تنهن سورهيه کي شاباس
يار محمد چڱاڻي _عمر ڪوٽ
سنڌي ڪتاب ڊوٽ نيٽ
سنڌ جي ولي ڪامل ۽ اهل الله حضرت روضي ڌڻي محمد راشد رحمت الله عليه جي گادي جو ڇهون وارث تخت ۽ تاج سان گڏ لکين دلين تي راڄ ڪندڙ حسينيت جو عملبردار ۽ حرن جو روحاني پيشوا، حضرت سورهيه شهيد دستار بندي وقت ٻارهن سالن جو ٻار هو، عام طور اها اوستا شعور ۽ آگهي ڏانهن آهستي آهستي ننڍڙا پير کڻندي، وقت کان پوءِ وڃي ڪا منزل متعين ڪندي آهي، پر انتهائي غير معمولي خوبيون رکندڙ، حوصلي ۽ همٿ جا همالا، مذهب ۽ ملڪ سان محبت ڪندڙ انسان ڄمندي ئي ڄام ٿي اٿندا آهن، اهي صبح صادق جو پرهه وقت اڀرندڙ وهائو تاري وانگر وڏي مقصد ۽ ٿوري عمر لاءِ جڳمگائي جهرڪي صبح جو نويد، روشنيءَ جو سنديسو ۽ سجاڳي جو سڏ پهچائڻ سان گڏ پاڻ سج جي روشني ۾ سمائجي هڪ ٿي ويندا آهن. حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي به اهڙن بختاور انسانن مان هڪ هو جيڪو بي ڊپو، خود دار ۽ غيور به هئو، تڏهن ته هن جي حسيني خون ۽ ديني حمييت ڀڙڪو کاڌو فرمايائون: ”اسان جي عزت ۽ افتخار وجاهت ۽ وقار جو اعزازي خطاب پاڪ پيغمبر سان پيار ۽ پيروي آهي، نواسائي رسول حسين ابن علي سان نسبت کان وڌيڪ به ڪو خطاب ٿي سگهي ٿو؟ ست سمنڊ جهاڳي ايندڙ نصارو ڪير ٿيندو آهي، سوا لک صالحن جي پاڪ سر زمين ۽ باب الاسلام سنڌ تي حڪومت لائڻ ۽ خطاب وراهڻ وارو... ڪافر ڪٿي جو!!!“ سندن انهن الفاظن ۾ هيبت ۽ حشمت کان وڌيڪ پيشاني تي ڪنهن عزم ڪنهن ارادي ۽ ڪنهن بغاوت جون ريکائون وڄ وانگر تجلا ڪري رهيون هيون. هونئن ته هميشه:
ستيزه کار رها هي ازل سي تا امروز، چراغ مصطفوي سي شرار بولهبي.
پر سورهين ۽ سورمن جي انگريزن سان اها جنگ به سوا سو سالن جي صبر آزما ۽ وڏي وقت تائين ڦهليل دل گداز داستان آهي. سورهيه بادشاهه رحمت الله عليه جي سيمابي طبيعت ۽ ولوله انگيز قيادت ان معرڪه آرائي کي فيصله ڪن موڙ تي وڃي پهچايو، جو سندن جدوجهد ۽ شهادت کان پوءِ نه رڳو سنڌ پر پورو برصغير چئن سالن جي قليل عرصي اندر انگريزن جي وجود کان ئي پاڪ ٿي ويو، ان ڪفر ڪوٽ تي آخري ضرب دوران حرن جا سوين دستا فرنگي فيل مست سان براه راست مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ لهي آيا ميدان تي:
پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ
جي مصداق سسيون هٿن جي ڪٽورن تي رکي سورهيه شهيد جي سرواڻي ۾:
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
جي فلڪ شگاف نعرن سان، ڪاهي پيا ميدان ڪار راز ۾. ملڪ ۽ ملت جي دوستن، مرشد جي جان نثار جو ڌن مان گهڻا اهڙا هئا جن وٽ نه تير،
نه تفنگ، نه بندوق، نه بارود گويا:
مومن هي تو بي تيغ ڀي لڙتا هي سپاهي
عقوبتن ۽ صعوبتن جي باوجود هو وڙهيا، فائيٽ فاسٽر ٿي وڙهيا، سرن جو نذرانو، عزتن جون قربانيون، ابهم ٻچڙن جون معصوم جانيون هنن داءُ تي لڳائيندي هڪ سوت به قدم کي پوئتي نه سوريو. ڪورٽ مارشل ٿيڻ جون قيامتون، وڻن تي لٽڪائي ڏنل ڦاسيون، ڀرريل تريل گهرن کي باهيون، فصلن ۽ زمين تان بيدخليون، خاردار لوڙها، ٿاڻن تي بلاناغه حاضريون، حرائڪٽ جو سفا ڪانه ۽ ڪارو قانون، جنهن ۾ نه وڪيل نه دليل، نه شاهد نه شنوائي، اڃا به قابل بيان اذيتون، پر ڇا چئجي حرن جي جوان همتي ۽ پاءِ استقلال کي، جو ڪو به ظلم ڪا به زورآوري، هنن جي جذبئه حريت ۾ ذرو به لچڪ يا لوڏو پيدا ڪري نه سگهي. هو ته شهيد ان وقت ٿي چڪا هئا، جنهن وقت گڙنگ بنگلي جي ايوان تي سندن مرشد حضرت سورهيه شهيد رح اڳيان شهيدن ۽ غازين جي انتخاب وقت سرويچن جي صف ۾ بيهي، اوچي ڳاٽ ۽ رتولي قلم سان شهيد نالو نوٽ ڪرائي، اڇي ڪفن ۾ ويڙهجي، مٽي ماءُ تي ليٽي، جيئري جنازه نماز پڙهائي، حياتي جي حولن کان آجا ٿي:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات.
جي زنده تصوير بڻجي جهر جهنگ، بحروبر، شهرن، پوليس ٿاڻن، تيزرو گاڏين، سرڪاري عمارتن تي عذاب الاهي بڻجي نازل ٿيا. ان کان اڳ سيکئي فقير پارن نشاني نازن ڀٽن ۽ ڀڙن ۾ مورچا بند ٿيا. ان کان اڳ مٿان مٽيندڙ دشمن جي جنگي جهازن ۾ رائفلن جا ڇيد وڌا.
انگريز ۽ انهن جا گماشتا، ڪارندا، جوڻيون هڻندڙ، گولا ۽ انهن جا دلال ڪلال، مڙئي هنن جي نگاهن جا ڪنڊا هئا، پر اڳيان معاملو بنهه گنڀير هو. طاقتور دشمن سان مقابلو ڪا معمولي ڳالهه ڪو نه هئي. ”انگريزن جي صاحبيءَ تان سج لهي ڪو نه“ ان وقت جي اها چوڻي به ڪا غلط ڪو نه هئي، جنهن وقت يورپ رات جي ڪاري چادر ۾ ويڙهجي صبح جي اوسيئڙي ۾ سمهي پوندو هو، ته ان وقت اسان جي ايشيا جي هند ۽ سنڌ تي سج جا پهريان ڪرڻا پيا يونين جيڪ جي ڦڙڪندڙ ٽه رنگي تي روشني جا ڏيئا اڇلائيندا هئا ۽ ان حيثيت ۾ انهن جي عسڪري قوت جو عالم ڇا هو؟ تربيت يافته ڪمانڊو، بري بحري ۽ هوائي فوج، بي پناهه بارود، هٿيارن جون کيپون، جنگي جهازن جا لامارا، مارٽر گولا، گن مشينون، الائي ڇا جا ڇا اسباب هئا فرنگي فوج وٽ، ۽ ٻي طرف هٿيار جي اڻهوند، حرب ۽ ضرب جي فن کان لاعلمي، وسيلن کان وانجهيل، مجاهدن جي، فوج ظفر موج نه هنن وٽ ڪو مهلڪ هٿيار، ڪا ماورائي طاقت هئي ته اها صرف مرشد جي موجودگي، ايماني قوت، دلي طاقت، سورهيائي ۽ سرويچي شهيد جي جذبن جي جلوه گري جنهن ۾ مولانا همايوني هنن سان هم آواز هو،
ڪئين ابروتيغ شهيد ڪيا، ڪيئن ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا، سلطان هزارين مان نه رڳو،
ان پس منظر کي شاعري مشق به طلب جي واٽ اڳ چئي ويو هو.
شهادت هي مطلوب و مقصود مومن نه مال غنيمت نه ڪشور ڪشائي.
ان ڪري حضرت سورهيه شهيد رح جي سوچ ۽ تصور جو مرڪز ميدان ڪربلا هو، هن جي نظر ۾ انهن ٻاهتر بي سرو سامان ۽ غريب الوطن شهيدن جا خون ۾ لٿ پت لاش هئا، جيڪي يزيد جي سفاڪ ڪمانڊر شمر ذوالجوشن اڳيان خرار جا رچي ريٽو ٿيل چند داڻا هئا، جيڪي ايندڙ نسل کي سائي ستابي ۽ لهلهائيندڙ فصل جي نويد سڻائي ۽ چئي رهيا هئا، فتح ۽ فيروز مندي آزادي ۽ ارجمندي هڪ آسماني عنايت آهي. جيڪا وسيلا وڃائي، مٽي جي مامري مان نڪري، جز مان ڪل ٿيڻ کان پوءِ نصيب ٿيندي آهي، ان جي اڳواٽ قيمت ائين ادا ڪرڻي پوي ٿي، شهيد جي شعور تي شاعر جو آواز اڀري رهيو هو.
بنا ڪر ندن خوش رمي بخاڪ و خون غلطيدن،
خدا رحمت ڪند اين عاشقان پاڪ طينت را.
هو جرنيل سان گڏ رمز شناس عالم به هو، هن پوري طرح پروڙي ورتو هو ته ان رسم عاشقان جي تسلسل قائم رکڻ لاءِ ريلا ڪري وهندڙ ڳاڙهي رت جو ريج هن مٽي کي نم ڪرڻ لاءِ ناياب نذرانو آهي، ان نذراني کان پوءِ ها پاڪ ۽ پوتر خاڪ دشمن جا نا پاڪ پير ڪڏهن به پنهنجي سيني تي برداشت ڪو نه ڪندي، آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سورهيه سائين جي سموري سوچ ۽ ساري جدوجهد جو منتهاءِ نظر اسلام جي سر بلندي ۽ بالادستيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو دين مبين جي ديوس دشمن جي هر صورت ۾ هرزه سرائي، حزيمت سر ڪوبي ۽ وطن نيڪاليءَ کان وڌيڪ ڪو به ڪم ڪو نه هو، ڪافر جي قيادت قبول ڪرڻ يا انهن جو راڄ رعيت ٿي رهڻ، اهڙي اطاعت ۽ بيعت کي رڳو پاڻ لاءِ نه پر پوري ديس لاءِ نه معاف ٿيڻ جوڳو گناهه سمجهي امام عالي مقام جي نقش قدم تي هلڻ کي ڪاميابي جي آخري ڪليد سمجهي صيهونيت ۽ سامراج جي بدبو دار ۽ مدي خارج تابوت تي ڀرپور وار سان ستل قوم کي سجاڳ ڪري ۽ پوءِ پاڻ به ڊگهي آرام لاءِ آرامي ٿي ويا. دل چاهي ٿي ته ٿوري ترميم سان خواجه اجمير رحه جي هڪ شعر جو اڌ مستعار وٺان جو سورهيه شاهه جي حالات سان بلڪل ٺهڪي ٿو اچي.
”سر داد نه داد دست، در دست فرنگ“
ان انقلابي تحريڪ جي پڄاڻي ڪجهه ٻي طرح به ٿي پي سگهي، سوچجي ته حضرت سورهيه بادشاهه هڪ وڏو مقصد کڻي عين ان وقت ميدان عمل تي جلوه گر ٿيو، جڏهن لوه تتل هو، انگريز لاءِ الله جي زمين تپي ٽامون ٿي، جپان ۽ جرمني جي صورت ۾ يوم الحساب بڻجڻ واري هئي. مختلف محاذن تي انگريزي فوجون همت هاري چڪيون هيون. 1857ع جو بلوو هنن جو رت ست، توانايون ۽ طاقتون ضايع ڪري چڪو هو، پر مسلم ليگ جون پنهنجون مصلحتون هيون، هنن جي ليڊر هڪ ڏينهن لاءِ به جيل ڪو نه ڏٺو، اڃا هو مٺي ۽ قانوني ويڙهه جا ڪتاب اٿلائي رهيو هو. ان وقت هو ڏسي به رهيو هو ته ڪانگريس جو پلڙو ڀاري آهي. اسلام جا شيخ الاسلام ۽ ابوالڪلام به انهن سان آهن. برطانيه جي بادشاهه جو ويجهو مائٽ مائونٽ بيٽن ۽ هن جي ليڊي ايڊوانا، نهرو خاندان سان نٿي آهن. هونئن به ”الڪفرملت واحد“ جو وڏو اصول سامهون هو. ان ڪري هنن گڏجي برصغير جا بخيا اهڙا اڊوڙيا جو مسلمان پنهنجي ئي اجهاڳ خون ۾ مرندا ٻڏندا غوطا کائيندا، عزتون وڃائيندا، ٻار ڪهائيندا اهڙي آزا ملڪ ۾ پهتا، جنهن جو اڌ نو عمري ۾ سرجري وسيلي ڪپجي ويو باقي اڌ کي اهڙو اپاهج ڪيو ويو آهي جو اڌ صدي گذرڻ باوجود عدم توازن ۽ غير يقيني جي گنڀير حالتن ۾ گويا عالم نزع ۾ آخري هچڪيون کائي رهيو آهي. ان وقت اهي اسلام آلاپيندڙ طاقتون آپيشاهي ڇڏي سيد جو يمين ويسار ٿي ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن ها ته پنڊتن جي پاپا ازم ۽ انگريزي استعمار جي هٿن ۾ اهل اسلام جي قسمت جون واڳون ڪڏهن به ڪو نه هجن ها. اها ته ٿوري وڏي ڳالهه، پر خود گهر جا ڀيدي لنڪا ڊاهڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا! سنڌ جي سياستدانن، چوچڙي باز وڏيرن ۽ جاگيردارن مان رڳو مخالفت ۽ مخاصمت جا شعلا ڄڀيون ٿي ڀڙڪيا، هنن گورن حاڪمن ۽ اڇي چمڙي وارن آقائن جا ڪن ايڏا ڀريا جو سنڌ کي حر ايڪٽ ۽ مارشلا جون مصيبتون به ڏسڻيون پيون.
ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ ناول جو جن مطالعو ڪيو آهي سي سنڌي خطابت جي سحبان وائل اڙٻنگائي ۾ عمر عيار جو درجو رکندڙ، سياسي جوڙ توڙ جي ڪمال ڪاريگر علي محمد شاهه راشدي جي منفي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندا. اعتراف ته ان وقت جي گورنر هيو ڊاؤ جي سفاڪ ۽ سخت گير زبان به ڪيو هيوڊاؤ سندس رپورٽ جيڪا وائسراءِ هند لارڊ لنلٿگو کي اماڻي ان ۾ به لکيو ته جيتوڻيڪ هو پاڻ به ڏنگو ۽ ڏکيو ماڻهو آهي پر منجهس عقل سنڌ جي مڙني مسلم ليگين کان وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ مارشلا جي چيف ڪمشنر ايڇ ٽي لمبرڪ ماٺار ٿيڻ کان پوءِ آخري فاتحانه رپورٽ جيڪا وائسراءِ هند جي معرفت شاهه برطانيه کي اماڻي ان ۾ هو ته حر مومينٽ کي مات ڪري سندس منطقي انجام تي پهچائڻ لاءِ سول ماڻهن مان علي محمد شاهه ئي هڪ اهڙو قابل ذڪر انسان آهي، جنهن جي همٿ ۽ هوشياري کان سواءِ هي ڪم ايترو آسان ڪو نه هو، اي ڪاش! هي سڀ هڪ خواب هجي ها!
هوئي تم دوست جس ڪي اس ڪا آسمان ڪيون هو.
سنڌ جي گورنر لانسيلاٽ گراهم، گورنر هيوڊاؤ، وائسراءِ هند ۽ بعد ۾ برطانيه جي بادشاهه وٽ اهڙيون رپورٽون ڌڙا ڌڙ پهچڻ لڳيون ته جي تڪڙو تدارڪ نه ڪيو ويو ته پير پاڳارو سنڌ فتح ڪري ان جو بادشاهه ٿي، آباد انگريز بستيون انهن جي قبرن ۾ بدلائي ڇڏيندو.
ڪيتريون نه غير منطقي ۽ حاسدانه رپورٽون هيون جنهن ان جهاد کي بر وقت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. پير پاڳارو ته ڪوهنور کان قيمتي تاج سان سنواريل سلطان ته اڳ ئي هو، هو رڳو ڊپلوميسي کان ڪم وٺي انگريزن جي آڻ مڃي ٺاهه لاءِ عزت ڀريو هٿ اڳتي وڌائي ها ته سندس سڪو به رائج ٿي پئي سگهيو، پر هن جنهن سنڌ ماءُ جي ڪک مان جنم ورتو هو، اتي سون تي سيڻ ڪو نه مٽائبا آهن.
شهيد کي ته نصاري جي نالي کان نفرت ۽ فرنگي فرمان ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتي سان منظور ڪو نه هئا. حسد جي هوا خواهن ۽ رقابت جي رڃ ۾ رانڀوٽا هڻندڙن کي شايد اها خبر ڪو نه هئي ته بادشاهي طاقت ۽ روحاني قوت ٻه جدا طاقتون آهن ڳرو مئنڊيڊ رکندڙ دنيا ئي بادشاهيون به نگاهن اڳيان نچي رهيون آهن. بي اعتمادي رٿون، نڪري وڃو جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا، هل هنگاما، بادشاهه جي محلات تي راتا ها، لانگ بوٽن جا ڌڙها، ملڪ بدري يا ٽياس تي ٽنگجي مس مس منجو خالي ڪرڻ.
ٿورو ماضي بعيد ۾ جهاتي پايو، سورهيه بادشاهه جي وڇوڙي کي ٻاهٺ سال اچي ڀريا آهن، پر سندن روحاني حڪومت اڄ به راڄ ڪري رهي آهي. فتح مڪي وقت ڪعبت الله جي ديوارن تان نبي پاڪ جي تجلا ڪندڙ تلوار
”جاءِ الحق وزهق الباطل ان الباطل ڪان زهوقا“
جي للڪار سان عزا ۽ لات، حل ۽ منات جا ڀورا ٿيندڙ بت، ابو سفيان جي عجب ۾ ڦاٿل اکين ڏسي پاسي ۾ بيٺل عباس کي چيو ته : تنهنجو ڀائيٽو ته وڏو بادشاهه ٿي ويو آهي. حضرت عباس وراڻيو ته : تنهنجون اکيون ڌوڪو ٿيون کائين، اها بادشاهي نه پر پيغمبري ۽ روحاني قوت آهي. ته روحاني قوت جو تسلسل قيامت قائم رهڻو آهي. سورهيه شهيد جي نيڪ بخت فرزند موجوده پاڳاري کي اليڪشن جي بنياد تي بيٺل بادشاهي کان وڌيڪ وڏن کان ورثي ۾ مليل روحاني قوت ايتري قدر ديده ور ۽ دور انديش بڻايو آهي جو فارسي جي مشهور پهاڪي وانگر ته : قلندر جون اکيون جيڪي ڏسنديون آهن اهوئي بيان ڪنديون آهن. ڪجهه سال پوئتي لوڻو ڦيري ماضي مرحومه جو مشاهدو ڪريو، پولنگون هلي پوريون ٿيون، رات جو ٽي وي تي نتيجا نشر ٿي رهيا هئا، تلوار ۽ تيرن کان بي پرواهه رڳو ببر شير جي گجگوڙ هئي، نواز جي ان نمايان ڪاميابي تي پورو ملڪ محؤ حيرت هو. صحافي سڳورن سراپا سوال بڻجي پير صاحب جن جو نقطئه نظر معلوم ڪرڻ وڃي ڪنگري هائوس جو ڪڙو کڙڪايو، هن دور رس نگاهه رکندڙ دوريش، نواز شريف جي ڳري مينڊٽ ۽ زبردست مقبوليت واري سوال تي زير لب مشڪي صرف ايترو چيو:
”زير دست، بالدست، بالادست، دربدر خاڪ بسر“
بظاهر مبهم ۽ بي مقصد هڪ جملو هو، پر روشن اکين جي رينج ۾ ٻه ٽي سال ڪا اهميت ڪو نه ٿا رکن، ان وقت ڪيترن ماڻهن جنرل مشرف جو نالو به ڪو نه ٻڌو هو. هو صرف پاڪ فوج جو ڪمانڊر ان چيف هو، نواز شريف کي نمسڪار ڪرڻ وارو. نواز شريف حيران ڪندڙ اڪثريت سان ڪامياب وزير اعظم ۽ اناوالا غيري جي خول ۾ بند، ٻن اڍائي سالن اندر صحافي برادري سان گڏ ساري دنيا اهو ئي ڏٺو جنهن جو اڳ ئي ارشاد ٿي چڪو هو، ”زبردست“ وزير اعظم ”زيردست“ فوجي هٿان ڳچي ۾ وڌل ڦاهي جي گرهه ٿوري ڍري ٿيل ڏسي ”دربدري“ ۽ ”خاڪ بسري“ جي حالت ۾ ڏهن سالن لاءِ وڃي مڪو ڀيٽيو.
جناب پير صاحب پاڳاري جن پنهنجي مخصوص انداز ۽ خاص اسٽائل سان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون اڳڪٿيون ۽ اشارا ڏيئي ويندا آهن، جنهن راز کي رمز شناس رند ئي پروڙي سگهن ٿا، عام ماڻهو پهرين ٻڌن پوءِ کلن، ڪجهه وقت کان پوءِ غور ڪن، آخر اهو ئي ڏسن جنهن جو پهرين سگار مان اٿندڙ مرغولن هلڪي ڦلڪي مزاح ۽ خوشطبعي ۾ نقاري تي ناد وڄي چڪو هو، صدر اسحاق ۽ وزير اعظم نواز جي نوراڪشتي تي تبصرو ڪندي چيائين ته: اهي ٻئي پهلوان گڏجي آکاڙو خالي ڪندا. ماڻهن لطيفو سمجهي ٽهڪ ڏنا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ قضا جو ڪان ٻنهي کي گڏ ويڙهي ويو، ان کان پوءِ بينظير وزير اعظم ٿي پنجن سالن جو پلان شروع ڪيو، پير صاحب کي پتو پيو، چوائي موڪليائين ته: اميد جي گهوڙي کي اڌ ۾ روڪ ان کان اڳ جهانگير ڪرامت جي ڪرامت توکي گهر ۽ ٻارن ڀيڙو ڪري ڇڏيندي. محترمه وڏي اعتماد سان چيو ته: آئون نمائنده وزير اعظم آهيان مون کي ڪنهن جي پرواهه ڪونهي. پير صاحب چيو ته: جي تنهنجو اهو قول سچو نڪتو ته: آئون بلاول هائوس پهچي اچي مبارڪ ڏيندس ٻي صورت ۾ تون ۽ بلاول هليا اچجو ڪنگري هائوس. پنجن سالن جو ته پنڌ هو، وچ ۾ ئي وزير اعظم بوريا بستر کڻائي اچي بلاول هائوس ۾ دم پٽيو. ڪنگري هائوس ته ڪونه ويئي پر ان ۾ ويٺل پير صاحب جو تصور ايندي کيس صاحب ڪشف يا روحاني رمز شناس ولي کڻي نه چيو هجيس پر هڪ غير معمولي ۽ نهايت ئي جينيس انسان ته ضرور مڃڻو پيو هوندو.
هن وقت به پير صاحب وٽ صدارت، وزارت يا پاڪستان جي بادشاهي جو ڪو قلمدان ڪونهي، پوءِ ائين ڇو آهي ته؟ جيڪو نگاهن کي نه وڻيو نا پسندي جي نظر چڙهيو، ان خلاف ڪيئن بي هنگم آواز ”مردار پکين جون ٻوليون“، پر طبعيت ۾ شفقت آئي، التفات ۽ محبت جي نظر نوازيو ته ٻي ڏينهن ملڪ جو مقتدر ماڻهو ۽ عزت ڀري ايوان جو اڳواڻ!!
يه رتبه سوا ملا جس ڪو مل گيا، هر بوالهوس ڪي لئي دارو رسن ڪهان؟
18 ربيع الااول 1427هه
بمطابق 17 اپريل 2006ع
No comments:
Post a Comment