Realtime Hit Counter

Wednesday, 13 November 2013

سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو

سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو

November 3, 2013 at 4:06pm


سنڌي مولوين جو شاندار ماضي – ملان ۽ مسٽر جو ڪردار- حافظ سڪندر تنيو


مروج سياسي نظام انگريزن جي دور کان شروع ٿيو. جنهن کي پارلياماني جمهوريت جو نالو ڏنو ويو، ان ۾ جديد تعليم يافته مسٽر صاحبان، انگريزن طرفان عطا ڪيل جاگيرن جي مالڪي ۽ مذهبي ماڻهن پئي حصو ورتو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مذهبي طبقي جي قيادت ڪانگريس ۽ جميعت علماءَ هند سان سلهاڙيل هئي، جيڪي ٻيئي جماعتون هندوستان جي ورهاست ۽ ٻه قومي نظرئي جون سخت مخالف هيون، جڏهن ته مسلم ليگ کي وري انگريزن جي حمايت حاصل هئي. ان ۾ آغا خاني واپاري، جاگيردار طبقو شامل هيو.
مسلم ليگ جي منشور ۾ مذهب جي بنياد تي ملڪ کي ورهائڻ جو نقطو شامل هيو، جڏهن ته ڪانگريس ۽ جميعت علماءِ هند گڏيل هندوستان ۾ رهي مسلمانن ۽ هندن کي سندن تعداد جي توازن مطابق ملڪي وهنوار هلائڻ جون حامي هيون.
سنڌ ۾ ان وقت جيڪا مذهبي قيادت هئي، ان ۾ عبيد الله سنڌي، محمد صادق کڏي وارو، دين محمد وفائي، عبدالڪريم چشتي، حماد الله هاليجدي، تاج محمود امروٽي جا نالا مٿين فهرستن ۾ هئا. اڄ جيئن ان دور ۾ هندو مسلم تضاد کي انگريزن جي خواهش مطابق ڄاڻي واڻي وڌايو ويو هيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ مسٽرز طبقو فرقيواريت کي وڌائڻ ۾ پڻ اڳ اڳ ۾ رهيو. ليڪن ان وقت جي سنڌي مولوين پنهنجا پلئه، ان گند ۾ پسجڻ کان بچائي رکيا. مون کي محترم جي ايم سيد ۽ ٻين شخصيتن لاءِ انتهائي احترام آهي ۽ نه ئي منهنجو مقصد ڪنهنجي ڪردارڪشي ڪرڻ آهي، صرف حقيقيتن کي ظاهر ڪرڻ مقصد آهي ۽ تاريخ جا بي رحم فيصلا پڻ ڪنهن جي به عقيدت جو احترام نه ڪندا آهن. يورپ جا ماڻهو پنهنجي هيروز جو سخت مواخذو ڪندي ڪين ڪيٻائيندا آهن، ليڪن اسان وٽ ئي الميو آهي جو شخصيت پرستي جي بتن جي پوڄا هميشه کان ڪرائي ويندي آهي. ان پوڄا ڪرائڻ ۾ سياسي ماڻهو پنڊت ۽ ٻائي جو ڪردار ادا ڪندا آهن. مون اڄ مئگزين جي هڪ پرچي ۾ پڙهيو هيو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي سان منسوب هڪ  جملو ٿيل هيو، ”شخصيت پرستي نبين سڳورن جي به نه ڪبي آهي، سندن فڪر ۽ نظرئي کي follow ڪرڻو پوندو آهي“ ۽ واقعي به شخصيتون هميشه لاءِ  نه رهڻيون آهن، سندن فڪر کي پائيدري حاصل هوندي آهي.
سنڌ ۾ سکر درياهه جي ڪپ تي منزل گاهه نالي هڪ ميدان هيو. هندن جي دعوي هئي ته اسان جو اتي مندر آهي اها جاءِ اسان کي مندر لاءِ ڏني وڃي، جڏهن ته مسلمانن ان ميدان تي مسجد ٺهرائڻ لاءِ گهر ڪري رهيا هئا. ۽ انهيءَ معاملي تان ڪجهه هندو مسلم فساد به ٿيا. انهن فسادن ۾ مسلمانن جي حمايت ۾ جديد تعليم يافته طبقي منجهان جي ايم سيد، علي محمد راشدي، ايوب کهڙو، حاجي عبدالله هارون سان گڏ درگاهن جا مجاور پير ۽ غير سياسي ذهن رکندڙ تنگ نظر مولوي، علماءِ هند ۽ سنڌ جي سموري قيادت هندن کي زمين ڏيڻ جي حق ۾ هئي، سندن بقول ته اها ملڪيت هندن جي ئي آهي. مسلمانن کي ان تي زبردستي قبضو ڪرڻ نه گهرجي. ٻنهي مذهبن وارا هن خطي جا قديمي رهاڪو آهن. مذهبي وراداري کي ٽوڙڻ نه گهرجي، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو ته حضرت عمر جي روبرو پڻ اهڙو مسئلو آيو هو جنهن ۾ غير مسلم فرياد ڪئي هئي ته سندن پلاٽ تي مسجد ٺهي ويئي آهي، حضرت عمر ان تي حڪم جاري ڪيو ته يا ته پئسن سان ڪنهن کان زمين خريد ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ڪنهن جي پلاٽ تي قبضو ڪري عمارت ٺاهي وڃي ته ان کي مسمار ڪيو وڃي بهرحال ان واقعي ۾ ملان ۽ مسٽر جي ڪردار جو تعداد اوهان جي سامهون آندو اٿم. 1875ع جي آزاديءَ واري جنگ کان پوءِ ديوبند مدرسي جو بنياد وڌو ويو. جتي مذهبي تعليم سان گڏ سياسي تعليم جي تربيت به شاگردن کي ڏني ويندي هئي. حضرت شيخ الهند محمود الحسن جڏهن مدرسي جو انچارج بڻيو ته هن سنڌ مان عبيد الله سنڌي ۽ محمد صادق کڏي واري کي گهرايو، کين چيائين اسان هي مدرسو مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ بڻايو آهي. مذهبي تعليم ڏيندڙ هن ملڪ ۾ هزارين مدرسا آهن، ليڪن اسان جو اصل مقصد وطن جي آزاديءَ جو آهي. ان لاءِ عيبد الله سنڌي توکي ڪابل، سياسي سفارتڪاري لاءِ وڃڻو پوندو ۽ جرمني، روس وغيره کان عسڪري ۽ مالي مدد حاصل ڪرڻي پوندي، عبيد الله سنڌي صاحب حڪم قبول ڪيو ۽ پير جهنڊي ۾ اچي ڪابل وڃڻ لاءِ تياري ڪيائين، پنهنجي هڪ شاگرد عبدالله لغاري کي هالا وري مخدوم ڏانهن موڪليائين ته مون کي هڪ هزار رپين جي سخت ضرورت آهي سا ڏيو. ۽ نياپيءَ کڻي ويندڙ کي چيائين ته توکان پڇيو وڃي ته ڪهڙي ڪم ۾ آهن ! ته چئجائين ته هن وقت اهو ڪم ٻڌائي نٿو سگهان، اڳتي هلي توهان کي ان ڪم جي معلومات ملندي جيڪڏهن پئسا ڏي.ي ته چوندين سجائي ڪم لاءِ ڪتب آندا ويا آهن، پر جيڪڏهن نه ڏيئي ته پوءِ انهن ڪوڏين کي سانڍي رکڻ جو بيحد ارمان ٿيندئي، ته ڪاش هي جڱي ڪم لاءِ استعمال ٿين ها بهر حال مخدوم صاحب هڪ هزار مولانا صاحب کي ڏنو ۽ هو ڪابل روانو ٿي ويو ۽ پوءِ 22 سال جلاوطن رهيو ۽ شيخ الهند کي ڪعبي جي حرم مان گرفتار ڪري انگريزن مالٽا جي ٻيٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هڪ ڪردار ملان جو اهو به تاريخ ٻڌائي ٿي.
ان دور جي مذهبي قيادت تنگ نظري کان تمام گهڻو پري هئي. سندن ملاقاتون ۽ تعلقات سيڪيولر ۽ سوشلسٽ اڳواڻن سان ويجها هئا. جيڪي وٽن مهمان بڻجي رهندا هئا. شيخ الهند تحريڪ آزادي ۽ڪانگريسي پارٽي جي هندو اڳواڻن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل نظر ايندو هو ۽ سندس فرمانبردار شاگرد حسين احمد مدني وٽ ديوبند واري مهمان خاني ۾ اڪثريت ڪانگريسين ۽ ڪميونسٽن جي هوندي هئي. جتي ميزباني جا فرض ادا ڪندي ٻين فرضن سان گڏ پوڙهن مهمانن جا ڪپڙا پڻ ڌوئندو هيو ۽ جيڪڏهن ڪو بيمار ٿي پوندو ۽ جسماني ڪمزوريءَ سبب هنڌ بستري ۾ پيشاب، پائخانو نڪري ويندو هيس ته ان جي صفائي به پاڻ ڪندو هيو ۽ ان خدمت ۾ مدرسي جي ٻين طالبن کي شامل نه ڪندو هيو. اها خدمت ثابت ڪري ٿي ته ايڏي مرتبي ۽ مقام ۽ مذهبي عهدي تي ويٺل ماڻهو غير مسلم ماڻهن سان نفرت بدران محبت ڪرڻ وارو، يقينن اسلام جي اندر ايڏي رواداري ۽ ملنساديءَ کي درست سمجهي ئي ائين ڪندو رهيو، ۽ انهن سان ويجهو رهندو هيو. اسلام جو اهو عملي تفسير هيو جيڪو انهن ماڻهن جي اٿڻي ويهڻيءَ منجهان جهلڪندي نظر ايندو هيو ۽ اهو ئي سبب هيو جو جڏهن شيخ الهند محمود الحسن مالٽا جي جيل مان آزاد ٿي ريل ذريعي دهلي ريلوي اسٽيشن تي لٿو ته ان دور جو آزاي پسند هندن جو وڏو ليڊر مهاتما گانڌي استقبال لاءِ گل کڻي پاڻ انتظار ۾ بيٺل رهيو ۽ حضرت جن کي گل پارايائين ان دور جي ملان جي اگهه جو هڪ ڪاٿو اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سنڌ ۾ مذهبي قد ڪاٺ ۾ تاج محمود امروٽي جو نالو به مٿاهون مقام رکندڙ. هو هڪ ڀيري سنڌ ۾ مهاتما گانڌي دوري تي آيو، کيس سکر شهر ۾ جسلو ڪرڻو هيو، ان وقت جمعيت علماءِ سنڌ جو صدر امروٽي صاحب هيو، جيڪو روهڙي اسٽيشن تي گانڌيءَ جي استقبال لاءِ منتظر هيو ۽ گانڌي صاحب جن کي بگيءَ ۾ سواري ڪرائي ساڻس گڏ سکر پهتا ۽ لوڪس پارڪ ۾ جلسي لاءِ اسٽيج تي گانڌيءَ لاءِ ڪرسي رکائي ويئي هئي. جنهن تي ويهي ان تقرير ڪئي ۽ ڪرسيءَ کان هيٺ ميز تي گانڌيءَ جي پيرن جي ڀرسان جلسي ۾ امروٽي ويٺو هو، ان واقعي ۾ به ترازو جي تور ملان جو وزن وڌائي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جا ان دور جا مسٽرز انگريزن جي زالن جي بگين ۾ گهوڙا بڻجي سندن زالن کي راضي ڪندي انگريزن جي وفاداري جا ثبوت خلق خدا آڏو  ظاهر ڪندا هئا.
مولانا حسين احمد مدني جي وفات تي جميعت علماءِ هنڌ جي هفتيوار اخبار الجميعت شيخ الاسلام نمبر شايع ڪيو، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ به آيو هو، پراڻين لائبريرين ۾ ۽ کڏي مدرسي ۾ڪتاب موجود آهي. ان ۾ هڪ هندو ڪميونسٽ ليڊر ( نالو ياد نٿو اچيم) جو مضمون به ڇپيو هيو، هو لکي ٿو ته جيل ۾ مدني ۽ آئون گڏ هڪ بيرڪ ۾ قيدي هئاسين. هڪ ڏينهن هڪ قيدي اچي مولانا کي دانهن ڏني ته فلاڻو قيدي منهنجا اٺ آنا چورائي ويو آهي. اهي کانئس موٽرائي ڏيو، مدني صاحب کيس گهڻو سمجهايو ته آنءُ پاڻ هتي قيدي آهيان، منهنجو جيل ۾ ڪهڙو حڪم هلندو، تون جيل انتظاميه کي شڪايت ڪر، ته به هو قيدي سندس ڳالهه مڃي ئي نه پيو اسرار هئس ته نه اوهان وٺي ڏيو. نيٺ مولانا صاحب پنهنجي بستري جي وهاڻي هيٺان رکيل اٺ آنا کڻي ان قيديءَ کي ڏنا. ۽ ان ڪميونسٽ ليڊر چيو ته مون مولانا کي چيو ته آنءُ پنهنجو بسترو گول ٿو ڪيان ۽ توسان گڏهن بيرڪ ۾ نه رهندس، جيڪڏهن توسان گڏ رهيس ته مان به مسلمان ٿي پوندس. مدني صاحب کلي چيو ته تون ته مسلمان اڳيئي بڻجي چڪو آهي بيرڪ مٽائڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، تنهن جو ۽ منهنجو مقصد به ته ساڳيو آهي تون ۽ مان هڪ ٻئي کان ڪيترو به پري هجڻ باوجود، ڳنڍيل ئي رهنداسين.ڇو سائين! هن مسٽر سياستدان جو ملهه ڏسو هو ملي کان اگهه ۾ ڪيترو نه ڪريل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پنڱرئي شهر ۾ ڀوري ڀيل جو لاش ڪڍي اڇليو ويو آهي، ۽ اهو نيڪيءَ جو ڪم مسلمانن ڪيو آهي جن تي مسلم نالو سلامتي ڏيڻ وارو رکيو ويو هو، انهن سڀني مجاهدن کي معلوم هجڻ گهرجي ته پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن، ته جڏهن قبرستانن جي بي حرمتي خود مسلمان ئي ڪن ٿا ته ان وقت سندن ايماني جذبو ستل ڇو ٿو رهي؟
ڪراچي شهر جي مکيه واپاري مرڪز بولٽن مارڪيٽ ۾ ميمڻ مسجد نالي هڪ مسجد بلند مينارن سان موجود آهي، جيڪا سموري اڏاوت قبرستان جي مٿان ٺاهيل آهي ۽ مسجد جي اوڀرواري حصي ۾ هيٺاهين هنڌ تي قبرن کي ڊاهي اڄ وڃ جو لنگهه بڻايو ويو آهي ۽ ان جي ڪجهه حصي مٿان ڪاڪوس خانه ٺهرايا ويا آهن، جن ۾ هندو، مسلم، عيسائي سڀ پنج روپيه ڏيئي قبرن مٿان ٺاهيل پائخانن ۾ حاجت پوري ڪري رهيا آهن.
جيئن ته ان قبرستان جي ٽن طرفن کان سرمائيدارن ۽ مالڪن جي واپار لاءِ مارڪيٽ ٺاهڻو هيو ۽ پوءِ قبرن مٿان مسجد ٺاهڻ جي آڙ وٺي گندگي نيڪال ڪرڻ لاءِ ان جڳهه تي قبرستان مٿان مسجد ٺاهڻ جي مولانا محمد صادق کڏي واري سخت مخالفت ڪئي هئي، پر ڪراچي جي مولوين پئسن عيوض فتويٰ ڏيئي ان کي جائز بڻائي ڏنو.
ڪالهه جي اڻ پڙهيل سڏجندڙ ملان جو ڪردار به ڏسو ۽ اڄ جي پڙهيل لکيل سياسي، ورڪرن جو رويو به ڏسو، جن ڪوڏاريون هلائي ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي ڪئي هئي. اسلام ۾ قبر پرستي جي هرگز اجازت نه آهي.
http://awamiawaz.net/2013/11/02/23924/
posted by Jokhio Shafique Ahmed.

Saturday, 22 December 2012




شيخ محمد حيات سنڌي

مولانا دين محمد وفائي مرحوم
محمد حيات ولد ملا ڦولاريو قوم چاچڙ عادلپور (لڳ گهوٽڪي) ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ڪجهه علم حاصل ڪري، ان کان پوءِ مدينه شريف ۾ وڃي طلب علم لاءِ مقيم ٿيو. وقت جي وڏي محدث عالم شيخ ابوالحسن محمد بن محمد صادق ٺٽوي معروف به ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي تڪميل ڪيائين ۽ آئنده هلي عرب و عجم جي استاذ ۽ ڳواڻ هجڻ جي عزت حاصل ڪيائين.
چون ٿا ته طالب علمي جي شروع ۾ ذهن سندس ڪند هو. جنهن جي شڪايت پنهنجي استاذ سان ڪيائين، جنهن صاحب پنهنجي ٽوپي لاهي سندس مٿي ۾ پاتي، جنهن کانپوءِ هن جي ذهانت ۽ حافظو ايڏو کليو، جو ڪجهه به پڙهيائين ٿي، سو ياد رهيس ٿي. آخر شيخ الحرم ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي مسجد نبوي ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺو جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هوا. سندس مدرسه فيض مان عرب، هندوستان، مراڪش، شام، مصر جي سون بزرگ محدثن بهره فيض حاصل ڪيو، جن مان ڪن جا اسماء گرامي هيٺ ڏجن ٿا:
شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدک مڪي، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر محدث الهه آبادي، شيخ غلام حسين معروف به ابوالحسن صغير ٺٽوي مدني، محدث خيرالدين سورتي وغيره.
سندس شاگرد شيخ فاخر الهه آبادي پنهنجي استاذ شيخ محمد حيات جي تعريف ۾ هڪ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ فرمائي ٿو:
باد بر روءِ صفحه دوران
محفل آراءِ حلقه انسان
شيخ الاسلام عصر علامه
در فنون حديث فهامه
موشگاف دقائق ايمان
رازدان حقائق ايمان
رسته از حبس رتبه تقليد
بسته بر اجتهاد راءِ مزيد
درس فرماءِ مسجد نبوي
بطريق رشيق مصطفوي
آن محمد حيات بخت بلند
بحديث نبي قوي پيوند
متع الله زمرت الدعيان
بافاداتھ الي الازمان
سرمن خاڪپائي او بادا
جان من در رضاءِ او بادا
سنڌ جي وڏن عالمن مان علامه محمد معين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد هاشم سندس هم عصر آهن. علامه معين جي بعض رسالن تي سندس رد آهن ۽ مخدوم محمد هاشم سان سندس بعض مسائل تي مسلسل تحريري مناظرا رهيا ۽ ڌرين جا ان باري ۾ رسالا موجود اهن.
شيخ محمد حيات شخصي تقليد جو قائل نه هو، هن جو حديث تي عمل ڪرڻ تي زور هوندو هو ۽ ان باري ۾ سندس هڪ مستقل رسالو به آهي. سندس تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب مشهور آهن. (1) شرح حلية الانوار (حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حليه مبارڪ جي بيان ۾) (2) تحفة الانام في العمل بحديث عليه الصلواة و السلام (3) الايقاف علي سبب الاختلاف (4) شرح ترغيب و ترتيب اللمحدث المنذري (5) رد بدعات تعزيه (علامه معين ٺٽوي کي جواب) (6) شرح اربعين نووي (7) تهرير الاجارة علي العبارة (8) النهي عن عشق المردان والنسوان (عشق مجازي جي ترديد) انهيءَ رسالي ۾ لکي ٿو:
تلڪ لعمر الله الفثة الڪبريٰ و البيلة العظميٰ و القت الحرب بين الشق و التوحيد و دعت اليٰ موالات ڪل شيطان مريد اليٰ قوله و انما حڪي الله تعاليٰ – العشق عن الڪفرة قوم لوط و امرات عزيز و ڪانت مشرڪة و الفتنة بشق الصورتنا في ان يکون دين العبد ڪله الله الخ –
حاصل مطلب هن عبارت جو هي آهي ته ”الله جو قسم ته صورتن جو عشق هڪ وڏو فتنو ۽ وڏي بلا آهي.... عشق ۽ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي واري مسئله ۾ جنگ جوٽيل آهي، عشق شيطاني سرڪش جي دوستي ڏانهن داعي آهي. الله تعاليٰ قوم لوط جي ڪافرن ۽ عزيز مصر جي مشرڪياڻي زال جي عشق جو بيان آندو آهي. عشق جي گرفتار جو سمورو دين الله تعاليٰ لاءِ ڪڏهن به نه ٿي سگهي ٿو، بلڪه جيترو ڪنهن به انسان جو هن جي دل ۾ عشق ويٺل هوندو ايترو سندس دين گهٽيل رهندو. بلڪه ڪڏهن ته ڪن عاشقن وٽ دين جي هڪ ذرڙي به ڪانه رهندي آهي. ظاهري صورتن جو عاشق قرآن شريف جي حڪم جي مخالفت ڪندڙ آهي. جو ارشاد آهي ته ”مومنن کي چئو ته هو پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري هلن.“ عشق جون گرفتار اکيون هيٺ ڪرڻ ته ڇا بلڪه ناجائز نظربازي مان لذت حاصل ڪري ٿو. دل جو معشوق جي محبت ۾ ڦاٿو رهڻ هڪ قسم جو شرڪ آهي. جيئن ته صحيح حديث ۾ آهي ته دينار ۽ درهم جو ٻانهو يا عاشق ڏاڍو بڇڙو آهي. (الخ) هي مسلسل مضمون محدثانه رنگ ۾ ڊگهو هليو ويو آهي. (9) درحجة الجلية نواب صديق حسن خان شيخ محمد حيات کي وقت جي مجددن مان لکيو آهي. سندس ڪن رسالن هٿ اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
بعض رسائل شيخ محمد حيات فقير از مکه مکرمه آورده لله الحمد الله
ايڏي فضل ۽ ڪمال واري بزرگ اربع ڏينهن 26 صفر سن 1163هه مدينه منوره ۾ وفات ڪئي، جنت البقيع ۾ هميشه لاءِ وڃي آراميو (لبة المرجان – تحاف البنلاء)
تذڪره مشاهير سنڌ
مولانا دين محمد وفائي مرحوم
پهريون 1986ع
Title of Thesis

Biography of Shaikh Muhammad Hayat Sindhi, His Religious Services and Research Review of His Writings
Author(s)
Rafique Ahmed
Institute/University/Department Details
Department of Comparative Religion and Islamic Culture / University of Sindh, Jamshoro
Session
2001
Subject
Islamic Culture
Number of Pages
577
Keywords (Extracted from title, table of contents and abstract of thesis)
Biography, Shaikh Muhammad Hayat Sindhi, Religious Services, Research Review, Writings




Saturday, 8 December 2012

او سنڌ جا راڳي ! جوکيو شفيق احمد


او سنڌ جا راڳي ! 



طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 

ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.


ڇا ڪندي ڳائي، اهڙا گيت ماء سنڌڙي جا؟ 
جت کڻي نه سگهجن ساه آزاديءَ جا!

او سنڌ جا راڳي ! 


طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 

ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

نه کپن اهڙا ساز سازندا، ناچ ٽاپ ناچن جا،

جنهن وطن ۾ هجي جسم جند جان اسير عيان!


او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

قيديء جيان، وطن سنڌ جا وارث سنڌي بڇڙي حال ۾،
ڪرڀ ڪوڀ ۾ ڪهڙي وڻي وائي ڪافي ۽ راڳ ڪوڙا جا؟

او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

ڇڏ مِکُرُ مڪاري ۽ تر تر تال، دهل دڦ ديوسن وارا، 
اٿ ڌار غيرت، ڪم ڪر غور سان غيورن وارا! 

او سنڌ جا راڳي ! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

نه ته امڙ سنڌ، نه بخشيندي توکي مونکي ڪڏهن، 
جي رهيا رڳو راڳ رهاڻ، ڪاسبين جيان ڀڙوت جا! 

او سنڌ جا راڳي! 

طنبوري منجهان تکي تيز ڌار ڪڍي ڪهه! 
ڳلو ڌارئي ڌوتڙئي ڌاڙيل پليت پاپيء جو.

ياد ڪر ڪم جنگي جرار جوکيئي بجار ڄامَ جا،
ڇا ياد ڏياري جوکيو ته، وارث هيا جوکيا به سنڌ جا؟

شين الف جوکيو.

امام انقلاب عبيد الله سنڌيء 
جو مذهبي ۽ اقتصادي نظريه (فڪر فلسفه) سنڌيڪارُ: 
جوکيو شفيق احمد 

هڪڙي ڀيري منهنجي شيخ(امام) علامة عبيد الله سنڌي جن فرمايو: هاڻ اسان مذهب(ڌرم) ۽ اقتصاديات بابت (لاڳاپيل) اسان پنهنجو نظريه (سوچ، فڪرُ، فلاسافي) پيش ڪريون ٿا. 

1. اسان قرآن حڪيمَ جي تشريح (تفسير)موجوده تهذيب جي عام نظريات سان ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا، ته جئن اها اسان جي عامُ قومي ذهنيت جي ويجهو اچي وڃي ۽ اسان ان کي ان کي پنهنجو سمجهي عمل ڪري سگهون، يعني قرآن جي تشريح انهن ئي نظرين جي اندر هجڻ گهرجي. 
2. ان تشريح کي صحيح طريقي سان مقرر ڪرڻ جي لاء اسان هڪڙو پرو-گرامُ واضح ڪري ڇڏيو آهي.

حڪيم الهندُ امام شاه ولي الله جي حڪمة سان هتي اهو (اهي) انسانيت جي عام نقط نگاه کان’ ڳالهه کي مُشَخَصُ بڻايون ٿا. هن فلسفي جي ثبوت سان ننڍي-کَنڊَ ۾ اسلامي تاريخ ۽ تعليم جو نچوڙ سانڍي ڇڏيو آهي. ان فلسفي جي تشريح ۾ يورپين اصول استعمال ڪريون ٿا، اسان اسلام کان منحرف (ڦرندڙ) نه ٿا ٿي سگهون بلڪه اسان يورپ جي لاء هڪ رستو گهڙي ڇڏينداسينته يورپ کي اسان انٽر-نيشنلزم مير داخل ٿيڻ جي مجبوري پيدا ٿي پوي. 

يورپ کي مجبور ڪرڻ کان پهريون اسان ضروري سمجهون ٿا ته حۡڪيمُ الهند امام شاه ولي الله صاحب جي فلسفي جي توسط (وسيلي) سان ننڍي کَنڊَ کي اسلام ۾ هضم ڪيو وڃي، جيڪڏهن اِنَّ ۾ ڪاميابُ ٿي وياسين ته يورپ اسان جي اطاعت تي مجبور ٿي ويندو. ان لاء ته اسلامي قومون جيڪي يورپي گروپ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، اهي پنهنجي فلسفه هجڻ جي ڪارڻ جي ڪري ان(يورپي گروپ) ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ جڏهن اسان پنهنجي فلسفي کي فروغ (واڌ ويج) ۽ تقويت (سگهه) ڏينداسين ته ان جي اثر سان اسلامي قومون ۽ ان جي اثر کان يورپ به پِڻُ اسان جي انٽر-نينشلزم منجهه داخل ٿيندو.

حضرت شيخ-الهندُ مولانا محمود حسن (اسير مالٽا) جو يه پرو-گرامُ جيئن ته (هندُ-سنڌ) وطن جي آزاديء کان پهريون جو (پرو-گرامُ) هو، لهذا پاڻَ جيڪو ڪجهه سوچيو هيائون ان دور زماني جي حالات جي مطابق سوچيو هيائون، ان ڪري اهڙين ڳالهين جي سلسلي کي جاري رکندي پاڻ فرمايائون'' هن پرو-گرام جي تڪميل (پورائي) ۾ اسان مسلمانان هندُ کان علاوه ٻن قومنُ کان استفاده(لاڀُ) حاصل ڪرڻ ٿا گهرون، هڪُ هندو(قومَ) ۽ ٻيو انگريز (کان)، ڪنهن ٻي قوم کان ڪنهن به قسم جواستفاد(لاڀُ) حاصل کي هن تحريڪ جو موتُ سمجهون ٿا''.

ٻين قومن منجهه هڪڙي قسم جو نخوت (هَٺُ، مَڳِي، وڏائي، تڪبّرُ) ٿي چُڪَا آهن. جنهن جي ڪري اهي ( ٻيون قومون) هن ننڍي کَنڊَ جي مسلمانن سان ساٿ ڏيڻ يا گڏ هلڻ لاء تيارُ ناهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن کان استفاده (لاڀُ) حاصل ڪرڻ جو خيالُ ڪيو انهن منجهه اهو نخوتُ (هَٺُ، مَڳِي، تڪبّرُ، وڏائي) اڃا به وڌيڪ ترقي پذير ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن اسان انهن کان الڳ ٿي وينداسين ته انهن کي پاڻ سنڀالڻ جو فڪر ٿيندو آهي.

سوال:- مثلاَ يورپين سائنس، اسان (عبيدالله سنڌي جي چوڻ مطابق ته؛) عربيءَ جي ذريعي (ميڊيئم) پڙهون يا سڌو (ترڪيء، جرمن، اسپينش، فرانسيسي، رومن ۽ خاص طور انگلش انگريزيءَ) ٻولين منجهه ؟ 

جواب:- اسان (عبيد الله سنڌي) 
(علم تعليم ايجيوڪيشن، انجنئرنگ/ ٽيڪنالاجي سائنس، جنگي حربي وارِ ٽيڪنالاجي سائنس، ميڊيڪل سائنس، ايگريڪلچرل سائنس، جيولاجي/جاگرافي ميٽرلاجي/ منرل سائنس وغيره) کي عربي ترجمن (ٽرانسليشن) جي ذريعي (ميڊيئم) سان هتي (هندُ، سنڌ) جي مسلمانن کي ڏيارڻ پڙهائڻ حرامُ ناجائز سمجهون ٿا. 
اهو (سڀ ڪجهه) سئون سڌو يورپَ کان سمجهن.''

خصوصي شمارو امام انقلاب عبيد الله سنڌي 
شذرات-2 علامه غلامُ مصطفيٰ قاسمي 
شاگرد رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح.

بحواله: ماهنامه اَلوَلِي 
حيدرآبادا-سنڌ.
بابت ماه آگسٽ، سٽيمبر، 1994ع 
شاه وليُّ الله اڪيڊيمي، 
حيدرآباد-سنڌ.
Like ·  ·  · Share · Edit · August 30 · 

لبرل-ازم/ماڊرنزم ۽ انقلابي عبيد الله سنڌي جوکيو شفيق احمد


لبرل-ازم/ماڊرنزم ۽ انقلابي عبيد الله سنڌي 

منهنجا تجربه ۽ مشاهدا: 
چوٿين منزل ؛ 1-ڪابل ۾؛ ڪابُلَ ۾ امير حبيب الله خان (بادشاه افغانستان) جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتمادُ حاصل ڪرڻ.
2-عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ. 3-پوري يقين سان هڪ فڪي انقلاب پيدا ٿي ويو ته جي-ڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سهگندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر-صورت يورپين هوندي دِهِلِيءَ وارو نظام اڄ نه
هلي سگهندو. 
4-امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارداي وارو بادشاه(افغانستان) هيو.
هن جنهن قسم سان انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جومون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهن تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضروت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ نا-ممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيبُ الله يورپَ جي پيرويءَ تي مجبور هو.
5-امير حبيب الله خان جي حڪمَ يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي. ويس ڪابُلَ ۾ انقلابي هندو (به) موجودُ هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو.
ڇهين منزل: استنبول ۾ تائين: 
مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاي مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سببُ (ڪارڻ) هي آهي ته هو حالتن کان نا-واقفُ رکيا ويا آهن مان ڏاڍو پريشان حيران ٿيس جڏهن ڏٺمُ ته دارُ-الخلافة جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤُ سالن کان يورپ جي مٿاهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابندَ آهن، پر اسان جي ملڪ(وطن) ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي. 
بيت الحمت لاهور.
لکيو مون مسڪين 
جوکيئي شفيق احمد
 



سنڌ جون سنڌي نياڻيون، 
۽ ڀائر ڀينرون مائرون، 
قوم سنڌيء جا جرار جوڌا جوان،
۽ جهور جهونا جهونيون، 
اچو ته سنڌ بچايون،
وجود بچايون. 

ابهم ٻچڙا، معصوم بچايون،
نياڻين نماڻين جي لڄ بچايون،
وڏڙن جي ميراث بچايون، 

ريڙهي مياڻ بچايون
لانڍي اورانگهي بچايون
چؤ-کنڍي بچايون
ڏنگي ڀنڊار ۽ ٻيٽ بچايون.

شهر بچايون وسايون،
بندر گوڌي فشري بچايون
ديبل جاتي شاهبدر بچايون
ڪيٽي-بندر شاهبندر بچايون
ٺٺو ننگر بدين بچايون.
جهمپير جنگشاهي بچايون.

ڪراچي سنڌجي مارئي بچايون 
۽ ڪلاچيء جو ڪن بچايون بچايون
مورڙي جو ماڳ بچايون
گهگهر پيپري ڌاٻيجي بچايون

تيل گيس بچايون
سون بچايون 
گورک هل بچايون
منڇر ماڻڪ موتي بچايون
ڪينجهر قربدار بچايون
هاليجي بچايون
سونهري بچايون

رني ڪوٽ بچايون
نيرون ڪوت بچايون
کيرٿر بچايون
گورک هل بچايون
ڀڳو-ٺوڙو بچايون
ڪارونجهر بچايون
ننگر-پارڪر ٿر بر بچايون

مکي نارو جمڙائو بچايون 
سانگهڙ شهدادپوء بچايون 
ٽنڊو آدم بچايون

دادو واهي-پانڌي بچايون
منڇر انڇر ڇنڇر بڇايون
جهر جهنگ ۽ جوهي بچايون
سيوهڻ ۽ ڪرچاٽ بوبڪ بچايون، 
ٽلٽي ميهڙ ڪڪڙ بچايون،
جهانگارا باجارا بچايون

ساهتيء جي سونهن بچايون
سڪرنڊ مورو نوشهرو ڪنڊيارو بچايون
مٺياڻي ۽ پڊعيدن جا بچايون،
اچو ته سنڌ بچايون 

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل بچايون
جيڪم آباد خانڳهڙه جو بيس بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

اوٻاوڙي پنوعاقل بچايون
گهوٽڪي ڏهرڪي رهڙڪي بچايون 
اچو ته سنڌ بچايون 

خيرپور روهڙي ٺيڙهي بچايون 
ٻٻر-لوء ۽ پريت جو پريان-لوء بچايون
پيرڳوٺ ۽ ڪنگري بچايون
سکر بکرُ آباد بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

رتو ديرو، لاڙڪاڻه بچايون
شڪارپور لکي امروٽ بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

هالا جا هنر همرچه 
جنڊي ڪاشي بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

لوهاڻه سيکاٽ بچايون 
کاڻوٺ مانجهد بچايون
ڪنڊن واري بچايون
بدين لاڙ جا ڀنڊار بچايون 
ٿر بر بحر بچايون 
معدنيات بچايون
سنڌ جا سون چانديون
ڳهه ڳٺا رهزنن کان ڇڏايون 
پنهنجو وجود بقاء بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

شفيق پنهنجي قوم بچايون
سنڌ جو وجود ٻچايون 
ڄڻ جند جان بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

سر، سر ساه بچايون
ڳاهه گاهه ڪانهن ڪانا بچايون
اچو ته سنڌ بچايون 

سنڌ امڙ جي سينڌ سنواريون
سنڌ امڙ جي سينڌ سنواريون

اچو ته سنڌ بچايون 
۽ سندي سنڌي قوم وجود بچايون
اچو ته سنڌ بچايون
 

اڄ سرمائيداريء جي بُتَ کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بُتُ آه؟ جوکيو شفيق احمد






اڄ سرمائيداريء جي بُتَ کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بُتُ آه!؟
جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. امام انقلَآبُ عُبَيدُ الله سنڌي 
جي تعليمات جي روشنيء ۾!
جوکيو شفيق احمد

فڪري تنظيم جي لائق ڪير آهي؟

حڪومت هلائڻ لاء فڪر صحيح (ٺيڪُ پروگرامُ) جي تنظيم ضروري آهي. ملسلمانن اڃا تائين تنظيم (نظام قائم ڪرڻ) جا رستا وساريا ڪين آهن، ملسمان پنهنجي تنظيم طاقت سان گڏ يورپ جي هٿيارن هلائڻ جو ڪم به سکي چڪو آهي. انهيءَ ڪري مسلمانن کي هلندڙ دؤر ۾ فڪر صحيح جي هلائڻ جا بهترين موقعا حاصل آهن. 

چئي سگهجي ٿو ته هندو به يورپين نظام کي قبول ڪري پنهنجي سوسائٽيءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جيتري قدر موجوده واقعات جو تعلق آهي انهيءَ کان انڪارُ نه ٿو ڪري سگهجي. هي ٺيڪُ آهي ته هندو به يورپين نظام جي ڪن شين کي اپنائي چڪا آهن، پر اسان پوري علم ۽ يقين سان چئون ٿا ته مسلمان وٽ جيڪو فلسفو عمل آهي ۽ جنهن جي زور تي هو دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو اهڙو فلسفه عمل هندو سوسائٽيءَ وٽ هرگز نه آهي. 

مٿين ڳالهين کي سمجهڻ لاء هڪ ننڍو مثال اوهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانگريس يورپين طريقه فڪر مان پيدا ٿي ۽ انهيءَ آب-و-هوا ۾ طاقت ورتائين. جيستائين هوءَ مفڪرين جي جماعت هئي ان ۾ ارتجائي (پوئتي هٽندڙ) گروپ بلڪلُ گهٽ داخلُ ٿيو، پر جڏهن کيس حڪومت جو هڪ ننڍو ڀاڱو ڏنو ويو ته ارتجائي ٽولو مٿس ڇائنجي ويو ڇا ڪانگريس يورپين طريقي تي حڪومت هلائي سگهي ٿي؟

بلڪل نه حقيقت ۾ هندو سرمائيدارَ طاقت کي راضي ڪرڻ کان سواء سندن ڪوبه نصب العين نه آهي. 

سرمائيداري ۽ هندو:

هندو جڏهن ڪوبه نظام پيدا ڪندو آهي ته ان جو بنياد سرمائيداري تي هوندو آهي، تنهن ڪري مها-آتما گانڌهي، جهڙي شخصيت پڻ جيڪو انسانيت جو ايترو وڏو نمائدو ٿي ڪري به سرمائيداريءَ هڪ انچ به اڳتي وڌي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح جواهر لال نهرو ڪميونسٽ آهي پر تڏهن به سرمائيدار آهي، ان جي مقابلي ۾ مولانا حسرت موهاني کي ڏسو جنهن ڏينهن اشتراڪيت (سوشلزم) قبول ڪئي ان وقت ئي پنهنجي سموري ملڪيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ هن وقت هو هڪ ڪوڏيءَ جو به مالڪ نه آهي.جواهر لال نهرو يورپ ۽ سوشلسٽن گڏ رهي سوشلزم سکيو، مگر مولانا حسرت موهاني پنهنجي ذاتي فڪر سان انهيءَ مرتبي کي پهتو آهي. هي فرق آهن ملسم سوسائٽيءَ ۽ هندو سوسائٽيءَ وچ ۾. مسلمان جنهن وقت پنهنجي اصل نظام يعني قرآني فڪر تي ايندو ته ان وقت سرمائيداري جي بت کي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ سرمائيداري جي بت کان سواء ٻيو ڪهڙو وڏو بت آهي جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. مسلمان سرمائيداريءَ جو دشمن آهي؛

مسلمان هندوستاني آهي ۽ هو ان سان گڏ سرمائيداري جو دشمن آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ سان جو سرمائيدار نه آهي جيتوڻيڪَ ملسمان نه به هجي انسانيت جو سلوڪُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت تائين هندوستان (هند ۽ سنڌ) ۾ اهڙيون هزارين خدا جي بزرگن جون (جن انسان ذات جي خدمت سواء ڪنهن لالچ ۽ مت-ڀيد جي ڪئي هئي) قبرون موجود آهن جن جي زيارت ڪئي وڃي ٿي. 

ورتل: اسان ڇا گهرون ؟ 
ڪتاب مولانا عبيد الله سنڌي؛ تحريرون ۽ تقريرون،
سنڌيڪا اڪيڊمي،ڪراچي،سنڌ 

لکندڙ فقير جوکيو شفيق احمد.
by Jokhio Shafique Ahmed
on Monday, May 7, 2012 


سنڌڙي سونهاري؟ جوکيو شفيق احمد



پيرن ڦقيرن، ٻنن کرن پندڙن جي، سنڌڙي سونهاري! 
شاهن مکدومن صوفين ملن موالين جي، سنڌڙي سونهاري! 
رئيس امروهين لکنوين اوباشن جي سنڌڙي سونهاري! 

پورهيو ڪري نه، پر پني مڱي کائڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري! 
الڪاسب حبيب الله جي، منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!

انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي سائنٽيفڪ علم جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري! 
ميڊيڪل طب جراحت سرجري جي منڪرن جي، سنڌڙي سونهاري!
ايگريڪلچرل ايريگيشن ششٽم جي منڪرن جي سنڌڙي سونهاري!

جنگي حربي فن کان انڪار ڪري گلام ٿي رهندڙ موڳن جي، سنڌڙي سونهاري! 

چرس ڀنگ آڦيم جا سوٽا سلڦيء ۾ ڇڪيندڙن جي، سنڌڙي سونهاري
(پارسي ايراني اڦگاني عراقي علافين ڪوفين) چورن جي، سنڌڙي سونهاري! 

مائرن ڀينرن نياڻين جوين زالن عورتن کان پاڻي ڀرائڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري !!!
۽ پاڻ وري هوٽل تي ويهي مڇون شهپر وٽڻ وارن جي، سنڌڙي سونهاري!

مائرن ڀينرن نياڻين جوين 
جي چوري ڪري ميڙا گهمڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 
رڇ ڪتا مرون ڪڪڙ ويڙهائڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري!

پنهنجن سنڌي سماٽن کي
ڪوري ڌوٻي کٽي چاڪي واڍو راڱي ڪنڀر دايو پڃارو اوستو رازو 
چئي ذليل ڪرڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 

ڌارين ڀاڄوڪڙن رهزنن کي خان سردار ڀوتار نواب
سڏڻ وارن جي سنڌڙي سونهاري! 

ڀوتارن عياشن مُڇن مڇڙن شهپريلن جي، سنڌڙي سونهاري! 
جوکيا ڪر توبه ته لڳئي نه ڪا، ڪنڌ ۾ ڪاتي تکي تيز ڪهاڙي!


اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!


اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾، هر سنڌي ماءُ ٿئي ٿي هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾، هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي پيءُ ٿئي ٿو هرهر شهيد!

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي مظلومُ نياڻي ٿئي ٿي، هرهر ڪاري شهيد!

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾، هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾ سنڌي ڀيڻ ٿئي ٿي هرهر ڪاري شهيد!

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!۽ پڻ مظلومُ معصومُ مجبور مهقورعورت، ٿئي ٿي هرهر شهيد.

اي امام امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي معصومُ ٻچو ٻچو ٿئي ٿو هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي گگدامُ ٿئي ٿو هر هر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌُ ۾، جهور جهونو سنڌي ٿئي ٿو هرهر شهيد!
اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي مسڪين ٿئي ٿو هر هرشهيد!

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي مزدور ٿئي ٿو هر هر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي هاري ناري بک ۾ پاهه ٿئي ٿو شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي مسڪين ٿئي ٿو هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي هاري ٿئي ٿو هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي شاگرد ٿئي ٿو هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي استاد ٿئي ٿو هر هر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي عوامُ ٿئي ٿو هر هر شهيد!

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!
!ليڪن وطن سنڌ ۾، سنڌي ئي سنڌي ٿئي ٿو هرهر شهيد.

اي امام حسين رضه، تون حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٿئين شهيد!

ٻڌائي ڇا جوکيو شفيق ته، اڃا ڪير ڪير ٿيڻو آهي سنڌي شهيد!

سنڌ وطن ۽ دين ڌرم مذهب ؟



سرور ڪائنات سڳوري سيدنا محمّد 
(ڪريم رئوف رحيم ۽ جهانن جي ڪارڻي رحمة اللعالمين) صلي الله عليه وسلم جن جي جيڪڏهن جنهن به توهين اهانت انسلٽ ڪئي آهي، ان تي الله جي، الله جي رسول صلي الله عليه وسلم جي، ملائڪن جي، جبلن، سمونڊن، زمين، آسمان، فلڪ، تارن، سيارن، جنن ۽ انسانن جي لعنت هجي! 

اهو ٿيو منهنجو ذاتي موقوف، جيڪو مون هتي چٽو ڪيو. 

پر ڇا اهي سنڌي سيڪيولر-ازم جا دعويدار ۽ نيشنلسٽ ڇو عقل جا انڌا ٿي، مون مسڪين عيبدار گناهگار ٻانهي شفيق کي، اهڙا ڦوٽا توهين سان ٿڦيل مُلَنِ موالين يا غير مُلن موالين پاران شيئر ڪيل، ڇو ٿا ٽيگ ڪن مون کي حيرت ٿي لڳي! افسوس

اسان سنڌي قوم جو هتي فيسبوڪ سوشل ميڊيا تي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سورن پورن ڏکن ڏوجهرن کي ڇڏي، لاحاصل بحث تي وقت وڃائڻ، اسان کي سونهي يا سٺو ٿو لڳي؟ 

ٻيو ته ڇا اسان جي سنڌي نيشنلسٽ فڪر فلسفي وارن دوستن جا اهي سنڌي مذهبي ڌرمي ساٿي سنگتي يار سڄڻ نه آهن؟

جن کي اسان شعوري طور تي رنجائي، پنهنجي انقلابي مقصد کان هٿ سان ڀڄائڻ جا مجرم ڀائيوار ته ٿي نه رهيا آهيون؟

جنهن سان سنڌ جو وجود بقاء وارو سفر اڃا پري ٿي ويندو يا انقلابي قافلي وارا سنڌي پانڌيئڙا گهٽ ٿي ويندا! 
افسوس

ٻي هڪ اهم ڳالهه ته ڇا امريڪا برطانيه وارن سنڌ جي قاتلن کي برطانيه ۾ وهاري سنڌ جي وجود بقاء سان اوڇي ڪوجهي ڪرڀائيتي کيڏ راند ناهن ڪڏائي رهيا؟

ڇا امريڪا ۽ برطانيه جي ڳٺ-جوڙ سان سنڌ جو وجود ختم ڪري پاڪستان ۾ ضم (حلول) ڳاڙڻ وارو ڪم نه ڪيو ويو؟

ڇا جيڪڏهن امريڪا برطانيه سچا ٿين ته، سنڌ کي آزادي نه ٿي ملي سگهي ۽ جي نه ٿا ڏيارڻ چاهين ته ڇو نه؟ 

ڇا پنجابين پٺاڻن برمين بهارين برمين ۽ آفگانين وغيره کي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ ۾ امريڪا جي (رنڊي يو.اين.او) ۽ برطانيه، اسان جي ماٿري سنڌ ۾ آباد نه ڪرايو هو؟ 

ڇا پنهنجن لونڊن جنرلن ايوب ضياء ۽ پرويز کان سنڌ کي برباد کي تباه برباد نه ڪرايو هو ۽ سنڌ جون زمينون بندر شهر کيت ٻنيون نه کسيا ويا؟

سو تنهنجي ڪري هٿ ٻڌي التجاء ٿو ڪريان ته، اهڙا متنازعه فوٽو يا ٻيو ڪو به مواد وغيره، مونکي شيئر نه ڪيا وڃن. 

نه ته پوء انهن جي ليڊرن جي (جن دين ڌرم مذهب جي ڌوکي ۾ هندو مسلم دو قومي نظريه هيٺ سنڌ کي غلام ڪري ويا )  تن جي فيسٻوڪ تي پٽڪڙي اهڙي لاهبي جو سهي ڪين سگهندا. 

اسان کي سنڌي سيڪيولر نيشنلسٽ رهڻ ڏنو وڃي. 

هوئن به جيڪي پاڻ کي سيڪيولر-ازم ۽ نيشنلزم جا ڀوتار ٿا سڏائڻ انهن کي اهڙيون ڪوجهيون ڪڌيون ڪرڀائتيون حرڪتون نه ٿيو سونهن! 

جيئي سنڌ ۽ ان جيجل سنڌ جو مصيبتن ماريل اولاد سنڌي عوام. 

اسان سنڌي قوم جي معصوم عوام کي اهڙين ڪوجهين ڳالهين کان پري رهڻ جي صلاح ٿا ڏيون ۽ انهن کي به دلجاء ٿا ڏيون جن جون دليون رنجايون پيون وڃن، سو صبر ڪن ته جئن هڪ ڏينهن سنڌ باندرن جي هٿن منجهان آزاد ٿيندي، پوء اهي سرمائيدارن جا پٺو دلال دنيا جي گولي تي ڳوليا ڪين لڀندا اهو الله جو قانون آهي. 

جوکيو شفيق احمد 

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ 
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ 
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 
شاهه رح

عبد الله بن عباس رضي الله تعاليٰ عنهما کان روايت آهي ته: 
نبي صلّي الله عليه وسلم جن وٽان هڪڙو گڏهه لنگهيو جهن جي مُنهَن تي ڏنڀُ هو؛ ارشاد فرمايائون ته ''الله جي ان تي لعنتَ هجي جنهن هن (گڏهه) کي ڏنڀُ ڏنو آهي.'' صحيح ملسم ڏسو ڪتاب:-رياضّ الصالحين، 
سنڌيڪارُ:علَامة سعيد احمد ڀٽو، مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.

2:- ابو سعيد رضِِيّ الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته:- مان پنهنجي غلَامَ کي ڦٽڪي سان ماري رهيو هُئُسِ، اوچتو مون پنهنجي پويان آوازُ ٻڌيو ته اي ابو مسعودَ ! سمجهَه کان ڪم وٺُ! ڪاوڙِ جي ڪري مون آوازُ نه سڃاتو. جڏهن جڏهن اهو مون کي ويجهو ٿيو ته ڇا ڏسان ته رسول الله عليه وسلم جن آهن فرمائي رهيا آهن ته؛ اي ابو مسعودَ ! پڪَ ڄاڻ ته الله تعاليٰ ان غلَامَ جي ڀيٽ ۾ توتي وڌيڪ سگهارو آهي. مون چيو ته اڳتي غلَامَ کي نه ماريندُس. 

3-:- هڪ (ٻي) روايت ۾ آهي ته سندن ( يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي) هيبت کان منهنجي هٿ مان چهبڪُ ڪري پيو. ٻي روايت ۾ آهي ته مون عرض ڪيو اي الله جا رسول! الله جي رضا لَاءِ اهو (غلَامُ) آزادُ آهي. ارشاد فرمايائون ته جيڪڏهن ان کي آزادُ نه ڪرين هان ته توکي جهنمَ جو عذاب پهچي ها يا توکي باهه ساڙي ها. اهي روايتون صحيح مسلم ۾ آهن.

ڏسو ڪتاب:- رياضّ الصالحين،سنڌيڪارُ:- علَامة سعيد احمد ڀٽو،
مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.

عبد الله بن عمر رضي الله عنهما کان روايت آهي ته:-رسول الله صلي الله عليه وسلم چيو ته : هڪ عورت کي ٻلي جي ڪري عذاب ڪيو ويو. ان (ٻليءَ) کي ٻڌي ڇڏيائين، تان جو (اڃايل بکايلَ) ٻلي مري وئي، تنهن ڪري جهنمَ ۾ داخل ٿي.نه پاڻ ان ٻليءَ کي کائڻ پيئڻ لَاءِ ڪجهه ڏنائين ۽ نه ان کي ڇوڙڻَ لَاء تيارُ هئي ته جيئن زميني جانورُ کائي پيٽ ڀري. متفق عليه  1599،   ڪتاب رياضّ الصالحين، سنڌيڪارُ: علَامة سعيد احمد ڀٽو،
مهراڻ اڪيڊمي، 
شڪارَپورُ،سنڌُ.
***