Realtime Hit Counter

Monday, 26 August 2019

پاڪستان پنجاب کي سندس فوجي خدمت عيوض ڪيئن مليو؟ شاھنواز شيخ

پاڪستان پنجاب کي سندس فوجي خدمت عيوض ڪيئن مليو؟ ان لاء ھي پڙھو:


اُن کان پوءِ سر سڪندر حيات سڌو قاهره (مصر) هليو ويو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن جرمن جنرل روميل سووئيز ڪئنال تي قبضي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ اُن جي مقابلي ۾ پنجابي، سک ۽ مسلمان لشڪر، جنرل منٽگمريءَ جي قيادت ۾ وڙهي رهيو هو. سر سڪندر حيات پنجابي فوجن جو مورال وڌائڻ لاءِ تقريرون ڪرڻ واسطي گهرايو ويو هو. سر سڪندر حيات تمام وڏي وفاداريءَ سان هندستاني فوجن کي خطاب ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جنرل روميل جو حملو پسپائيءَ ۾ بدلجي ويو. انهيءَ صلي ۾ سر سڪندر حيات سان قاهره ۾ سرونسٽن چرچ (وزيراغطم انگلستان) ملاقات ڪئي ۽ سندس ٿورو مڃيو ته “اوهان اسان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ ڪانگريس ڏکئي وقت ۾ اسان جي مشڪلاتن ۾ بي پناهه وڌارو ڪيو آهي. اُن ڪري ڪانگريس ڪنهن به طرح اسان جي توجهه ۽ ساٿ جي لائق نه آهي، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ هاڻي 40 ڪروڙ ماڻهن جي مخالفت سبب اسان وڌيڪ وقت رهي نه سگهنداسون. جنگ (ٻي مهاڀاري لڙائيءَ) جي خاتمي کان پوءِ ڪانگريس کي سبق سيکارڻ لاءِ هندستان جو ورهاڱو ڪري، “هندستان” ۽ “مسلمان هندستان” ٺاهي ننڍو کنڊ خالي ڪري وينداسون. تُون، جناح صاحب کي منهنجو نياپو وڃي ڏي ته “ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، اسان توهان جا سڀ مطالبا پورا ڪنداسون. اهڙي تصديق تون وائسراءِ کان وٺي سگهين ٿو.” اهو نياپو کڻي سر سڪندر حيات قاهره کان سڌو بمبئيءَ پهتو ۽ جناح صاحب سان ملاقات ڪيائين. جناح صاحب چرچل جي پيغام جي بمبئيءَ جي گرونر وسيلي وائسراءِ کان تصديق ڪرائي. وائسراءِ، جناح صاحب کي دهليءَ گهرايو ۽ کيس چيائين ته “اسان هندستان جي ورهاڱي وارو آئين اڳ ۾ ئي ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اُن جي تصديق تون مسٽر ظفرالله وٽان ڪري سگهين ٿو. پر شرط اهو آهي ته ڪانگريس سان تون ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندين.” جناح صاحب ساڻس وعدو ڪيو ۽ ڪانگريس جي خلاف ويتر وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
شاھنواز شيخ

1965ع واري جنگ کان اڳ رڻ ڪڇ: مير الطاف حسين ٽالپر.




1965ع واري جنگ کان اڳ رڻ ڪڇ جي 9100 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي متنازعہ هئي جنهن تي سنڌ جي دعوي هر لحاظ کان قانوني ۽ مضبوط هئي. ايوب خان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٺاه عيوض سنڌ جي سرزمين ڪڇ جي رڻ جي 90 فيصد ايراضي هندوستان جي حوالي ڪري ڇڏي.

پاڪستاني مقتدره ڪشمير ڪشمير ڪري ڪشمير تہ جيڪو حاصل ڪيو سو ڪيو پر ان جي سزا هميشه سنڌ کي ئي ڀوڳڻي پئي آ. سنڌ جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري هي رشوت ۾ ڌارين جي حوالي ڪندا آيا آهن. ايوب خان ڪڇ جو رڻ ۽ ناري جو ريگستان هندوستان حوالي ڪيو. ڀٽي صاحب بهاولپور جهڙي سڄي ساري رياست جيڪا رنجيت سنگه جهڙو جابر حڪمران بہ پنجاپ ۾ شامل نہ ڪري سگهيو هو سا 73 جي آئين ۾ پنجاب کي ڏئي ڇڏي، الهندي ۾ سنڌ جي سوين ميل ايراضي سنڌ کان الڳ ڪري بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏي.
سنڌ جو جسم ڪپي ڪوري ٽوٽا ٽڪر ڪري سنڌ کان عليحده ڪرڻ انهن لاء ڪا نئين ڳالھ تہ آهي ئي ڪونہ پر خود سنڌين کي بہ ڪڏنهن ان ڳالھ جي پرواه ڪونہ رهي آهي.
اڄ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ اسان کي جذباتي تہ بنائي ٿي پر اڄ تائين سنڌ جي جسم جا جيڪي عضوا ڪپي سنڌ کان الڳ ڪيا ويا آهن انهن تي نہ اسان جا جذبا ٿا جاڳن ۽ نہ اسان کي انهن جي پرواه ئي محسوس ٿئي ٿي. اسان شعوري لاشعوري طور انهن جي پاڻ کان علحدگي مان مطمئن لڳا پيا آهيون. ائين هڪ ڏينهن ٻين عضون ڪٽجڻ تي بہ ٻه ڏينهن ڌاڙ گهوڙا ڪري پرسڪون ٿي ويهي رهنداسي.

تصوير وڪيپيڊيا تان. 
https://en.wikipedia.org/wiki/Great_Rann_of_Kutch

پاڪستان مٿان خطرن کي منهن ڪير ڏيندو؟؟؟ عزيزالله ٻوهيو

پاڪستان مٿان خطرن کي منهن ڪير ڏيندو؟؟؟
عزيزالله ٻوهيو
گهڻي وقت کان سوچيم پئي ته چوڏهن آگسٽ ستيتاليهه کان وٺي هلندڙ دور تائين سنڌ سان ٿيل هانڃن ۽ ڦرلٽ تي شام غريبان جي مفهوم هيٺ ڪجهه تفصيل لکجي جو اڌ ڪٺل سنڌ جيڪا کرڙيون پئي هڻي ان کي ڪي يادون ڏياري جاڳائجي. پوءِ ياد آيو ته ڪراچيءَ ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ شاهه مرڪز ۾ وزير تعليم بنجڻ کان اڳ ۾ آرٽ ڪائونسل هال ۾ شاه عبداللطيف ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن جو مهمان خاص کاٻي ڌر جو نامور دانشور سيد سبط حسن هئو. ان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيتريون عقوبتون ٿيون آهن انهن جي حساب سان آئون حيران آهيان ته هيءَ قوم ڪهڙي آڌار تي پئي جيئي. سو ان پسمنظر تي سوچيندي جيڪي ڪجهه مون سمجهيو آهي اهوهي آهي ته هن قوم وٽ جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فڪر آهي جنهن ۾ هن عورت جي ڪمزور بنايل صنف کي طاقتور بنائي سسئيءَ کان هي نعرو هڻايو آهي ته “ آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿين”. سو هن سنڌي قوم جي جيڪا سڪرات اڃا ختم نٿي ٿئي شايد ان جي اندر ڀٽائيءَ جو فڪر “هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار” هنجي لاءِ آڪسيجن بڻيل آهي پوءِ مون سبط حسن جي ان ياد ڏيارڻ کانپوءِ شيخ اياز کي به ڀٽائيءَ جو تسلسل سمجهو جو اياز به ستل قوم کي همٿائڻ لاءِ چيو ته “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” اياز جي ان حوصلي ڏيارڻ کانپوءِ جيڪا اڃا وڏي ڳالهه گهر جي چور وڏيرن جي هر وقت ستائيندي رهي ٿي انهن لاءِ منشي ابراهيم به ڪيڏارو ڳايو ته “مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾- ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾” بهرحال ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ گهر جي چور وڏيرن کي راشد مورائي به شرمايو ته “او ڀڀ وڏا او ڄڀ تکا جي تنهنجي هٿ ۾ گولي آ، ته باغي هڪڙو مان ناهيان باغي مون سان ٽولي آ” “سو باهه ڏئي ٿو ڪريان سُڃ لٽيرن جي، هت ٻن ڏينهن کان ٻار بُکيا، پر توکي تياري نيرن جي”. ڀٽائيءَ هن وقت تائين جيڪي جذبا جاڳايا آهن سبط حسن انهن کي برابر خوب سمجهيو هئو ان جي تسلسل کي آڪاش انصارءَ به خاصو اڳتي وڌايو ته “پلئه ڪندس پلئه ڪندس اي وقت توسان آ وچن، مان ڪيئن رهان جلاوطن مان ڪيئن رهان جلا وطن”. پوءِ وري سنڌ جي غلام هجڻ جي ڪيس کي هنن شاعرن جڏهن ڀٽائيءَ جي پارت مطابق سدا حيات بڻايو ته رب سائين واري سنڌين کي سرمد سنڌي ڏنو جنهن پنهنجي درديلي آواز سان ڄڻ ته قبرن منجهان مُئل وارثن کي جيئرو ڪري پئي ميدان تي آندو. پوءِ ان کي به نواز زنئور جي قيد بابت لکيل ڪتاب مطابق عالمي سامراج جي نمائندن ايڪسيڊنٽ جي ڊرامائي بهاني سان مارائي ڇڏيو ته ڪٿائين هن ماڻهوءَ جو آواز سنڌ ۾ انقلاب نه آڻي ڇڏي. پوءِ مون به سوچيو ته چوڏهن آگسٽ اڻويهه سئو ستيتاليهه تي اسان آزاد ته ڪو نه ٿيا آهيون پوءِ شام غريبان جا مرثيا ۽ نوحا ڇا جا تنهن ڪري سنڌ جي غلاميءَ ۾ گذارڻ کان ڇو نه پاڪستان جي آزاد ٿيڻ جي مفروضي تي شام غريبان جي فلاسفي مٿان بحث ڪجي. اهو هن بسم الله سان ته بانيءِ پاڪستان يارهين آگسٽ تي دو قومي نظريي جي خلاف تقرير ڪئي ته ان تقرير کي نظريه پاڪستان جي خلاف قرار ڏنو ويو اڳتي هلي جناح صاحب پاڪستان اندر هندستان جي سفير کي چيو ته تون نهروءَ کي چئج ته منهنجو بمبئي وارو گهر شرنار ٿين جي گهرن کي ضبط ڪرڻ وانگر ضبط نه ڪجو آئون پاڪستان منجهان نوڪري پوري ڪري باقي زندگي بمبئي ۾ اچي گذاريندس. ان ڪري ڳجهن طاقتن کيس مشورو ڏنو ته اوهان ملڪ ٺاهڻ تي وڏا ڪشالا ڪيا آهن انڪري اوهان کي ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪرڻ گهرجي پوءِ کيس بلوچستان جي شهر زيارت جي ريسٽ هائوس ۾ رهائي دوائن ذريعي ماري ڇڏيائونس. جناح جي فوتگي کان پوءِ سال گذرڻ تي ان جي پهرين ورسي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان لاءِ ريڊيو پاڪستان وارا ٽيپ ريڪارڊ کڻي فاطمه جناح وٽ آيا ته اوهان تقرير ڪيو ته اسان اها ريڊيو تي نشر ڪنداسين. مادر ملت چيو ته آئون تقرير لائيو ڪنديس جي نه ته ڪنديس ئي ڪانه مون وٽان نڪري وڃو. پوءِ مجبور ٿي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويس ۽ اتي تقرير کان اڳ ۾ پروڊيوسر کي سمجهايو ويو ته اسان جو ماڻهو ڪنڊ پاسي تي بيٺل هوندو جيئن ئي هو توکي اشارو ڪري ته تون آواز ۾ گوڙ وجهي ڇڏجان جو ٻڌڻ وارا تقرير کي سمجهي نه سگهن. ان کانپوءِ تُرت ئي آمريڪا پاڪستان کي خيرات ۾ ان ڏيئي پاڪ آمريڪا دوستيءَ جي ملڪ ۾ ۽ دنيا ۾ وڏا ڊنڍورا ڪرايا ته پاڪستان آمريڪا جو وڏو يار آهي ۽ آمريڪا به پاڪستان جو وڏو دوست آهي. جڏهن ته هندستان ٻن عالمي طاقتن آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ڪنهن به هڪڙي ملڪ جي بلاڪ ۾ وڃڻ بدران خارجه پاليسي کي وڏن وليدادن جي غلاميءَ کان آزاد رکيو. پوءِ تُرت ئي آمريڪا پاڪستان کي ڪڻڪ ڏئي دوستيءَ جو دُهل وڄائي دنيا اندر پنهنجو جاسوس ڪري هلائڻ گهريو جنهن کي لياقت علي خان سمجهي ويو ته اسان کي هيءَ آزادي ته ڇيڻي مٿان کنڊ جو ليپ ڏئي لڏون ڪري ڏني وئي آهي. سو اڳتي جي حڪمن احڪامن جي فرمانبرداريءَ ۾ اگر مگر چون چنانچ ڪرڻ لڳو جنهن تي ملڪ جي اصل مالڪن راولپنڊي جي مري روڊ تي واقع هڪ باغ ۾ تقرير ڪندي ان کي گولي ذريعي مارائي ڇڏيو پوءِ بدلي ۾ باغ جو نالو به لياقت باغ رکيائون ۽ شهيد ملت جو لقب به ڏنائونس ۽ ڪراچي کڻي وڃي جناح جي قبر جي پاڙي ۾ به دفن ڪيائونس ۽ قبر تي به هي شعر لکيائون ته “صلئہ شہید کیا ھے۔ تب و تاب جاودانہ” پختون خواهه جي وزيراعليٰ ڊاڪٽر خان به پنهنجي ننڍي ڀاءَ غفار خان کي اڳيان بيهاري پويان بليڪ ميلنگ واري سياست شروع ڪئي ته ڳجهين طاقتن ان کي به راهه رباني وٺرائي ڇڏيائون ليڪن جناح صاحب جي مرتئي کانپوءِ گورنر جنرل خواجه ناظم الدين بنگالي بڻيو جيڪو لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ ان جي خالي عهدي تي پاڻ وزيراعظم به ٿيو جنهن جي عهدي کان ڳجهين طاقتن وارا بيزار ٿيا ته مون کي پير صاحب پاڳاري مرحوم سڪندر شاهه ٻڌايو ته چوڌري محمد علي هن جي خلاف هنکي مرزائي قاديانين جو حامي مشهور ڪرائي ختم نبوت عقيدي جو دشمن مشهوري ڪري سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪرايا جلوس ڪڍرايا وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪرايون ويون ته جيئن وزارت عظميٰ جي سيٽ خالي ٿئي ۽ کيس وارو ملي. مون سان مرحوم محمد شاهه امروٽيءَ ڳالهه ڪئي ته ان تحريڪ ۾ آئون به شامل هئس ۽ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيس سڄي ملڪ ۾ سوا لک ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ٿيا هوا، جيل ڀرجي ويا هئا، جيلن ۾ خالي جڳهه نه هجڻ ڪري ٻاهر ميدانن تي ڪنڊيدار تارن جي لوڙهن ۾ ماڻهن کي قيد ۾ رکيو ويو هئو. اسان کي اتي باخبر ڄاڻ رکندڙ قيدين وٽان خبر ملي ته خواجه نظام الدين مٿان ختم نبوت جي منڪر هجڻ جو ۽ مرزائين جي حامي هجڻ جو ڪوڙو الزام ٿاڦيو ويو آهي ته جيئن اهو عهدو چوڌري محمد علي پاڻ ماڻي سگهي. سو ان موقعي تي شهر لاهور ۾ ڪڍيل جلوس خلاف بجاءِ قلم سئوچوتاليهه ۽ ڪرفيو جي عارضي طور مارشلا هنئي وئي جنهن ۾ جنرل اعظم خان جي ڪمانڊ ۾ مال روڊ لاهور مٿان ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ڏهه هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ شهر ڪراچيءَ ۾ جنرل اعظم خان جي ان ڪارنامي تي ان جي نالي جي اعزاز ۾ اعظم ڪالوني بڻائي وئي. ذوالفقار ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان اڳ ۾ ضياءُالحق جي ڪئبنيٽ جو وزير اي ڪي بروهي جي ايم سيد وٽ آيو ته ڀٽي کي ڦاسي ملڻ ڪري خيال ڪجو ته سنڌ جي روڊن تي ڪو به ماڻهو ٻاهر اچڻ نه گهرجي. سراج ميمڻ سنڌ جو نامور اديب ناول نگار هڪ ڪچهري ۾ ٻڌايو ته پنڊي ۾ چڪلاله ايئرپورٽ تي آئون وزيراعظم ذوالفقار علي سان گڏ هئيس اتي آمريڪا جو وزير خارجه هينري ڪسينجر به آيل موجود هئو جنهن ڀٽي صاحب کي چيو ته اسان تنهنجو اهڙو مثال قائم ڪنداين جو سڄي دنيا ڏسندي ۽ ٻڌندي اڳتي هلي جڏهن ڀٽي کي اقتدار تان لاهي انکي جيل ۾ وجهي مٿس ڪيس هلايو ويو ته آمريڪا سرڪار کي کٽڪو ٿيو ته ڪٿائين ضياءُالحق ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان ڪيٻائي ته ضياءُالحق کي چوايو ويو ته خبردار قبر صرف هڪڙي آهي جيڪڏهن ان ۾ ذوالفقار ڀٽي کي دفن نه ڪيو ويو ته توکي ان ۾ دفن ڪيو ويندو. ان کان اڳتي اخبار جنگ جي ايڊيٽر محمود شاهه پنهنجي ڪتاب آمريڪا ڪيا سوچتا هي ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري اسان اخبارن جي ايڊيٽرن کي صدر جنرل پرويز مشرف گهرايو ۽ گهڻن ڳالهين سان گڏ هيءَ به ڳالهه ڪيائين ته ان وٽ پاڪستان ۾ آمريڪن وزارت خارجه جو وزير آيو ۽ ان چيو ته اسان جي عراق سان جنگ ۾ اوهان اسان کي زميني هوائي اڏو ڏيو ٿا يا نٿا ڏيو. جواب ۾ صرف ها يا نه جو لفظ چئو ٻيو ڪجهه به نه ۽ هي به ٻڌي ڇڏيو ته انڪاري جواب جي صورت ۾ اوهان کي اسان پٿرن جي دور ۾ پهچائي ڇڏينداسون. بهرحال اڳتي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان عراق خلاف آمريڪا کي پنهنجي ملڪ ۾ جنگي هوائي اڏي لاءِ زمين ڏني پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي سڀ ڄاڻو ٿا. خبر ناهي ته صدر پرويز مشرف شوبازي پيو ڪري يا فارملٽي پيو ڪري. غالبن لاهور ۾ جنرلن جو اجلاس ڪوٺائي ان ۾ بحث ڪرايو ويو ته عراق خلاف جنگ ۾ آمريڪا کي جنگي هوائي اڏي جي لاءِ اسان زمين ڏيون يا نه ڏيون؟ ته حاضرين اجلاس منجهان ايئرمارشل مير مصحف علي چيو ته اسانکي هڪ مسلمان ملڪ کي مارائڻ لاءِ آمريڪا کي اڏو نه ڏيڻ گهرجي. اجلاس جي خاتمي کانپوءِ سڀڪو واپس پنهنجي گهر روانو ٿي ويو ۽ مير مصحف علي پنهنجي جهاز ۾ رسالپور وڃي رهيو هئو ته بنون ۽ ڪوهاٽ جي وچ ڌاري جهاز ڪري سڙي ويو ۽ منجهس سوار ايئر مارشل کي به پٿريلي علائقي ۾ پهچائي دفن ڪيو ويو. آئون هي تلخ يادون صرف هن ڪري لکي رهيو آهيان ته مهينو ڏيڍ اڳ اخبار جنگ جي هڪ ڪالم نويس لکيو ته لنڊن ۾ هڪڙي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ دنيا جي ملڪن هلائڻ لاءِ پاليسيون ٺاهيندڙ آمريڪا ۽ يورپ جا نمائندا شريڪ ٿيندا آهن اهي گڏ ٿيا ۽ چيائون ته پاڪستان ۾ عمران کي اسان اليڪشن کٽرائي آهي پر هي ماڻهو هڪ ته چريو آهي ٻيو ته هي ضديرو به آهي ان جي مٿان نظر رکي وڃي ته متان ڪٿائين پاڪستان کي سڌارڻ لاءِ ڪي قدم نه کڻي وجهي. مون جڏهن ان تازي ڪالم کي ڄاتو ته هڪ ٻيو پراڻو ڪالم به ياد آيو جيڪو اخبار جنگ جي انوقت جي ڪالم نگار غلام نبي مغل لکيو هو ته سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالله شاهه وٽ آمريڪن وزارت خارجه جي ليڊي سيڪريٽري آئي ۽ ڳالهين دوران شڪايت ڪيائين ته اوهان وٽ دهشتگردي ۽ قتل جا واقعا گهڻا ٿين ٿا اوهان انهن کي هن وقت تائين ڪجهه به ناهيو ڪري سگهيا؟ جواب ۾ شاهه صاحب چيس ته هو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا اسان ڇا ڪيون. ان ميٽنگ ۾ سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ به ويٺو هو ان اُتي ئي هڪڙو فائل کولي پيش ڪيو ته ڪراچي شهر جا اڻ ڳڻيا خوني قاتل آمريڪن ويزا وٺي پاڪستان کان نڪري ڀڄي ويا هئا ته ليڊي سيڪريٽري فائل پڙهي هوم سيڪريٽري کي چيو ته تون ته ڪو وڏو ڪامپيٽنٽ ماڻهو ٿو ڏسجين!!!. ان ملاقات کان پوءِ وزيراعليٰ سيد عبدالله هوم سيڪريٽري کي چيو ته آمريڪن ليڊي سيڪريٽري جيڪا تنهنجي ساراهه ڪئي آهي ان منجهان مون کي خطري جي بوءِ اچي ٿي سو تون هاڻي هن کاتي جي چارج ڇڏي ٻئي کاتي ۾ هليو وڃ. پوءِ به ان ٻئي کاتي ۾ پهچڻ کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ان سيڪريٽري کي واٽ ويندي قتل ڪيو ويو. سو ڌارين جا سڀ اهي واقعا ۽ مثال ڏسي سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن بابت پڪ ٿئي ٿي ته اهي وڏن وليدادن جو مهربانيون هونديون جن جي نشاني ۾ ايندڙ سنڌي، پنجابي ٻئي برابر آهن تڏهن ته اڳين ڀيري سزا ملڻ وقت نوازشريف چيو هو ته مون کي جٿان لڳي آهي آئون ان ماڳ کي سڃاڻان ٿو.
پاڪستان مٿان خطرن کي منهن ڪير ڏيندو؟؟؟
http://www.dailysindhhyd.com/…/پاڪستان-مٿان-خطرن-کي-منهن-ڪي…؟؟؟/

Friday, 9 August 2019

مدد خان جا گهوڙا ۽ انگريزن جي ريل! استاد ابوڪاشف. سهڙيندڙ شفيق جوکيو.

مدد خان جا گهوڙا ۽ انگريزن جي ريل!
استاد ابوڪاشف.
سهڙيندڙ شفيق جوکيو.

انگريزن کان اڳ جيڪي فاتح سنڌ ۾ آيا انهن ۾ ۽ انگريزن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ان بابت هڪ راء اها به آهي ته اڳين فاتحن سنڌ کي ڪا به ترقي ڪونه ڏياري رڳو سنڌ کي ڦري لٽي هليا ويا. جڏهن ته انگريزن سنڌ کي ترقي جو رستو ڏيکاريو . انگريزن سنڌ کي بندرگاه ڏنو. انگريزن سنڌ کي آبپاشي جو شاندار نظام ڏنو. انگريزن سنڌ کي ريلوي لائين ڏني . معيشت، سياست، تعليم،تهذيب، موهن جودڙو ڳولهي ڏيڻ، ٻولي جي الفابيٽ، هر قسم جو جديد سسٽم ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏنو. مطلب ته انگريزن سنڌ کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو جيڪو هزارن سالن ۾ ڪو به فاتح نه ڏئي سگهيو.
آئون ذاتي طور اها سوچ رکان ٿو (۽ منهنجي خيال ۾ ته حقيقت پسنديءَ جي تقاضا به اها آهي) ته انگريزن سميت انهن فاتحن مان جنهن به سنڌ جي لاء ڪو چڱو ڪم ڪيو آهي ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. پر انگريزن ۽ ٻين فاتحن کي سنڌ جي حوالي سان ٻيٽ ڏيڻ ۾ آئون ڪڏهن ڪڏهن هن انداز سان به سوچي ڏسندو آهيان ته مونکي حيرت وٺي ويندي آهي:
1- انگريزن کان اڳ وارن فاتحن ۾ جيڪڏهن عربن کان ئي تجزيو شروع ڪريون ته عرب آيا، ڪجه عرصو سنڌ تي قابض رهيا جيڪو کڻي ويا اهو انهن کي ڦٻيو پر انهن جي باقيات سنڌ کي پنهنجو وطن تسليم ڪيو، سنڌي ٿي ويا. عربن جي باقيات، سيد ۽ قريشي هن وقت سنڌ ۾ قومي تحريڪ جا هيروز بڻجي چڪا آهن . ارغون ۽ ترخان ۽ پٺاڻ وغيره آيا سنڌ کي ڦري لٽي ويا اها ڦرلٽ انهن کي ڦڀي . انهن مان هڪڙا واپس هليا ويا ٻيا هتي رهي سنڌي ٿي ويا. سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ذاتيون انهن جي باقيات مان آهن. ڀٽائي صاحب جا وڏا به ڌارين جي حيثيت ۾ آيا پر ڀٽائي هن وقت سنڌ جو قومي شاعر بڻجي هڪ لازوال حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.
2- انگريزن کان اڳ آيل فاتحن جي دور ۾ سنڌ انهن جي سياسي مرڪزن ۽ دارالحڪومتن جي هڪ حد تائين تابع رهي ۽ خود سنڌي حڪمران به ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرين حڪمرانن کي ڏن ڀري سنڌ کي انهن کان بچائيندا رهيا پوء کڻي ايئن به هجي ته اهو ڪم به انهن سنڌ کي بچائڻ لاء نه پر پنهنجي ذاتي مفاد لاء ڪيو هجي.
3- انگريز جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا ته انهن سنڌ کي مٿي ڄاڻايل ترقي جا سمورا رستا ڏيکاريا پر انگريزن سنڌ کي هندستان جو هڪ صوبو بلڪه هڪ صوبي جي ڪمشنري بڻائي بمبئي جي تابع بڻائي ڇڏيو. ۽ بعد ۾ بمبئي کان ڇڏائي دهلي جي تابع ڪري ڇڏيو.
4- انگريزن جي ٺاهيل جديد بندرگاه کان پوء هندستان جي ٻين علائقن مان واپاري طبقن سان تعلق رکندڙ ٻاهريان ماڻهون سنڌ ۾ ججھي تعداد ۾ آيا ۽ ساڳئي ملڪ جي شهري هجڻ جي حيثيت ۾ اچي سنڌ جي شهرن خاص طرح دارالحڪومت ۾ آباد ٿيا جتان سنڌ جي شهرن جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ شروع ٿي.
5- انگريزن پاران بڻايل جديد بيراج سسٽم جي نتيجي ۾ پنجاب جا ماڻهو به ساڳئي ملڪ جي شهري هجڻ جي حيثيت ۾ اچي آباد ٿيا جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ شروع ٿي.
6- انگريزن جي ريل سڄي هندستان مان ميڙي چونڊي مسلمان ڀائرن کي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ آڻي پهچائيندي رهي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي سالن جي حساب سان نه پر هفتن ڏينهن ۽ ڪلاڪن جي حساب سان تبديل ٿيڻ شروع ٿي
7- انگريزن کان سواء ڪو به فاتح سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل نه ڪري سگهيو. مدد خان جي گهوڙن سنڌين جي جسمن کي چيٿاڙي انهن کي”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جهڙيون ڪيهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪري نه سگهيا جڏهن ته ڪياماڙي بندر تي لنگر انداز ٿيندڙ جديد دور جا انگريزي جهاز ۽ ڪينٽ اسٽيشن تي ڪوڪ ڪري اچي اسٽاپ ڪندڙ انگريزن جي ريل دراصل سنڌين جي لاء صور اصرافيل بنجي آئي . هوڏانهن هزارن سالن جو سنڌوءَ جو آزاد وهڪرو ڪي مئل ٺور ڍڳا ته سنڌ ۾ گهلي ٿي آيو پر بيراجن سان بند ٻڌجڻ کان پوء روينيو ڊپارٽمنٽ جي ذريعي جيڪو سنڌ ۾ ” سيٽلرز“ جو سيلٽ ڄمڻ شروع ٿيوانهن سمورن انگريزي اقدامن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهو سنڌ ۾ هاڻي ميزباني جي بندوبستن ۽ خرچن پکن کان آجا ٿي مهمان بڻجي مزا ماڻي رهيا آهن.
منهنجي لاء سنڌ جي سڄي تاريخ جي پرچي ۾ مشڪل ترين سوال اهو آهي ته انگريزي قلم جي جنهن نوڪ سان هڪ طرف سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ٺهي ۽ ان جي سرڪاري حيثيت ۽ سنڌ ۾ ٻين ترقياتي اسڪيمن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيا ته ٻئي طرف سنڌ جي جديد غلامي جو نوٽيفڪيشن به ان ئي قلم سان ڪيئن جاري ٿيو جنهن جو ذڪر هن ننڍڙي خبر ۾ آهي؟
. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ان جو جواب اچي ٿو ته مهرباني ڪري مونکي به سمجھائيندا.

بين الاقوامي نظام قائم ڪري سگهنديون. ابوالڪاشف.

بين الاقوامي نظام قائم ڪري سگهنديون.
ابوالڪاشف.
طلاحن ۽ مستقبل جي لاء ماضي جي صيغن استعمال ڪرڻ سبب عام سنڌي ماڻهن لاء سمجهڻ جيڪڏهن ڏکيو هجي ته ان جو آسان مطلب اڄوڪي سياسي زبان ۾ هي ٿيندو ته :....
هي جيڪا مسلمانن جي هڪڙي ئي خليفي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ڪنهن به قوم مان ڪو خلافت جي دعوت کڻي اٿي ۽ سڄي دنيا تي ڇانئجي وڃي؛
جيئن داعش يا طالبان وارا يا نالي جي تبديلي سان ايران وارا چاهين ٿا، اها ممڪن نٿي ٿي سگهي.
هن دور ۾ مسلمانن جي بين الاقوامي خلافت مسلم قومن جي اهڙي گڏيل فيصلي سان قائم ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن هڪ قوم جي بالادستي نه هجي
(جيئن ترڪن جي خلافت عثمانيه ۾ هئي)
بلڪه هر قوم پنهنجي نيشنل پروگرام ۾ خدا جي حڪم مطابق نظام قائم ڪري، جنهن ۾ ڪنهن هڪ خاندان يا فرد جي مستقل سياسي بالادستي نه هجي ۽ معاشي طور ان قوم جي قومي معيشت پورهيت طبقي جي فائدي تي تشڪيل ڏنل هجي (موجوده نيشن اسٽيٽس غير جمهوري بادشاهتي ۽ سرمائيداري نظام جي بنياد تي قائم آهن تنهن ڪري موجوده او-آء-سي. کي خلافت نٿو چئي سگهجي)
اهي سڀ قومون هڪ گڏيل بين الاقوامي پليٽ فارم ٺاهين تڏهن وڃي مسلمان قومون خلافت جو بين الاقوامي نظام قائم ڪري سگهنديون.
ابوالڪاشف.

سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس حافظ ابوڪاشف۔


سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس
حافظ ابوڪاشف۔
هنن چيو: اسان سنڌي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا بلڪه ڪريون پيا. اچو ته گڏجي سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام ختم ڪريون جنهن کي پيپلز پارٽي ختم ڪرڻ نٿي چاهي. ان کان سواء سنڌي ماڻهن جي ترقي نه ٿيندي.
مون چيو: جاگيرداراڻو نظام برابر بڇڙو آهي ۽ سرمائيداراڻو نظام ان کان ڪجهه ايڊوانس آهي پر جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ سماجي ۽ سياسي طور غالب ڪميونٽي جا ماڻهو سنڌ جي ٻهراڙي وارن کان اخلاقي ڪردار ۽ سياسي شعور ۾ ااڳتي آهن ته اها اوهان جي ڀل آهي!. ان لاء مون ڪجهه دليل ڏنا:
1- بينظير جي شهادت تي سنڌي ماڻهن پرتشدد احتجاج ڪيو گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏنيون پر انهن ۾ موجود انسانن کي ٻاهر ڪڍي پوء! پر، ڪراچي ۾ غير سنڌي ماڻهو احتجاج ڪرڻ وقت بسن ۾ ويٺل ماڻهن کي لهڻ جي مهلت نٿا ڏين بلڪه مسافرن سميت بسن کي ساڙيو وڃي ٿو!
2- سنڌ ۽ مرڪز ۾ پي پي جي حڪومت هوندي به سنڌي ماڻهو جنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي گهر تي تئو تنگڻ چاهين يا ٽماٽا ۽ انڊا اڇلائڻ چاهين ته ايئن ڪري سگهن ٿا پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪو ٽي وي اينڪر به ڳالهائي نٿو سگهي! هاڻي ٻڌايو ته وڌيڪ مهذب ڪير ٿيو ۽ وڌيڪ برداشت جو مادو ڪهڙي سماج ۾ ٿيو؟؟؟؟؟؟؟
3- چيو وڃي ٿو ته پاڪستان اسان ٺاهيو! ٺيڪ آ اوهان يوپي ۾ پاڪستان لاء تحريڪون هلايون . احتجاج ڪيا قربانيون ڏنيون سڀ ڪجهه ڪيو هوندو. پر اها ڳالهه سوچيو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ته يوپي وارن نه بلڪهه سنڌ جي جاگيرادرن ڪيو جن کي اوهان هر روز گاريون ڏيو ٿا!.
4- ايم ڪيو وارا پيپلز پارٽي جي وڏيرن ۽ زميندارن کي جاگيردار چون ٿا حالانڪه اهي ايڏا وڏا جاگيردار ڪونهنن. سنڌ ۾ سڀ کان وڏا جاگيردار جتوئي ۽ مهر آهن. پوء ارباب دور ۾ سنڌ جي ننڍن زميندارن جي مقابلي ۾ مهرن ۽ جتوئين سان گڏ اقتدار ۾ ڇو ويٺا؟
5- چون ٿا ته جاگيرادر سڀ ڪجهه لٽي ويا ! مونکي ٻڌايو ته جاگيردارن کي قرض ڏيڻ لاء ملڪ ۾ ڪيتريون بينڪون آهن؟ هڪڙي زرعي ترقياتي بينڪ آهي ۽ جاگيرادر ڦري لٽي به ان کي ڦريندا. زرعي ترقياتي بينڪ جي مجموعي ماليت جي مقابلي ۾ ٻيون ڪمرشل بينڪون ۽ صنعتڪارن کي قرض ڏيڻ لاء ڪيتريون بينڪون آهن انهن کي قرضن جون ڪيتريون سهولتون ۽ رعايتون آهن ڀيٽ ڪري ڏسو! (هاڻي ٿورو گهڻو ڪن ٻين بينڪن به محدود سرماِيو زراعت ۾ لڳائڻ جا منصوبا بڻايا اهن پر اهي به اڪثر ڪمرشل مقصدن لاء آهن)
6- زميندار جيڪا پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو (ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ چانور، داليون، سبزيون وغيره) انهن جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو . ۽ زميندار جيڪا شي خريد ڪري ٿو ٻج ڀاڻ دوائون ٽريڪتر وغيره. ان جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو ته پوء استحصال ڪرڻ وارو اصل ڪير ٿيو؟
7- سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي غير جانبدار سروي ڪيو ته پيسو ڏوڪڙ سنڌي ماڻهن وٽ وڌيڪ اهي يا ٻين وٽ؟
8- ٻهراڙي جو ٿاڻيدار سنڌي ماڻهو جي ڳالهه وڌيڪ ٻڌي ٿو يا غير سنڌي جي؟
مون چيو ته اوهان کي سنڌي ماڻهن کي جاگيرادرن جي چنبي مان ڇڏائڻ جو ڪم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪميونٽي کي ايم ڪيو ايم جي چنبي کان ڇڏائڻ گهرجي. اسان جي لاء جاگيرادر مان جان ڇڏائڻ ايڏو ڏکيو ڪونهي! ڪجهه لاڳيتيون اليڪشنون ٿيون ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريندا پر اوهان ڏسندا ته ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمنٽ جو پاسو ڇڏڻ واري سڀ کان اخري جماعت هوندي.
اهي سڀ حقيقتون ڏسجن ته ٻهراڙي جي سنڌي ماڻهو کي اخلاقي قدرن ۾ ۽ سياسي شعور ۾ شهري بابو کان پوئتي سمجهڻ ئي سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي جنهن ۾ اڙدو اينڪر مافيا کان وٺي اديب دانشور سڀ گرفتار آهن.

بالفرض محال سنڌ آزاد ٿي وئي ماضيء حال مستقبل : ابو ڪاشف. سهڙيندڙ شفيق جوکيو.

بالفرض محال سنڌ آزاد ٿي وئي ماضيء حال مستقبل :

ابو ڪاشف.

سهڙيندڙ شفيق جوکيو.

موجوده واسينگ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي لاء متحد ٿيڻ بجاء 1300 سال اڳ واري 
گذري ويل نانگ جي پٽي کي لٺيون هڻڻ ۽ نه هڻڻ جي مسئلي تي هڪ ٻئي سان اختلافن ۾ اٽڪيا پيا آهن. :

علامه اقبال هندستانن جي مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاء وڏي پيماني تي شاعري ڪئي. ان تي مولانا عبيدالله سنڌي جي تبصري جو خلاصو هن طرح آهي ته:
”هتي هندستان جي سرزمين تي انگريز قابض آهي اقبال جي شاعري هندستاني مسلمان کي انگريز جي مقابلي ۾ جدوجهد لاء اڀارڻ جي بجاء ان کي اندلس ڏانهن توجهه ڏياري عملي طور هندستان جي مسلمانن جي سامراج خلاف جدوجهد کان هٽائي ڇڏيو آهي“.
ان تجزيي تي غور ڪندي مونکي هڪ خوفناڪ حقيقت هن طرح سامهون اچي ٿي ته سنڌ کي هن وقت موجوده پنجاب صوبي جي بالادستي جو مسئلو درپيش آهي پر سنڌي نوجوانن جو هڪ طبقو پنهنجي علم ۽ قلم جو سڄو زور عربن جي مخالفت تي مذڪور ڪرڻ لاء 1300 سال اڳ واري محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي مسئلي کي بنيادي مسئلو بڻائي مهم هلائي رهيو آهي. ۽ اهل پنجاب ان جو تماشو ڏسي رهيا آهن ته سنڌين جو توجه تقسيم ٿي ويو آهي ۽ هو موجوده واسينگ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي لاء متحد ٿيڻ بجاء 1300 سال اڳ واري گذري ويل نانگ جي پٽي کي لٺيون هڻڻ ۽ نه هڻڻ جي مسئلي تي هڪ ٻئي سان اختلافن ۾ اٽڪيا پيا آهن.
آخري پنو: عراق ۾ ايڪهين صديءَ جي جمهوريت ؟ 

استاد ابوڪاشف 

سهيڙيندڙ شفيق جوکيو.

چون ٿا ته صدام حسين ڊڪيٽر آهي! چڱو سائين مڃيوسي، هونئن به هن اسان واري اڙيڪاپ صدر وانگر پاڻ کي ڪڏهن به '' جمهوريت جو اَبَو'' ڪو سڏايو آهي. هو هڪ کرَو ماڻهو آهي فيصلن ڪرڻ کان پوءِ انهن فيصلن جي نتيجن جي ذميداري کڻڻ وارو پڻ. سندسِ ساٿين مٿان موجوده نام نهاد عدالت ۾ جيڪي الزامَ عائد (مڙهيا) ڪيا ويا انهن لاء چيائين ته هنن کي ڇوٿا پڪڙيو! فيصلا ته مون ڪيا آهن، هنن جي ڏوهه جو ذميدار آئون آهيان. مون سان ڳالهايو! ان مان ئي هن جو ڊڪٽيٽر هجڻ ثابت ٿي وڃي ٿو، صدام (حسين) کان اڳُ ۾ عراقَ ۾ ڪهڙي جمهوريت هئي جنهن جي مٿان صدام (حسين)ڊڪٽيٽرشپ لاڳو ڪري ڇڏي؟ ۽ عراق جي سرزمين مغربي جمهوريت لاء ڪيتري سازگار آهي ۽ مغربي جمهوريت اتي جيڪي گُلَ ڪڍيا آهن؛ انهن ۾ قتل، خونريزي، ڦُرُمارَ، شهرَن جا شهرَ تباهه ڪرڻ، تهذيبي ورثو ۽ فريقيواريت جي بنيادي سياسي ادارا قائم ڪرڻ جهڙا ڪيترا گُلَ ان جمهوري گلسدستي ۾ سجايا ويا آهن؟

انهن کي پاسي تي رکي اچو ته پاڻ اهو ڏسون ته صدر صدام حسينَ جي ڊڪٽيٽرشپ جو رنگُ روپُ ڪهڙو هو؟

اسان جي خيالَ ۾ ته صدام حسين جي ڏوهن هڪ ڊگهي فهرستَ ٺاهي سگهجي ٿي، پر هُنَ گهٽ ۾ گهٽ 10 اهڙا وڏا جُرُمَ ڪيا جنهن ڪري کيس اول درجي ( ڏاڪي) جو ڊڪٽيٽر قرار ڏيئي کيسِ 20 دفعا( ڀيرا) ڦاسي ڏيئي سگجهي ٿي. اسين هڪ هڪ ڪري اهي ڏوهه ٻڌايون (لکون) ٿا، پوءِ اوهان پاڻ سوچيو ته انهن ڏوهن مان هرهڪ ڏوهه ٻه ٻه دفعا ( ڀيرا) ڦاسي ڏيڻ جهڙو آهي يا نه؟

پهريون ڏوهه: هن معصومُ عورتن جهڙين مظلومُ ملٽي نيشنل تيل ڪمپنينُ جي حق تي ڌاڙو هڻي عراقَ جي تيلَ جي صنعت کي قومي تحويلَ ۾ وٺي عراقي عوام جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو.

ٻيو ڏوهه: هن ظالمَ شخص خواه مخواه (اجايو) تعليمَ جي شرح وڌائڻَ لاء عراقَ جي اڻ پڙهيلَ شيعه اڪثريت کي پڙهائي پيڙائي زور ۽ زبردستي ڪري ڊاڪٽر انجنيئر بڻجڻ تي مجبور ڪيو، اهڙي طرح اڻ پڙهيل ماڻهن جو تناسبُ جيڪو 70 فيصد (سيڪڙو) هو، هُنَ (صدامَ) ڊڪيٽيٽر اهو گهٽائي 10 فيصد(سيڪڙو) ڪري ڇڏيو.

ٽيون ڏوهه: ننڍڙن ٻارن کي رستن تي سگريٽ وڪڻڻ ۽ انهن جا سُوٽا هڻڻ کان محرومُ ڪري انهن کي اسڪولن جهڙي قيدخانن (جيل گهرن) ۾ بند رکي ميٽرڪ تائين لازمي تعليم حاصل ڪرڻ جهڙو ڪارو قانون مڙهي انهن کي رستن ( گسن) تي رلڻ ۽ پنڻ کان محرومُ ڪري ڇڏيو.

چوٿون ڏوهه: ڪُرد قوم ( نسل) جا ماڻهو جيڪي تُرڪيءَ ، عراقَ، ايرانَ ۽ شامَ ۾ ورهايلَ آهن. ٻين ٽنهي ملڪن ۾ انهن کي ڪابه جداگانه سياسي حيثيت حاصل نه آهي حالانڪِ تُرڪيء ۾ عراق کان به وڌيڪ ڪُردَ رهن ٿا، پر صدامَ حسين اها بدعت ايجاد ڪئي ته هن عراقي ڪُردنِ کي ان کان به وڌيڪ حڪومتي ۽ سياسي اختيارَ ڏنا جهڙا برطانيه ۾ ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ وارن کي حاصل آهن، پر هن اتي بس ڪونه ڪئي بلڪِ هن خالص عربن لاء به ڪردستاني زُبان هڪ لازمي سبجيڪٽ طور پڙهڻ لازمُ ڪري ڇڏي ۽ ڪردستاني زبان ۾ اخبارون جاري ڪرايون.

پنجون ڏوهه : صدام (حسين) کان اڳ وارين حڪومتن جو ۽ ٻين عرب حڪومتن جو سڄو زور ٻاهرين مصنوعات جي درآمد ڪري عياشي ڪرڻ تي هيو، پر هن (صدام حسين عراق ۾ مقامي صنعتن کي زور وٺائي تنگ نظريءَ جو ثبوت ڏنو.

ڇهون ڏوهه: هن بين الاقوامي قانون ۽ معيار جي ڀڃڪڙي ڪندي هاريُنِ کي ٻين ملڪن جي هارين کان وڌيڪ زمينون ڏنيون ۽ انهن کي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مشينون ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار ڏئي پيداوار وڌائڻ لاء مجبور ڪيائين. هن(صدام حسين) رڳو ان تي بس نه ڪئي پر انهن کي فرج ( رفريجريٽر) ۽ ٽيلويزن جهڙيون شيون ڏئي هنن کي ٿڌو پاڻي پيئڻ ۽ دنيا جي حالات کان باخبر رهڻ لاء به مجبور ڪيائين.

ستون ڏوهُه: هن ظالم ڊڪٽيٽر حڪمران يونيورسٽي سطح تائين تعليم مفتُ ڪري ڇڏي ۽ يونيورسٽين جي ليباريٽرين ۾ تحقيق ۽ ريسرچ جو اعلي انتظامُ ڪرڻ جا بندوبست ڪيائين آخرڪار هڪ ايشيائي ملڪ جي حڪمران کي اهو ڪهڙو حق پهچي ٿو؛ ته هو يورپ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو خواب ڏسي سگهي؟

اٺون ڏوهه: هن مَردَ عورت کي هڪ جهڙا شهري حقوق ڏيئي عورتن کي قانون تعليم، صحت، فني مهارت ۽ فوجي خدمتن جي شعبن(کاتن) جاگيرداراڻي سماج ۾ فوجي قوت تيارُ ڪرڻ جو جهڙو، بين الاقوامي ڏوهه ڪيو.

ڏهون ڏوهه: هن ترقياتي منصوبن تي بيحساب دولت خرچ ڪئي ۽ انتظامي عهدن تي موجود وڏن آفيسرن کي ٻاهرين بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولڻ جي حق کان محرومُ رکيائين ۽ ڪيترن ئي ويچارن ڪروڙپتين کي عراقي دينار ٻاهر اڏاري کڻي وڃڻ کان روڪي اهو پئسو عراق جي انفرا-اسٽرڪچر مظبوط ڪرڻ لاء خرچ ڪيائين.

مٿين ڏهاڪو ڏوهن مان هر ڪو ڏوهه اهڙو آهي جو ان تي ٻه دفعا ( ڀيرا) ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي.
البته هو جيڪڏهن سِرَ جيئدان گهري ته کيس ان شرط تي سِرَ جيئندانُ ڏيئي سگهجي ٿو ته کيسِ اهو ڏيکاريو وڃي ته وزارت داخلا ۽ ابُوغُريبُ ۾ عراقين جي زندهه ۽ مردهه لاشن کي جمهوريت جو پروٽوڪولُ ڪيئن ڏنو وڃي ٿو؟
جاري آهي.

ورتل منٿلي الصادقُ،
کڏو،ڪراچي،سنڌُ
مورخه: مئي، جون 2006ع
***

شاعري خليل مطران
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي ؟

خليل مطران، خليل جبران جي ئي وطن لبنان سان تعلق رکندڙ شاعر آهي، خليل جبران کان عمر ڪجهه آڳاٽو پُڻُ، هي سٽون آڳاٽي عرب مزاحمت جي حمايت ۾ چيل آهن جيڪي ان وقت کان به وڌيڪ هن وقت عراق ۾ آمريڪا جي خلاف هلندڙ عرب مزاحمت جي حالتن سان ٺهڪي رهيون آهن. عربي متن سان گڏ انهن جو تشريحي ترجمو به ڏجي ٿو جنهن ۾ شعر جي وزن کان وڌيڪ تخيل تي توجهه ڏنو ويو آهي

شردوا اخيارها برا و بحرا
واقتلوا احرارا ها حرا فحرا
کسروا الاقلام هل تکسيرها
تمنعع الايدي ان تنقش صخرا
قطعوا الايدي هل تقطيعها
تمنع الاعين ان تنظر شزرا
اطفئوا الاعين هل اطفاءُ ها
تمنع الانفاس ان تنفث جمرا
اخمدوا الانفاس هذا جهدکم
وبه منجاتنا منکم فشکرا.
خليل مطران البناني.

شاعري خليل مطران
مترجمه: ڊاڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ راڄپر،

ڌڪي ڌوڻي ڌرتيءَ ڄاون سڀن کي
تڙي تڙ سمورا اُڪاري سگهو ٿا.

ڳڻي هاڻ حريت جي حامين سڀن کي،
اي جلاد ماري ٻوٽاري سگهو ٿا.

مروڙي ۽ ٽوڙي قلم ڪانهن ڪانا،
لکيل ليک ڦاڙي ۽ ساڙي سگهو ٿا.

مگر سنگتراشيءَ ۾ سارا سنيها،
هٿن ساڻ هيڪر اتاري سگهو ٿا.

هڻي ڪات هٿڙا ڪارائيءَ کان ڪاٽي،
ڇيڻيءَ جي ڇُهڻَ کان جي کاري سگهو ٿا.

ته ارڏا اکين ڳاڙها ماڻهو اسان ڀي،
گهرون جي ته گُهوري نِهاري سگهون ٿا.

اکين ۾ ٽُنبَي تير تازا تپايل،
ڏيئا ڏينهن جيها اُجهائي سگهو ٿا.

ته پوءِ ڇار ڇاڻي ڳولهي چڻنگ ڳاڙهي،
ڏيئي ڦُوڪَ ٽانڊا اٿاري سگهو ٿا.

ڏيئي نَنهُن نِڙِِيءَ تي جهلي جهٽ گهڙي ڪا،
گهُرو جي ته ٻُوساٽي سگهو ٿا.

ته واهه واهه اهائي ته آزادي آ، جو
ڏيئي ساهه ڏَهڪاءُ ويهاري سگھو ٿا.

ورتل
ماهانه الصادق، کڏو، ڪراچي، سنڌ
مئي۽ جون، 2006ع.
صورتخطي
جوکيو شفيق احمد.

پنهنجي پاران : الصادق، کڏو، ڪراچي، سنڌ


16 ڊسمبر 2012 جي اخبار ۾ هڪ ننڍڙي هڪ ڪالمي خبر ڇپي. بظاهر ته هن خبر ۾ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه نظر نه ايندي پر جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسبو ته ان ۾ اوهان کي ملڪن ۽ قومن جو جياپو نظر ايندو. هڪ نگاه هن خبر تي وجهون ٿا:

”ہندوستانی عدالت نے پاکستانی خاتون نزہت جہاں کو 19 سال بعد ہندستانی شہری تسلیم نہ کرتے ہوئے اسے غیر ملکی قرار دیدیا اور اسے شہریت نہ ملنے کی وجہ سے ڈی پورٹ کئے جانے کا بھی خطرہ ہے۔“ (روزنامہ ”امت“ کراچی)
19 سالن کانپوءِ غير ملڪي قرار ڏيڻ جي معنيٰ آهي ته ڪير به هندستان ۾ وڃي ڪجهه دير ۾ اتان جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي اتان جو شهري نٿو ٿيو وڃي جيئن اسان وٽ شهريت جو ڪاروبار سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ سان لڳو پيو آهي.
جيڪي اڄ هتي اچن ٿا اهي سڀاڻي نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو هتان جا شهري ٿيو وڃن، ووٽر لسٽن ۾ نالا لکرائي ووٽ ڏين. اميدوار بيهي جعلي ووٽن تي چونڊجيو هن ڌرتي جي قسمت جا مالڪ بڻجيو وڃن.
ڪنهن به ملڪ جو شهري ٿيڻ لاءِ ڪي شرط آهن، ڪي گهرجون آهن. ڪو طريقه ڪار آهي. خود هتان جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪي شرط شروط آهن. باقاعده 8 صفحن تي ٻڌل شهريت جو ايڪٽ آهي جنهن کي The Pakistan Citizenship Act 1951 چيو وڃي ٿو.
همارا ڪراچي، همارا ڪراچي ڪرڻ وارا چون ٿا ڪراچي اسان جو آهي. اسان کي هتان جي ماڻهن جو مينڊيٽ حاصل آهي. ٽي وي تي پروگرام به ڏسبا ته عوام کان انهن جا مسئلا پيا پڇبا ته ”عوام ڇا ٿو چوي“؟ هي الائي ڪٿان جو عوام آهي! جيڪو هتان جو اصلوڪو رهاڪو آهي انهن کان هنن عوام جي هڏ ڏوکين کي پڇڻ جي زحمت ئي نٿي ٿئي ته پڇن ته هتان جو حقيقي ۽ اصلو ڪو عوام ڇا ٿو چوي! پڇن به فقط انهن کان ٿا جيڪي هتان جا آهن ئي ڪونه. نه قانوناً نه اخلاقاً.
پاڪستان جي هن شهريت واري ايڪٽ جي تحت به هو هتان جا شهري نٿا ٿي سگهن. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪي هتي لڏي اچي پناه گير ٿيا، ڇا هينئر هتي موجود ماڻهون سڀ جا سڀ نسلي طور انهن جو ئي اولاد آهن؟ جيئن چون ٿا ته ”ہم پاکستان بنانے والوں کی اولاد ہیں“ ڇا اڄ ڏينهن تائين هيءَ هجرت هلندڙ ناهي؟
هن سٽيزن شپ ايڪٽ جي ڪلاز 6 جي تحت لکيل آهي ته ”1 جنوري 1952 کان اڳي جيڪو لڏي اچي هت پهتو اهوئي پاڪستان جو شهري هوندو.“
(ڏسو: The Pakistan Citizenship Act 1951 -.6: Citizenship by migration (1) PP: 2)
هتي ته جيڪو آيو سو هتان جو آهي. نادرا جا سڃاڻپ ڪارڊ ائين ٺهيو وڃن ڄڻ هي ڪالهه آيل صدين کان وٺي رهندڙ آهن ٿئي ائين ٿو جو پهرين ٻاهران آيل جو پراڻي دور جو راشن ڪارڊ ٿو ٺهي پوءِ پراڻو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ان بنياد تي وري نادرا جو ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيو وڃي. هتان جا اصل رهاڪو وتن ٿا ڌڪا کائيندا. ثابت ڪن ته هتان جا آهن! انهن جي سار لهڻ وارو به ڪير آهي؟ جيڪي وزير، مير، پير آهن تن کي انهن ماروئڙن جي ڏکن سورن جو ڪهڙو احساس؟ پر انهن ميرن، پيرن کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته جي هاڻي به انهن اک نه پٽي ته پوءِ اهي ڌاريا ان ڳالهه ۾ ڪوبه فرق ڪونه ڪندا ته ڪير لاچار آهي ۽ ڪير مير ۽ پير! اهي سڀني کي هڪ ئي لڪڻ سان هڪليندا. تنهن ڪري سنڌ جي غريب ماروئڙن جي بقا ۽ ترقي ۾ ئي انهن وزيرن، اميرن، ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي بقا آهي. سنڌ جا اهي غريب ۽ مسڪين ئي درحقيقت انهن وڏن ماڻهن جي زندگي جي ضمانت آهن. 
هڪ صحابي حضرت ابوالدرداء رضي الله عنه فرمائي ٿو ته مون نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان ٻڌو، پاڻ فرمايائون : ابْغُونِي ضُعَفَاءَكُمْ فَإِنَّمَا تُرْزَقُونَ وَتُنْصَرُونَ بِضُعَفَائِكُمْ. ”مونکي ڪمزور ماڻهو ڳولهي ڏيو ڇوته اوهان کي رزق ۽ الله جي مدد انهن جي ڪري ملي ٿي جيڪي اوهان ۾ ڪمزور آهن“ (ابودائود:2594 ).
ڳالهه هلي پئي شهريت جي حاصلات جي ته هر ملڪ وانگر هتان جو به هڪ قانون ۽ قاعدو شهريت جي حاصل ڪرڻ جو آهي پر عمل نٿو ٿئي. ٻين ملڪن ۾ بنا ڪنهن به قاعدي ۽ قانوني طريقيڪار جي شهريت جو حصول ناممڪن آهي، بلڪه شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده ان ملڪ جي آئين، قانون ۽ سياسي نظام جي برتري ۽ بالادستي جو قسم ۽ حلف پڻ کڻڻو پوي ٿو. مثال طور آمريڪي شهريت لاءِ حلف نامو هن ريت آهي:
“I hereby declare, on oath, that I absolutely and entirely renounce and abjure all allegiance and fidelity to any foreign prince, potentate, state or sovereignty, of whom or which I have heretofore been a subject or citizen, that I will support and defend the constitution and laws of the United States of America against all enemies foreign and domestic; that I will beer arms on behalf of the United States when required by the law; that I will perform noncombatant services in the armed force of the United States when required by the law; that I will perform work of national importance under civilian direction when required by the law; and that I take this obligation freely without any mental reservation or purpose of evasion; so help me God.”
”آءٌ هتي هي حلف ۽ قسم کڻي اعلان ڪريان ٿو ته آءٌ مڪمل ۽ پوري طرح سان هر ان اطاعت، وفاداري کان مستقل لاڳاپو ٽوڙي دستبردار ٿيان ٿو، پوءِ کڻي اهو بادشاه هجي يا حڪمران ۽ راڄوڻو، رياست يا حاڪميت اعليٰ جنهن جو ڪڏهن آءٌ رعايا، يا شهري رهيو هجان. ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي آئين ۽ قانون جي مڪمل حمايت ۽ دفاع ڪندس سڀني دشمنن خلاف، پوءِ توڻي جو اهي دشمن اندروني هجن يا بيروني ۽ آءٌ انهي جو سچو عهد ۽ اطاعت جو ذمو کڻان ٿو ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي طرفان هٿيار کڻندس جڏهن قانون جي مطابق ان جي ضرورت پيش ايندي ۽ اهو ته آءٌ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي افواج ۾ رضاڪارانه خدمات سرانجام ڏيندس جڏهن قانون جي مطابق ان جي ضرورت پوندي، ۽ اهو ته آ۽ قومي اهميت جا ڪم سر انجام ڏيندس سويلين هدايتن جي مطابق جڏهن قانوني گهرج هوندي ۽ اهو ته آءٌ هي قانوني ذميداري جو بار هر قسم جي ذهني تحفظ ۽ بهاني ۽ گسائڻ جي ارادي بنا کڻان ٿو سو اي رب تون تنهنجي مدد ڪر.“
هي ترجمو اسان جو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ ڪي قانوني اکرن جي ترجمي ۾ اسان کان غلطي ٿي هجي پر پوءِ به مفهوم ۽ معنيٰ آساني سان سمجهه ۾ اچيو وڃي ته آمريڪا جو شهري ٿيڻ لاءِ ٻئي جتي جو به شهري هوندو ان جي وفاداري ۽ اطاعت کان دستبرداري جو اعلان ڪرڻ ضروري آهي. مسلح افواج لاءِ رضاڪارانه خدمات به سرانجام ڏيڻ جي ضرورت پئي سگهي ٿي. قومي سلامتي ۽ اهميت جا ڪم ڪرڻ جي به حامي ڀرڻ ضروري آهي. ۽ ظاهر آهي ته آمريڪي قومي سلامتي ۾ ڪنهن به ملڪ خلاف جاسوسي ۽ ٻيا اهڙائي ڪم جنهن جي آمريڪا جي قومي سلامتي هجي ان کي ڪرڻا پوندا.
برطانوي شهريت جي لاءِ جيڪو حلف نامو آهي ان ۾ ته رياستي ۽ آئيني بالادستي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني ۽ مذهبي بالادستي کي تسليم ڪرڻ به ضروري ۽ لازمي آهي.
1. I pledge allegiance to Her Majesty Elizabeth Windsor, to her family and to the monarchy for which it stands: three kingdoms under one queen, infinitely stratified, with such liberties as are granted to the people by parliament and such justice as a judiciary that also makes the laws may allow. 
2. I acknowledge that all governmental authority is derived from the Crown and denounce the heresy that is should be derived from the people. 
3. Being a Catholic/ Hindu/ atheist/ Methodist/ agnostic/ Baptist/ Muslim/ other I recognise the supremacy of the Church of England in all spiritual matters and its right to a privileged place in the government of my new country. Furthermore I freely acknowledge my obligation to give financial support to that Church and recognise the right of its archbishops to sit in the legislature for as long as they hold office in the Church of England and without benefit of election. I acknowledge that the separation of church and state has no place in the traditions of this nation and is therefore of no merit. 
هن سموري جو ترجمو ڪرڻ بدران ڪن خاص ڳالهين کي واضح ڪريون ٿا:
نمبر1 ۾ آهي ته عوام کي جيڪي اختيار يا آزادي آهي سي حڪمران بادشاه يا ملڪه جي طرفان پارليمينٽ جي ذريعي عوام کي ڏنا ويا آهن حقيقي انهن جو ڄڻ حق ڪونهي.
نمبر3 ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن به مذهب يا دين سان تعلق رکندڙ هجي پر چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي جو اعتراف ضروري آهي ۽ اها ڳالهه به آهي ته هن ملڪ جي روايتن جي خلاف آهي ته رياست ۽ مذهب الڳ الڳ هجن.
اسان جو انهن دانشورن ۽ ڏاهن کي نماڻو عرض آهي جيڪي سياست يا رياست ۽ مذهب کي ڌار ڪرڻ لاءِ سيڪيولر رياستن جا حوالا ڏيڻ ۾ مغرب جو حوالو ڏين ٿا. برطانيه مغربي دنيا جو هڪ اهم بلڪه مرڪزي ملڪ آهي. جمهوريت، انساني حق، مذهبي رواداري، سيڪيولر ازم اهي سڀئي اسان جا ڏاها ۽ دانشور انهن مغربي ملڪن جا بنيادي وصف ڄاڻائن ٿا پر برطانيه جي شهريت جو حلف نامو انهن سڀني ڳالهين جي ابتڙ آهي.
تازو هينئر وارد ٿيندڙ شيخ الاسلام به ڪينيڊا جو شهري آهي ۽ ڪينيڊا جي سربراهه رياست ملڪه برطانيه آهي انهن لاءِ به تقريباً ساڳيو ئي حلف ۽ قسم نامو آهي. اسلام تي چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي ۽ هر روحاني ۽ مذهبي معاملن ۾ ان کي ترجيح ڏيڻ کانپوءِ به ڪو صاحب شيخ الاسلام سڏرائي نبي آخر زمان صلي الله عليه وسلم جي عشق جي هام هڻي ٿو. سمجهه کان ٻاهر آهي. انگلينڊ ۾ خودساخته جلاوطني ڪاٽيندڙ قائد تحريڪ پير صاحب به برطانيه جو شهري آهي جيڪو هينئر پناهگير علمائن جو روحاني پيشوا به بڻيل آهي. اهو به چرچ آف انگلينڊ جي بالادستي جو حلف کنيو ويٺو آهي.
هتي جيستائين حقيقت کي تسليم نه ڪبو تيستائين سڌارو مشڪل بلڪه ناممڪن آهي ۽ سڀ کان وڏي حقيقت جنهن کي مڃڻ کانسواءِ پاڪستان جو سڌارو ممڪن ڪونهي سو آهي دو قومي نظريي کي غلط ۽ قرآن و سنت جي خلاف سمجهڻ ۽ مڃڻ. جيستائين ان ڪوڙ ۽ بنيادي غلطي کي نه مڃبو تيستائين سڌارو نه ايندو! مريض جو علاج ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مرض جو سبب ڄاڻي ان سبب کي ختم ڪجي جي نه ته مرض ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيندو. هتي انهي مرض ۽ ان جي اسباب تي ڪنهن جي نظر ڪانهي باقي هر ڪو ٽي وي، اخبار ۾ وڏو اينڪر، تجزيي نگار ٿيو ويٺو آهي ته هتان جو عوام ڇا ٿو چوي، ڇا ٿو گهري، ان سان ڇا ٿي رهيو آهي؟
جنهن جي لاءِ رڙيون، ڪيڪون ٿين ٿيون اهي حقيقت ۾ هتان جا آهن ئي ڪونه. سڀ ٻاهران آيل آهن ۽ هتان جي وسيلن تي اچي انهن قبضو ڪيو آهي ۽ انهي قبضي لاءِ پاڻ ۾ جنگ و جدل هلندڙ آهي جنهن جي ڪري هتي بدامني ۽ فساد آهي.
هتان جو عوام ويچارو ته ڪنهن کي نظر ئي نٿو اچي. خاص طرح اسان جي مين اسٽريم ميڊيا ۽ انهن اينڪر پرسنز کي جيڪي عوام جي ڳالهه دنيا جي آڏو آڻڻ جون ٻٽاڪون هڻن ٿا. هتان جي عوام جي حالت بقول اياز: ”ڪنڊيءَ نه سنڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.“ واري آهي. 
انهي ۾ اسان سڀ برابر جا قصوروار آهيون وڏيرن، اميرن کان وٺي هيٺ تائين اسين سڀ جا سڀ ۽ جيستائين اسان سڀ پنهنجون ذميواريون، قومي ذميواريون نه سمجهنداسين ۽ پنهنجي ڊيوٽي ادا نه ڪنداسين، تيستائين اسان کي پنهنجا حق نه ملي سگهندا. ڇو ته حق سان گڏ فرض ۽ ڊيوٽي به آهي، رڳو حق ملن. فرض ۽ ڊيوٽي ادا نه ڪريون، اها ناانصافي آهي ۽ الله سائين کي ظالم ۽ ناانصاف پسند ڪونهن.
هتي اهي ئي قومون زنده رهنديون جيڪي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجا فرض به ادا ڪنديون رهنديون ۽ سجاڳ رهنديون. خواب غفلت ۾ نه گذارينديون. اسان کي به هن غفلت جي ننڊ مان جاڳڻ جي ضرورت آهي جنهن جي بغير اسين ڪجهه حاصل نه ڪري سگهنداسين بلڪه الٽو رهيو سهيو به وڃائينداسين.
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاه صاحب)
********************
اسان ماڻهن کي جهڙي طرح سياسي ۽ سماجي سڌارن جي شديد ضرورت آهي اهڙي طرح تعليمي فڪري سڌاري (Reform) جي ضرورت به شديد بلڪه اشد آهي ته نئين تشڪيل (Re-form) جي به ضرورت آهي. خاص طور اسان سنڌ واسين کي جيڪي دين بابت ڪجهه اهڙا تاثر رکن ٿا جو دين سندن استحصال ڪري ٿو تنهن ڪري هو دين کان ڄڻ بيزار آهن. خاص طرح سان جديد پڙهيا لکيا ماڻهو هن ڳالهه ۾ اڳتي آهن. هنن جي نگاهن ۾ دين اسان جي پوئتي رهجي وڃڻ يا غيرن جي غلامي ۾ ڦاسڻ جو باعث ۽ سبب آهي. اهڙي ساڳي صورتحال جو شڪار هن ملڪ يعني پاڪستان جو عام پڙهيو لکيو ۽ خاص طور پنهنجي پاڻ کي کاٻي ڌر جا (Leftist) سڏائڻ وارا دين کي پنهنجي پوئتي هئڻ جو اصل ڪارڻ سمجهن ٿا. هن ملڪ ۾ دين جا جيڪي ٺيڪيدار آهن تن وٽ ان جو ڪوبه حل موجود ڪونهي. ڇو ته سندن فڪر ۽ عمل خود دين جي تعليم سان ٺهڪندڙ ڪونهي. نه ئي جديد مسائل کي منهن ڏيڻ لاءِ وٽن ڪا ڳالهه آهي. دين اسلام ته سموري انسانيت جو دين آهي. ڪنهن خاص قوم، ملڪ ۽ طبقي لاءِ ڪونهي. پر عام طرح سمجهاڻي اها ٿي ملي ڄڻ دين اسلام جو تعلق فقط انهن سان آهي جيڪي پنهنجي پاڻ کي مسلمان سڏرائن ٿا پوءِ کڻي نالي جا مسلمان هجن. الله فقط انهن جو آهي ٻين جو ڪونهي. ساڳيائي خيال بني اسرائيل يا يهودين جا هئا ۽ آهن.
مسلمانن جو خدا. يهودين جو خدا هڪ جهڙي ڳالهه آهي ۽ الله ته رب العٰلمين آهي، خدا ڪنهن خاص گروهه، قوم ۽ طبقي جو رب ناهي. الھ العالمين ۽ رب العالمين جي تعليم ۽ فڪر دين اسلام جي حقيقي تعليم ۽ فڪر آهي. هر ڪنهن قسم جي گروهي، قومي ۽ طبقاتي تعصب کان مٿانهين تعليم ۽ فڪر. هن تعليم ۽ فڪر جي صحيح ڄاڻ ۽ آگاهي موجوده حالت ۽ دور ۾ اسان کي فقط حڪيم الامت شاه ولي الله رحمة الله عليه جي سمجهاڻي ۾ملندي جنهن جي تشريح ، امام عبيدالله سنڌي رحمة الله عليه پنهنجي تفسير ۽ ٻين لکڻين ۾ ڪئي آهي. پنهنجي سنڌي تفسير جيڪا پاڻ مولانا مدني﷥ کي املاء ڪرايائون، هندستان ۾ ٻن جماعتن جو عموما ذڪر ڪن ٿا. هڪڙي علي ڳڙهه سان وابسته جماعت، ٻي ديوبند سان وابسته جماعت. ان کي اسين موجوده دور جي جديد تعليم يافته ۽ قديم تعليم يافته جماعتن جو مثال سمجهي سگهون ٿا. موجوده دور ۾ به ڪيئي ماڻهو ۽گروه شاه صاحب جي فڪر يا مولانا سنڌي﷥ جي نظريي جي ڳالهه ڪرڻ وارا اسان کي ملن ٿا جيڪي فقط پنهنجي پاڻ کي ئي هن ڳالهه جو صحيح جانشين ۽ وارث قرار ڏين ٿا پر ڪي وري جمعيت علماءَ اسلام جي گروهي ۽ متعصب سياست ۾ ڦاٿل آهن ته ڪي وري خانقاهي نظام جي چڪر ۽ ڌٻڻ ۾ گرفتار. مولانا سنڌي﷥ بين الاقواميت جو قائل آهي پر اها بين الاقواميت مٿان کان شروع نه ٿيندي، بلڪه هيٺيان يعني قوميت کان شروع ٿي بين الاقواميت تائين پهچندي. تنهن ڪري پهريائين قومي قيادت پيدا ڪرڻ ۽ قومي سياست سڌارڻ ضروري آهي جيڪا جمعيت علماءَ اسلام جي نفي آهي. اهڙي طرح پاڻ بيعت هوندي به مولانا سنڌي خانقاهي نظام ۽ ان سلسلي کي اڳتي ڪونه وڌايو. ڇو ته هُن اها اميد نٿي رکي ته اهو نظام قومن ۾ زندگي پيدا ڪندي مقصد حقيقي جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو ۽ خانقاهي نظام ڪو اجتماعي ڀلي جي لاءِ موجوده دور ۾ ڪم اچي سگهي ٿو.
بهرحال، حڪيم الامت شاه صاحب جي فڪر کي امام عبيدالله سنڌي﷥ جي تشريح جي روشني ۾ سمجهڻ جي هينئر اسان کي، خاص طور سنڌ جي ماڻهوءَ کي اشد ضرورت آهي. هن کي سمجهڻ سان هو دين جي صحيح ۽ حقيقي تعليم کي سمجهڻ جي قابل بڻجي ويندو ۽ انهن گهڻن مونجهارن مان نڪري ايندو جيڪي دين کان کيس برگشته ڪيون ويٺا آهن ۽ کيس معلوم ٿيندو ته هي دين، دين رحمت آهي نڪي استحصال ۽ استبداد جو دين آهي. هينئر تصوف جي نالي ۾ سڄي سنڌکي ڄڻ ته نشي جو عادي بڻايو پيو وڃي. اهڙي نشي جو، جنهن ۾ کيس پنهنجو هوش به نه رهي ۽ ٻيا هن تي غالب ۽ حڪومت ڪندي سندس استحصال ڪندا رهن ۽ ان استحصال ڪرڻ ۾ اسلام جو نالو به استعمال ٿيندو رهي.
تصوف يا ٻين لفظن ۾ اسين هن کي ”زهد“ چئون يا ”احسان“، حقيقت ۾ ڇا آهي؟ ۽ ڇا اهو ماڻهو کي دنيا جهان کان ويڳاڻو بڻائي، دنيا کان کيس ڪٽي ڇڏي ٿو يا ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي الله جو ٻانهو بڻائي ٿو؟ دين اسلام ان بابت ڇا ٿو چئي؟ هن فڪر ۽ سمجهاڻي ۾ اها سموري ڳالهه بهترين انداز سان موجود آهي. سو هينئر اسان جي قوم کي دين جي صحيح ۽ حقيقي تعليم جي اشد ضرورت آهي، جنهن سان اسان جي انفرادي زندگي به سڌرندي ته اجتماعي، سياسي، سماجي سڌارا به ان جي بغير ممڪن ناهن. وما علينا الاالبلاغ.
http://www.jamiatulamaesindh.com/Alsadiq-Alsadiq-Jan-Feb-20

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي. استاد ابوڪاشف: سهڙيندڙ : شفيق جوکيو.

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي.

استاد ابوڪاشف: سهڙيندڙ : شفيق جوکيو.

هر سوسائٽي جي قانون جو بنياد ان سوسائٽي ۾ تسليم ٿيل اخلاقي اصولن تي رکيل هوندو آهي. جڏهن اسان نئون قانون ٺاهيندا آهيون ته؛ اها هڪ اخلاقي ڳالهه هوندي آهي ته ” هيئن ٿيڻ گهرجي“ پوء ان ” هيئن ٿيڻ گهرجي واري ڳالهه “ جي جڏهن تقاضا تمام وڌي ويندي آهي ته اسين ان کي ” گهرجي“ مان ” ٿي ويو “ ڪري ڇڏيندا آهيون.
ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته قانون جو ” را مٽيريل “ ۽ ” خام مال “ هڪ اخلاقي نطريو هوندوآهي. اها ڳالهه تسليم ڪرڻ کان پوء هي حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي ته ” مذهب“ اخلاقي تعليم جو مجموعو هوندو آهي.
هاڻي جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته ” مذهب انسان جو ذاتي معاملو هجڻ گهرجي“ ته اسان درحقيقت ايئن چئي رهيا هوندا آهيون ته ” قانون انسان جو ذاتي معاملو هجڻ گهرجي“ ....ان سان جيڪا انارڪي پيدا ٿيندي ان ڏانهن اسان جو ڪو به توجهه نه ويندو آهي.
مذهب کي بطور عقيدي جي قبول ڪرڻ برابر هر انسان جو ذاتي مسئلو آهي، پر جڏهن مذهب جي اخلاقي تعليم کي سوسائٽي قانون جو درجو ڏئي ته ان جو احترام ڪرڻ سڀني جو فرض هوندو آهي. ان جو مثال ايئن آهي جيئن اليڪشن ۾ چونڊجي آيل پارليمنٽ جا ممبر جڏهن هڪ قانون ٺاهيندا آهن ته اهو رڳو انهن جي سياسي حامين تي لاڳو نه ٿيندو آهي، بلڪه اليڪشن ۾ مخالفت ۾ ووٽ وجهڻ وارن تي به اهو قانون لاڳو ٿي ويندو آهي ته ؛ ”ٽرن آئوٽ“ کان ٻاهر رهجي ويل ماڻهون جيڪي ان سڄي عمل کان لاتعلق هوندا آهن انهن تي به گهر ويٺي اهو قانون سندن ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ ملڪ جي عدالت اهو تسليم نه ڪندي آهي ته؛ هنن جيئن ته اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هو يا مخالفت ۾ ووٽ ڏنو هو تنهن ڪري هي قانون جي عملي طرح ڀڃڪڙي ڪري سگهن ٿا.

سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس حافظ ابوڪاشف۔ : سھيڙيندڙ: شفيق جوکيو.

سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس
حافظ ابوڪاشف۔ : سھيڙيندڙ: شفيق جوکيو.


سنڌين کي جاگيردارڻي سماج جو طعنو ڏيندڙ اڙدو ترقي پسند دانشورن سان ٿيل ڳالهين مان ڪجهه اقتباس
حافظ ابوڪاشف۔
هنن چيو: اسان سنڌي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا بلڪه ڪريون پيا. اچو ته گڏجي سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام ختم ڪريون جنهن کي پيپلز پارٽي ختم ڪرڻ نٿي چاهي. ان کان سواء سنڌي ماڻهن جي ترقي نه ٿيندي.
مون چيو: جاگيرداراڻو نظام برابر بڇڙو آهي ۽ سرمائيداراڻو نظام ان کان ڪجهه ايڊوانس آهي پر جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ سماجي ۽ سياسي طور غالب ڪميونٽي جا ماڻهو سنڌ جي ٻهراڙي وارن کان اخلاقي ڪردار ۽ سياسي شعور ۾ ااڳتي آهن ته اها اوهان جي ڀل آهي!. ان لاء مون ڪجهه دليل ڏنا:
1- بينظير جي شهادت تي سنڌي ماڻهن پرتشدد احتجاج ڪيو گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏنيون پر انهن ۾ موجود انسانن کي ٻاهر ڪڍي پوء! پر، ڪراچي ۾ غير سنڌي ماڻهو احتجاج ڪرڻ وقت بسن ۾ ويٺل ماڻهن کي لهڻ جي مهلت نٿا ڏين بلڪه مسافرن سميت بسن کي ساڙيو وڃي ٿو!
2- سنڌ ۽ مرڪز ۾ پي پي جي حڪومت هوندي به سنڌي ماڻهو جنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي گهر تي تئو تنگڻ چاهين يا ٽماٽا ۽ انڊا اڇلائڻ چاهين ته ايئن ڪري سگهن ٿا پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪو ٽي وي اينڪر به ڳالهائي نٿو سگهي! هاڻي ٻڌايو ته وڌيڪ مهذب ڪير ٿيو ۽ وڌيڪ برداشت جو مادو ڪهڙي سماج ۾ ٿيو؟؟؟؟؟؟؟
3- چيو وڃي ٿو ته پاڪستان اسان ٺاهيو! ٺيڪ آ اوهان يوپي ۾ پاڪستان لاء تحريڪون هلايون . احتجاج ڪيا قربانيون ڏنيون سڀ ڪجهه ڪيو هوندو. پر اها ڳالهه سوچيو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ته يوپي وارن نه بلڪهه سنڌ جي جاگيرادرن ڪيو جن کي اوهان هر روز گاريون ڏيو ٿا!.
4- ايم ڪيو وارا پيپلز پارٽي جي وڏيرن ۽ زميندارن کي جاگيردار چون ٿا حالانڪه اهي ايڏا وڏا جاگيردار ڪونهنن. سنڌ ۾ سڀ کان وڏا جاگيردار جتوئي ۽ مهر آهن. پوء ارباب دور ۾ سنڌ جي ننڍن زميندارن جي مقابلي ۾ مهرن ۽ جتوئين سان گڏ اقتدار ۾ ڇو ويٺا؟
5- چون ٿا ته جاگيرادر سڀ ڪجهه لٽي ويا ! مونکي ٻڌايو ته جاگيردارن کي قرض ڏيڻ لاء ملڪ ۾ ڪيتريون بينڪون آهن؟ هڪڙي زرعي ترقياتي بينڪ آهي ۽ جاگيرادر ڦري لٽي به ان کي ڦريندا. زرعي ترقياتي بينڪ جي مجموعي ماليت جي مقابلي ۾ ٻيون ڪمرشل بينڪون ۽ صنعتڪارن کي قرض ڏيڻ لاء ڪيتريون بينڪون آهن انهن کي قرضن جون ڪيتريون سهولتون ۽ رعايتون آهن ڀيٽ ڪري ڏسو! (هاڻي ٿورو گهڻو ڪن ٻين بينڪن به محدود سرماِيو زراعت ۾ لڳائڻ جا منصوبا بڻايا اهن پر اهي به اڪثر ڪمرشل مقصدن لاء آهن)
6- زميندار جيڪا پراڊڪٽ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو (ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ چانور، داليون، سبزيون وغيره) انهن جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو . ۽ زميندار جيڪا شي خريد ڪري ٿو ٻج ڀاڻ دوائون ٽريڪتر وغيره. ان جو اگهه به سرمائيدار مقرر ڪري ٿو ته پوء استحصال ڪرڻ وارو اصل ڪير ٿيو؟
7- سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي غير جانبدار سروي ڪيو ته پيسو ڏوڪڙ سنڌي ماڻهن وٽ وڌيڪ اهي يا ٻين وٽ؟
8- ٻهراڙي جو ٿاڻيدار سنڌي ماڻهو جي ڳالهه وڌيڪ ٻڌي ٿو يا غير سنڌي جي؟
مون چيو ته اوهان کي سنڌي ماڻهن کي جاگيرادرن جي چنبي مان ڇڏائڻ جو ڪم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪميونٽي کي ايم ڪيو ايم جي چنبي کان ڇڏائڻ گهرجي. اسان جي لاء جاگيرادر مان جان ڇڏائڻ ايڏو ڏکيو ڪونهي! ڪجهه لاڳيتيون اليڪشنون ٿيون ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريندا پر اوهان ڏسندا ته ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمنٽ جو پاسو ڇڏڻ واري سڀ کان اخري جماعت هوندي.
اهي سڀ حقيقتون ڏسجن ته ٻهراڙي جي سنڌي ماڻهو کي اخلاقي قدرن ۾ ۽ سياسي شعور ۾ شهري بابو کان پوئتي سمجهڻ ئي سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي جنهن ۾ اڙدو اينڪر مافيا کان وٺي اديب دانشور سڀ گرفتار آهن.
اسان سنڌي قوم کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو.
استاد ابوڪاشف.
سهڙيندڙ شفيق جوکيو.
اسان سنڌي قوم کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو. هاڻي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪجهه آسان ٿي پئي ته الله جي هڪ عظمت اها آهي ته اهو سڄي ڪنات جو خالق مالڪ ۽ پالڻهار آهي. اهو هڪ وڏو حوالو آهي جيڪو ذهن کي مرعوب ڪري سگهي ٿو پر ان کان ننڍو حوالو اهو آهي ته الله اسان جي قوم جو پالڻهار آهي پر اهو حوالو قومي سطح تي ٺهيل انساني سماج ۾ وڏو تحرڪ پيدا ڪري سگهي ٿو مثال طور اسان کي ڪو چوي ته دنيا ۾ الله تعاليٰ ڪيترا ئي سمونڊ ۽ درياه پيدا ڪيا آهن ته اهو وڏو حوالو آهي ۽ درياهن جي اعتبار سان مسيسيپي ۽ امازون درياه سنڌوءَ کان به وڏا قدرتي ڪرشمآ آهن پر اسان کي قومي نفسيات جي حوالي سان سنڌو درياه جو حوالو وڌيڪ ۽ فوري طور متحرڪ ڪري سگهي ٿو. مثال طور اسان هيئن چئون ته اسان سنڌين کي اسان جي پالڻهار هيء سنڌو جي ڌرتي ڏني آهي ۽ ان ۾ سنڌو درياه وهائي ڏنو آهي ته اها مهرباني ۽ ٻاجهه تمام ويجهڙي محسوس ٿئي ٿي ۽ سنڌين ۾ الله جي فرمانبرداري جي جذبي کي اڀارڻ ۾ دنيا جي ٻين خطن ۽ درياهن کان وڌيڪ موثر ٿي سگهي ٿي.
هاڻي انساني عالم يعني قومن کي مدنظر رکي پوء رب العٰلمين جو مفهوم اهو ٿيندو ته
سڀ تعريفون ان الله جي لاء آهن جيڪو دنيا جي سمورين قومن جو پالڻهار آهي.
ان جو عملي فرق سياست ۽ معيشت ۾ اهو وڃي نڪرندو ته هر قوم کي پنهنجي قومي معاشي سماجي ۽ سياسي نظام ۾ الله سان قريبي تعلق ڏسڻ ۾ ايندو ۽ قوم جا ماڻهو جيئن سماجي تعلقات جي دائري ۾ هڪ ٻئي جي معاملن سان وابسته هجن ٿا. اجتماعي ادار قائم ڪن ٿا ته اهي پنهنجي قومي زندگي ۾ الله کي پنهنجو پالڻهار سمجهندا ته قومي پاليسين کي به خدا جي مرضي جي تابع سمجهڻ کين پنهنجي گهر جي ڳالهه محسوس ٿيندي يعني اسان جي رب اسان کي هي وطن ۽ معاشي وسيلا عطا ڪيا آهن جن تي اسان جي زندگي جو مدار آهي سو اسين پنهنجي قومي زندگي ۾ پنهنجي رب کي وساري نٿا سگهون.
ان طريقي سان جڏهن هر قوم جو سمجهدار طبقو خدا جي اڳيان پاڻ کي ويجهڙو بيٺل ڏسندو ته هو پنهنجي قوم ۽ ان جي قومي نظام کي خدا جي نافرمانيءَ واري تباهي کان بچائڻ ۾ فڪرمند رهندو ان طريقي سان جيڪا سياسي ۽ معاشي بين الاقواميت قائم ٿيندي اها خدا جي فرمانبردار قومن جي بين الاقواميت هوندي جيڪا بين الاقوامي انصاف جي قائل هوندي اتي ڪنهن هڪ قوم کي ويٽو پاور حاصل هجڻ جو حق نه هوندو ڇو ته دنيا جون سڀ قومون خدا جي اجازت سان زمين تي آباد آهن ۽ هو خدا کان سواء ڪنهن ٻي قوم جون محتاج ناهن ته ان طريقي سان توحيد جو اهو تصور قومي آزادي جي هم آهنگ به ٿي ويندو.
امام انقلاب عبيد الله سنڌي رب العٰلمين جو اهو مفهوم پنهنجي عربي تفسير الهام الرحمٰن ۾ سمجهايو آهي ان مفهوم کي مون هتي پنهنجي اکرن ۽ مثالن ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
امام سنڌي جي ان تفسير سمجهڻ کان پوء منهنجي دل ۾ ان مفهوم جي ايتري ڪشادگي پيدا ٿي پئي آهي جو آئون سمجهان ٿو ته سنڌي قوم کي سياسي سماجي ۽ معاشي آزادي ايتري حاصل هجي جو اها خدا کان سواء ٻي ڪنهن جي بڻايل آئين ۽ قانون جي غلام نه هجي.
منهنجي سمجهه ايترو ڪم ڪري ٿي ۽ مون کان وڌيڪ سمجهه رکڻ ورا ان ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ واضح ۽ صاف ڪري سگهن ٿا.
وفوق ڪل ذي علم عليم.