Realtime Hit Counter
Sunday, 27 February 2011
سيدنا پير محمد راشد روضي ڌڻي قُدس سرھ جو احوال
چوٿين 04-فيبروري پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو استاد نظاماڻي
شهيد انقلاب سورهيه بادشاهه جو ملهايل 67هون يوم شهادت راج کتري
سورهيه بادشاهه جي مدفن وارو معاملو ۽ ڪجھه حقيقتون لکندڙ: نبي بخش شر/گرهوڙ شريف
اآزادي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ برصغير جو عظيم هيرو شهيد سورهيه بادشاهه فقير منٺار مڱريو
سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر شوڪت حسين شورو
سورهيه بادشاهه جو سياسي تدبر شوڪت حسين شورو
شوڪت حسين شورو
انگريز سامراج 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اِها پاليسي ٺاهي ته اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪري تابع دارن ۽ خوشامدڙين جو هڪ طبقو پيدا ڪيو وڃي ته جيئن سندن Colonial يا بيٺڪيت واري بادشاهي جون پاڙون وڌيڪ مضبوط ٿي وڃن. مولا جي ملڪ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي هئي، انگريزن ان زمين جي باندرن واري ورهاست ڪئي ۽ چاپلوس ۽ خوشامد ڪندڙن کي ڍئي ڇڏيو. نتيجي ۾ سنڌ ۾ زميندارن جو هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿيو جن ۾ نه خود داري هئي، نه عزتِ نفس ۽ نه وري قومي غيرت، اهي هر ڪڌي ڪم ۾ انگريز سرڪار جا ساٿاري ٿي بيٺا. سنڌي قوم لاءِ هنن جي دلين ۾ ڪو درد ڪونه هو. جتي سنڌي هندن ۾ کوڙ سارا مخير ماڻهو هئا جن اسڪول، ڪاليج، هاسٽلون، اسپتالون، ويم گھر، باغ باغيچا، يتيم گھر ٺهرايا ۽ ڪئين خير جا ڪم ڪيا، اُتي اسان جو مسلمان زميندار طبقو پنهنجين عياشين ۾ پورو هو. پر ٻي طرف رڳو مختيارڪار جي حڪم تي ڳوٿريون ناڻي جون ڀري رسائي لاءِ پهچائي ٿي آيا. ڪي ڳاڻ ڳڻيا چار پنج مسلمان زميندار هئا جن اسڪول قائم ڪيا، باقي گھڻائي جي ته تعليم سان پوندي ڪانه هئي.اهڙي ماحول ۾ پير صبغت الله شاهه ثاني جو ڪردار سنڌ جي مڙني پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان بنهه الڳ ۽ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ شخص وارو نظر اچي ٿو. کين 12 سالن جي ننڍي عمر ۾ پڳ پارائي وئي ۽ پاڻ پاڳارا بنيا. ان ڪچي عمر ۾ به کين خود داري ۽ قومي غيرت جو احساس هو. ان ڪري ئي هن ڪڏهن انگريز سرڪار جي درٻار ۾ سلامي ڪانه ڀري. اها ڳالهه انگريز سرڪار جي ڇاڙتن ۽ ڪامورن جي لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. پهرين اها ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جا ٻيا پير انگريز بهادر جي سلامي ڀريندڙ آهن، تيئن پير صبغت الله شاهه کي به ميٺ محبت ۽ لالچ وسيلي زير ڪيو وڃي. سکر جي ڪليڪٽر پير صاحب کي ملاقات ڪرڻ جو پيغام موڪليو. پير صاحب پاڻ ڪونه ويو، پر پنهنجي خليفي کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. ڪليڪٽر آڇ ڪئي ته حڪومت پير صاحب کي خطاب ۽ تلوار يا بندوق انعام ڏيڻ چاهي ٿي. پير صاحب جواب موڪليو ته اسان کي پير پاڳاري جو خطاب الله تعالى وٽان ۽ پنهنجن مريدن وٽان مليل آهي. ان ڪري اسان کي ٻئي ڪنهن خطاب جي ضرورت ڪانهي. بندوقون ۽ تلوارون اسان جي وڏن جي زماني کان وٺي اسان وٽ پيون آهن. وڌيڪ ڪنهن بندوق جي ضرورت ڪانهي.
ان جواب ملڻ کان پوءِ حڪومت وٽ هاڻي ٻيو طريقو اِهو هو ته پير صاحب کي ڪنهن نموني هيسائي آڻ مڃائي وڃي. ان حڪمتِ عملي هيٺ کيس جيل موڪليو ويو. جڏهن پاڻ ڇهن سالن جي عرصي ۾ انڊيا جي مختلف جيلن ۾ هئا تڏهن هڪڙو خاص سياسي تدبر منجھن پيدا ٿي چڪو هو. جيلن ۾ سياسي فڪر جي ماڻهن سان سندن ملاقاتون ٿيون. انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پير صاحب جي فڪر ۾ هڪ سياسي سجاڳي پيدا ٿي چڪي هئي جيڪا نه رڳو ان زماني جي پر اڄ تائين پيرن جي فڪر ۾ گھٽ آهي.
پير صاحب جي سياسي بصيرت ۽ دور انديشي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته وٽس سنڌ مسلم ليگ جو تڏهوڪو روح روان ”جي. ايم سيد“ وفد وٺي آيو ته اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. پير صاحب صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”شاهه صاحب! مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجھيو هو، پر اوهان سياست جي ابجد مان به واقف ڪونه آهيو. جيڪا جماعت سڀ ڪجھه انگريزن جي مشوري سان ڪري. جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سا ڪيئن آزاديءَ جي دعوى ٿي ڪري!“ هن جي ايم سيد کي اهو به چيو ته ”جيڪڏهن انڌي منڊي آزادي ملي ته پاڪستان وڍيل چچريل هوندو. پر اوهان ڪٿي هوندئو؟ شاهه صاحب! وڙهڻ لاءِ اوهين هوندا ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون جيڪي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪ شڪ ناهي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪتي ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوهين يا اسين؟ انشاء الله تعالى اسين ته وطن يا ڪفن حاصل ڪنداسون، پر اوهين پيا ڏکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“
سورهيه بادشاهه جون اهي ڳالهيون سئو سيڪڙو سچيون ثابت ٿيون. پاڪستان ٺهڻ سان جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هن جي سڄي زندگي جيلن ۽ نظربنديءَ ۾ ڪتاب لکندي گذري.
سورهيه بادشاهه سنڌ جي عام پيرن کان تمام گھڻو مختلف هو. هن جيڪي اصلاحي ڪم ڪيا ۽ پنهنجن مريدن کي جيڪي هدايتون جاري ڪيون تن مان سندن انقلابي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
پهرين هدايت ۾ مريدن کي چيو ويو ته پنهنجن ٻارن کي، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏياريو.
ٻيو ته ٻهراڙيءَ جي حالتن کي سڌارڻ rural uplift لاءِ امن امان قائم ڪريو.
ٽين هدايتو اهيا هئي ته پنهنجن جھڳڙن جا فيصلا پاڻ ڪريو. چوٿين هدايت اِها ته ولائتي ڪپڙو نه پايو، پر پنهنجي سنڌ جي ٿلهي سٽ واري کاڌي پاي.
پنجين هيءَ هئي ته نشو سڀ ڇڏي ڏيو، جھڙوڪ ٻيڙي، سلفي، حقو، چلم، ڀنگ نه پيئو. ڇهين ڳالهه اها ته مايون عاج ۽ ربڙ جا چوڙا نه پائين.
ستين هدايت اها هئي ته بيواهن، رنن زالن ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي پرڻائي ڇڏيو. اٺين هدايت اها فرمايائون ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نه ڏيو.
جي ايم سيد لکيو آهي ته پير صاحب مذهبي رواداريءَ جو قائل هو. هندو ڪي ٻاهران ڪونه آيا هئا. پر سنڌ جا هئا ۽ سنڌي هئا. ان ڪري پير صاحب نٿي چاهيو ته مسلمان ۽ هندو مذهب جي بنياد تي پاڻ ۾ جھيڙو ڪن، ڇو ته ان مان آخرڪار سنڌ کي ئي نقصان پهچڻ جو انديشو هو.
1939ع ۾ علي محمد شاهه راشديءَ جي رٿا تي منزل گاهه مسجد سکر وارو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿيا. سورهيه بادشاهه پنهنجن مريدن مان رضاڪار ڀرتي ڪيا هئا جن کي پاڻ غازي سڏيندو هو. هن غازين کي حڪم ڏنو ته جتي به مريدن جي ڳوٺ ۾ هندو هجن غازي انهن جي گھرن تي پهرو ڏين ۽ سندن حفاظت ڪن. انگريزن کي اِها ڳالهه ڏکي لڳي ڇو ته هنن چاهيو ٿي ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ وڙهيل هجن. انگريزن جي ان سازش ۾ سنڌ جا ڪي سياستدان شامل هئا. جن منزل مسجد گاهه جو جھيڙو ڪرائي سنڌ جي ماڻهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيو هو پر سورهيه بادشاهه جو اهي سياسي تدبر هو جنهن ان سازش کي چڱي طرح ڄاتو ٿي. ان ڪري هن پنهنجن غازرين کي پهريون ڪم اهو ڏنو هو ته جيڪي به هندو ڳوٺن ۾ آهن انهن جي گھرن تي پهرا بيهاريا وڃن ته جيئن انهن سان ڪوبه مسلمان کوئنس نه ڪري، نڪي وڙهي. خيرپور جي طرف جيڪي ڳوٺ هئا ۽ انهن ڳوٺن ۾ جتي گوڙ گھمسان هئا اتي به پير صاحب ماڻهو گھرائي بيهاريا ته جيئن هندن جي حفاظت ٿئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ موجب پير صاحب پهريون ڪم جيڪو غازين کان ورتو سو اِهوئي هو.
سورهيه بادشاهه جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ اخبار ”پير جو ڳوٺ گزيٽ“ جاري ٿي هئي جنهن جو ايڊيٽر هڪ رٽائرڊ ماستر ڪاڇومل هو. ان اخبار ۾ پيرصاحب هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو هو. 8 جولاءِ 1940ع تي شايع ٿيل ”پير پاڳارو خاص نمبر“ ۾ سورهيه بادشاهه پاڻ لکيو ته منهنجن ابن ڏاڏن هندن ۽ مسلمانن کي مقدس امانت سمجھي ساڻن برابري وارو ورتاءُ ڪيو. منهنجو به ساڳيو اصول آهي. الله ۽ پرماتما ساڳيو ئي آهي، ڀلي نالا مختلف هجن. آئون اهو ڏسي خوش ٿيندس ته مندر ۽ مسجد گڏوگڏ هجن، وچ ۾ رڳو هڪڙي ديوار هجي. هر ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ کپي جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي سان ڪا شڪايت نه ٿئي. سورهيه بادشاهه هند مهاسڀا ۽ مسلم ليگ ٻنهي کي فرقيوارانه تحريڪن جو نالو ڏنو هو. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي تحقيق موجب سورهيه بادشاهه جڏهن جيل مان نڪري پير جو ڳوٺ پهتو ته ٽي ڪانگريسي ساڻن گڏ آيا. اهي پير صاحب وٽ تحريڪ بابت مشير ٿي ڪم ڪرڻ لڳا.
سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر ۽ ڪردار بابت اڃا گھڻين ڳالهين تي پردو پيل آهي. انگريزن جي زماني کان وٺي سازشن تحت صحيح ڳالهين کي لڪائي سورهيه بادشاهه بابت غلط ڳالهين کي مشهور ڪيو ويو آهي. اهو سنڌ جي تاريخدانن ۽ محققن جو ڪم آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سورهيه بادشاهه جي سياسي فڪر، ڪردار ۽ ڪارنامن بابت سچاين کي ظاهر ڪن.
http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/88.htm
Thursday, 17 February 2011
ڇا اسان يا اسان جا اڳواڻ سرواڻ شهيد سورهيه مجاهد انقلابي جلاوطن : سيڪيولر ناهيون ؟
ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار
Sunday, 13 February 2011
عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ
عرب ملڪن ۾ امريڪا جي منافقي
پال ڪريگ رابرٽس/زاهده شيخ
امريڪي حڪومت جي منافقي ۽ مڪاري هاڻي وري پنهنجي پوري طاقت ۽ جاهه و جلال سان ظاهر ٿي آهي. امريڪي حڪومت عراق ۽ افغانستان تي حملو ڪري سڄن سارن ڳوٺن ۽ شهرن سميت ٻنهي ملڪن جي وڏي حصي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ عراق ۽ افغانستان ۾ ”جمهوريت آڻڻ“ جي نالي ۾ بيشمار عام شهرين جو ڪوس ڪيو. هاڻي جڏهن مصر جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن کان گهٽين ۾ ۽ رستن تي نڪري ”مبارڪ! جان ڇڏ، هليو وڃ!“ جا زوردار مطالبا پيا ڪن، پوءِ به امريڪي حڪومت پنهنجي اشارن تي نچندڙ حڪمران جو پاسو وٺيو بيٺي آهي. نه رڳو ايترو پر اڃان به صلاحون پيئي ڏئي ته ٽن هاڪن کان ملڪ ۾ پوليس راڄ قائم رکڻ کانپوءِ به مبارڪ ئي مصر ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ مناسب ماڻهو آهي.
30 جنوريءَ تي امريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن پڌرو ڪيو ته امريڪا مصر ۾ نه ”آزادي ۽ جمهوريت“ جي گهر ٿو ڪري نه ئي ڊڪٽيٽر جي نيڪاليءَ ۾ مددگار ٿيندو. اسرائيل جي صدر نيتن ياهوءَ امريڪا ۽ يورپ کي چيو آهي ته علائقائي مضبوطي جي بچاءَ واسطي مبارڪ مٿان ٿيندڙ تنقيد کي ٻنجو ڏنو وڃي.
مضبوطيءَ مان نيتن ياهو جي مراد ظاهر آهي ته اها آهي ته اسرائيل کي اها آزادي مليل هجي ته اهو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي فسلطينين کان ڦرلٽ ۽ سندن ملڪ چورائڻ جو ڌنڌو رکي سگهي. مبارڪ امريڪا ۽ اسرائيل جو پگهاردار ۽ چوڪيدار آهي. هو ٽن ڏهاڪن کان امريڪا ۽ اسرائيل پاران غزه کي ڪڙو چاڙهي بند ڪري، ٻاهرين دنيا کان ڪاٽيو ويٺو آهي. هو غزه جي قيد ڪيل فلسطينين ڏانهن سڄي دنيا مان جيڪا امداد موڪلي وڃي ٿي، ان کي مصري سرحد وٽ روڪيو ڇڏي ۽ ان جي عيوض ڳري پگهار پيو وٺي. امريڪي ٽئڪس ڀريندڙ شهرين جي پئسن جي مهربانيءَ سان مبارڪ ۽ سندس خاندان ارب ۽ کرب پتي بڻجي ويا آهن. امريڪا جي ڪا به حڪومت پوءِ چاهي اها ڊيموڪريٽ هجي چاهي ريپبلڪن هجي، مبارڪ ۾ ڪيل پنهنجي اها ڳري سيڙپ ختم ڪرڻ نٿا گهرن.
امريڪي حڪومت ڊگهي عرصي کان عرب عوام تي پنهنجي مڙهيل حڪمرانن کي عرب عوام بدران اسرائيل ۽ امريڪا جي مفادن جو چوڪيدار بڻائڻ لاءِ کين رشوتون ۽ معاوضا ڏئي عرب حڪومتن کي ڪرپٽ بڻائيندي رهي آهي. عرب عوام امريڪي پئسي جي زور تي ساڻن ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر کي ڪئين سالن تائين سٺو آهي پر هاڻي هو بغاوت جون نشانيون پيا ڏيکارين.
تيونس ۾ امريڪا جي ٿاڦيل عوام جي قاتل ظالم حڪمران کي، ماڻهن رستن تي اچي اقتدار کان تڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. اها بغاوت مصر تائين پکڙجي ويئي آهي ۽ يمن ۽ اردن جي گهٽين ۾ امريڪا جي پِٺُو حڪمرانن خلاف مظاهرا پيا ٿين.
اها عوامي سجاڳي ٿي سگهي ٿو ته امريڪا جي اشارن تي نچندڙ اڳڙين جي گڏن حڪمرانن کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي پر ڇا ان تبديليءَ جو نتيجو امريڪا جي اشارن تي هلندڙ پراڻن پِٺُو حڪمرانن جي جاءِ تي نون اڳڙيءَ جي گڏن حڪمرانن جي اچڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو نڪرندو؟ مبارڪ ٿي سگهي ٿو ته هليو وڃي پر ان جي جاءِ تي جيڪو ٻيو ايندو ان کي به ڏسڻ ۾ ايندو ته کيس به ساڳيا پراڻا امريڪي سنج پهريل آهن.
اهي (امريڪا جا ڇاڙتا) فرعون حڪمران پنهنجن ملڪن جي ٻي ڪارائتي سياسي قيادت کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. عوام ۾ اثر رکندڙ سياسي اڳواڻن يا ته قتل ڪيا ويندا آهن يا جلاوطن آهن يا ته وري جيلن ۾ واڙيل آهن. تنهن کانسواءِ جيستائين ڪو ايران جهڙو باقاعدي سورهن جا، سورهن آنا مڪمل انقلاب اچي، تيستائين ٻيو کڻي ڪهڙو به انقلاب اچي پر ملڪ جي کريل ڪامورا شاهي جيڪا زمانن کان وٺي شيءِ جيئن آهي سا تيئن ئي رکيو ويٺي آهي اُها هڪڙي پائيءَ جو به سڌارو آڻڻ نٿي ڏئي، سا ملڪ جي مالڪ ٿيو ويٺي هوندي ۽ عوام کي ساڳيا ٽڪر ساڳ سان کارايو ويٺي هوندي. ان کانسواءِ مصر جي فوج کي امريڪا جي ڊالرن تي پلجڻ جي عادت ٿي ويئي آهي ۽ اها چاهي ٿي ته کيس ملندڙ پئسن جو ساڳيو وهڪرو جاري رهي. اهو انهن پئسن جو باقاعدي وهڪرو ئي آهي جنهن سان ڪنهن به ٻي ايندڙ حڪومت کي به آرام سان خريد ڪري ڇڏبو.
جيئن ته ڊالر دنيا جو بين الاقوامي ڏيتي ليتيءَ ۽ واپار جو خاص سِڪو آهي. تنهن ڪري امريڪي حڪومت کي دنيا مٿان اقتصادي برتري حاصل آهي ۽ اهو ٻين ملڪن کي ايران وانگر دنيا کان ڪٽي اڪيلو بڻائي سگهي ٿو. عرب ملڪن جي امريڪي پنجوڙ مان نڪري آزاد ٿيڻ لاءِ ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ ڳالهه جو ٿيڻ لازمي آهي. يا ته انقلاب عرب دنيا کي مڪمل طرح تبديل ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عرب ملڪن جي پاڻ ۾ مضبوط معاشي ٻڌي پيدا ٿئي، جيڪا مقامي معاشي واڌاري کي همٿائي يا وري امريڪي ڊالر دنيا جي خاص سڪي طور ناڪام ٿئي.
اولهه جي ملڪن پاران وچ اوڀر جي عرب ملڪن مٿان برتري قائم رکندي اچڻ جو وڏو سبب عربن جي پاڻ ۾ ٻڌي نه هجڻ آهي. عربن جي وچ ۾ انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ اسرائيل ۽ امريڪا فلسطين جي ائين ڦرلٽ ۽ توهين سان مٽي پليت نه ڪري سگهن ها، جيئن اهي ڪئين ڏهاڪن کان ڪندا اچن ۽ عربن جي وچ ۾ پيل انهيءَ ڦوٽ کانسواءِ، امريڪا عراق تي حملو به نه ڪري سگهي ها. ان ڳالهه جو امڪان تمام گهٽ آهي ته ڪو عرب اوچتو پاڻ ۾ ٺهي ويندا ۽ ٻڌي ڪندا.
ڊالر جي زوال جو امڪان وڌيڪ آهي. دراصل امريڪي سرڪار جي بجيٽ جي کوٽ ۽ واپار جي کوٽ انهن ٻنهي کي وڌائڻ جي پاليسي ۽ وفاقي رزرو (Federal Reserve) جي بجيٽ جي کوٽ کي ۽ وڏين بئنڪن جي ٺلهن ڪاغذي اثاثن کي ناواجب سان چالو سڪو بنائڻ جي پاليسيءَ جي ڪري، ڊالر خاتمي طرف ئي پيو وڃي.
جيئن ڊالر جي گهڻ ٿيندي، تيئن ان جي قيمت ۾ لاٿ ايندي. شايد اهو وقت پري ڪونهي جڏهن عرب حڪمران امريڪي پئسن لاءِ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڪڻڻ بند ڪندا.
(نوٽ: ليکڪ امريڪا جي خزاني جي کاتي جو اڳوڻو اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي.)
(ڊيلي ٽائيمس 2 فيبروري 2011ع جي ٿورن سان)