Realtime Hit Counter

Sunday 24 June 2012

سڪرنڊ پاليسي سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل ورق ۽ سنڌي عالمن جو هڪ عظيم ڪارنامو

سڪرنڊ پاليسي سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل  ورق ۽ سنڌي عالمن جو هڪ عظيم ڪارنامو
مهاڳ:
[سنڌ جي ديني عالمن ۾ اسلام جي صحيح ڄاڻ رکڻ سبب هر محاذ تي دين اسلام جي روشني ۾ قوم جي رهنمائي ڪرڻ جو جذبو هميشه رهيو آهي . قوم جي خير خواهي واري عمل ۾ سنڌ جو ديني عالم هميشه پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو آهي . مسئلو سنڌي قوم ۽ عوام جي عقيدن سڌارڻ ۽ اخلاقي تعليم جو هجي يا سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ شرعي موقف واضح ڪرڻ جو، هر دور ۾ اهڙا سڄاڻ ديني عالم پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجو ڪردار نڀائڻ ۾ قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي.
ويجهڙائي واري دور ۾ ڏسجي ته انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري تحريڪن ۾ سنڌ جا ديني عالم سڀ کان اڳرا رهيا آهن . ريشمي رومال تحريڪ ، هجرت تحريڪ ، خلافت تحريڪ، بمبئي کان سنڌ جي آزادي واري تحريڪ، مطلب ته هر محاذ تي سنڌ جي ديني عالمن ڀرپور قائدانه ڪردار ادا ڪيو آهي .
آزاديءَ واري هلچل دوران جڏهن سنڌ جي اڪثر سياستدانن ( جيڪي يا ته پير هئا يا وڏيرا، ۽ اهي ٻئي طبقا سنڌي قوم جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ رهيا آهن ) سياسي عدم بصيرت جو مظاهرو ڪندي تنگ نظري، مذهبي نفرت ۽ عدم برداشت جي بنياد تي ٿيندڙ ورهاڱي لاءِ ماحول سازگار پئي بڻايو ته ان وقت سنڌ جا سڄاڻ ديني عالم ئي هئا جن انهن سياستدانن کي انهن سياسي اقتصادي ۽ تهذيبي خطرن کان آگاهه پئي ڪيو جيڪي بعد ۾ سچا ثابت ٿيا.(ڏسو ، جي ايم سيد مرحوم جو ڪتاب ” جنب گذاريم جن سين“ ج 1 ص179، 237 )
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي عالمن رواداريءَ جو رويو برقرار رکندي پنهنجي موقف ۽ پاليسيءَ جي خلاف ٿيل ورهاڱي کي ان بنياد تي قبول ڪري ورتو ته لڏ پلاڻ جي ڪري جيڪي انساني مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن جو ڪو حل نڪري سگهي . تنهن ڪري انهن نئين ملڪي انتظام لاءِ ڪو انتشار جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي بجاءِ انکي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ملڪي سطح تي1956ع ۾ قائم ٿيندڙ عالمن جي جماعت ،جمعيت علماء اسلام ۾ شموليت اختيار ڪئي . حالانڪه ورهاڱي کان اڳ 1945ع ۾ جمعيت علماء اسلام، مسلم ليگ جي حمايت ۽ جمعيت علماء هند جي مخالفت لاءِ ٺاهي وئي هئي. ياد رهي ته جمعيت علماء هند 1919ع ۾ ٺهي هئي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جمعيت علماء سنڌ، ڪل هند جمعيت علماء هند جي هڪ بذات خود مستقل شاخ طور ڪم ڪري رهي هئي جنهن جو الحاق جمعيت علماء هند سان هو جنهن جو پس منظر هي آهي ته ان وقت واري هندستان جي انتظامي ۽ سياسي جاگرافيءَ ۾ سنڌ جي هڪ مستقل رياست جي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي (ممبئي) جي ماتحت بڻايو ويو هو . ان اعتبار سان سنڌ جا عالم جمعيت علماء بمبئي جي ڍانچي ۾ ڪم ڪن ها پر هنن ان سوچ کي رد ڪندي سنڌ جي مستقل حيثيت وارو نظريو رکي جمعيت علماء سنڌ ٺاهي جيڪا هڪ اعتبار سان جمعيت علماء هند جو حصو هئي ته ٻئي اعتبار سان پنهنجي مستقل حيثيت ۽ سڃاڻ رکي پئي. اهو ئي سبب آهي جو بمئبي کان سنڌ جي آزاديءَ کان پوء جڏهن مسلم ليگ ۽ ان جي همخيال ٽولي طرفان سنڌ کي مذهبي قوميت واري نظريي جي بنياد تي مجوزه پاڪستان ۾شامل ڪرڻ لاء ڪوششون پئي ورتيون ويون ۽ جمعيت علماء هند ۽ ڪانگريس طرفان سڄي هندستان کي متحده وطني قوميت جي نظريي جي بنياد تي هڪ ملڪ قرار ڏيڻ جي جدوجهد پئي هلائي وئي ته ان وقت مولانا محمد صادق ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي قيادت ۾ سنڌ جي عالمن ئي پوري معنيٰ ۾ وطني قوميت جي تشريح ڪندي هندستان کي گهڻ قومي ملڪ قرار ڏيئي ٻنهي ڌرين جي سوچ کان مختلف پروگرام کي متعارف ڪرائيندي جمعيت علماء سنڌ جي پاران جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو پروگرام پيش ڪيو ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس کي انڊين انٽر نيشنل ڪانگريس قرار ڏنو. اهو سڀ ڪجهه جمعيت علماء هند جي اشاري يا رسمي منظوريءَ سان نه بلڪ پنهنجي مستقل حيثيت ۾ ڪيو ويو. جيڪڏهن سندن اهو فڪر، ڪانگريس، جمعيت علماء هند ۽ مسلم ليگ طرفان قبول ڪيو وڃي ها ته هن وقت بر صغير يورپين يونين کان به وڌيڪ طاقتور سياسي ۽ اقتصادي قوت طور اڀري اچي ها پر انگريزن جي سازشن ۽ پنهنجي هم وطن هندن ۽ مسلمانن جي فڪري ڪمزورين سبب هي خطو غير فطري طريقي سان ورهائجي نفرتن، بک، بيروزگاري، سياسي ۽ اقتصادي بحرانن جي ور چڙهي بين الاقومي سازشن جو تجربيگاه بڻجي ويو.
ورهاڱي جي صدمي سنڌ جي عالمن کي شڪست کاڌل سپاهي يا جنگي قيدين وانگر بي وسيءَ جي ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو. ۽ نئين قائم ٿيل ملڪ ۾ هو اٻا ڻڪا ۽ اوپرا بلڪ پنهنجي ئي ڌرتي تي پراوا ٿي پيا. اهڙيءَ طرح نئين ملڪ ۾ مسلم ليگي فاتح ٽولو اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوء مولانا احمد علي لاهوري جمعيت علماء اسلام جي نالي سان عالمن جي هڪ جماعت سرگرم ڪئي .( مولانا لاهوري جو پيءُ شيخ حبيب الله مولا نا عبيدالله سنڌي وانگر سک مان مسلمان ٿيو هو ان ڪري مولانا سان دوستي ٿي ويس. سندس وفات کان پوء ان جي ٻارن ٻچن جو بار مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مٿان اچي پيو سندس بيوه مولانا سنڌيءَ سان شادي ڪئي ته جيئن ٻارن جي سنڀال جو ڪو طريقو نڪري سگهي. ايئن احمد علي لاهوري ۽ ان جا ڀائر مولانا سنڌيءَ جي پرورش هيٺ آيا. احمد علي لاهوري سنڌ ۾ پلجي وڏو ٿيو ۽ مولانا سنڌي جي تعلق سبب مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو مريد بڻيو. جنهن ڪري سنڌ ۾ کيس عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو.) جڏهن جمعيت علماء اسلام کي سرگرم ڪيائين ته سنڌ جي عالمن نئين ملڪي ماحول ۾ ان پليٽ فارم کي قبول ڪري ورتو جنهن ۾ مولانا احمد علي جو سنڌ سان خصوصي تعلق به سنڌي عالمن جي لاء آمادگي ۽ اعتماد جو هڪ سبب بڻيو . هجڻ ته ايئن گهربو هو ته سنڌ جا عالم ورهاڱي کان پوءِ جمعيت علماء اسلام ۾ شامل ٿيڻ بجاء جمعيت علماء سنڌ کي ئي ٻيهر سرگرم ڪن ها، پر هنن رواداري، ايثار ۽ عدم تعصب جو مظاهرو ڪندي جمعيت علماء اسلام جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاء ان ۾ شموليت اختيار ڪئي .
پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ دوران لاهور جو اثر رسوخ چوٽ تي چڙهي ويو ۽ سنڌ جي پيرن ۽ وڏيرن ۽ سندن تابع مذهبي طبقي سنڌ کي ذهني طور لاهور جي تابع بڻائي ڇڏيوهو .پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ان جو حڪومتي نظام هلڻ لڳو ته اهي سڀ نعرا کوکلا ٿي سامهون اچڻ لڳا جيڪي ورهاڱي وقت انهن ماڻهن لڳايا جن کي پاڪستان ٺاهڻ سان رڳو پنجاب ۽ هندستاني مسلمانن جي مخصوص ڪاروباري ۽ انگريزن جي ساٿاري طبقي جي مفادن کي محفوظ ڪرڻو هو . جڏهن ان طبقي سياست ۽ معيشت جي مٿان پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاء سياسيت ۽ معيشت کي سازشن سان ڳنڍائي ڇڏيو ۽ جمهوريت جي بجاء ڊڪٽيٽر شپ ۽ مارشل لائون مڙهڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته ملڪ ۾اقتصادي بدحالي ۽ سياسي افراتفري پيدا ٿيڻ لڳي جنهن جو حل ان کان به بڇڙو، يعني ون يونٽ جو نظام لاڳو ڪرڻ ۾ سمجهيو ويو . جنهن مان به ڪنهن مخصوص طبقي يا قوم کي ئي فائدو رسيوٿي ، باقي ٻين جي ڪابه حيثيت نه رهي ۽ اسلام جي ترقي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪيو ويو .
اهڙي صورتحال ۾ تقريباً سمورين جماعتن ون يونٽ واري نظام ۽ مارشل لا جي مخالفت ڪئي . پنجاب کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف جدوجهد شروع ٿي وئي جنهن ۾ سنڌ وارن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو . سنڌ جا عالم به جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان اهڙي جدوجهد ڪندا رهيا . جنهن کي ان وقت جي سنڌي سياستدانن به تمام چڱي نظر سان ڏٺو . جي ايم سيد مرحوم جيڪو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ پيش پيش هو، ان حافظ محمد اسماعيل کڏي واري کي ان ڳالهه تي ساراھ ۽ تائيد وارو هڪ خط لکيو ته اوهان مفتي محمود ۽ غلام غوث هزاروي جي تائيد ڪري پنهنجي وڏن وارو ڪردار نڀائيندا اچو ٿا . جي ايم سيد اهو تعريفي خط ان ڪري لکيو ته مفتي محمود ۽غلام غوث هزاروي ان وقت ون يونٽ جي مخالفت ڪري رهيا هئا ۽ حافظ صاحب به سنڌ جي عالمن طرفان انهن سان گڏ هيو ۽ انهن جي تائيد ۾جدوجهد ڪيائين .
نيٺ ڀرپور عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾9 196 ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو ۽ صوبن جي حيثيت بحال ٿي . جمعيت علماء اسلام جو انتظامي ڍانچو به صوبائي ترتيب سان بحال ٿيو جنهن ۾ حافظ محمد اسماعيل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ان کان پوءِ جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي پاليسي ۽ منشور جي روشني ۾ ون يونٽ دوران صوبن سان ٿيندڙ زيادتين جو جائزو وٺڻ ۽ صوبن پاران پاليسي مرتب ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ان حوالي سان سنڌ جي عالمن ڪهڙي پاليسي ٺاهي ۽ ان پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ بجاء مرڪز وارن ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ؟ اهو سڄو تفصيل حافظ محمد اسماعيل کڏي واري پنهنجي هڪ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي . اسين مهاڳ هتي ختم ڪري حافظ صاحب جو مضمون پيش ڪريون ٿا جنهن مان اسان کي وڌيڪ رهنمائي ملي سگهي ٿي . ادارو]
”ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام جيڪا پوءِ هزاروي گروپ ، مفتي محمود گروپ ، درخواستي گروپ ، ٿانوي گروپ ، علماء ديوبند گروپ وغيره وغيره . ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهائجي ويئي . گروپن ۾ تقسيم ٿيڻ کان اڳ جڏهن گڏيل هئي ته ان کي هزاروي گروپ چوندا هئا ، ۽ هي پاڻ کي مولانا حسين احمد مدني جو وارث ۽ امين قرار ڏيندا هئا.
( اسان کي اڳتي هلي گهڻو پوءِ 1969ع ۾ خبر پئي ته هي جمعيت علماء اسلام اصل ۾ اها هئي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ مولانا شبيراحمد عثماني ، مسلم ليگ جي مدد لاءِ قائم ڪئي هئي ، ۽ هي مولانا حسين احمد مدني جو نالو محض استعمال (Exploit) ڪندا هئا.
جمعيت علماء اسلام (هزاروي گروپ ) جنهن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مفتي محمود هو . سيپٽمبر 1969ع ۾ سرگودها ۾ هن جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ هن جمعيت علماء اسلام جو منشور پاس ڪيو ويو جنهن کي “ اسلامي منشور “ جو نالو ڏنو ويو .
بدقسمتيءَ سان ان وقت هن جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي جنرل ڪائونسل ۽ مرڪزي ايڊوائزري ڪائونسل جو آئون (ايڊيٽر ) به رڪن هوس . ان لاءِ هن منشور ۾ منهنجو نالو به ڇپيل آهي . هن اسلامي منشور جي ص 55 ( پهريون ايڊيشن ) تي “ موجوده مسائل _ ون يونٽ “ تحت پهرين دفعه آهي
1_ ون یونٹ ختم کرکے صوبوں کو از سر نو قائم کیا جائیگا۔
۽ انهيءَ عنوان جي باقي دفعات 5،6،7 ۾ صوبن وچ ۾ عدم مساوات ۽ تفاوت کي ختم ڪرڻ جو عزم ڏيکاريو ويو آهي .
انهن دفعات مان معلوم ٿئي ٿو ته ون يونٽ واري نظام تحت ننڍن صوبن سان ناانصافي ٿي آهي ، ۽ ان ناانصافي جون صورتون سرحد ۾ جدا هيون . ۽بلوچستان ۾ جدا هيون ۽ سنڌ ۾ جدا هيون، ۽ جمعيت علماء اسلام انهن ناانصافين کي ختم ڪرڻ ۽ صوبن جي حقن ڏيارڻ جو عزم ڪيو هو . ( يعني هن منشور جي حد تائين ) .
اتفاق سان 1970ع ۾ يحييٰ خان ون يونٽ توڙي صوبا بحال ڪري ڇڏيا ۽ پوءِ جمعيت علماء اسلام جي صوبائي شاخن جو قيام به عمل ۾ اچي ويو . ان کان پوءِ صوبه سنڌ جي جمعيت علماء اسلام جي مجلس شوريٰ (ايڊوائزري ڪائونسل ) 30 جنوري 1972ع ۾ هڪ پاليسي ڪميٽي نامزد ڪئي جنهن جي ذمي اهو ڪم رکيو ويو ته جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي اسلامي منشور جي ون يونٽ بابت دفعات جي روشني ۾ سنڌ سان ٿيل ناانصافين جي ختم ڪرائڻ لاءِ پاليسي تيار ڪري ، جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي سڪرنڊ ڪنونشن ۾ پاس ڪرائي .
هن ڪميٽي جا ارڪان هيٺيان هئا :
(1) مولانا محمد شاه امروٽي صدر جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(2)مولانا عبدالڪريم (ٻير وارو) نائب صدر جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(3)حافظ محمد اسماعيل (کڏي وارو)جنرل سيڪريٽري جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(4)مولوي عزيزالله ٻوهيو جنرل سيڪريٽري جمعيت علماء اسلام ضلع نوابشاه
(5)مولوي عبدالمتين صدر جمعيت علماء اسلام حيدرآباد شهر
(6) عبدالمجيد ايڊوڪيٽ جمعيت علماء اسلام ضلع سانگهڙ
هن ڪميٽي جو اجلاس 28 فيبروري 1972ع _ 12 محرم 1392ھ صبح جو سڪرنڊ ۾ ٿيو ، جنهن ۾ پنج ميمبر حاضر هئا ۽ ڇهون ميمبر عبدالمجيد ايڊوڪيٽ سانگهڙ حاضر نه ٿيو . هن ڪميٽي جو اجلاس زير صدارت مولانا محمد شاه امروٽي ،صبح کان شروع ٿيو ۽ تقريباً منجهند تائين جاري رهيو ۽ جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي صوبه سنڌ لاءِ پاليسي پوري بحث مباحثه ۽ دلائل بازي کان پوءِ تمهيد ۽ 9 نڪات تيار ڪري پاس ڪيا ويا ۽ ساڳي ڏينهن بعد نماز عشاء ، جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جو ساڳي جاءِ ۾ ( سڪرنڊ ۾ ) صوبائي ڪنونشن منقعد ٿيو . جنهن ۾ مون بحيثيت صوبائي جنرل سيڪريٽري پاليسي پڙهي ٻڌائي . هن ڪنونشن جي صدارت مولانا محمد شاه امروٽي ڪئي ۽ مٿين ڪميٽي جا سڀ ميمبر حاضر هوا ۽ انهن دستخط به ڪيا . هن جو متن (Text) دستخطن سميت هي آهي
جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
دفتر: اسٹيشن روڊ سکھر
تاريخ: 12 محرم 1392 هه 28 ــ فروري ــ 1972
جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ کے کنونيشن ميں پاس شده پاليسي برائے صوبه سندھ
جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ کا يه کنونيشن اس بد ترين الميه سے صرف نظر نهيں کر سڪتا جو دسمبر 1971 ء ميں پاکستان کي سالميت کو پيش آيا . اور جس کي وجه سے ملڪ کا نصف حصه جدا هوگيا.
يه المناڪ صورت حال ايڪ اتفاقی حادثه کي صورت ميں پيش نهيں آئی هے . بلڪه يه پاکستانی حڪمرانوں کی بيس ساله بداعماليوں کا ايڪ قدرتی نتيجه هے.
پاکستاني حڪمرانوں نے اپني پوری مدت حڪمرانی ميں نه صرف يه ڪه اسلام ڪے تقاضوں کو نظر انداز ڪيا ، بلڪه جس اسلام ڪے نام پر يه ملڪ وجود ميں آيا تها، اس ڪے عقائد و احڪام ڪے برعڪس طريقے اختيار ڪئے اور قرآن و سنت ڪے احڪام سے مسلسل روگردانی ڪی.
نيز يه ڪه پاڪستانی حڪمرانوں نے پاڪستان ڪے مختلف علاقوں ميں بسنے والے عوام ڪے حقوق غصب ڪئے اور ايڪ محد ود گروه ڪے مفاد ميں پورا نظام حڪمراني پاڪستان ڪے عوام پر مسلط رڪها .
1951ء ڪے بعد تو پاڪستان ميں شهري آزاديوں ڪو بالڪل هي سلب ڪرليا گيا اور هر صوبه و علاقه ڪے عوام ڪو بے بس و مجبور بنا ڪر رڪهديا.
مشرقی بنگال ڪے عوام ڪے سياسي حقوق اور سندھ ، بلوچستان اور صوبه سرحد ڪے عوام ڪو ان ڪے سياسی حقوق سے محروم رڪها اور پنجاب ڪے عوام اور پاڪستان ڪے دوسرے صوبوں ڪے عوام ڪے درميان اعتماد ڪو ڪمزور بنايا .
ان حڪمرانوں نے صرف اپنے قريبي علاقوں ڪو اقتصادي استحڪام بخشا اور باقي تمام ملڪ ڪو معاشی اعتبار سے ڪنگال بناتے رهے . حتٰی ڪه ايڪ حڪمران ايوب خان دارالحڪومت تڪ ڪو ڪراچی سے منتقل ڪر ڪے اپنے علاقے ميں لے گيا .
نيز ون يونٹ قائم ڪرڪے چهوٹے صوبوں ڪے عوام ڪو سياسی و اقتصادی طور پر غلام بنائے رڪهنے ڪا ظالمانه منصوبه بروئے ڪار لايا گيا . اس طرح پاڪستان ڪے ڪروڑوں عوام ڪے درمياں مايوسی، بے چينی اور بے زاری پيدا ڪردی .
چنانچه ي‍ہي مايوسی اور بے زاري تهي جو ايوب خان ڪے اقتدار ڪو چيلنج ڪرتی هوئی نمودار هوئی اور اس ڪا تخته الٹ گئی .
ايوب خان ڪے بعد جو جنرل جانشين بنا. اس نے اگرچه ون يونٹ توڑا، انتخاب ڪرائے، ليڪن مارشل لا ڪے ذريعے اس نے ون يونٹ ڪے قسم ڪا دوسرا جابرانه بدل مسلط ڪرديا. اور پهر انتخاب ڪے نتائج ڪو تباه ڪرنے ڪيلئے مشرقی بنگال ڪے عوام ڪے خلاف بدترين ظالمانه اور سفاڪانه فوجي اقدام ڪرڈالا، جس ڪے نتيجه ميں وہاں ڪے عوام نه صرف پاڪستان ڪے نظريه وجود ڪے خلاف هوگئے، بلڪه بهارت سے امداد طلب ڪرنے پر بهي مجبور هوئے.اور اس طرح ان حڪمرانوں ڪو دشمن ڪے هاتهوں دنيا ڪی ذليل ترين شڪست اٹھانی پڑی اور پاڪستان سے مشرقی بنگال کی جدائی ڪا الميه ظہور ميں آيا.
پاڪستان ميں شامل هونے پر سندھ نے ابتداء ہی ميں آمادگي ظاهر ڪی تهي اور اهاليان سندھ ڪو يه يقين تها ڪه پاڪستان بننے ڪے بعد ان ڪے علاقائی حقوق محفوظ رهيں گے نيز ان ڪے ساتهه ڪوئي ايسا سلوڪ نهيں ڪيا جائيگا جس سے ان ڪے حقوق غصب هوں اور ان پر ناجائز دباؤ ڈالا[جائے]. پاڪستان اسلام ڪے مقدس نام ڪے ذريعه حاصل ڪيا گيا اور ظاهرهے ڪه اسلام ميں ڪسی بهی شخص يا ڪسی بهی علائقے پر ظلم روا نهيں رڪها گيا اور نه هی اسلام ڪسی ڪے حقوق غصب ڪرنے ڪی اجازت ديتا هے . اسلئے اہاليان سندھ نےبهی پاڪستان ڪی حمايت اسی بنا پر ڪی تهی .
ليڪن پاڪستان ڪے مذڪوره حڪمرانوں ڪے هاتهوں ، سندھ ڪے عوام ڪو زبردست محروميوں ڪا شڪار هونا پڑا هے. نه صرف سندھ ڪے عوام ڪو سياسی حقوق سے هی محروم رڪها گيا بلڪه تهذيبي اور ثقافتي طور سے بهی سندھ ڪو ابهرنے نهيں ديا گيا. سندھی زبان ڪو نظر انداز ڪيا گيا. سندھ ڪي زمينیں سندھ سے باہر ڪے چند مخصوص افراد ڪو بانٹ دی گئيں . حالانڪه سندھ ميں پرانے اور نئے سندھي لاڪهوں ڪي تعداد ميں ان زرعي زمينوں ڪے حق دار بس رهے تهے اور سندھ ڪے مزارع ڪی حالت نهايت خسته اور خراب تهی. سندھ ڪو صنعتی اعتبار سے بهی پس مانده رڪها گيا. ڪراچی ڪی صنعت پر چند خاندانوں ڪی اجاراداری قائم ڪردی گئی جن ڪی وابستگياں زياده تر سندھ سے باهر هيں. ڪراچی ڪی تجارت پر بهي ايسے هی طبقه ڪا تسلط قائم ڪرديا گيا. سندھ ڪے دوسرے شهروں اور ديهات ڪو بلڪل پس مانده رڪها گيا. بالخصوص سندھ کے ديهات ميں تو حالت خراب سے خراب تر بنادی گئی، جہاں سندهی کاشتکار، زميندار، اور محنت کار، کا استحصال جاری رہا.غرضيکه سندھ معاشی اعتبار سے، صنعتي اعتبار سے، بہت پسمانده رکھا گيا.
بہرحال، ايسے حڪمرانوں ڪا دور ختم هوگيا هے اور اب ايڪ زخم خورده پاڪستان ميں ايڪ ايسی پارٹی ڪی حڪمرانی قائم هے ، جسے پاڪستان ڪے دو صوبوں ڪے عوام نے اڪثريت ڪے ساتهه منتخب ڪيا هے.
چنانچه پاڪستان ڪی ايڪ نئی تاريخ ڪا آغاز هو رها هے ، ان حالات ميں سب سے بڑی ضرورت بچے ڪهچے پاڪستان ڪو برقرار رڪهنا هے اور مضبوط بنانا هے .
اس مقصد ڪیلئے جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ يه سمجهتی هے ڪہ پاڪستان ڪے چاروں صوبوں ڪو برابر ڪے حقوق حاصل هوں .اورهر صوبه ميں مڪمل جمهوريت بحال ڪی جائے.
اس اصول ڪے مطابق صوبه سندھ ميں، سندھ ڪے عوام ڪو ہي سياسي بالادستي حاصل هو اور صوبه ڪے اقتصادي و معاشي وسائل پر ان ہي ڪا ڪنٹرول قائم ڪيا جائے .
چنانچه جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ ڪا يه ڪنوينشن نئے حالات ڪے تحت سندھ ڪيلئے اپنی مندرجه ذيل پاليسي ڪا اعلان ڪرتا هے .
جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ، ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام ڪے دستور اور منشور ڪي حدود ميں رهتے هوئے مندرجه ذيل مقاصد ڪيلئے ڪام ڪريگی.
اور جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ ڪا يه ڪنونيشن طے ڪرتا هے ڪه ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام ڪے دستور و منشور ڪی روشنی ميں جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ اپنے پروگرام آزادانه انجام دے گی.
(1):
سندھی عوام ڪے سياسی ، اقتصادی ، ثقافتی اور علائقائی حقوق ڪی بحالی ڪيلئے ضروری ہے ڪه
(الف) سندھ ميں تمام اعليٰ تعليم سندھی زبان ميں هو اور تمام سرڪاری محڪمے سندھی زبان ميں ڪام ڪريں نيز سندھی زبان ڪو نه صرف صوبه سندھ ڪی سرڪاری زبان بنايا جائے بلڪه اسے پاڪستان ڪي قومی زبانوں ڪے برابر درجه ديا جائے .
(ب) سندھ ميں آئنده جو نئے ڪارخانے لگائے جائيں ، چاہے وه سرڪاری ہوں يا نجی ، وه ڪراچی ، حيدرآباد اور سڪهر ڪی بجائے سندھ ڪے مختلف چهوٹے شهروں اور قصبوں ميں قائم ڪئے جائيں جن ميں مزدور اور ديگر اسٹاف مقامي آبادي ميں سے ليا جائے اور اس وقت سندھ ڪے صنعتي اداروں ميں سندھ ڪے علاوه باہر سے دوسرے صوبوں ڪے جو انجنيئر ڪام ڪررهے هيں، ان ڪی جگه سندھ ڪے بيروزگار انجينيئروں ڪو بهرتي ڪيا جائے اور اس ڪے بعد اگر ضرورت پوری نه هو تو دوسرے صوبوں ڪے انجنيئر درآمد ڪئے جا ئيں .
(ت) سندھ ميں زرعی ترقي ڪيلئے ضروری ہے ڪه ٹنڈوجام ڪے زرعی ڪالج ڪو يونيورسٹي ڪا درجه ديا جائے اور سندھ ڪے شمالی حصه ميں ايڪ ميڈيڪل ڪالج ، ايڪ انجنيئرنگ ڪالج اور ايڪ ڪيڈيٽ ڪالج قائم ڪيا جائے، جن ميں مقامي لوگوں اور ديہاتيوں ڪو خاص داخله ديا جائے.
(ث) مرڪز ڪے پاس صرف چار محڪمے هوں. خارجه ، دفاع ، ڪرنسی اور بيروني تجارت.
(2): سندھ ڪے اقتصاديات ميں پاني ڪا مسئله بہت اهميت رکھتا هے، اسلئے پانی ڪے مسئله ميں ہماری پاليسی يه هوگی ڪه 1945ء ميں سندھ اور پنجاب ڪے درميان جو دريائی پانی ڪا معاهده هوا تها،اس ڪے تحت فيصله ڪرده سندھ ڪو پانی دينے ڪا حق تسليم ڪيا جائے جس ڪا خلاصه يه هے ڪه پنجاب ڪے پانچ درياؤں ڪا پانی پنجاب ڪيلئے هوگا جس ميں سندھ ڪا ڪوئي حق نه هوگا . اور دريائے سندھ ڪا پانی سندھ ڪيلئے هوگا جس ميں پنجاب ڪا ڪوئی حق نه هوگا.
(3): سندھ ميں رهنے والے لوگوں کی قوميت اور حقوق ڪا فيصله ڪرنے ڪيلئے يه فارمولا هوگا ڪه ون يونٹ ڪے نفاذ سے پہلے جو لوگ سندھ ميں مستقل آباد تهے اور ان ڪی مرڪزيت سندھ ميں مرڪوز هوگئی ان ڪی قوميت سندھی تسليم ڪی جائيگی. چاہے وه سندھ ڪے قديم باشندے هوں يا انڈيا ، پنجاب ، سرحد يا ديگر مقامات سے ترڪ وطن ڪر ڪے مستقل طور پر سندھ ميں آباد هوگئے هوں. ان لوگوں ڪو اس پاليسي ميں سندھی ڪہا جائيگا.
نوٹ:- ون يونٹ ڪے نفاذ ڪے بعد آباد هونے والے دوسرے صوبوں والوں ڪی سندھی قوميت تسليم نهيں ڪی جائيگی اور نه ہی ان لوگوں ڪی قوميت سندھی تسليم هوگی جو ون يونٹ سے قبل يا بعد عارضی طور پر، يا تجارت ڪيلئے يا ملازمتوں ڪے سلسلے ميں يا تعليم ڪے سلسلے ميں يا ڪسی اور وجه سے رهائش پذير هوں .
نوٹ ميں جو تعريف ڪی گئی هے اس ڪے تحت جو لوگ آئيں گے انهيں اس پاليسی ميں غير سندھی ڪہا جائيگا.
مذڪوره بالافارمولا ڪی روشنی ميں :
(الف) قيام ون يونٹ ڪے بعد دوسرے صوبوں سے درآمد ڪرده سول افسروں ڪی واپسی.
(ب) جن ڪي سندھي قوميت تسليم نه ڪی جائے ان ڪو اور ان ڪی اولاد ڪو ملے هوئے ڈوميسائيل سرٹيفڪیٹوں کی تنسيخ.
(ت) مذڪوره بالا فارمولا ڪی روشنی ميں سندھيوں ڪے سياسی حقوق بحال ڪرنے ڪيلئے ضروری هے ڪه سندھ ڪی انتخابی فہرستوں سے قيام ون يونٹ ڪے بعد سے هوئے يا آئے هوئے يعني غير سندھيوں ڪے ووٹ خارج ڪردئے جائيں اور انهيں صوبے ڪی ڪسی بهی انتخابی سطح سے لڑنے ڪی اجازت نه دي جائے .
نوٹ :- خارج ڪرده لوگوں ڪے نام ان ڪے متعلقه صوبوں ڪی انتخابی فہرستوں ميں هونے چاہئيں .
(4): ون يونٹ ڪے نفاذ ڪے بعد خصوصی رعايتوں سے حاصل ڪرده سندھ ميں زرعی و اقتصادی مفادات ڪی تنسيخ .
مثلا:
(الف) قيام ون يونٹ ڪے بعد آنے والی غير سندھی زميندارياں، جيسے انعام ميں دی هوئی زمينيں
(ب) سياسی رشوت ڪے طور ملی هوئی زمينيں .
(ت) اسلام آباد ، منگلا يا تربيلا ڈيموں سے بيدخل شده لوگوں ڪو معاوضے ڪے بہانے ميں سندھ ميں دی هوئی زمينيں .
(ث) وه تمام زمينيں جو مختلف حڪام نے اقرباپروری يا دوست نوازی ڪی تحت دی هيں
(د) ناجائز ڪليموں ڪے ذريعے حاصل ڪرده زمينيں اور جائداد.
(ذ) ان تمام پرمٹوں اور لائسنسوں ڪی تنسيخ جو سندھ ميں غير سندھيوں ڪو دئے گئے هيں .
(5): سندھ ميں ايسے منصفانه اقتصادی نظام ڪيلئے جدوجهد ڪی جائيگی جس ميں مزارع ڪو معاشي استحڪام نصيب هو . پيغمبر عليه السلام ڪے ارشاد من احيا ارضا ميتة فهي لہ وليس لعرق ظالم حق فيها ڪے مطابق زمين ڪا اصل مالڪ وه تصور ڪيا جائيگا جس نے افتاده زمين ڪو آباد ڪيا هو .
(6): ڪسانوں اور مزدوروں ڪے مسائل حل ڪرنے ڪی پوری جدوجهد ڪی جائے گی.
(7): سندھ ميں تعليمی نظام ميں اسلام ڪو بنياد بنايا جائيگا اور فنی تعليم پر زور ديا جائيگا. بی - اے تڪ تعليم مفت ڪرديجائيگی .
(8): سندھ ڪے ديوانی اور تعزيراتی قوانين سب اسلام ڪے خالص احڪام ڪے مطابق تبديل ڪرڪے آئنده پورا نظام خالص اسلامی بناديا جائيگا.
(9): سندھ ميں ان تمام سياسي پارٹيوں ڪے ساتهه تعاون اور اشتراڪ عمل ڪيا جائيگا جو جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ ڪی اس پاليسی اور مطالبات ڪے ساتهه متفق هوں گی .
مذڪوره بالا پاليسی ڪو جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ ڪی صوبائی مجلس شوریٰ منقعده حيدرآباد 30 جنوري 1972ء ڪی نامزد ڪرده پاليسی ڪميٹي نے مرتب ڪيا.
محمد اسماعيل
ناظم عمومي جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
(1) مولانا ابوالمنير محمد شاه امروٹي امير جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
(2) مولانا عبدالڪريم صاحب نائب امير جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
(3) حافظ محمد اسماعيل ناظم عمومي جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
(4) مولوی عزيزالله صاحب،ناظم عمومی ضلع نواب شاه جمعيت علماء اسلام صوبه سندھ
(5) مولوی عبدالمتين صاحب امير جمعيت علماءاسلام شهر حيدر آباد
ڪنوينشن نے 95 فيصد اڪثريت سے اسے پاس ڪيا.
هن ڪنونشن ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن مان تقريباً چارسو ۽ ساڍا چارسو جي وچ ۾ نمائندن جي تعداد شرڪت ڪئي هئي جنهن ۾ ويهه پنجويهه غير سنڌي يعني پٺاڻ ، پنجابي ۽ پناهگير هئا . باقي سڀ سنڌي هئا. سنڌين هٿ کڻي هن پاليسي جي حمايت ڪئي ۽ باقي غير سنڌي ويهه پنجويهه ڄڻن مخالفت ڪئي . اهڙي طرح دستور مطابق 95 سيڪڙو اڪثريت سان هيءَ پاليسي پاس ڪئي ويئي . پر سنڌي جڏهن ته ضرورت ڪان وڌيڪ رواداري ڪندا آهن ، ان لاءِ جڏهن هنن غير سنڌي ويهه پنجويهه ڄڻن ناجائز لڙ ڪيو ته اهو طي ڪيو ويو ته هي پاليسي مفتي محمود کي موڪليون . جيڪڏهن هن بحث ڪري ثابت ڪيو ته اسلامي منشور جي روشني ۾ هن ۾ ترميمون ڪرڻ گهرجن ته ترميمون ڪيون وينديون . ته به پٺاڻ وغيره گوڙ ڪندا هليا . منهنجي ذمي اهو ڪم لڳايو ويو ته هن جو نقل ۽ تفصيل لکي مفتي محمود کي موڪليان ته هو ڇا ٿو جواب ڏي . مون کيس هن پاليسيءَ جو نقل موڪليو۽ سندس هي جواب آيو ..
مفتي محمود جو خط :
محترم مکرم جناب حافظ محمد اسماعيل صاحب
زيد مجدهم
سلام مسنون – مزاج گرامی.
کل سفر سے واپس آيا۔ ڈاڪ ميں آپ ڪی مرسلہ قرارداد ديکھی ، جو بڑي طويل تهی، ميرے محترم ميں تو اس قرارداد ڪو پڑھ ڪر يہ محسوس ڪر رها تها ڪہ جيسے جي . ايم. سيد بول رها هے. سندھي قوميت ہي جمعيت علماء اسلام کا واحد مقصد هے. سندھي و مہاجر يا سندھی، غيرسندھی کی تقسيم ہي اہم الاغراض هے. ميرے محترم اس طرح ميں سمجهتا ہوں ڪہ آپ صوبہ سندھ کي جمعيت ڪو چند اشخاص تڪ محدود ڪرديں گے . اور جمعيت جي .ايم.سيد ڪے مقام سے آگے نہ بڑھ سڪے گی . يہ قرارداد احساس ڪمتری ميں لکھی گئی هے. آپ ذمہ دار عالم دين هيں . اور آپ ڪے ساتهه اس پاليسی ڪو مرتب ڪرنے والے بهی ذمہ دار ہيں.نہ معلوم آپ نے جمعيت ڪو سندھ ميں چلانے کی پاليسی کس طرح وضع کی هے. سرحد اور بلوچستان ميں بهی دوسرے آباد شده لوگوں سے شڪايتيں موجود هيں اور وهاں قوميتوں کي بنياد پر علاقائي ذهن سے ڪام ڪرنے والے لوگ بهي موجود هيں . ليکن اس طرح کهل کر بات ڪرنے سے وه بهي احتراز ڪرتے هيں . ميرے محترم اگر خدانخواستہ جمعيت جو اعلاء ڪلمة الله ڪے ايڪ بلند مقصد ڪے لئے اٹھی هے، ڪو نقصان پهنچا يا وه انتشار و افتراق کا شکار هوئی، تو اس کا عندالله مؤاخذه بهی هوگا. آپ ايسی باتيں ڪہنے سے قبل هم سے مشوره ڪرتے . سڪرنڈ ڪنونشن ميں مرڪزی جماعت ڪے ڪسی ذمہ دار عهديدار ڪو شرڪت ڪی دعوت ديتے. پهر ڪوئی پاليسی بناتے. پاليسی بنا چڪے ، اب هماري پاس بغرض منظوری بهيج رهے هيں، ميں اس ڪی ڪيا منظوری دے سڪتا هوں.آپ اس قرارداد ڪو اس وقت تڪ شائع نہ ڪريں جب تڪ ڪہ جمعيت ڪی مجلس عمومی يا مجلس شوریٰ اس ڪی توثيق نهيں ڪرتی . ميرے محترم خدارا جمعيت ڪو انتشار سے بچائيے ، اور افتراق و انشقاق ڪی فضا ڪو ختم ڪرنے ميں مدد ديں. والسلام
محمود
ملتان – 13-مارچ 1972ء
مفتي محمود جي هن خط جو مفصل ۽ مدلل جواب ڏيئي سگهجي ٿو پر اسين هتي فقط سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه ورق طور هي قصو ڇاپي رهيا آهيون. ان لاءِ هن جي جواب لکڻ بجاءِ اسين پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا ته هو پاڻ هن بابت راءِ قائم ڪن ته ڪير صحيح هو ۽ ڪير غلط هو .
(اعلاء ڪلمة الله جيڪو هن خط ۾ لکيل آهي . مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن ماڻهن جو هن جملي مان مطلب ڪهڙو آهي ؟)
البته پڙهندڙن کي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ آئون ٽي ڳالهيون انهن جي ڌيان ۾ آڻڻ گهران ٿو ، جيئن هو راءِ قائم ڪرڻ لاءِ انهن تي غور ڪن :
(1)جيئن ته مون شروع ۾ ذڪر ڪيو آهي ته جمعيت علماء اسلام جي “ اسلامي منشور“ ۾ موجوده مسائل تحت ون يونٽ ختم ڪرڻ وغيره جو عزم ڏيکاريو ويو آهي . آخر ون يونٽ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو ، جنهن کي ختم ڪيو ويندو؟
(2)صوبه سنڌ جي پاليسي ڪميٽي جو اجلاس سڪرنڊ ۾ جڏهن هي پاليسي تيار ڪري پورو ٿيو ، جنهن جو مٿي ذڪر آهي ته مولانا عبدالڪريم ٻير واري اهي اکر چيا ته” هن پاليسي جو هڪڙو اکر به نڪو اسلام جي خلاف آهي ۽ نڪو جمعيت علماء اسلام جي منشور جي خلاف آهي۔ جڏهن ته مفتي محمود پنهنجي خط ۾ هن پاليسي کيجیسے جی ایم سید بول رہا ہے قرار ڏنو آهي . جڏهن ته پاڻ مفتي محمود خود پنهنجي خط ۾ مونکي به ذميدار عالم دين ۽ ٻين پاليسي ٺاهڻ ۾ شريڪن کي به ذميدار تسليم ڪيو آهي .( ياد رکڻ گهرجي ته ان وقت مرڪز ۾ ڪوبه سنڌي عهديدار ڪونه هو).
وري ڪنونشن ۾ شريڪ جيڪي چار سو کان وڌيڪ سنڌي نمائندا هئا انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سو علماء به ضرور هئا، جن ۾ سنڌ جي مختلف مدرسن جا شيخ الحديث ، مفتي ۽ مدرس پڻ هئا جن جا نالا مونکي ياد ڪونهن . البته ڊسمبر 1983ع ۾ جڏهن آئون ڪنڊياري ويو هوس ته هتي مولانا عبداللطيف ميمڻ مونکي ٻڌايو هو ته هو پاڻ هن ڪنو نشن ۾ شريڪ هو ۽ هن پاليسي جي حمايت ۾ هٿ به کنيو هئائين .
(3) مفتي محمود هن خط ۾ لکيو آهيجب تڪ مرکزی جمعيت کي مجلس عمومی (يعني جنرل ڪونسل ) يا مجلس شوریٰ ( يعني ايڊوائزري ڪونسل )اس کی توثیق نہیں کرتی .“
پر هي پاليسي 28 فيبروري 1972ع ۾ پاس ٿي مفتي محمود جواب 13 مارچ 1972ع تي لکيو ۽ مون سيپٽمبر 1972ع ۾ استعفا ڏني ، جيڪا مولانا محمد شاه امروٽي بحيثيت صوبائي صدر 20 سيپٽمبر 1972 ع تي منظور ڪئي يعني ڇهن مهينن جي هن مدت ۾ جيتري قدر مون کي علم آهي، هيءَ پاليسي مرڪزي جنرل ڪائو نسل يا مرڪزي مجلس شوريٰ ۾ پيش ڪونه ڪئي ويئي .
۽ جيڪڏهن ڪئي ويئي ته ان جو ڪهڙو فيصلو ٿيو. ان جو مونکي ڪوبه علم ڪونهي .“
(الصادق ج8 ش 7،سال 1986 ج10 ش 3 ، سال 1988 تان ورتل)
(سڪرنڊ ڪنوينشن ۾ پاس ٿيل پاليسيءَ جو سنڌي ترجمو )
جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
دفتر اسٽيشن روڊ سکر
تاريخ :12 محرم 1392 ھ
1972ـ 02 ـ 28
سنڌ صوبي بابت جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
جي ڪنوينشن ۾ پاس ٿيل پاليسي
جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جو هي ڪنوينشن ان بدترين الميه کان اک ڦيرائي نٿو سگهي جيڪو 1971 ء ۾ پاڪستان جي سالميت کي درپيش آيو . ۽ جنهن جي ڪري ملڪ جو اڌ حصو الڳ ٿي ويو . هيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال هڪ اتفاقي حادثي طور پيش نه آئي آهي بلڪه اهو پاڪستاني حڪمرانن جي ويهن سالن جي بڇڙاين جو هڪ قدرتي نتيجو آهي .
پاڪستاني حڪمرانن پنهنجي حڪمرانيءَ جي سموري دور ۾ نه رڳو اسلام جي تقاضائن کي نظر انداز ڪيو بلڪه جنهن اسلام جي نالي تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ، ان جي عقيدن ۽ حڪمن جي ابتڙ طريقا اختيار ڪيا ۽ قرآن ۽ سنت جي حڪمن کان لڳاتار ڪن لاٽار ڪئي ، ۽ پڻ اهو ته پاڪستاني حڪمرانن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ رهڻ واري عوام جا حق ڦٻايا ۽ هڪ محدود ٽولي جي مفاد لاءِ سڄو حڪومتي نظام پاڪستان جي عوام تي مسلط رکيو .
1951 ء کان پوءِ ته پاڪستان ۾ شهري آزادين کي مورڳوئي کسي ڇڏيو ويو . ۽ هر صوبي ۽ علائقي جي عوام کي بي وس ۽ مجبور بڻائي ڇڏيو . مشرقي بنگال جي عوام جا سياسي حق ۽ سنڌ ، بلوچستان ۽ سرحد جي عوام کي انهن جي سياسي حقن کان محروم رکيو ۽ پنجاب جي عوام ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي عوام جي وچ ۾ اعتماد کي ڪمزور بنايو ويو .
انهن حڪمرانن رڳو پنهنجي قريبي علائقن کي اقتصادي استحڪام بخشيو ۽ باقي سڄي ملڪ کي معاشي اعتبار سان ڪنگال بڻائيندا رهيا .ايتري حد تائين جو هڪ حڪمران ايوب خان ، گاديءَ واري هنڌ کي ئي پنهنجي علائقي ۾ کڻي ويو .
۽ پڻ ون يونٽ قائم ڪري ننڍن صوبن جي عوام کي سياسي ۽ اقتصادي طور غلام بڻائي رکڻ جو ظالماڻو منصوبو عمل ۾ آندو ويو . اهڙي ريت پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي وچ ۾ مايوسي ، بيوسي ۽ بيزاري پيدا ڪري ڇڏي . تنهن ڪري اها ئي مايوسي ۽ بيزاري هئي جيڪا ايوب خان جي اقتدار کي للڪاريندي ظاهر ٿي ۽ سندس اقتدار جو تختو اونڌو ڪري وئي .
ايوب خان کان پوءِ جيڪو جنرل جانشين بڻيو ان جيتو ڻيڪ ون يونٽ ٽوڙيو ، چونڊون ڪرايون ، پر مارشل لا جي ذريعي هن ون يونٽ جهڙو ٻيو جابراڻو متبادل مسلط ڪري ڇڏيو . ۽ پوءِ چونڊن جي نتيجن کي تباه ڪرڻ لاءِ مشرقي بنگال جي عوام خلاف بدترين ظالمانه ۽ سفاڪانه فوجي قدم کڻي ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جا عام ماڻهو نه رڳو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري نظريي جي خلاف ٿي ويا بلڪه ڀارت کان امداد طلب ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ اهڙي ريت انهن حڪمرانن کي دشمن جي هٿان دنيا جي ذليل ترين شڪست کائڻي پئي ۽ پاڪستان کان مشرقي بنگال جي جدائي جو الميو وجود ۾ آيو .
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سنڌ شروع ۾ئي آمادگي ظاهر ڪئي هئي ۽ سنڌ وارن کي اهو يقين هو ته پاڪستان بنجڻ بعد سندن علاقائي حق محفوظ رهندا ۽ پڻ انهن سان ڪو اهڙو سلوڪ نه ڪيو ويندو جنهن سان انهن جا حق غصب ٿين ۽ انهن تي ناجائز دٻاءُ پوي .
پاڪستان اسلام جي مقدس نالي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو ۽ ظاهر آهي ته اسلام ۾ ڪنهن به شخص يا ڪنهن به علائقي تي ظلم جائز نه رکيو ويو آهي . ۽ نه ئي اسلام ڪنهن جي حقن غصب ٿيڻ جي اجازت ڏيئي ٿو. تنهن ڪري سنڌ وارن به پاڪستان جي حمايت ان بنياد تي ئي ڪئي هئي .
پر پاڪستان جي مذڪوره حڪمرانن جي هٿان سنڌ جي عوام کي زبردست محرومين جو شڪار ٿيڻو پيو آهي . سنڌ جي عوام کي نه رڳو سياسي حقن کان محروم ڪيو ويو بلڪه تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي به سنڌ کي اڀرڻ نه ڏنو ويو . سنڌي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو ، سنڌ جون زمينون سنڌ کان ٻاهرين چند ماڻهن کي ورهائي ڏنيون ويون . حالانڪه سنڌ ۾ پراڻا ۽نوان سنڌي لکن جي تعداد ۾ انهن جا حقدار آباد هئا ، ۽ سنڌ جي هاريءَ جي حالت نهايت ڪمزور ۽ خراب هئي .
سنڌ کي صنعتي اعتبار سان به پوئتي رکيو ويو . ڪراچي جي صنعت تي چند خاندانن جي اجاره داري قائم ڪئي وئي جن جا لاڳاپا اڪثر ڪري سنڌ کان ٻاهر آهن ، ڪراچيءَ جي تجارت تي به اهڙي طبقي جو تسلط قائم ڪيو ويو . سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن کي بلڪل پوئتي رکيو ويو ، خاص طرح سنڌ جي ڳوٺن ۾ته حالت خراب کان خراب تر بڻائي وئي جتي سنڌي هاري زميندار ۽ محنت مزدوري ڪندڙ جو استحصال جاري رهيو ، مطلب ته سنڌ کي معاشي صنعتي ۽ تجارتي لحاظ سان تمام گهڻو پوئتي رکيو ويو .
بهرحال ، اهڙن حڪمرانن جو دور ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هڪ زخم کاڌل پاڪستان ۾ هڪ اهڙي پارٽي جي حڪمراني قائم آهي جنهن کي پاڪستان جي ٻن صوبن جي عوام وڏي اڪثريت سان چونڊيو آهي ،
تنهنڪري هاڻ جڏهن ته پاڪستان جي هڪ نئين تاريخ جي شروعات ٿي رهي آهي ته اهڙين حالتن ۾ سڀ کان وڏي ضرورت آهي باقي رهيل کهيل پاڪستان کي برقرار رکڻ جي ۽ ان کي مضبوط بنائڻ .
ان مقصد جي لاءِ جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ اهو سمجهي ٿي ته پاڪستان جي چئني صوبن کي هڪجهڙا حق حاصل هجن ۽ هر صوبي ۾ مڪمل جمهوريت بحال ڪئي وڃي .
ان اصول مطابق سنڌ صوبي ۾ سنڌ جي عوام کي ئي سياسي بالادستي حاصل هجي ۽ صوبي جي اقتصادي ۽ معاشي وسيلن تي سندن ئي ڪنٽرول قائم ڪيو وڃي . تنهن ڪري جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جو هي ڪنوينشن نين حالتن پٽاندر سنڌ جي لاءِ پنهنجي هيٺ ڄاڻايل پاليسيءَ جو اعلان ڪري ٿو :
جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ ، ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام جي دستور ۽ منشور جي حدن ۾ رهندي هيٺين مقصدن لاءِ ڪم ڪندي .
۽ جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جو هي ڪنوينشن طي ڪري ٿو ته ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام جي دستور ۽ منشور جي روشني ۾ جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ پنهنجا پروگرام آزاديءَ سان سر انجام ڏيندي .
(1 )سنڌي عوام جي سياسي اقتصادي ثقافتي ۽ علاقائي حقن جي بحالي لاءِ ضروري آهي ته:
(الف)ـ
سنڌ ۾ سموري اعليٰ تعليم سنڌي زبان ۾هجي ۽ سمورا سرڪاري کاتا سنڌي زبان ۾ ڪم ڪن ۽ پڻ سنڌي زبان کي نه رڳو سرڪاري زبان بڻايو وڃي بلڪه ان کي پاڪستان جي قومي زبانن جي برابر درجو ڏنو وڃي
(ب) ـ
سنڌ ۾ اڳتي جيڪي نوان ڪارخانا لڳايا وڃن پوءِ اهي سرڪاري هجن يا نجي اهي ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر جي بجاء سنڌ جي مختلف ننڍن شهرن ۽ڳوٺن ۾ لڳايا وڃن جن ۾ مزدور ۽ ٻيو اسٽاف مقامي آباديءَ مان ورتو وڃي ۽ هن وقت سنڌ جي صنعتي ادارن ۾ سنڌ کان علاوه ٻاهران ٻين صوبن جا جيڪي انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي جگهه تي سنڌ جي بيروگار انجنيئرن کي ڀرتي ڪيو وڃي . ۽ ان کان پوءِ جيڪڏهن ضرورت پوري نه ٿئي ته ٻين صوبن کان انجنيئر در آمد ڪيا وڃن .
(ت) ـ
سنڌ ۾ زرعي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٽنڊوڄام جي زرعي ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڄي ، ۽ سنڌ جي اترئين حصي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج هڪ انجنيئرنگ ڪاليج ۽ هڪ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيو وڃي جن۾ مقامي ۽ خاص طور ڳوٺاڻن کي داخلا ڏني وڃي .
(ث) ـ
مرڪز وٽ رڳو چار کاتا هجن خارجه ، دفاع ، ڪرنسي ۽ ٻاهريون واپار.
(2) سنڌ جي اقتصاديات ۾ پاڻي جو مسئلو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو تنهن ڪري پاڻي جي مسئلي ۾ اسان جي پاليسي هي هوندي ته 1945 ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ جيڪو دريائي پاڻي جو معاهدو ٿيو هو ان مطابق فيصلو ڪيل سنڌ کي پاڻيءَ جو حق تسليم ڪيو وڃي جنهن جو خلاصو هي آهي ته پنجاب جي پنجن دريائن جو پاڻي پنجاب جي لاءِ هوندو جنهن ۾ سنڌ کي ڪو به حق نه هوندو ۽ سنڌو درياء جو پاڻي سنڌ لاءِ هوندو جنهن ۾ پنجاب جو ڪو حق نه هوندو .
(3) سنڌ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي قوميت ۽ حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ فارمولا هي هوندو ته ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان اڳ جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ مستقل آباد هئا ۽ انهن جي مرڪزيت سنڌ ۾ مرڪوز ٿي وئي انهن جي قوميت سنڌي تسليم ڪئي ويندي چاهي اهي سنڌ جا پراڻا رهواسي هجن يا هندستان پنجاب ، سرحد يا ٻين جڳهن کان وطن ڇڏي مستقل طور سنڌ ۾ آباد ٿي ويا هجن ، انهن ماڻهن کي هن پاليسيءَ ۾ سنڌي چيو ويندو .
نوٽ : ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ آباد ٿيڻ وارن جي سنڌي قوميت تسليم نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن ماڻهن جي قوميت سنڌي تسليم ڪئي ويندي جيڪي ون يونٽ کان اڳ يا پوءِ عارضي طور يا تجارت لاءِ يا ملازمتن جي سلسلي ۾ يا تعليم جي سلسلي ۾ يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري رهندا هجن .
نوٽ ۾جيڪا تعريف ڪئي وئي آهي جيڪي ماڻهو ان هيٺ ايندا انهن کي هن پاليسي ۾ غير سنڌي چيو ويندو .
مٿئين فارمولا جي روشنيءَ ۾
(الف)ـ
ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻين صوبن مان آندل سول آفيسرن جي واپسي .
جن جي سنڌي قوميت تسليم نه ڪئي وڃي انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي مليل ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جي منسوخي .
) ـ
مٿين فارمولا جي روشني ۾ سنڌين جي سياسي حقن کي بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي انتخابي فهرستن مان ون يونٽ قائم ٿيڻ کان بعد ۾ آباد ٿيل يا آيل يعني غير سنڌين جا ووٽ خارج ڪيا وڃن ۽ انهن کي صوبي جي ڪنهن به انتخابي سطح تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي .
(نوٽ ) خارج ڪيل ماڻهن جا نالا انهن جي لاڳاپيل صوبن ۾ هجڻ گهرجن.
(4)ـ ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ خاص رعايتن سان حاصل ڪيل زرعي ۽ اقتصادي مفادن جي منسوخي .
مثال طور:
(الف) ـ
ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ اچڻ واريون غير سنڌي زمينداريون جئين انعام ۾ ڏنل زمينون ،
(ب ) ـ
سياسي رشوت طور ڏنل زمينون ،
(ت )ـ
اسلام آباد منگلا يا تربيلا ڊيمن سان بي دخل ٿيل ماڻهن کي معاوضي جي بها ني سنڌ ۾ ڏنل زمينون .
(ث ) ـ
اهي تمام زمينون جيڪي مختلف حاڪمن اقربا پروري يا دوست نوازي تحت ڏنيون آهن ،
(د )ـ
ناجائز ڪليمن جي ذريعي حاصل ڪيل زمينون ۽ جائداد .
(ذ)ـ
انهن سمورين پرمٽن ۽ لائسنسن جي منسوخي، جيڪي بعد ۾ غير سنڌين کي ڏنا ويا آهن .
(5) سنڌ ۾ اهڙي انصاف ڀرئي اقتصادي نظام لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي جنهن ۾ هاريءَکي معاشي استحڪام نصيب ٿئي ، پيغمبر عليه السلام جي فرمان ”من احيا ارضا ميتة فهي لھ و ليس لعرق ظالم حق فيها“ ، جي مطابق زمين جو اصل مالڪ اهو تصور ڪيو ويندو جنهن ويران پيل زمين کي آباد ڪيو هجي
(6) هارين ۽ مزدورن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پوري جدوجهد ڪئي ويندي .
(7) سنڌ ۾ تعليمي نظام ۾ اسلام کي بنياد بنايو ويندو ۽ فني تعليم تي زور ڏنو ويندو ، بي ـ اي ، تائين تعليم مفت ڪئي ويندي .
(8) سنڌ جا ديواني ۽ تعزيراتي قانون سڀ اسلام جي خالص حڪمن مطابق تبديل ڪري اڳتي سڄو نظام خالص اسلامي بنايو ويندو .
(9) سنڌ ۾ انهن سمورين سياسي پارٽين سان تعاون ۽ سهڪار ڪيو ويندو جيڪي جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي هن پاليسي ۽ مطالبن سان متفق هونديون .
مٿين پاليسي کي جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي صوبائي مجلس شوريٰ منعقده حيدرآباد 30 جنوري 1972 ء جي نامزد ڪيل پاليسي ڪميٽيءَ مرتب ڪيو .
محمد اسماعيل عفي عنه
ناظم عمومي جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(1) مولانا ابو المنير محمد شاه صاحب امروٽي، امير جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(2) مولانا عبدالڪريم صاحب، نائب امير جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(3) حافظ محمد اسماعيل ، ناظم عمومي ، جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ
(4) مولوي عزيزالله صاحب ، ناظم عمومي ، ضلع نوابشاه
(5) مولوي عبدالمتين صاحب ، امير جمعيت علماء اسلام ، شهر حيدرآباد
ڪنوينشن 95 فيصد اڪثريت سان ان کي پاس ڪيو .


Friday 22 June 2012

قتال جهاد جنگ (انقلاب) جا جا انڪاري مرتد آهن. امام انقلاب عبيد الله سنڌي


قتال جهاد جنگ (انقلاب) جا جا انڪاري مرتد آهن.
امام انقلاب عبيد الله سنڌي

صَومُ صَلَواة ۽ قتال:

جيڪي (ماڻهو)شخص مسئلي قتال (جنگ) (انقلاب) جي تشريح ٿيڻ کان پوء به ان ۾ تاويلون ڪندا(ڳولهيندا) رهن ٿا ۽ هن فرض کان بچڻ لاء طرح طرح جا بهانا تلاش (ڳولها ڦولها) ڪندا رهن ٿا مثلاَ؛ چون ٿا ته اسان جي سرحد (وطني دنگ) تي جنگ نه آهي يا ملڪ ۾ مسلمانن جو ڪوبه رهبر نه آهي. مسلمانن بي-حد ڪمزور (هيڻا) ۽ منتشر (ٽڙيل پکڙيل) آهن وغيره وغيره.انهن کي حقيقت ۾ شيطان دوکو ڏنو آهي.
حقيقت هيء آهي ته (صومُ صلواة) نماز روزه وغيره فرائض ته مسلمان هجڻ جا شرط آهن يعني اسلامي جماعت ۾ شريڪ هجڻ ۽ رهڻ لاء هي شعار (خاص نشان) وانگر آهن. جيڪو شخص انهن مان ڪنهن هڪ کي ترڪ ڪري ٿو يا پائبندي سان بجا نه ٿو آڻي، ان جي وفاداري هن جماعت سان پڪي نه ٿي سمجهي سگهجي. هن جماعت جي تنظيم ۾ داخل ٿيڻ جو جيڪو اصل مقصد آهي ۽ جنهن لاء صوم صلواة نماز روزي وغيره فرضن جو تسليم ڪرڻ ۽ پائبندي سان بجا آڻڻ پهريون شرط آهي. اهو هي آهي؛دنيا کي ظلم کان دور ڪيو وڃي توڙي اهو ڪنهن به صورت ۾ هجي، ۽ ان کي دور ڪري قرآن حڪيم جي حڪومت پيدا ڪري برپا ڪئي وڃي.

مثلاَ:
اسان جي زماني ۾ معاشي ظلم چوٽيءَ کي پهچي چڪو آهي، ۽ غير برابريءَ سببان(ڪارڻ) عام (انسان) ماڻهو جي هيءَ حالت آهي جو اڪثر (انسان) ماڻهو غذا(کاڌو پيتو) نه ملڻ يا ناقص غذا سببان مري رهيا آهن، ۽ صحيح تعليم نه هجڻ سببان پنهنجا انساني فرائض ادا نه ڪري رهيا آهن ۽ نه ادا ڪرڻ جي قابليت رکن ٿا. انهن کي اهڙيء حالت مان ڪڍي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جيئن اهي روزي (اٽي،لٽي، اجهي، گهر)جي فڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري الله تعاليٰ جي يادگيريء ۾ لڳي سگهن، هر هڪ ان انسان ماڻهوءَ جوفرض آهي جيڪو قرآن حڪيم جي تعليم کي مڃي ٿو، ظاهر آهي ته هي سڀ ڪجهه جان ۽ مال جي قربانيء بغير نه ٿو ٿي سگهي.

ڪي انسان شخص آهن جن قرآن حڪيم کي سمجهيو ۽ ان ۾ هيءَ ڳالهه ڏٺي به پر تنهن هوندي به پويان پيرڪري فقط (روزي نماز)صومُ صلواة وغيره ۽ سٺن اخلاقن جي تلقين تي قناعت ڪئي. انهن کي گهربو هو ته اهي قرآن حڪيم تي غور ڪن ها ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو تلاش ڪن ها.

آن-حضرت (سيدنا محمّدُ) صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پڙهڻ ها ۽ پيش قدميء (اڳتي وک وڌائڻ) جو رستو انهن ۾ ئي تلاش ڪن ها. ليڪن هي شخص ته جنگ قتال انقلاب جو نالو به نه ٿا سڻڻ گهرن. هي شخص جيڪڏهن انهِيءَ ضد تي قائم رهندا ايندا ۽ ظلم کي دور ڪرڻ لاء جنگ نه ڪندا يا ضد تي قائم رهندا ايندا ۽ ظلم کي دور (ختم) ڪرڻ لاء جنگ قتال جهاد نه ڪندا يا ڪم از ڪم ان جي تياري به نه ڪندا، ۽ ان جو رستو به صاف نه ڪندا ته پوءِ قرآن حڪيم جي زبان (ٻوليءَ) ۾ اُهي مُرتدَّ آهن.

گويا اهي پنهنجي روزي نماز جي باوجود اسلام کي ڇڏيو ويٺا آهن. انهن جا اهي عمل به ڪو فائدو نه ڏيندا. ان جو مثال هيئن سمجهڻ گهرجي ته ڪو هاري زمين ۾ هر جوٽي ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوء ٻجُ ڇَٽَي ٿو ليڪن ٻنيءَ کي پاڻي نه ٿو ڏي. ظاهر آهي ته اهو هڪ ڪمُ ۽ عمل نه ٿيڻ جي ڪري سندس سڀئي چڱا عمل اڪارت (اجايا، ڀي لاڀُ) برباد ٿي ويندا ڇو ته اهي سڀئي عمل هن هڪ عمل لاء هئا. جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته پوءِ هي ڪهڙي ڪم جا.؟

ساڳي طرح جڏهن سنگ نڪرن ٿا ته ان وقت انهن جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن بروقت اهو ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ پاڻي ڏيڻ تائين سڀ عمل بيڪار ٿي ويندا، انهيء طرح تي ايندڙ سڀني ڪمن کي سوچڻ گهرجي.

ساڳي طرح اسلام ۾ جي هڪ عمل کان پوء ٻيو عمل نه ڪيو ويو ته پهريان سڀ عمل بيڪار ٿيو مثلاَ؛ نمازون پڙهيون ويون ليڪن جهاد نه ڪيو ويو يا گهٽ ۾ ان جي تياري نه ڪئي وئي ته سڀ عمل اڪارت ٿي ويا. دنيا جو نظامُ (سسٽمُ) انهيءَ قائدي تي هلي رهيو آهي ته جيڪڏهن هڪ عمل کان پوء ٻيو ٻيو زودار عمل نه ڪيو ويو ته پهرين عمل جو نتيجو به اڪارت ٿي ويو. بس جتي انسان بيهي ويو اتي سڀ عمل ضايع ٿي ويا. زندگي هلڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو نالو آهي ان ۾ جَمُودُ (سٽيگنيشن) جو نالو موت آهي.

جڏهن آن حضرت (سيدنا مُحَمَّدُ) صلي الله عليه وسلم جن حُدَيبِيه صلح ڪيو، جنهن جو بيان ايندڙ سورة ۾ اچي ٿو ته سندن پاڻ مظبوط ٿي ويئي. انهيءَ کان پوءِ پاڻ مدينه منوّره ۾ قدمُ رکندي ئي هن قوم انقلاب (نيشنل انقلاب) جي منزل کان اڳتي ايندڙ منزل''ڪل قومي انقلاب'' (انٽر-نيشنل رووليوشن) جو ڪم شروع ڪري ڏنائون. چنآنچه پاڻ قيصر ۽ ڪسريٰ ڏي خط لکي انهيء کي ڌمڪايون ته جيڪڏهن اهي هن (ڏاڍ ڏمر استبداد ظلم جي خلاف واري) انقلاب ۾ شريڪ نه ٿيندا ته کين برباد ڪيو ويندو اهو ئي مطلب آهي هن آيت جو؛فاِذا فرغت فانصب(الم نشرح 4:94) ''جڏهن (اي مُحَمَّدَ) تون هڪ ڪم کان فارغ ٿي وڃين ته پوءِ ٻئي ڪم لاءِ اُٿُ'' يعني ڪم کان فارغ ٿيندي ئي ٻئي زودار ڪم کي شروع ڪري ڏيو.

امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيء
تفسير:
''جنگ انقلابُ''
يعني''سورة قتال(مُحَمَّدُ)جو انقلابي تفسير''
(جنگ، حرب، انقلاب، ويڙهاند، وار، سچ لاء لڙائي)

مترجم:محمد يوسف ندوي،
مولانا عبيد الله سنڌي ڪتب گهر،
نيو سعيد آباد-سنڌ.

فيس-بوڪ لاء لکيو جوکيو شفيق احمد.