏهن به ننڊي کنڊ جي ٻوليون لاءِ ڪون ٺهيون ويون هئون. ساڳي ريت جيڪر اسين عربي روڙي انگريزي ديوناگري يا گرمُکي سان لکنداسين ته مصلا ايمدا ئي جن کي سنڌي ٻولي پئي منهن ڏي. جيڪر اسين بنگالي ٻوليءَ ڏانهن نظر ڏينداسين ته اهو چٽي نظر ايندو ته بنگالي مسلمانن جي گھڻائي آهي ننڊي کنڊ جي بنگالين ۾ . ساهتيه يا ادب جي نظريئي سان به ڏسجي ته انهن ٻهن ڪومن هڪ پليٽارم تي به ناهي (هندو توڙي مسلمانن ۾ ) پر ان جي باوجود هو اڀريندي جي ديوناگري ۾ پيا لکن. پاڪستان جي جدوجهد ۾ هو به اڳتي رهيا پر ڪڏهن به پنهنجي لپي ڪون مٽي.
جيستائين هندستان ۾ پيدا ٿيل سنڌين جي ڳاله ڪجي ته کين هماساه ئي ديوناگري سهولي ڀاسيندي. ان جا ڪي اهم سبب آهي
ديوناگري ءَ سان 99 سيڪڙو نڄ سنڌي لفظ ٿا لکي سگھجن. (نڄ سنڌي اکرن جي جوڳي جاءِ ڏني وئي آهي )
ديوناگري دنيا جي ٻئي نمبر جي لپي آهي چيني کان پوءِ سو ڪا به نئي ٽيڪلاجي ان لپي کي ڌيان ۾ رکندي ئي آهي. اها ڀلي ڪمپيوٽر
هجن، موٻائيل فون هجن يا وري هيئنر سهرت ماڻيندڙ سماجي تانيباني جو ويب سائيٽيون مصلن فيسبوڪ يا ٽويٽر
ديوناگري هڪ ڌوني لپي آهي يعني فينيٽڪ لپي آهي جنهن سان لفظ بلڪل ان ريت ئي لکي ويندي آهي جنهن ريت ڳالهائي ويندي آهي. اهي خصيسيتون عربي جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ۾ وڌيڪ آهن.
سنڌي عربي آئيٽوٽا ۾ ايڙها تمام اکر آهي جنهن ۾ فرڪ ڪري هندستان جي ڄاول سنڌي لاءِ تمام اوکو ٿيندو آهي مصلن ذ،ز ۽ ض ۾ فرڪ يا وري ه،ح ۾ فرڪ يا ڪ .ق ۾ فرڪ.
۽ پڇاڙيءَ ۾ ان ڳاله کي به بظرانداز نٿو ڪري سگھجي ته هندستان ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير کي ڇڏي لڳ ڀڳ پوري اتر هندستان ۾ هندو مسلم جي پولراجيشن آهي، ۽ سنڌي هندو ڇو ته ان علاڪي ۾ گھڻا ٿا رهن ته ان جو اصر به سنڌين تي وڌيڪ آهي.جيتوڻيڪ هڪ وقط هوندو هو جڏهن هند جا هندي ڳالهائندڙ هندو به فارسي اکر استمعال ڪندا هئا پر ورهاڱي سڀ ڪجه فيري ڇڏو. هندو هندي ڏانهن ڇڪيا. ان جو اصر سنڌين تي به پيو جيڪي ماڻ کي ان هندي اردو يا گجراتي ڳالهائندڙ مسلمانن سان ڪا به ايڙي هڪجيڙهائي نه پئي رکڻ ڇاهين وري اها به هڪ سچائي آهي ته گھڻو تڻو سنڌين کي اڄ به اهو وساءُ آهي ته سنڌي هندن جي لڏپڻ مهاجرن جي سبب ئي ٿي هئي.
پر ان جي باوجود ديوناگري سنڌي کي جنهن ڪاميابي ملڻي کپندي هئي سا ڪون ملي جنهن جا سبب ڪجه هن ريت آهي
ورهاڱي بعد ديوناگري هندوتو جي روپ ۾ ڪنهن ڪدر پيش ڪئي وئي.
اسان مان اڄ به ڪي ديوناگري کي سنڌي جي ناجائيز لپي ڪري ليکيندا آهن.
اسان مان گھڻا سنڌي جيڪي هندي ڳالهائندڙن علاڪن ۾ رهن ٿا سي ديوناگري هندي جي وڌيڪ ۽ سنسڪرت جي گھٽ مڃيندا آهن
عربي لپي لکندڙ ليکڪن جو ديوناگري لاءِ غلط پروپاگينڊا
ديوناگري ليکڪن جي اڻاٺ
جيڪي مصلا اڄ هندستان م سنڌي منهن پيا اهي ساڳيا مصلا ڪي اڻ سنڌي ٻوليون جا ڳالهائندڙ ۾ به آهن. جيڪر ڪونڪڻي کي ڏسجي ته اها مهاراشٽر ۾ ديوناگري ۾ لکي ويندي آهي ۽ ڳوئا ۾ رومن ۾ . وري ڪشميري جي تسليم ڪيل لپي ڀلي ئي عربي فارسي آهي پر پنڊت اها لپي ڪون پڙهن خاص ڪري 1990 کان پوءِ ته بلڪل ئي نه . ڪن هندو ڪشميرين ان لاءِ هڪ سافٽويئر تي به ڪم پئي ڪيو جنهن جي مدد سان ٻنهن لپيون ۾ مٽ سٽ سهولائيءَ سان ڪري سگھجي جنهن جي مدد سان هندو پنڊن به سهوليئيءَ سان فارسي لپي ۾ لکل مواد پڙهي سگھن. سنڌي جي وري بدڪسمتي اها آهي جي سنڌي ڪمپيوٽنگ ڀلي هندوستان ۾ هجي يا سنڌ ۾ ڪڏهن به اڙهيون مصلان ڏانهن ڌيان ڪون ڏنو آهي جڏهن ته اسان جي سرهد ٻنهن پاسن جي سنڌين ۾ لاڳاپا به سُٺا آهن. لپيءَ جي نسبت ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيتوڻيڪ اسا لپيون کي ڪنهن خاص ڪوم سان ڳنڏدا آهيون پر لپيون هماشاه ئي ڪنهن مکتليف ٻوليون جي ٿيندو آهن. لپيون هميساه پنهنجي اسلوڪي ٻوليون جي نمائيندگي ڪنديون آهن. هندستان ۾ ديوناگري جيڪي سنڌي کي سهولتيون ڏنيون آهي سي به رومن يا عربي لپي کي ميسر ڪرنيون پونديون نه ته هي مصلو اتي ئي رهندو جيتي هينئر آهي.
آزاد هندستان جي شروعات جي ڏنهن ۾ هندي جي همايتن هڪ سڏ ڏنو هو ته "هڪ لپي گھڻيون ٻوليون" جنهن جي سائي هيٽ اها ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ديوناگري لپي هجي ڀلي ڌار ڌار ٻوليون ۾ لکجي . ان رٿا موجب ڪن ٻوليون ۾ ڪم پڻ ٿيو پر ڇو ته هندي کي خاص ڪري اتر هندستان ۾ شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، سو اها رٿا منظور ڪون ٿي. دراصل هندي اردو جي جدوجهد مهل هندي به اڙهن چڱن ٻوليون کي لپت ڪيو هو جيترن کي اردو (اردو هيئر به اهو ڪم 70 سالن کان پاڪستان ۾ ڪري پئي). اهو ئي نه هندي راشتيه ڀاشا جي جدوجهد مهل هندي جي ڪومي ٻوليءِ لاءِ زنون به ان رٿا کي اڳتي ڪون وڌڻ ڏنو. پر جيڪر اها رٿا مڃي وڃي ها ته سايد سنڌي سان ڳڏ چڱن ڀارتيه ٻوليون به فائيدو پڄي سحي ها خاص ڪري موبائين فونن ۾ جتي اڄ به گجراتي،گرمُکي يا بنگالي جو ساٿ ناهي.