Realtime Hit Counter

Wednesday, 16 March 2011

مخدوم محمد معين ٺٽوي سنڌي (1161 هه -1093 هه) 12 صدي هجريءَ جو مجتهد _ حافظ محمد صديق ميمڻ




مخدوم محمد معين ٺٽوي سنڌي (1161 هه -1093 هه) 12 صدي هجريءَ جو مجتهد _ حافظ محمد صديق ميمڻ


سنڌ ڌرتي مردم خيز ڌرتي آهي. امن، محبت، ڀائيچاري ۽ پيار جي ڌرتي آهي.
هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
هيءَ ڌرتي مختلف مذهبن ۽ نظرين درميان محبت ۽ رواداريءَ واري ڌرتي آهي. هن ڌرتيءَ جي ماڻهن ئي ويدانت ۽ وحدة الوجود جي فلسفي ذريعي سمورن مذهبن جي وچ ۾ ڀائپي ۽ پيار جو پيغام ڏنو.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
اهوئي سبب هئو جو دين اسلام جي پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته مون کي هند ۽ سنڌ مان خوشبو ٿي اچي.
حيدرآباد ۾ جتي هن وقت اسريٰ يونيورسٽي ٺهيل آهي اتي غالبن 1986ع ۾ اسلامي مرڪز جي پيڙهه جو پٿر ڪعبة الله جي وڏي ۽ نامياري امام عبدالله ابن سبيل رکيو هئو.
انهيءَ تقريب ۾ امام صاحب آڏو حضرت سائين غلام مصطفيٰ قاسمي رحه جن عربي زبان ۾ هڪ سپاس نامو پيش ڪيو هئو. جنهن ۾ سائين قاسمي صاحب جن هي ثابت ڪرڻ چاهيو هئو ته حديثن جي امامن جا سنڌي عالم استاد رهيا آهن.
انهيءَ جي جواب ۾ ڪعبة الله جي امام صاحب انهيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي عربيءَ ۾ لکيل تقرير، جنهن جو سنڌي ۽ اردو ترجمو ڪري محفل ۾ شريڪ ماڻهن ۾ ورهايو ويو هئو، ڇڏي زباني تقرير ڪرڻ لڳو جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪيائون ۽ آخر ۾ چيائون ته ”سنڌ جا ماڻهو شريف النفس هئا تنهن ڪري اسلام سندن طبيعت موافق هئو ۽ انهيءَ سبب ڪري ئي جلد مسلمان ٿيا.“ عربن جي سنڌ سان محبت ۽ سندن سنڌي عالمن جي شاگرد هئڻ جي حوالن لاءِ مولانا دين محمد وفائي صاحب جا ٻه ڪتاب پڙهڻ جوڳا آهن.
هڪ تذڪره مشاهير سنڌ ۽ ٻيو الوحيد سنڌ آزاد نمبر.
اسلامي تاريخ ۾ پهرين صدي هجري کان وٺي (يعني امام اوزاعي) 14 صدي هجريءَ (يعني امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ) تائين سنڌي عالمن جو مجتهدانه ڪردار رهيو آهي.
اسلام ۾ جيڪو صوفي طريقو شروع ٿيو ان ۾ پڻ انقلابي نواڻ يعني ويدانت يا وحدة الوجود جي فلسفي جو بنياد پڻ 3 صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي هڪ نو مسلم ابو علي سنڌي، جي فڪر ذريعي پيو، جيڪو صوفين جي مشهور امام حضرت بايزيد بسطاميءَ جو انهيءَ فلسفيانه ڄاڻ ۾ استاد هئو. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم مولانا دين محمد وفائي صاحب تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته ”شيخ روز بهقان بقلي (وفات محرم 606 هه) شرح شطحيات ۾ آندو آهي ته ”ابو علي سنڌي، شيخ بايزيد بسطاميءَ جو استاد هئو.“ بايزيد فرمايو آهي ته ”مان ابو عليءَ کان توحيد ۾ فنا جو علم سکي رهيو هئس ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽ قل هو الله سکندو رهيو ٿي“. (نفحات الانس جامي) مولانا عبدالغفور لاري (وفات 912 هه) عارف جاميءَ جي شاگرد هن جي حاشيي تي لکيو آهي ته ”علم فنا در توحيد ته هڪ وهبي علم آهي نه ڪسبي ۽ عبارت الفاظن جو علم آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن پهرين علم يعني وهبي علم کي جيڪو هٿ ڪندو ته پويون علم يعني اکرن وارو علم گم ٿي ويندس“
”حضرت استاذي مولانا عبيد الله سنڌيؓ هڪ دفعي فقير جامع اوراق (مولانا وفائي) کي هن مقام تي خطاب ڪندي فرمايو ته:
”شيخ ابو علي سنڌي نو مسلم ۽ ويدانت واري فلاسافيءَ جو وڏو عالم هئو ۽ انهي فلاسافيءَ جو بنياد ئي توحيد ۾ فنا ٿيڻ ۾ آهي. شيخ بايزيد بسطاميؓ هن نو مسلم ويدانتيءَ کان توحيد جا حقائق ۽ انهيءَ علم جون باريڪيون دليلن سان سمجهندو هئو ۽ پاڻ نو مسلم هجڻ جي ڪري شيخ وٽان نماز جي ننڍين سورتن جي تعليم وٺندو هئو. ڇاڪاڻ جو نو مسلم لاءِ نماز جي ننڍين سورتن جي تعليم وٺڻ ضروري آهي.“
هن مان ظاهر آهي ته اسلامي تصوف ۾ جيڪو وحدت الوجود جي مسئلي جو ميلاپ ٿيو آهي ان جو بنياد شروع ۾ سنڌ جي نو مسلمن جي ذريعي پيو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي علم يا فلسفئه خدا شناسي سموري دنيا تي صوفياء ڪرام جي ذريعي حاوي ٿيو آهي“
”شيخ ابو علي سنڌيءَ جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، مگر ڏسجي ٿو ته هو 3 صدي هجريءَ جو بزرگ آهي. ڇاڪاڻ جو حضرت بايزيد بسطاميؓ جي وفات 261 هه ۾ ٿي آهي ۽ ابو علي سنڌي سندس توحيد ۾ استاد هئو“
اڄ تاريخ 2008-06-15ع بمطابق 9 جمادي الثاني 1429 هه تي منهنجي هن مقالي جو موضوع به انهيءَ سلسلي جو هڪ وڏو مجتهد، معقولات ۽ منقولات (فلسفي، منطق، حديث ۽ فقه) جو امام مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو آهي.
جيڪو 1093 صدي هجريءَ ۾ ڄائو ۽ 1161 صدي هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. اڄ جي هن مقالي ۾ مان مخدوم صاحب جي متعلق مختلف نامور عالمن ۽ بزرگن جا ۽ پنهنجا ڪجهه خيال ٻڌندڙن لاءِ پيش ڪيان ٿو.
سنڌ جي نامور شاعر ۽ تاريخ نويس محترم مير علي شير قانع پنهنجي مشهور ڪتاب تحفة الڪرام ۾ مخدوم صاحب کي هيٺئين ريت ياد ڪيو آهي.
”مخدوم محمد معين، مخدوم محمد امين بن مخدوم طالب الله جو پٽ، جيڪو اصل روپاه ۽ پٽ باران جي ڳوٺ ”دالي“ جو رهندڙ ۽ ذات جو دَلُ لاکو هئو. سندس نانو ”فاضل خان جيڪو سندس ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هئو (اورنگزيب عالمگير جو مقرب هئو، مقاله نگار) سندس والد صاحب ڳوٺ مان لڏي اچي ٺٽي ويٺو.
مخدوم محمد معين ٺٽي جي هڪ وڏي عالم مخدوم عنايت الله جو شاگرد هئو. خدا تعاليٰ کيس پنهنجي وقت ۾ ڪمال جي سڀني فنن جو جامع ڪيو. معقول توڙي منقول علمن ۾ وقت جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب هئو. دين جي ڪيترن بزرگن سان صحبتون ڪيائين. ميان ابو القاسم نقشبنديءَ سان ڏاڍي عقيدت مندي هئس. پوئين ڏينهن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف ”تارڪ“ (شاهه ڀٽائي) لقب واري سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو رستو رکيائين.
سندس ۽ مخدوم محمد هاشم (جيڪو سندس شاگرد هئو، مقاله نگار) جي وچ ۾ هميشه بحث مٻاحثو جاري رهندو هئو.
اَلسّماءُ مِعراجُ الاَولياءِ (سماع ولين جو معراج آهي) جي مقولي مطابق سماع کي پسند ڪندو هئو ۽ علم موسيقيءَ کان واقف هئو. محققانه شعر چوندو هئو فارسيءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ بيراگي تخلص هئس. سندس بلند مقامي اها هئي جو وقت جي صاحب جناب عبداللطيف ”تارڪ“ پنهنجي ڳوٺ خادمن کي فرمايو ته ”هلو ته پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ هلون“ ائين چئي ٺٽي آيو ۽ راڳ جي محفل برپا ڪيائين مخدوم محمد معين پڻ انهيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو. محفل جي عين گرميءَ ۽ ذوق واري وقت اٿي اندر ويو ۽ جهٽ ۾ ساهه ڏنائين. سيد عبداللطيف جنازي ۾ شموليت ڪري ڳوٺ ڏانهن موٽندي چيو ته ”ٺٽي جو ڏسڻ سندن ڪري ٿيندو هئو. بس اڄ کان پوءِ بند“ مخدوم صاحب جي وفات سن 1161 هه ۾ ٿي سندن وفات تي ڪيترن ئي ذوق جي صاحبن قطعه چيا آهن (تحفة الڪرام جو اختصار).
تذڪره مشاهير سنڌ ۾ مولانا دين محمد وفائيؓ جن مخدوم صاحب متعلق جيڪو لکيو آهي ان جو پڻ اختصار هيٺ لکان ٿو.
”علامه محمد معين ٺٽوي، شاهه ولي الله جو شاگرد ۽ سندس علومن مان فيض يافته آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي جنهن کي مخدوم ٺارو به سڏيندا آهن. هن بزرگ جو مختصر ذڪر حضرت مولانا عبيد الله سنڌي صاحب به پنهنجي ڪتاب ”شاهه ولي الله کي سياسي تحريک“ ۾ ڪيو آهي. جنهن جو اڄ مفصل ذڪر هت ڪجي ٿو.
”محمد معين بن محمد امين قوم جو دَل، ٺٽي جي قديم مولوين جي خاندان مان هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. علامه معين جو والد بزرگوار به هڪ وڏو عالم ۽ درويش صفت بزرگ هو. جنهن جي شادي ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ مير منشي فاضل خان جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان مخدوم محمد معين پيدا ٿيو (فاضل خان حضرت سلطان اورنگزيب عالمگير جي مقربن مان هئو جنهن سن 1096 هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي) علامه معين شروع ڄمار ۾ ٺٽي ۾ رهي علمن جي تحصيل ڪئي ۽ ميان ابو القاسم نقشبنديءَ کان تصوف ۾ بيعت ورتي.
ان کانپوءِ دهليءَ جي شاهه ولي الله وٽ ڪيترا سال رهي هن فلسفه الاهيات، حديث ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪئي. بعض مسئلن جي تحقيق ۾ هو شاهه صاحب جي خدمت ۾ نئون رستو اختيار ڪندو هو ۽ نرالي ڍنگ ۽ مجتهدانه انداز ۾ راءِ پيش ڪندو هئو. جنهن ڪري حضرت شاهه ولي اللهؓ کيس چوندو هو ته ”فقد رکبت غضنفرا“ يعني ته بيشڪ تون (تحقيق ڪرڻ ۾) شينهن تي سوار ٿيو آهين“.
علامه معين، شاهه صاحب جي خدمت ۾ رهي وحدت الوجود جو مسئلو حل ڪيو. ٺٽي ۾ سيد علي رضا جيلانيءَ کان شيخ محي الدين ابن عربي جو مشهور رسالو ”فصوص الحڪم“ سبق سبق ڪري پڙهيائين ۽ ان کانپوءِ ابن عربيءَ جي صوفيانه مسلڪ جو سخت حامي ٿيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (متوفي 1165 هه) ۽ مخدوم صاحب جو گهاٽو رستو هئو، ڪڏهن مخدوم صاحب شاهه صاحب وٽ وڃي رهندو هئو ته ڪڏهن وري شاهه عبداللطيف مخدوم صاحب وٽ اچي ٽڪندو هئو. پاڻ ۾ حال ۽ قال (وجداني علم ۽ ظاهري علم يا فلسفي ۽ حديث وغيره جو علم، مقاله نگار) جون طويل صحبتون ڪندا هئا.
تصوف سان نهايت گهڻي لڳاءَ جي باوجود درس، تدريس ۽ تصنيف و تاليف به نهايت گهڻي ڪندا هئا. سندن وٽان تمام گهڻا ماڻهو علم پرائي نڪتا ۽ فيض ۽ فتويٰ جا صاحب ٿيا“ حوالي لاءِ الوحيد سنڌ آزاد نمبر به ڏسڻ گهرجي. سندس نالي وارن شاگردن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مولانا محمد حيات سنڌي (جيڪو حجاز جو امام العلماء ٿيو جنهن جو، حجاز جي جديد تحريڪ جو باني سيد عبدالوهاب نجدي پڻ شاگرد هئو. سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب چوندو هئو ته شاهه ولي الله به مولانا محمد حيات سنڌيءَ جو شاگرد هئو. (مقاله نگار)
مخدوم صاحب جو هڪ وڏو شاگرد، جيڪو سندس استاد مخدوم عنايت الله جو پٽ مولوي محمد صادق به هئو جنهن لاءِ مير علي شير قانع لکيو آهي ته ”مولوي محمد صادق مخدوم معين جي شاگردن ۾ سڀني جو نڪ آهي. وقت جو علامه ۽ معقولات (فلسفي) ۾ پنهنجي وقت جو بينظير آهي ۽ مٿئين سيد عبداللطيف (ڀٽائي) جو مريد آهي. انهيءَ بزرگ لاءِ محترم غلام رسول مهر پنهنجي مشهور ڪتاب تاريخ ڪلهوڙا جي جلد ٻئين ۾ لکيو آهي ته ”مخدوم عنايت الله جو ٻيو پٽ مولوي محمد صادق هئو جيڪو معقولات ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئو ۽ هڪ درسگاهه پڻ قائم ڪئي هئائين.“
سنڌ جي مشهور ۽ نامور تاريخدان رحيم داد خان مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب ”تاريخ تمدن سنڌ“ جو اختصار هن ريت آهي ”مخدوم محمد معين ٺٽوي ولد محمد معين (پروف جي غلطي ٿي ڏسجي ڇو ته سندن والد جو نالو محمد امين هئو، مقاله نگار) قوم دَلُ ٺٽي جي قديم ملن جي خاندان مان هئو سندس والد ”امين“ مشهور شاعر مير فاضل خان جي گهران شادي ڪئي هئي، ان مان يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ مخدوم امين پيدا ٿيو. (پروف جي غلطي آهي ڇو ته اهو مخدوم معين آهي. مقاله نگار) هن اول ٺٽي جي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي. پوءِ اتان دهليءَ وڃي شاهه عبدالرحيم ۽ سندس فرزند شاهه ولي الله دهلويءَ جي خدمت ۾ وڌيڪ علم پرايو. اتان موٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ محدث ۽ غير مقلد عالم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو (ان ڳالهه جي نفي ٿئي ٿي جو مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي مشهور ڪتاب دراسات اللبيب ۾ لکيو آهي ته:
”فاني ماترکت مذهبہ الافيما خالف الحديث الصحيح“. ترجمو: مان امام ابو حنيفي جو مذهب نه ڇڏيو آهي سواءِ ان مسئلي ۾ جنهن ۾ امام صاحب جي خلاف ڪا صحيح حديث ملي آهي ته ان تي عمل ڪيان ٿو. مقاله نگار) صفحو نمبر -402، ڇاپو 1957، ان کانپوءِ هن جي شهرت چئوطرف پکڙجڻ لڳي. هو صوفي، محدث، فلسفي، شاعر ۽ فاضل ترين عالم هئو.
صوفيانه مسلڪ ۾ محي الدين ابن عربيءَ جو تابع هئو. علامه معين ڪن خيالن ۾ تفضيلي شيعن جو حامي هئو. طريقت ۾ شيخ ابو القاسم نقشبنديءَ (جيڪو مخدوم آدم جي واسطي سان امام ربانيءَ جي سلسلي سان ملحق هئو) جو مريد هئو.
مخدوم محمد هاشم اگرچه علامه معين جو شاگرد هئو. ليڪن ٻنهي جي خيالن ۾ اختلاف هوندا هئا. علامه صاحب باوجود محدث ۽ نقشبندي هئڻ جي راڳ ۽ سرور جي مجلسن ۾ وهندو هئو. آخر عمر ۾ گوشئه نشين ٿي پنهنجو وقت راڳ ٻڌڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ لڳو. سندس وفات به راڳ ٻڌندي ٿي سندس وفات وقت عبداللطيف ڀٽائي حاضر هئو.
اڄ ڪالهه مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي تعليم ڪري شاهه ولي الله دهلوي جي تصوف، سياست ۽ اقتصاديات جي نظرين جي ڄاڻ گهڻن تعليم يافته سنڌين کي پهچي چڪي آهي. ليڪن انهيءَ تعليم کي سڀ کان اول سنڌ ۾ مخدوم محمد معينؓ پهچايو. (بحواله تاريخ تمدن سنڌ)
مولانا عبيد الله سنڌيؓ ”شاهه ولي الله اور ان کي سياسي تحريک“ جي ڇاپي 1965ع جي صفحي نمبر 60 تي لکيو آهي ته ”ترجمو: شاهه ولي الله جي تحريڪ جو سنڌ ۾ ملا محمد معين جو مدرسو ٺٽي ۾ مرڪز هئو. جنهن سان مشهور عارف شاهه عبداللطيف ڀٽائي خاص تعلق رکندو هئو“.
مولانا عبيدالله سنڌي انهيءَ مٿئين ڪتاب جي صفحي نمبر 189-186 تي مخدوم معين ۽ شاهه عبداللطيف جو هيٺئين ريت ذڪر ڪيو آهي.
ترجمو: الشيخ معين الدين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو، مخدوم محمد هاشم ۽ ان جي پٽ عبدالله (منهنجو خيال آهي ته اهو مخدوم عبداللطيف آهي ٿي سگهي ٿو ته ان جا ٻه نالا هجن. (مقاله نگار) جو استاد هئو. هن شيخ عبدالحق محدث دهلوي (جيڪو نقشبندي طريقي جو وڏو عارف هئو) جي طريقي جي ابتڙ شاهه ولي الله جي طريقي کي ترجيح ڏيڻ لاءِ ”دراسات اللبيب“ لکيائون. انهيءَ ڪتاب جي ٻارهين دراسات خصوصي طرح پڙهڻ جوڳي آهي. جنهن ۾ مخدوم صاحب، امام بخاريءَ جي ڪتاب ”تاريخ صفير“ جي ان عبارت جو رد لکيو آهي، جنهن ۾ امام بخاريءَ امام ابو حنيفه تي جرح ڪئي آهي.“
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سنڌيءَ ۾ اهو درجو رکي ٿو جيڪو درجو فارسيءَ ۾ مثنوي مولانا روم جو آهي. هن کي هندو ۽ مسلمان سمورا مساوي طرح پڙهن ٿا. انهي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي.شاهه محمد معين دراسات اللبيب جو مصنف ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ ئي مسلڪ جا بزرگ آهن ۽ ٻئي وحدة الوجود جا هڪجهڙا عارف آهن. مخدوم محمد معين وفات ڪرڻ وقت وصيت ڪئي هئي ته منهنجو جنازو تيار ڪري مسجد ۾ رکجو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو انتظار ڪجو. شاهه صاحب صحرائن ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو هئو ڪهڙي خبر ته هو ڪهڙي صحرا ۾ هجي ۽ ان کي ڪهڙي طرح اطلاع ملي ۽ ڪڏهن اچي؟ پر جنازي تيار ٿيڻ کانپوءِ ترت ئي شاهه صاحب جن اچي ويا ۽ جنازي جي امامت ڪرايائون ۽ پوءِ چيائون ته ٺٽي سان اسان جو تعلق ختم ٿي ويو.“
مولانا غلام رسول مهر به تارخ ڪلهوڙا ۾ لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جي جنازي جي نماز شاهه ڀٽائي پڙهائي هئي.“
شاهه عبداللطيف رحه جي رسالي متعلق محترم غلام رباني آگري صاحب مهراڻ رسالي جي شماري 3/2000 ۾ لکيو آهي ته ”حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحه (جنهن جي هٿ تي امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي مسلمان ٿيو هئو ۽ سنڌي سڏائڻ لڳو .مقاله نگار) جي مفلوظات جو اردو ترجمو فريد بڪ اسٽال لاهور ”جامِ عرفان“ جي نالي سان ڇپايو آهي. جنهن جي صفحي نمبر 182 تي لکيل آهي، ترجمو ”شيخ عبدالرحمٰن ٻڌايو ته هڪ دفعي حضرت جن فرمايو ته خدا جو ڪلام ٽي دفعا نازل ٿيو آهي. هڪ دفعو عربيءَ ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي زبان مبارڪ تي جاري ٿيو. ٻيو دفعو فارسيءَ ۾ مثنوي مولانا روم جي شڪل ۾ موجود آهي. ٽيون دفعو سنڌيءَ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي صورت ۾“ ڪتاب جي مرتب سيد محمد فاروق قادريءَ ان تي هيٺيون حاشيو لکيو آهي. ترجمو: هن منجهان مثنوي ۽ شاهه جي رسالي جي، قرآن جي فڪر جي بهترين تشريح جي ڪري تعظيم ٿئي ٿي باقي انهيءَ عبارت منجهان هي دوکو نه کائڻ گهرجي ته ڪو معاذ الله اهي ٻئي ڪتاب به ڪو قرآن مجيد وانگر وحي ٿي نازل ٿيا آهن. انهن ٻنهي ڪتابن جي اسلامي ۽ ديني حيثيت مسلم آهي، پر قرآن مجيد جو مقابلو روءِ زمين جو ڪهڙو ڪتاب ڪري سگهي ٿو؟“
مٿين نامور عالمن ۽ فاضلن جي لکڻين مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مخدوم محمد معين ٻارهين صدي هجريءَ جو تمام وڏو عالم فاضل، منطق ۽ فلسفي جو وڏو ڄاڻو، حديث، فقه ۽ وحدت الوجود واري فلسفيانه سوچ ۾ يگانو هئو ۽ هر علم ۾ مجتهد جو درجو رکندو هئو.
سنڌ جي هڪ نوجوان عالم ۽ وسيع ذهن رکندڙ ۽ حضرت عبيد الله سنڌيؓ جي فلسفي کان متاثر ٿيل ۽ حضرت سائين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي شاگرد مولوي محمد انس راڄپر جنهن مخدوم محمد معين تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ مخدوم صاحب جا ڪيترائي رسالا اردوءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنا اٿئون. تنهن پنهنجي هڪ اڻ ڇپيل مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
انهيءَ سلسلي ۾ پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏيندو هلان ته محترم غلام رباني آگري صاحب مهراڻ رسالي 3/2000 ۾ حضرت شاهه ولي الله طرفان مخدوم معين ڏي لکيل خط پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڇپرايا هئا انهن منجهان پڻ مخدوم صاحب جي علمي ۽ عملي فضيلت جو اظهار ٿئي ٿو. انهن خطن جو وچور هيٺئين ريت آهي.
مخدوم صاحب جي اجتهادي لياقت ايڏي هئي جو پاڻ جڏهن شاهه ولي الله جهڙي هڪ وڏي مفڪر کي (جنهن اجتهاد ۽ تقليد جي متعلق هڪ مدلل ڪتاب نالي ”عِقد الجيد في احکام الاجتهاد و التقليد“ لکيو آهي) پنهنجي مجتهدانه راءِ ٻڌايائون ته شاهه صاحب مخدوم صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي کيس مشهور لفظ چيا هئا ته تون ته پنهنجي راءِ ۾ ”قد رکبت غضنفرا“ شينهن جو سوار آهين.
بحوالا دراسات اللبيب ڇاپو 1957ع صفحو نمبر 292.
مخدوم صاحب هر علمي معاملي ۾ پنهنجي مجتهدانه راءِ رکندو هئو، پاڻ طريقت ۾ هڪ نقشبندي بزرگ جو مريد هئو. وري جڏهن شاهه عنايت شهيد (جيڪو قادري طريقي جو بزرگ هئو) سان ڪچهريون ٿيس جيڪو سندس وٽ ٺٽي ۾ اچي رهندو هئو ۽ راتين جون راتيون پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا ۽ انهن ڪچهرين ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اچي شريڪ ٿيندو هئو. صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب ”صوفي شاهه عنايت شهيدؓ “ ۾ هڪ ڪچهريءَ جو ذڪر ڪيو آهي ته ”شاهه عنايت شهيد جڏهن مخدوم معين کي صوفي سماج بابت پنهنجا خيال ٻڌائي رهيو هئو، تڏهن مخدوم محمد معين، شاهه شهيد کي مخاطب ٿي هڪ فارسي شعر پڙهيو:
ترجمو: شينهن جهڙو جگر نه ڌارين ته عشق جي ميدان ۾ نه اچ (عشق جو سفر نه ڪر) ڇو ته اتي تيز تراريون سر ڪپينديون آهن“. (1)
جواب ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد هڪ فارسي شعر پڙهيو:
ترجمو: سر يار جي قدمن ۾ قربان ٿئي ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي، هي ڳرو بار منزل تي پهچايان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي“
مخدوم صاحب، شاهه عنايت جي وحدة الوجودي فلسفي جي بنياد تي هلايل انسان دوست، مذهبي رواداري ۽ اقتصادي مساوات واري تحريڪ کان متاثر ٿي پاڻ پنهنجن دوست عالمن سميت شاهه عنايت شهيد جو معتقد بڻجي سندس تحريڪ جي حمايت ۾ جنبي ويو.
مخدوم صاحب کي انهيءَ عشق جي سفر جو اندازو ٿي ويو هئو ته ان ۾ جسماني موت ئي اصل حقيقت تائين پهچڻ جو رستو آهي.
پاڻ وحدة الوجود واري فلسفي جو سائنسي بنيادن تي سوچ رکندڙ عالم هئو سندس خيال ۾ ظاهري موت، موت ڪونهي بلڪه هڪ حال کان ٻئي حال ڏانهن انتقال آهي.
پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هڪ سوال جو جواب ڏيندي لکيو اٿائين ته اهي سڀ حديثون ”شرح الصدور“ ۽ امام غزاليءَ جي ”احياء العلوم“ ۾ موجود آهن ۽ ”تذڪره قرطبي“ ۾ به هونديون، سڀيئي انهيءَ حقيقت تي دلالت ڪن ٿيون ته موت، عدم (نيستي) جو نالو ناهي پر اهو هڪ حال کان ٻئي حال ۾ تبديل ٿيڻ سان تعلق رکي ٿو. (رساله اويسيئه سنڌي ڇاپو صفحو نمبر 33-32)
مخدوم محمد معين صاحب متعلق مختلف بزرگن جي راين ۽ سندس ڪجهه ڪتابن جي ٿوري مطالعي جي بنياد تي مون هيءَ ڳالهه سمجهي آهي ته فلسفي الاهيات ۾ ويدانت، وحدة الوجود ۽ وحدة اديان جو بنياد توحيد تي آهي ۽ توحيد جو فلسفو پڻ هڪ وڏو بحث جو ميدان آهي. جنهن ۾ انساني برابري، قومي برابري، مذهبي رواداري، اقتصادي مساوات ۽ ڌرتيءَ جي سمورن وسيلن تي سمورن انسانن جو حق، ڌرتيءَ تي سمورن انسانن جو گڏيل حقِ حڪمراني (جمهوري طريقو) سمورن انسانن جي هر قسم (يعني سياسي، اقتصادي، سماجي) واري غلاميءَ کان آزادي اچي ٿي وڃي. وحدة الوجودي صوفين جو اهو ئي عشق جو سفر آهي جنهن ۾ چون ٿا.
(1) هن مان ته محسوس ٿو ٿئي ته مخدوم محمد معين ڄڻ شاهه عنايت شهيد کي سمجهاڻي پيو ڏيئي. اتي-مريد ۽ مرشد واري ڳالهه محسوس نٿي ٿئي.
السست بربکم جڏهن ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم
تنهين وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سين
(ڀٽائي)
وحدت جن وجود ڪعبو ڪوڏيو تن جو،
ڪيڏانهن ڪن سجود مڪو جن جي من ۾.
(ڀٽائي)
مون پنهنجي هن مقالي ۾ مخدوم صاحب جي نظرين تي ٿيل تنقيد جا جواب ٽن ڳالهين جي ڪري ڪونه لکيا آهن.
نمبر هڪ ته مقالي جي طوالت جي ڪري
نمبر ٻيو ته، مخدوم صاحب انهن جا پاڻ به رد لکيا آهن ۽ ٻين به ڪيترن عالمن ان جا جواب ڏنا آهن. باقي هاڻي تازو ئي اسان جي دوست مولوي محمد انس راڄپر صاحب پنهنجي اڻ ڇپيل مقدمي ۾ تفصيلي جواب لکيا آهن، اهي انشاء الله جلد ڇپجي اچي ويندا.
ٽيون سبب جوابن نه ڏيڻ جو جيڪو مون وٽ وڌيڪ اهميت رکي ٿو. اهو هي آهي ته مخدوم صاحب ان وقت جو مجتهد هئو ۽ مجتهد هميشه پراڻين ڳالهين جا مخالف هوندا آهن ۽ هو هميشه نواڻ آڻيندا آهن ۽ پراڻن ڪوٽن ۽ قلعن جا مخالف هوندا آهن ۽ انساني سماج ۾ گهر ڪري ويل انهن ريتن رسمن جي پاڙ پٽي پنهنجا قلعا نون بنيادن تي اڏيندا آهن، جن ۾ پراڻين ريتن رسمن ۾ پيڙجندڙ ۽ ڦرجندڙ انسان، ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن. اها تبديلي وقت جي ڦورو ۽ ڦرلٽ ڪندڙ ادارن يا فردن لاءِ موت جو باعث بڻجندي آهي. تنهن ڪري هو انهن پراڻين ڳالهين تي ڳنڍ ٻڌي بيهندا آهن ۽ نه پاڻ ڪا تبديلي آڻيندا آهن ۽ نڪو ڪنهن ٻئي جي انقلابي سوچ کي قبول ڪندا آهن بلڪه پنهنجي انهيءَ ڦر لٽ ڪندڙ سماج کي بچائڻ لاءِ انهن انقلابين خلاف ڪفر، دهريت ۽ انهن جهڙيون ٻيون به غليظ فتوائون جاري ڪرائيندا آهن. انساني تاريخ اهڙين فتوائن سان ڀري پيئي آهي.
جنهن شخص جي علمي ۽ عملي فضيلتن متعلق مون پٺيان ڪيترائي حوالا ڏنا آهن. ان جي نظرين سان اختلاف ڪندڙ کي جواب ڏيڻ مون لاءِ غير ضروري آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ اڄ جي دور جو هڪ مثال آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي صوفي عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشيءَ کان جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر محمد صالح پڇيو ته:
سائين! مولانا عبيد الله سنڌيؓ ، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي رفع (آسمان تي کڄي وڃڻ) جي خلاف آهي جيڪا ڳالهه صريحن قرآن جي خلاف آهي، انهيءَ متعلق اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب ۾ حضرت ٻير وارن ان کي جواب ڏنو ته ”حضرت عيسيٰ عليه السلام جو مسئلو قران جي متشابهات جو مسئلو آهي ۽ ان ۾ مجتهد کي اختيار آهي ته ان جي ڪهڙي به معنيٰ وٺي، مولانا سنڌي رحه پنهنجي وقت جو مجتهد هئو اُن انهيءَ آيت (رفع الله) جي معنيٰ بلند درجا ورتي آهي.
انهيءَ حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته مولانا عبيد الله سنڌي جيڪو پڻ 14 صدي هجريءَ جو مجتهد هئو ۽ ديوبند جي وڏن عالمن ۾ سندس شمار ٿيندو هئو ۽ ديوبند جي صدر مدرس ۽ انهيءَ وقت جي هڪ انقلابي امام حضرت محمود الحسن ملقب شيخ الهند ۽ اسيرِ مالٽا جو نهايت اعتماد وارن شاگردن ۾ سندس شمار ٿيندو هئو. ان تي به ديوبند جي وڏن عالمن ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون ڪڍيون هيون.
مولانا سنڌي پڻ وحدة الوجود ۽ وحدت اديان جو داعي هئو ۽ ان ۾ پنهنجي يگاني راءِ رکندو هئو ۽ چوندو هئو ته ”گيتا“ به آسماني ڪتاب آهي ”اچو ته ان مان توهان کي توحيد سمجهايان“
مولانا عبيد الله سنڌيءَ جا مخدوم محمد معين متعلق خيال آئون مٿي لکي آيو آهيان پر هتي هڪ ٻيو حوالو ڏيڻ به ضروري ٿو سمجهان ته مولانا سنڌي رحه 24 سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ جڏهن سنڌ آيو ته ٺٽي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هئائين ته ”ٺٽو اسان کي پيارو آهي. جو اهو مخدوم معين جو شهر آهي، جنهن جو دوست شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي.“
هن مقالي ۾ مون مخدوم محمد معين متعلق جيڪي حوالا ڏنا آهن انهن ۾ اڪثر بزرگن چيو آهي ته مخدوم صاحب ڪيترائي سال دهليءَ ۾ حضرت شاهه ولي الله وٽ وڃي مختلف علمن جي تحصيل ڪئي آهي ۽ ان جو شاگرد رهيو آهي ۽ ان جي نظرين کان متاثر ٿيو آهي. انهيءَ خيال متعلق منهنجا خيال هيٺيئن ريت آهن.
1. مخدوم محمد معين ڄائو-1093 صدي هجريءَ ۾ حضرت شاهه ولي الله ڄائو 1114 هجري ۾ انهيءَ حساب سان شاهه ولي الله، مخدوم معين کان 21 سال ننڍو آهي ۽ 1143 هجري ۾ شاهه ولي الله 29 سالن جي ڄمار ۾ ٽن سالن لاءِ حجاز هليو ويو. اتان موٽيو 1145 هجري ۾ ۽ پاڻ اتي حرمين شريفين ۾ اتي جي مشهور عالمن کان علم جي تحصيل مڪمل ڪيائين. جنهن ۾ مديني شريف ۾ ان وقت جو وڏو امام ۽ استاد العلماء مولانا محمد حيات سنڌي پڻ پڙهائيندو هئو. جنهن وٽ نجد جي اصلاحي تحريڪ جو باني محمد بن عبدالوهاب نجدي پڻ پڙهيو. غالب گمان آهي ته حضرت شاهه ولي الله پڻ ان بزرگ کان ضرور فيضياب ٿيو هوندو. اهو بزرگ يعني مولانا محمد حيات سنڌي، مخدوم محمد معين جو شاگرد هئو.
2. شاهه ولي الله ڪٿي به ڪونه لکيو آهي ته ڪو مخدوم محمد معين منهنجو شاگرد رهيو آهي. بلڪه شاهه ولي الله جي جن خطن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي انهن خطن ۾ جن لقبن سان مخدوم صاحب کي نوازيو ويو آهي، اهي لقب ڪنهن استاد جا پنهنجي شاگرد ڏانهن نٿا لڳن. بلڪه دراسات اللبيب ۾ ته ڄڻ حضرت شاهه ولي الله مخدوم صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪري کيس وڏي لقب سان نوازي ڇڏيو هئو ته توهان ته پنهنجي خيالن ۾ شينهن تي سوار ٿيا آهيو. انهيءَ جهڙا لفظ مخدوم محمد معين صاحب پنهنجي بزرگ شاهه عنايت شهيد کي چيا هئا ۽ ان جي معتقديءَ ۾ شامل ٿي ويا هئا.
3. مخدوم عبداللطيف ٺٽوي جنهن مخدوم معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جي رد ۾ ”ذب ذبابات عن دراسات للبيب“ لکيو هئو. ان لکيو آهي ته مخدوم محمد معين سنڌ جي شهرن کان سواءِ ٻاهر ڪڏهن به ڪونه نڪتو هئو“.
4. مخدوم صاحب وحدة الوجودي فلسفي ۾ به شاهه ولي الله کان ته متاثر ڪونه ٿو لڳي بلڪه پاڻ ابن عربيءَ جو ڪتاب فصوص الحڪم ته ٺٽي جي هڪ عالم سيد علي رضا جيلانيءَ وٽ پڙهيو هئو ۽ ان وقت ئي وحدت الوجودي فلسفي ۾ غلو جي حد تائين ابن عربيءَ جو معتقد بڻيو هيو. تنهن کان پوءِ وري سندس صحبتون اُن وقت جي وڏي صوفي شاهه عنايت شهيد سان ٿيون جنهن پڻ سندس وحدة الوجودي فلسفي جي عملي پاسي کي نهايت پختو ڪيو ۽ شاهه عنايت شهيد جي سماجي برابريء ۽ اقتصادي مساوات ۽ مذهبي رواداريءَ واري تحريڪ کان متاثر ٿي پنهنجي نقشبندي مرشد کان توجهه هٽائي شاهه عنايت شهيد جو عقيدت مند بڻجي سندس تحريڪ جي حمايت ۾ ڪاهي پيو. شاهه عنايت شهيد رحه 1065 هه ۾ ڄائو ۽ شاهه ولي الله 1114 هه ۾ ڄائو يعني شاهه عنايت شهيد، شاهه ولي الله کان تقريبن 49 سال وڏو هئو ته پوءِ ان جي اها انقلابي تحريڪ به شاهه ولي الله جي تحريڪ کان اڳ جي هئي ۽ مخدوم محمد معين به انهيءَ حساب سان شاهه ولي الله کان اڳ ئي انهن انقلابي خيالن جو بڻجي چڪو هئو.
اهي سموريون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته مخدوم صاحب شاهه ولي الله رحه جو شاگرد ڪونه هئو بلڪه گمان آهي ته حضرت شاهه ولي الله مديني ۾ مخدوم معين جي شاگرد مولانا محمد حيات سنڌيءَ جو شاگرد رهيو هجي؟ اها ڳالهه تحقيق جوڳي آهي. حتمي ڪانهي.
باقي مخدوم محمد معين جي حضرت شاهه ولي الله رحه کان حديث جي سند وٺڻ جو تعلق آهي ته انهيءَ جو سبب به شاهه ولي الله رحمة الله عليه جي عالي سند جي ڪري آهي. باقي نه ته پاڻ به وڏي پائي جا محدث هئا، پر انهيءَ روايت وٺڻ لاءِ به روبرو ملڻ جي متعلق مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ چيو آهي ته مخدوم محمد معين ته سنڌ کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪتو آهي.
انهيءَ جو جواب مولانا عبدالرشيد نعماني، جنهن مخدوم صاحب جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو مقدمو ۽ تحقيق لکي آهي، تنهن انهيءَ ڪتاب ۾ ڪلمة عن ”الدراسات“ جي صفحي نمبر 11 تي لکيو آهي ته ممڪن آهي ته شاهه ولي الله هن خطي مان لنگهيو هجي اتي مخدوم محمد معين ان کان روايت ڪرڻ جي اجازت ورتي هجي. باقي شيخ عبدالقادر مڪيءَ ۽ شيخ محمد ابو طاهر بن شيخ ابراهيم مدنيءَ کان روايت جي اجازت خط جي ذريعي ورتي اٿن.
باقي حضرت شاهه ولي الله رحه ته حرمين جي سفر دوران ساڳئي شيخ محمد ابو طاهر بن شيخ ابراهيم کان روبرو روايت ڪرڻ جي اجازت ورتي هئي.
مولوي محمد انس راڄپر صاحب شاهه محمد ڦلتي جي ڪتاب ”القول الجلي في ذکر آثار الولي“ جوحوالو ڏيندي لکيو آهي ته حضرت شاهه ولي الله رحه حرمين ڏانهن ويندي سنڌ مان لنگهيا هئا ۽ ٺٽي پڻ آيا هئا اتي مخدوم صاحب جن سندن بيعت ڪئي ۽ اجازت ورتائون. انهن حوالن کان پوءِ به اهو ثابت ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو مخدوم صاحب شاهه ولي الله رحه جو شاگرد رهيو هجي. فقط حديث جي روايت ڪرڻ جي اجازت سان ماڻهو شاگرد ته ڪونه ٿو ٿي وڃي. پنهنجي گهر جو هڪ احوال لکان ٿو ته منهنجي وڏي نُنهن ۽ منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جي ڌيءَ عالمياڻي آهي. انهيءَ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر صاحب جي گهر ۾ رهيل سنڌ جي بزرگ ۽ منهنجن ٻن استادن جي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم قريشيءَ کان حديث جي روايت جي سند ورتي هئي. ڇا انهيءَ اجازت وٺڻ سان هوءَ سائين ٻير واري جي شاگردياڻي ٿي ويئي ڇا؟
مخدوم معين اڄ اسان ۾ جسماني طرح ته موجود ڪونهي پر سندس وجود، اڄ به اسان کي سندس فڪر ۽ فلسفي جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو. مهاتما گوتم ٻڌ جڏهن بادشاهي ڇڏي پئي ۽ نرواڻ جي تلاش ۾ پئي نڪتو ته پيءُ چيس ته ”ڇو ٿو وڃين بادشاهي ڇو ٿو ڇڏين.“ ته مهاتما پيءُ کي جواب ڏنو هئو ته مون کي ٽن شين جي ضمانت ڏيو ته آئون نٿو وڃان.
”هڪ ته آئون بيمار ڪونه ٿيندس،
ٻيو ته آئون ڪراڙو ڪونه ٿيندس
ٽيون ته آءُ مرندس ڪونه“.
سندس والد صاحب لاجواب ٿي ويو. پوءِ دنيا ڏٺو ته مهاتما ٻڌ نه بيمار ٿيو آ نه ڪراڙو ٿيو آ نه مري ويو آ. اڄ به سندس مذهب شايد دنيا جو وڏي ۾ وڏو مذهب هجي.
سو مخدوم محمد معين به اسان وٽ ائين ئي موجود آهي.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
(شاهه ڀٽائي)
مخدوم صاحب جون تصنيفون:
سندس لکيل ڪتابن جا نالا ”اولياء سنده“ ۾ اقبال احمد خان هيٺيان لکيا آهن.
(1) رساله اويسيه، (2) شرح رموز عقائد رموزِ صوفيه (3) اثبات رفع اليدين، (4) ايقاظ الوسنان، (5)غاية الفسخ لمسئلة النسخ، (6) ابرار الضمير للهنصف الخبير، (7) رساله في تحقيق اهل بيت، (8) غاية الايضاح في المحاکمة بين النووي و ابن الصلاح، (9) انوار الوحبة من منلح المجد، (10) رساله دربحث تناسخ، (11) رساله في انتقاد الموضعين ”من فتح القدير“ (12) رساله في تحقيق معنيٰ معنيٰ الحديث (لانورث ماترکنا صدقة)، (13) مواهب سيد البشر حديث الائمة الاثنيٰ عشر، (14 قرة العين في البکاء علي الامام الحسين، (15) رساله في بحث حديث المصراة (16) الحجة الجلية في نقض الحکم باالافضلية (17) رساله بالاجوبة الفاضلة الامثلة العشرة الکاملة (18) رساله في اثبات اسلام ابي طالب، (19) دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب.
مولانا دين محمد وفائي تذڪرة مشاهير سنڌ ۾ مخدوم صاحب جي هيٺين تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي.
(1) دراسات اللبيب (هي ڪتاب حديث تي عمل ڪرڻ بابت آهي مگر ان سان گڏ هن ۾ حنفي مسلڪ جي به تائيد ٿيل آهي. هن ڪتاب جو رد مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ لکيو هئو. حافظ صديق). (2) حجة الجليلة: هي ڪتاب حضرت علي رضه جي فضيلت ۾ لکيو هئائون هن جو رد مولانا محمد حيات سنڌي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ لکيو هئو (هي ٻئي بزرگ مخدوم محمد معين جا شاگرد هئا. (حافظ صديق). (3) نور العين: ان تي به مٿين ٻنهي بزرگن جا رَدَ لکيل آهن. (4) انوار المجد في مخ الوجد (تصوف.) (5) مواهب سيد البشر. (اهل بيت جا فضائل). (6) الجود الثمين (دنيا جي پيدائش ۽ ان جي فنا ٿيڻ تي فلسفيانه رنگ ۾ بحث). (7) الخواطف للتصوف. (8) مطارحات التحقيق في برهان التطبيق (فلسفه). (9) رسالة الاعتدالات الاربعة (منطق ۽ فلسفه). (10) رفع الغين. (11) رفع الاشکال والزحمة (شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي بعض قولن جو شرح). (12) ايقاظ الوسنان (13) وحدة الوجود والموجود (فلسفه ۽ تصوف.) (14) الابداح في محاکمة بين النووي وابن الصلاح (اصول حديث). (15) الحق الصريح (سماع موتيٰ فلسفيانه رنگ ۾). (16) رسالة الکلي الطبعي (منطق). (17) المدرار الديمية علي حاشية القديمة (ڪبريٰ منطق). (18) شرح ديوان حافظ. (19) حاشية شرح زوراء (ڪبريٰ منطق). (20) بهجة النظائر في براة الابرار (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين جي اعتراضن جي رَدَ ۾). (21) مجموعة رسائل مخدوم 17، رسائل. (22) مجموعة رسائل مخدوم 15. (23) مجمع النکات. (24) غاية ما ظهر الاضٰعف الانام في ان الکلام المحتمل لايوجب. (25) رساله في جواب السيد عبداللطيف ڀٽائي(هي شايد رساله اويسيه آهي جنهن کي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڇاپيو هئو) ”اهو رسالو اويسيه نياز همايونيءَ جي سنڌي ترجمي سان، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه 2005 ۾ ڇپايو آهي (حافظ صديق).
سنڌجي نوجوان ۽ وسيع ذهن رکندڙ ۽ حضرت عبيد الله سنڌي رحه جي فلسفي کان متاثر ٿيل ۽ حضرت سائين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي شاگرد مولوي محمد انس راڄپر جنهن مخدوم محمد معين تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. ان مون کي پنهنجو ڪجهه اڻ ڇپيل مواد ڏنو آهي. جنهن ۾ هن مخدوم محمد معين جي 23 رسالن جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ انهن متعلق مختصر معلومات به ڏني اٿائين ته اهي رسالا ڪهڙن مسئلن متعلق لکيل آهن، مان هن مقالي ۾ انهن رسالن جا نالا ۽ انهن جي موضوعن متعلق مختصر ذڪر هيٺئين ريت ڪيان ٿو.
(1) رساله بوادر الجود في تحرير وحدة الوجود: هي رسالو وحدة الوجود واري مسئلي جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
(2) رساله اويسئه: هن رسالي ۾ مخدوم صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاران صوفين جي هڪ سلسلي اويسئه وارن جي طريقي متعلق لکيل چئن سوالن جا جواب ڏنا آهن.
(3) رفع الجهالت في مدعهد الرسالة: هي رسالو مصنف جي لفظن ۾ نبي صه جي روايتن ۽ عمل جي ذريعي مدنبوي جي ترجمي جي متعلق آسان فارسي زبان ۾ آهي.
(4) اکسير الهداية والنفع في جمع احاديث الرفع: هي رسالو نماز ۾ رفع بدين جي موضوع تي لکيل آهي، جيڪو فقه جو وڏو اختلافي مسئلو آهي.
(5) غاية الايضاح في المحاکمة بين النَوَي و ابن الصلاح: هي رسالو اصول حديث جي موضوع متعلق نهايت اهم رسالو آهي.
(6) الملتقط من رسالة المسمات، الدليل الواضح کاالبدر علي وضع الايدي في الصلاة علي الصدر: هي رسالو فقه جي هڪ اهم اختلافي موضوع تي لکيل آهي ته نماز ۾ هٿ دن جي هيٺان ٻڌجن يا سيني تي ٻڌجن.
(7) غاية ما ظهر لاِضعف الانام في ان الکلام المحتمل لايوجب الاسلام: هي رسالو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هڪ فتويٰ جي رَدَ ۾ لکيل آهي جنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ چيو هئو ته ”جيڪڏهن ڪوبه ڪافر ڪو اهڙو لفظ ڳالهائي جيڪو اسلام جي معنيٰ تي محتمل هجي ته ان (ڪافر) کي زوريءَ مسلمان ڪبو.
(8) اسناد الحديث لشيخ محمد معين: هي رسالو مخدوم صاحب پنهنجن انهن شيخن متعلق لکيو آهي جن کان هن حديث جي سند ورتي آهي. (هن ۾ مخدوم صاحب شاهه ولي الله کي به حديث جي سند ۾ پنهنجو شيخ لکيو آهي).
(9) صدع القدم في تعلق الوجود باالعدم: هن رسالي ۾ وجود ۽ عدم جي درميان تعلق جو فلسفيانه انداز ۾ بحث ٿيل آهي.
(10) التنبيهه علي سوء الفهم في ان المثلية توجب العموم: هن رسالي ۾ به مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ان خيال ته ”جيڪڏهن ڪو ذمي يا ڪافر ڪو اهڙو تمثيلي لفظ ڳالهائي ته ان کي زوريءَ مسلمان ڪجي“ جي ابتڙ ۽ ان جي رَدَ ۾ بحث ٿيل آهي.
(11) الحجة الجليلة في رَدَ من قطع باالافضلية: هن رسالي ۾ بحث ڪيو ويو آهي ته چئن خليفن جي هڪ ٻئي مٿان فضيلت اجتهادي ۽ ظني آهي. (قطعي ناهي.)
(12) الرسالة المعينية في تائيد الشيعة: هن رسالي ۾ حضرت فاطمة رضه طرفان ورثي ڇڪڻ ۽ حضرت ابوبڪر رضه جي طرفان انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا حديث پيش ڪئي ويئي هئي (لانورث ماترکنا، فهو صدقة)، ان حديث جي تاويلن جو ذڪر آهي.
(13) نير الضحيٰ في حکم اللحيٰ: هن رسالي ۾ ڏاڙهيءَ جي حيثيت ۽ ان جي مقدار جي متعلق بحث ٿيل آهي.
(14) غاية مدارج الفک يعقدة قولهم اليقين لايزول بشک: هي رسالو اصول فقه متعلق آهي ۽ ان جي هڪ اصول تي بحث ٿيل آهي.
(15) دفع الاشکال والزحمة في اول الکل‌ والرحمة: هن رسالي ۾ مخدوم صاحب جن شيخ ابن عربيءَ جي ڪتاب ”فصوص الحکم“ ۾ بيان ڪيل ڪجهه ڳالهين جو تفصيل بيان ڪيو آهي.
(16) بادهة الورود في اثبات وحدة الوجود: هي رسالو فلسفه الاهيات ۾ وحدت الوجود جي سلسلي جو پهريون رسالو آهي جنهن ۾ مخدوم صاحب ”وجود جي وحدت“ کي موضوع بڻايو آهي.
(17) مراة الشهود يوحدة الوجود والموجود: هن رسالي ۾ وري مخدوم صاحب وجود ۽ موجود جي وحدت کي موضوع بڻايو آهي. هي رسالو فلسفه الاهيات جي سلسلي جو ٻيو رسالو آهي.
(18) رساله تکوين مع الانفاس: هي رسالو به فلسفه الاهيات جي سلسلي ۾ آهي. هن ۾ واجب الوجود، حدوث، قديم، جوهر ۽ عرض تي متڪلمين طرفان ڪيل جوابن جا رَدَ ۽ ڪجهه پنهنجا وڌيڪ دليل ڏنا آهن.
(19) رفع الغين في تنزل العلم الي العين: هن رسالي جو موضوع به وحدة الوجود آهي، هن ۾ مخدوم صاحب وحدة الوجود متعلق عقل حيران ڪندڙ دليل ڏنا آهن.
(20) طريقة العون في حقيقة الکون: هي رسالو به فلسفئه الاهيات جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب، نواب مهابت خان جي خواهش تي لکيو هئو ۽ هن ۾ وجود حق جي تنزلن متعلق بحث آهي (يعني وجودِ حق ڇا آهي؟ ان منجهان جيڪي شيون نڪرن ٿيون انهن جي ۽ وجودِ حق جي ڪهڙي حيثيت آهي).
(21) اعتدالات الاربعة: هن رسالي ۾ اهڙين چئن صفتن جو ، فلسفيانه انداز ۾ ذڪر آهي، جيڪي ڪنهن شخص ۾ اچي وڃن ته اهو ڪمال جي درجي کي پهچي ويندو.
(22) منتخب مجمع النکات: هن رسالي ۾ مخدوم صاحب تصنيف مجمع النکاة مان چار شيون منتخب ڪيون آهن. (1) چاليهه صحيح حديثون، (2) چاليهه حديثون، (3) حضرت علي رضه جون نقل ڪيل نصيحتون، (4) عالمن ۽ فاضلن جي زبان مان نقل ٿيل قول ۽ انهن جي پڙهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ۽ انهن جي تبليغ ڪرڻ سان ڇوٽڪاري ٿيڻ جو ذڪر آهي.
(23) رسالة الکلي الطبعي: هيءُ رسالو به وحدة الوجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ شاهڪار رسالو آهي.
مٿين تصنيفن کانسواءِ سنڌ جي هڪ نامياري ليکڪ محترم غلام رباني آگري صاحب مهراڻ رسالي 3/2000 ۾ لکيو آهي ته ادبي بورڊ ۾ جيڪو قلمي ڪتابن جو مان ڪئٽلاگ ٺهرايو هئو ان ۾ جيڪو ڪتاب ”ڪليات مير فتح ٽالپور“ آهي اهو مخدوم محمد معين جو ”فارسي بياض“ آهي ۽ رباني صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته مخدوم صاحب راڳ ۽ سنگيت جو وڏو شوقين هو. سنگيت وديا تي سندس هڪ سٺي تصنيف پڻ آهي. ان جو نالو ڪونه لکيو اٿائين.
منهنجي هن مقالي لاءِ مددي ڪتابن جي هيٺين فهرست آهي.
(1) دراسات اللبيب (2) شاهه ولي الله کي سياسي تحريڪ (3) تحفة الڪرام (4) تذڪره مشاهيرِ سنڌ (5) الوحيد سنڌ آزاد نمبر (6) تاريخ تمدنِ سنڌ (7) تاريخ ڪلهوڙا (8) رسال اويسيئه، (9) مهراڻ رسالو، (10) مولوي انس راڄپر جو اڻ ڇپيل مقدمو، (11) افکار شاهه ولي الله (قاضي جاويد) (12) صوفي شاهه عنايت شهيد (صوفي حضور بخش) (13) اولياءِ سنده (اقبال احمد جو) (14) سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر) (15) سيرت پاڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (اردو، مصنف: ٻير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني.
(حافظ محمد صديق ميمڻ)
ٺٽي پريس ڪلب ۾ مخدوم معين جي ياد ۾
ڪرايل سيمينار ۾ پڙهيل مقالو
تاريخ: 15-06-2008

1 comment:

  1. مخدوم محمد معين ٺٽوي سنڌي (1161 هه -1093 هه) 12 صدي هجريءَ جو مجتهد _ حافظ محمد صديق ميمڻ
    by Jokhio Shafique Ahmed on Sunday, September 19, 2010 at 10:23pm

    ReplyDelete