سنڌ جي گمشده تاريخ کي ڪير ڳوليندو؟
اشتياق انصاري
سنڌ جي تاريخ جو وڏو الميو اهوآهي ته سنڌ جي تاريخ جو بنياد، ڌارين جي لکيل روايتن تي ٻڌل چند ڪتابن تي آهي. اوائلي زماني ۾ ڪو درٻاري مورخ نمڪ حلالي ڪندي يا مذهب جو شيدائي عقيدي جي شدت ۾ يا ڪو سياح دلپشوري خاطر سفرنامو لکي ويو آهي ته ان دور جا رنگين، لفاظي سان ڀريل داستان اڄ به اسان وٽ سنڀاليل آهن. ڀلي اهو چچ نامو هجي، تحفته الڪرام، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلار نامو يا ڪنهن انگريز جو روزنامچو. اسان جي بزرگن کي جس آهي، جن وڏي محنت سان اهڙن پراڻن تاريخي ماخذن کي هٿ ڪري، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پر ان کانپوءِ انهن تذڪرن، حملي آورن جي تعريفي تبصرن ۽ سفر ڪٿائن جي ڪنهن به اداري يا محقق جديد ۽ سائنسي انداز سان وڌيڪ ڇنڊڇاڻ نه ڪئي آهي. سنڌ جا گهڻا تاريخدان مصلحت جي مورچي ۾ پنهنجا قلم لڪايون ويٺا آهن. اسان جا ليکڪ انهن ماضي جي گمشده ماڳن مڪانن تي پهچي، پنهنجي انداز سان کوجنا يا تجزيو ڪرڻ ته پري رهيو، پر اوائلي لکڻين تي پنهنجي ذاتي ۽ بي ڊپي راءِ ڏيڻ لاءِ به همٿ نٿا ڪن. حالانڪه ٿيڻ ائين کپي جو اسان جي محققن کي هر لحاظ کان انهن واقعن جي تصديق ڪري ڪا ٺوس قومي ۽ عوامي تاريخ لکڻ گهرجي. هونئن به ڪيتري عرصي کان درٻاري تاريخ نويسن پنهنجي حاڪمن جي هُشيءَ تي فرقيوارانه ڪارنامن سان ڀريل تاريخون لکڻ شروع ڪيون، جن ۾ عام زندگي جو وهنوار، سماجي ريتون رسمون، معاشيات ۽ تهذيب جو ذڪر ملي ئي ڪا نه، رڳو جنگي ڪارنامن سان لبريز وڙهه وڙهان واريون ڳالهيون قلمبند ڪيون ويون. انهن افسانوي تاريخن ۾ شعر و شاعري، جادوگرن ۽ نجومين جون اڳڪٿيون هر ڏکي وقت غيبي امداد جو پهچڻ، ساڳي وقت جنگ هلندي، دشمن جو ڪو نه ڪو ماڻهو پنهنجن سان غداري ڪري اچي فاتح فوج جا پير پيو پڪڙي، ڄڻ ماڻهو تاريخ نه پر ناول پيو پڙهي.
دنيا جو اهو دستور آهي ته فاتح جڏهن به ڪو علائقو هٿ ڪندو آهي ته هو پنهنجي حملي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ شڪست کاڌل ڌر يا قوم تي عجيب و غريب الزام هڻي دنيا اڳيان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هارايل ڌر يا شخص، ظالم، جابر پنهنجي رايا تي ڏاڍ ڪندڙ کانسواءِ انتهائي بدچلن ۽ ڇسو هيو. درٻاري مورخ شڪست کاڌل حڪمران جي شخصيت کي اهڙو ته مسخ ڪري پيش ڪندا آهن، جيئن ڪنهن به ماڻهو جي هن سان همدردي پيدا نه ٿئي. ايتري قدر جو مذهب دشمن ۽ اخلاق کان ڪريل مڪروهه حرڪتون به هن ڏي منسوب ڪيون وينديون آهن. جيئن چچ نامي ۾ هڪ راجا کي اهڙو ته ڪريل ۽ لالچي لکيو ويو آهي، جو هن نجومين جي اشاري تي پنهنجي ڀيڻ سان لائون لڌيون. حالانڪه بعد جا ڪجهه محقق ٻڌائن ٿا ته راجا ڏاهر کي ڀيڻ هئي ئي ڪا نه، اهو سارو ٽڪساٽ صرف ان کي خوار ڪري سنڌ تي حملي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو هو. اسان جي سنڌ جي تاريخ سان اهڙي ويڌن جو هڪ وڏو سبب اهو هو جو، اسان سنڌين جو ورهاڱو ڪري هڪ زبان ڳالهائيندڙن کي ٻه اڌ ڪيو ويو. هتان جا تعليمي ماهر، ذهين ماڻهو، سياسي، سماجي اڳواڻ هليا ويا. سنڌ جي ڏاهن سنسڪرت، سنڌي، انگريزي ٻولي جي ڄاڻن، شاهه جي رسالي جي پارکن ۽ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي تڙيو ويو. ان ڪري اسان جي درسگاهن ۾ ڌوڙ اڏامڻ لڳي، وسيل شهر ويران ٿي ويا. اسپتالون ۽ آشرم نيست نابود ٿي ويا. وڏي ۾ وڏو هاڃو اهو ٿيو جو اسان جي اقتصاديات جي ماهرن ۽ واپارين کي ڌڪاريو ويو، جن ساري دنيا، ايشيا، آفريقا ۽ آمريڪا جي ساحلن تي ناتاريون کوڙي اتان ناڻو ڪمائي، سنڌ جي شهرن ۾ خوبصورت عمارتون، عاليشان اسپتالون، اسڪول ۽ سهڻا باغ لڳايا هئا. اسان جي ذهنن ۾ تاريخ جا ڪوڙا هيرا پيدا ڪيا ويا. اسان جي اصل هيروز کي به نه بخشيو ويو. اسان جي قومي هيروز راجا ڏاهر، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، هوش محمد شيدي، سورهيه بادشاهه، جي ايم سيد کي تاريخ ۾ ڪٿي به جاءِ نه ڏني وئي، ابتو انهن تي تهمتون مڙهيون ويون.
برطانيا جي جڳ مشهور ليکڪ آسڪر وائلڊ چيو آهي ته ”تاريخ کي بار بار لکو“ ان ڪري اسان وٽ جيڪي به پراڻا تاريخي ڪتاب آهن، نوجوان محققن کي گهرجي ته ان جو پنهنجي پنهنجي انداز سان ڇيد ڪن. خاص ڪري انهن حملن ۽ جنگن جي تجزيي لاءِ ان دور جون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون ذهن ۾ رکن. اهڙي طرح تاريخ کي بار بار مختلف زاوين سان سمجهڻ ۽ لکڻ ڪري آهستي آهستي اصل حقيقتن تان پردو کڄڻ سان گڏ سچ ۽ ڪوڙ ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو. تاريخ جو هڪڙو مثال آهي ته ڪرسٽو ڪولمبس 1400ع ڌاري آمريڪا کنڊ ڳولي لڌو هو، جنهن ڪري آمريڪا ۾ ٻاهرين آبادڪارن جي وڏي ٻوڏ آئي هئي. آمريڪا ۾ ٻاهران آيل لوڌ، ڪولمبس کي ديوتا ڪري پوڄيندي هئي. ايتري قدر جو آمريڪا ۾ هر سال ڪولمبس جو ڏينهن وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو هو. آخر اتان جي مقامي ماڻهن کي جڏهن هوش آيو، هنن جي محققن وڏي محنت سان ثابت ڪيو ته ڪولمبس هيرو نه، پر هڪ لٽيرو هو. ڪولمبس اتان جي اصل ماڻهن کي ماري ڪُٽي، هنن جا ويڙها ويران ڪيا ۽ رت جون نديون وهايون هيون. هن قاتل ڪيترائي ڌرتي ڌڻي ڪُهي، انهن جا جهڻ ٻچا ناس ڪيا هئا. بهرحال اتان جي دانشورن جي هلايل ان مهم ٿوري عرصي ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ماڻهن کي به پنهنجو حامي بڻايو. انهن جي هاءِ گهوڙا جو نتيجو اهو نڪتو جو آمريڪا حڪومت ڊڄي 1992ع کان پوءِ ڪولمبس جو ڏهاڙو ملهائڻ کان توبهه ڪئي. اسان به سنڌ ۾ اهڙن نام نهاد ۽ هٿ ٺوڪين هيروز جا نئين سري سان پيرا کڻي اصل حقيقتون اجاگر ڪري سنڌ جي اصل ۽ نج جوڌن کي مان ڏيون. جيئن بٽلر فيلڊ چيو آهي ته ”محققن جو ڪم هڪ جاسوس جيان هوندو آهي.“ جيئن هڪ ماهر جاسوس تفتيش ڪري ڪنهن به ڪيس جون لڪل ڪنڊون ۽ مخفي راز فاش ڪندو آهي، تيئن هڪ محقق کي به، تاريخ جي گمنام، پوشيده ۽ پيچيده ڳالهين کي ڦلهوڙي، عوام آڏو اصل حقيقتون پيش ڪرڻ گهرجن.
اها پڻ حقيقت آهي ته وقت سان گڏ تاريخ نويسي به بدلجندي رهي ٿي. اسان کي هاڻي تاريخ لکڻ مهل اهو مقصد سامهون رکڻ کپي ته اسان جو قلم سنڌ جي ڏتڙيل عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم اچي. هتان جا معصوم ماڻهو پنهنجي حقن کان واقف ٿين. ساڳي وقت هاڻوڪي دور ۾ دنيا جي مختلف هنڌن تي قديم آثارن جي کوٽاين، جهڙوڪ انڪا، مايا، دجله، فرات ۽ ميسپوٽيما جي دريافت دنيا جي اڳ لکيل تاريخن جا منهن موڙي ڇڏيا آهن. آثار قديمه جا ماهر جڏهن به ڪنهن خطي جي زمين اندر دفن ٿيل پراڻن آثارن کي کوٽي ڪڍن ٿا. هو اتان هٿ آيل شين ذريعي اوائلي ماڻهن جي معاشرتي جوڙجڪ ۽ ريتن رسمن جو پتو لڳائي ٻڌائن ٿا، جيئن اڳي تاريخ نويس اسان جي سنڌ جي تاريخ جي شروعات چوغي ۾ ويڙهيل ستين صدي عيسوي ڌاري محمد بن قاسم جي فتح سان ڪندا هئا. ڄڻ ان کان اڳ سنڌ جو وجود هيو ئي ڪو نه. پر تازو هٿ آيل پنڊ پهڻن ۽ ارضيات جا ماهر سنڌ جو وجود ساڍن تيرنهن ڪروڙ سالن کان ٻڌائن ٿا ۽ سنڌي ماڻهو ٻن لکن سالن کان ڊوڙندي ڊڪندي ملي ٿو. اهڙي طرح موهن جي دڙي جي دريافت بعد اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث بڻجي ويا آهيون. ان کانسواءِ هت هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، آتش پرستن جا آثار به ملن ٿا. بدقسمتي سان اڃا تائين سنڌ جي ماضي جي تاريخ جو وڏو حصو زمين جي تهن اندر پنڊ پهڻن، ڦٽوڙن ۽ قبرستانن ۾ ستو پيو آهي. جنهن کي صرف ڄاڻو ئي پنهنجي مهارت ۽ علم سان نروار ڪري سگهن ٿا. آرڪيالاجي کاتي کي اڳتي اچي انهن ماڳن جي جديد انداز سان کوٽايون ڪري گم گشده ماڳن کي هٿ ڪرڻ گهرجي. ساڳي وقت اسان کي به آثارِ قديمه جي ماهرن جي مدد سان تاريخ کي نئين سري سان سينگارڻو ۽ سنوارڻو آهي.
ishtiaqansari@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, February 26, 2011 at 9:30pm
ReplyDeleteجڏهن سنڌي ڀنگ پيئڻ ۽ هوٽلن تي ويهي چانهن پيئڻ ڇڏيندا ؟
ReplyDeleteFebruary 26 at 9:30pm · Like · 3 people