ويا مور مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو _محمد يعقوب جتوئي _نوابشاھه ، سنڌ
املاء _جوکيو شفيق احمد
امام انقلاب علامة الزمان مولانا عبيد الله سنڌي جي شاگرد خاص مولوي محمد عثمان شيخ ويٺل ٿريچائي جو جيڪو نوابشاهه شهر ۾ ڪاروبار ڪري 40 سال رهيو جن جي خدمت ۾ مون ڪافي عرصو گذاريو، مولانا محمد عثمان مرحوم کان حضرت سنڌي رحمة الله جي باري تمام گهڻو ڪجهه ٻڌم، ايترو جو ائين سمجهندو آهيان ته ڄڻ مون مولانا ( عبيد الله ) سنڌي کي سندس زندگيءَ ۾ اکين سان ڏٺو اٿم، هونئن ته ٻڌي ڳالهه ڏٺي برابر نه ٿيندي آهي پر مولانا (عبيد الله سنڌي ) جي اثرائتي گفتار جا ٻا ٻول ۽ اخلاص واري زندگي جيتري ۽ جنهن کان به ٻڌندو ته دل تان لهي نه سگهندي، زندگيءَ ۾ بي نيازي جي هڪ بي مثل تصوير هئا، تڪول ۾ پيغمبرانه فيض جو مڪمل آئينو نظر ايندا هئا، مولانا عبيد الله سنڌي رح پنهنجي زندگي سر هڪ مڪمل آئينو نظر ايندا هئا، مولانا عبيد الله سنڌي رح پنهنجي سر هڪ مڪمل انجمن هئا، هڪ مڪمل پارٽي ۽ جماعت هئا هڪ لاجواب انجمن ليڊر هئا ته ساڳي وقت هڪ بي لوث ۽ مخلص ڪارڪن ورڪر به، مولانا عبيد الله سنڌي رح جو نوابشاهه اچڻ به سنڌ جي ٻين شهرن ڪيترن ئي شهرن کان گهڻو ٿيو آهي ، ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته پيرجهنڊي وڃڻ لاء نوابشاهه کان برانچ ريلوي لائن براسته سڪرنڊ سعيد آباد ويندي هئي ۽ آهي ۽ ٻيو سبب ته مولانا عبيد الله سنڌي جي تحريڪن ۾ رفيق ڪار حڪيم محمد معاذ صاحب جن به نواب شاهه ۾ رهندڙ هئا ۽ مولانا محمد عثمان جهڙو سندن مخلص شاگرد به نوابشاهه ۾ رهندو هيو مولانا عبيد الله سنڌي رح جي ڪمال فقيري ۽ فڪي جو جو هڪ واقعو مولوي محمد عثمان بيان ڪيو ته مولانا عبيد الله سنڌي رح هڪ ڀيري نوابشاهه ۾ حڪيم محمد معاذ وٽ آيا۽ حڪيم صاحب جن مولانا عبيد الله سنڌي کي ميرا ڪپڙا ڏسي ڪپڙن ڌورائڻ لاء عرض ڪيو ۽ مولانا عبيد الله سنڌي رح کي پائڻ لاء ٻيا ڪپڙا پيش ڪيائون سي ڪپڙا مولانا جن پهريا، روانگي وقت مولانا عبيد الله سنڌي رح کي رخصت مهل هڪ هڙ ڏنائون مولانا پڇين ته هي ڇاهي حڪيم ( محمد معاذ ) صاحب جن چيو ته هي اوهان جا ڌوتل ڪپڙا آهن؛ مولانا ( عبيد الله سنڌي ) فرمايو ته منهنجي شيءِ ۽ ملڪيت ايتري آهي جيتري ۽ جيڪا منهنجي بدن تي آهي وڌيڪ جو مونکي ڪهڙو حق؟ اهي ڪپڙا ڪنهن اهڙي ماڻهو کي ڏيئي ڇڏيو جو اگهاڙو هجي ۽ ان وٽ ڪپڙو نه هجي! هڪ ڀيري جو واقعو مولانا محمد عثمان رح بيان ڪيو ته؛ مولانا ( عبيد الله سنڌي ) مرحوم هڪ ڀيري شهر کان نوابشاهه اسٽيشن هليا ته جيئن اتاهون ريل جي رستي وايا سڪرنڊ ۽ سعيد آباد پير جهنڊي پهچن آئون( محمد عثمان ) به مولانا (عبيد الله سنڌي ) کي اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ ساڻن گڏ آيس، مولانا (عبيد الله سنڌي ) مولانا ( عبيد الله سنڌي ) جن وٽ ٽڪيٽ وٺڻ لاء پيسه ڪونه هجن مولانا ( عبيد الله سنڌي ) پليٽ فارم تي چڪر پئي ڏنا، ايتري ۾ مون وٽ هڪ ماڻحو آيو جنهن مون کي ڪجهه پيسا ڏيندي چيو ته اهي مولانا ( عبيد الله سنڌي ) کي ڏيو جو هو مون واقف نه آهن۽ نا واقف کان پيسا نه وٺندا آهن، سي پيسا وٺي مون مولانا (عبيد الله سنڌي رح ) کي ڏنا ۽ مولانا اهي پيسه ورتا ايتري ۾ مين لائن جي هڪ گاڏي آئي ان مان ڪجهه اهڙا ماڻهو لٿا جيڪي مولانا کي ڏسي ساڻن مليا، مولانا انهن کان پڇيو ته اوهان ڪاڏي ويندا جن چيو ته اسان پير جهنڊي جي ڪوٽ تي وينداسين، مولانا سنڌيءَ يڪدم اهي پيسا ڪڍي مون کي ڏنا ته هنن سڀن جي ۽ منهنجي سعيد آباد جي ٽيڪيٽ وٺي اچ مون ٽڪيٽون ورتيون پئسا سڀ کپي ويا ۽ جڏهن مولانا کي خبر به هئي ته سعيد آباد کان پوءِ ٽانگي جي ڀاڙي لاءِ به پيسا کپندا پر ان جي پرواهه نه ڪيائون ۽ سعيد آباد کان لهي ٽي ميل پنڌ پيرجهنڊي جي ڪوٽ ويا. هڪ ڀيري نوابشاهه اسٽيشن تي مولانا سنڌي رح کي رخصت ڪرڻ جو واقعو مولانا محمد عثمان ٻڌايو ته اسٽيشن تي پهچي مون مولانا لاء انٽر ڪلاس جي ٽيڪيٽ ورتي ۽ مولانا کي ڏنم مولانا ڏسي چيو ته تو وٽ پئسا گهڻا ٿيا آهن ڇا وڃي وڃي اها موٽائي ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي اچ، آئون ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي آيس گاڏي اچي وئي رش تمام گهڻي هجي مولانا هڪ گاڏي ۾ سوار ٿيا جنهن ۾ پيهه ايتري هئي جو دروازي وٽ ئي ڪنڊڙيءَ ۾ خالي بيهڻ جي جاءِ مشڪل سان ملين ۽ اهڙي حال ۾ روانا ٿيا ۽ اهو واقعو سندن پيرسني ءَ ۽ ڪمزوريءَ واري عمر جو آهي. ( اڄ جا عالم سڳورا ۽ مسلمان سبق پرائين) مولانا محمد عثمان مرحوم پنهنجي پير جهنڊي ۾ مولانا سنڌي رح وٽ پڙهڻ واري زماني جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ته اتي مولانا احمدعلي لاهوري به پڙهندو هو. اهو ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي ڪاوڙ مان مدرسو ڇڏي وڃي رهيو هو ۽ پنهنجي سامان کڻائڻ لاءِ ڀاڙي تي اٺ گهرايائين ۽ اٺ تي سامان لڏائي رهيو هو جو مولانا عبيد الله سنڌي رح ڏسي عجب مان مولانا لاهوري کان پڇيو کان پڇيو ته هي ڪنهن جو سامان آهي چيائينس ته سائين منهنجو آهي، ان تي مولانا وري پڇيس ته تو ڪٿان آندو؟ ڇا هي سامان اچڻ وقت تون پنهنجي گهران کڻي آيو هئين! چيائين سائين نه هون مون هتي ( سنڌ) اچڻ کان پوءِ ٺاهيو آهي. ان تي مولانا سنڌيءَ فرمايس هي سموروسامان مدرسي جي مليڪت آهي، ان ۾ تنهنجو ڪو به واسطو نه آهي، تنهنجي ملڪيت صرف تنهنجي بدن وارا ڪپڙا آهن، ان ڪري تون سامان اتي ڇڏي هٿين خالي هليو وڃ!
حضرت لاهوري رح جي فرمانبرداريءَ جو ڪمال آهي بلڪل مولانا عبيد الله سنڌي جي حڪم مطابق ائين ئي ڪيائون جو هٿين خالي سمورو سامان ڇڏي هليا ويا.
مولانا عبيد الله سنڌي رح جي انهن واقعن مان اندازو لڳايو وڃي ته هو ڪيڏي اقتصادي ٺوس نظريه جا مالڪ هئا جنهن جو مثال ڪميونزم (صوفي ازم) جي پيروڪارن ۾ به ملڻ محال آهي
۽ مولانا پنهنجي اهڙي فڪر ۽ عمل لاءِ زبردست دعويٰ رکندڙ هئا ته اهوئي صحيح ۽ حقيقي اسلام آهي ۽ وقت جي وڏن عالمن منجهان ڪنهنکي به مجال نه هئي جو مولانا عبيد الله سنڌي سندن روبرو سندن نظريه رويي کي غير اسلامي ثابت ڪري سگهن. هائو پرپٺ اختلاف سڀڪو ڪندو آهي
امير امان الله ( افغانستان جو سلطان) سن 1919 جي جنگ کان پوءِ جڏهن انگريزن سان ٺاهه ڪيو ته مولانا عبيد الله سنڌيءَ کي افغانستان ۾ رهڻ ڪري خرچ لاءِ پگهار طور ماهوار پنج سو روپيه منظور ڪري خدمت ۾ موڪليا مولانا عبيد الله سنڌي پيسا وٺڻ کان انڪار ڪندي فرمايو ته هينئر اسان ( سلطان امير) امان الله جي ڪهڙي ڪم جا آهيون جو سندس پگهار کائون ڪمال آهي جو هڪ مسافر بي وطن اهڙي بادشاهه سان اختلاف ٿو ڪري جنهن جي پناهه هيٺ ۽ سندس حڪومت ۾ گذاري رهيو هو.
جاري آهي لکي رهيو آهيان
No comments:
Post a Comment