Realtime Hit Counter

Tuesday, 5 July 2011

امام انقلاب عبيد الله سنڌي:عظيم ٿيولاجين / ٿيوسافسٽ ۽ سندن جديد/ ماڊرن سياسي معاشي. فڪر فلاسافي. جوکيو شفيق احمد

امام انقلاب عبيد الله سنڌي:عظيم ٿيولاجين / ٿيوسافسٽ ۽ سندن جديد/ ماڊرن سياسي معاشي. فڪر فلاسافي.

جوکيو شفيق احمد

امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي وفات کان ٻارنهن مهينن بعد،

علامه دين محمد وفائي رح جن سندن ياد ۾ پنهنجي رسالي توحيد ڪراچي، سنڌ ۾ سيپٽمبر،1945ع واري عرصه ۾ هڪ آرٽيڪل (حضرت مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي ياد ۾) رقمطراز آهن ته:

دنيا جو وڏي ۾ وڏو صوفي فلاسفر ۽ سياستدان، اسلام جو مجتهد، قرآن ۽ حديث جو عالم، تاريخ فلسفي جو ڄاڻو اڄ پورا ٻارهن مهينا گذري چڪا آهن مگر سندس ياد عملي ۽ علمي زندگي جي ياد اڃا تائين ائين جو ائين دلين ۾ تازي آهي.

حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح) گذريل سال رمضان شريف جي 2 تاريخ دين پور شريف( ضلع رحيميار خان) ۾ (پنهنجي نياڻِيءَ وٽ) وفات فرمائي آسمان جي انهيءَ جماعت سان وڃي مليو جنهن جي ملاقات جو هميشه کيس شوق ۽ محبت رهندي هئي ۽ جنهن ملڪي ۽ مذهبي ڪم کي سرانجام ڪرڻ جو کيس اشتياق هو، وفات جي گهڙين تائين ان کي نباهيندا رهيو.

حضرت مولانا(امام انقلاب عبيد الله سنڌي) صاحب جن کي آخرين پيرانه سالي هوندي به ملڪ ۽ قوم جي صحيح معني ۾ خدمت لاء سندس رٿيل پروگرام تي هلڻ جي ڌن لڳل هئي.

حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جون تقريرون ۽ سندن لکيل مضمون ۽ ڪي رسالا ۽ ڪن جلسن جون صدارتي ايڊريسون پڙهو ۽ سندن مبارڪ پاڪ ارادن کي معلوم ڪريو ته اوهان کي پتو پوندو ته هن سياست جي وڏي عالم دنيا کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ ٿي چاهيو.

1. حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) جي سياسي جماعتن مان فقط ڪانگريس کي قبول ڪرڻ فرمايو ۽ بس. ملسم ليگ بابت سندن خيال هو ته هڪ لبرل بئريسٽر فقط ڪانگريس کان وير وٺڻ لاء اها ڪاروائي ڪري رهيو آهي. هڪ دفعه فرمايائون ته جيئن هندو قوم گانڌي جِيءَ کي مهاتما جو لقب ڏئي چڪي آهي، تيئن مقابله ۾ وري مسٽر جناح (جيڻاهه) کي پوءِ لڳنِ کيس قائد اعظم جو لقب ڏنو آهي ۽ انهن ٻنهي لفظن جي معني هڪ ٻئي جي ويجهي ويجهي آهي.

2. مولانا هندوستان جي بر اعظم کي هڪ ملڪ نه پر جدا جدا ملڪن جو مجموعو سمجهندو هو ۽ سندن رايو هو ته انڊين نيشنل ڪانگريس کي انڊين انٽرنيشل ڪانگريس سڏيو وڃي.

3. سندن خيال هو هوته اسان کي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿي اتي هڪ مظبوط پنهنجي پارٽي ٺاهڻ(جوڙڻ) گهرجي جا پنهنجا سمورا رايا ڪانگريس اڳيان رکندي اچي.

4.هندوستان جي واڌاري يا ترقيءَ لاءِ مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي) صاحب چَرخَي جي فلسفه جو قائل نه هو، پر مشنريءَ جي زور تي يورپ جي مقابلي ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ سندن ارادو هوندو هو.

5.سنڌ ۾ تعليم کي ايترو عام ڪيو وڃي جو سڀ ڪو هاري ناري ڪجهه نه ڪجهه لکي پڙهي ڄاڻي ۽ هاريءَ جي زندگي بلند ڪرڻ لاء هنن جي گهرو صفائيءَ ۽ صحت وغيره تي ڏاڍو زور ڏيندا هئا.

6.حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي) صاحب اگرچه هندوستان کي جدا ملڪن وارو کَنڊُ سمجهندا هئا. پر ڊومين اسٽيٽس وقت هو هڪ ئي فيڊريشن جا قائل هئا ۽ سندن فرمائڻ هو ته ان ريت ئي هندوستان جي ملڪن جو ڌارينِ جي ڪاهُنِ کان بچاءُ ٿي سگهي.

نوٽ: معلوم هجي، ته يورپي يونين وارو سسٽم، امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جو چوري ٿيل فڪرآهي، پر ان سسٽم تي پنهنجو ليبل هڻي خيانت ڪئي، هوئن به يورپ جو سڄو نظام سسٽم مولانا امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جو چورايل آهي، جنهن تي يورپي مفڪرن جي ڪوڙي ڇاپ لڳائي، هند سنڌ جي مفڪر کي ڄٽوڙ ثابت ڪيو ويندو آهي ۽ اسان جا هند سنڌ واسي، يورپ وارن کان مرعوب ٿي احساس ڪمتري جي ڪُنَ م ڦاٿا پيا آهن.

جوکيو شفيق احمد

7. حضرت مولانا( امام انقلاب عبيد الله سنڌي) جو زبان جي مسئله بابت خيال هو ته اگرچه اڙدو هندوستان جي هڪ گڏيل زبان آهي، پر اصلي زبان صوبي (رياست) هر هڪ صوبي (رياست) ان کي زور وٺائڻ گهرجي.ڪنهن به صوبي(رياست) کي اڙدو يا هنديءَ جي جهڳڙي جو آکاڙو نه بڻايو وڃي. پر اهي اختياري زبانون ڪري ڇڏجن. جيڪو به انهن کي سکي ته هن جي حوصله افزائي ڪجي. باقي زور فقط پرڳڻي جي مادري زبان تي.

هڪ دفعي پاڻ (امام انقلاب عبيد الله جن) فرمايايون: ته هندي هندوستانيءَ جو هيڏو ملڪ ۾ رڳڙو هلي رهيو آهي پر خود مهاتما گانڌي جو ڪجهه لکي ٿو سو فقط پنهنجي پرڳڻي جي زباني يعني گجراتيءَ ۾. ساڳي طرح ٽيگور جي شاعري به سموري بنگالي زبان ۾ هئي. پر هندي هندوستان کي اهي ماڻهو هٿ به ڪونه لائين ٿا. تنهن ڪري سموري ملڪ لاءِ هڪ زباني جو هجڻ بيحد مشڪل سوال آهي. هر هڪ پرڳڻي لاء اهائي زبان ٺيڪ آهي جا ٻَچَو پنهنجي ماتا جي گود (هَنجَ) ۾ ٻڌي سکي وڏو ٿئي ٿو.

8.هندو مسلم اتحاد لاء سندن خيال هو ته سنڌ ۾ اهو مسئلو سولائِيءَ سان حل ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو سِنڌ جو هندو صوفي خيال جو ۽ چڱي سڀاءَ وارو آهي. هن کي ٿڌي بڻجڻ جو سبق ٻاهرين(ٿيولاجين/ ٿيوسافسٽس) سيکاريو آهي. سنڌ جي هندوءَ کي جيڪڏهن وحدت الوجود يا ويدانيت فلاسافيءَ ڏانهن توجهه ڇڪايو ويندو ته هو آسانيءَ سان اسلامي تصوف جو قائل ٿيندو ۽ مذهبي نفرت جا ٻنهي ڌرين ۾ پکيڙي ويئي آهي سا گهٽ ٿيندي.

9.حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح) فرمائيندا هئا ته يورپين بي دينيءَ جو انقلاب هندوستان ۾ زور سان اچي رهيو آهي تنهن ڪري ضرورت آهي ته (حڪيم الهند) شاهه ولي الله دهلوي رح جي فلاسافيءَ يا ويدانيت تصوف جي هندو مسلمان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي، جنهن ڪري ئي اڪيلي الله يا مذهب جو تصور ذهن ۾ قائم رهي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ايندڙ انقلاب ۾ هندوستان ڪيڏي به اوج کي پهتو ۽ هو بي دينيءَ جو شڪار ٿيل هوندو ته اهو وڌارو ڪجهه به نه آهي.

10. حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي) جو خيال هو ته دهليءَ جي جامعة ملية (انٽرنيشنل يونيورسٽي،دهلي) ۾ بيت الحڪمة (هائوس آف فلاسافي) قائم ڪيو وڃي. جتي مذهبي فلاسافيءَ جي خاص رنگ ۾ تعليم ڏئي تنگ دليءَ کي ملڪ مان تڙيو وڃي.

اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون ته سندن (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي) وفات کانپوءِ جامعه مليه (انٽرنيشنل يونيورسٽي، دهلي) جو پرنسپال ڊاڪٽر ذاڪر حسين جامعة (انٽرنيشنل يونيورسٽي،دهليءَ) جي سلور جوبليءَ جي موقعه تي بيت حڪمة (هائوس آف فلاسافي) جي بنياد رکڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي. جنهن جي عمارت وغيره لاء 25000 هزارن روپين جي اپيل ڪئي اٿس.

نوٽ: معلوم هجي ته پرنسپال ڊاڪٽر ذاڪر حسين صاحب جامعه (انٽرنيشنل يونيورسٽي،دهليءَ وارو)، امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جو تمام وڏو معتقد هو، جيڪو بعد ۾ 1970/ 1971 ۾ هندوستان جو پهريون مسلمان صدر ٿيو هو-جوکيو شفيق احمد

حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) جو جيڪو پروگرام ۽ ارادا هئا اسان ڏسي رهيا آهيون ته دنيا ازخود اوڏانهن بي اختيار وڃي رهي آهي.پر دنيا وارا اها ڳالهه سمجهن يا نه سمجهن، ڇاڪاڻ جو هندوستان جي مسلمان جو ڇوٽڪارو فقط حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح) ڏسيل مسلمان پروگرام ۾ ئي آهي.

الله تعالي هن مقدس ترين بزرگ صوفيءَ جي قبر پاڪ تي رحمت جون برساتون وسائي جنهن سموري زندگي قوم کي سڌي رستي هلڻ واري راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي.''توحيد'' ڪراچي،سيپٽمبر، 1945ع. علامه دين محمد وفائي رح جن مٿيون آرٽيڪل پنهنجن هٿن مبارڪ سان لکيو هو، ڇو ته پاڻ ماهانه توحيد ڪراچي،سنڌ جا ايديٽر ۽ صحافت جا بابائي سنڌ هيا

وري ٻئي هنڌ علامه دين محمد وفائي رح جن حضرت امام (انقلاب عبيد الله سنڌيء) لاء رقمطراز آهن : ته

انقلاب: حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي قدس سره تقرير علمي ۽ انقلابي جهاد جو شرح ڪندي فرمايو ته انقلاب ڪيئن قائم ڪجي. تنهن لاء يورپ کان ڪي شيون سکڻ ضروري آهن. اسان جا پراڻا هٿيار هن زماني ۾ ڪوبه ڪم ڏيئي نه ٿا سگهن.(مسٽر) ڪمال پاشا (صدر ماڊرن ترڪيه) ۽ (امير) امان الله خان (افغانستان) يورپ جي ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن ۽ اسان به سمجهي چڪا آهيون ته سائنس ۽ فوجي تنظيم يورپ کان سکجي ۽ جماعت لاءِ حڪيم الهند شاهه ولي الله جو فڪر پروگرام طور رکبو، هي آهي اسان جو چوڻ چوڻ ته '' يورپين بڻجو" امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ

نوٽ: حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) تي ڪي بي سمجهه ماڻهو اعتراض ڪندا هئا ته هو'' يورپين بڻجڻ جي رغبت ڏياري رهيو آهي. اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کان ٻاهر ڪري رهيو آهي. هوڏانهن هنن اها ڳالهه سمجهي ئي ڪانه هئي. حضرت استاد(امام انقلاب عبيد الله سنڌي) صاحب جن جو اهو ان مان مقصد هو ته ذهني لحاظ سان مسلمان يا ڪوبه هندوستاني ولي اللهي فلفسه موجب پڪو مسلمان خداپرست (فنا في الله)رهي سگهي ٿو ۽ ملڪي ترقيءَ واري اِنقِلاب

لاء تُرڪيءَ وانگر نئين سائنس ۽ مشنري ۽ فوجي تنظيم سان هو ملڪ ۾ مظبوط بڻجي آزاد زندگي بسر ڪري سگهجي ٿو.

وڌيڪ تشريح ڪندي پاڻ (امام انقلاب عبيدالله سنڌي جن) فرمائن ٿا: ته جڏهن اسانکي هنري تعليم جي ڏاڍي گهرج آهي، تڏهن اسان هنر انگريزن کان ڇو نه سکون؟ ڇو ته انگريزي ڳالهائيندڙ قومن ۾ شريڪ ٿيون؟ جنهن کي برٽش ڪامن ويلٿ (دولة مشترڪه برطانيه) چئبو آهي، ان کان پوءِ اسان سنڌ ۾ ڊومنن اسٽيٽ حاصل ڪري برٽش ڪامن ويلٿ جو جزو بڻجي رهڻ پسند ڪنداسين.

نوٽ: هڪ دفعه حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح) مجلس گفتگو ڪندي فرمايو ته هندوستان کي ڊومينن يا بيٺڪي راڄ ملي وڃي ته اها هڪ وڏي شيءِ آهي.

۽ اها ضرور آئينده هلي ملندي مگر ان لاء مسلمان ڇو ته تياري ڪري رهيا آهن هندو واپار ۽ هنر ۾ يورپين بڻجي چڪو آهي ۽ مسلمان اڃا ڪجهه به نه ٿو ڪري. وقت آهي ته هو به ڪجهه ڪندو نظر اچي.

هاري ۽ زميندار: هاري ۽ زميندار جي مسئله تي روشني وجهندي فرمايائون ته اسان هاريءَ جا طرفدار آهيون. هاريءَ کي پڙهائِڻُ گُهرُون ٿا، ان کي سياسي ڪم سيکاري اسمبليءَ جي ميمبري ڏيارڻ جا طرفدار آهيون. پر اسان کين (هاريُنِ) زميندار سان ويڙهائڻ نه ٿا گهرون جڏهن اسان حڪومت سان جهڳڙو نه ٿا ڪريون ته پوءِ زميندارن سان ڪئن هاريءَ کي ويڙهائينداسين زميندار پنهنجي مستقل پوزيشن (حالت) وڃائي چڪو آهي. هو فقط هاري جي اُپَتِ مان ڍَلَ پهچائڻ جو هڪ چڱو ذريعه آهي.

ماڻهن کي هي گمان آهي: ته اسان (يعني امام انقلاب عبيد الله سنڌي) روس مان ٿي آيا آهيون ته شايد روس وانگي هت به هاري زميندار جو جهڳڙو پيدا ڪنداسين پر اسان روسي نموني جي تحريڪ جا هندوستان ۾ هرگز حامي ناهيون.

نوٽ: هڪ دفعي حضرت مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح) صاحب هڪ وڏي زميندار کي خطاب فرمايو: ته سنڌ جو زميندار ئي چڱي حالت کي پهتل آهي. جيڪڏهن ان سان هاريءَ کي ويڙهايو ويندو, ته سنڌي مسلمان جي هڪ طاقت فنا ٿي ويندي. اسان جو خيال آهي ته هاري ۽ زميندار کي هڪ جماعت ۾ آڻجي. زميندار هارين جي جماعت جو سيڪريٽري بڻجي ڪم ڪري هارين جي ٻارن کي پڙهائي ۽ سندن صحت جو خيال رکي. سندن حق تلفي نه ڪري ته ان ريت هي ٻئي ڌريون واڌارو به ڪنديون ۽ روسي انقلاب کان به بچي پونديون.

ديهات ( ٻهراڙيءَ ۾ ڪم ڪريو: آخر ۾ فرمايائون ته سنڌ ۾ شهري آبادي (سنڌي) مسلمانن جي هٿ کان نڪري چڪي آهي. ڳوٺن ۾ اشرافن جا خاندان آهن. چڱا عالم ۽ زميندار رهن ٿا. انهن خاندانن (آڪهين) ۾ ديني علم رائج ڪرڻ جو ڪافي امڪان آهي ۽ هنن کي انگريزي سيکارڻ به نهايت ضروري آهي، جيڪڏهن طالب علم ٻهراڙين جو ڪم هٿ ۾ کڻندا ته سنڌ ۾ آساني سان اسلاميت زنده ڪري سگهن ٿا.

نوٽ: حقيقت ۾ سنڌ جي ٻهراڙي آهي يعني ڪمائي ٿي شهر کائن ٿا. وڏا شهر ان ريت ٻهراڙيءَ يا ديهات جا محتاج آهن جو رهاڪو اڻ پڙهيل آهي.مگر ٻهراڙيءَ جو رهاڪو اڻ پڙهيل آهي. جنهن کي پنهنجي قيمت جي سُڌِ نه آهي، انهيءَ ڪري هو شهري مرعوب ۽ دٻيل ٿو رهي. جيڪڏهن هن ۾ حضرت استاد ( امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي ارشاد موجب دِينِي ۽ دُنيائِي تعليم اچي ته هو سموري سنڌ تي راڄ ڪرڻ جا مالڪ ٿي سگهن ٿا.

ورتل: امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

سهڙيندڙ: ڊاڪٽر پروفيسر ابو سلمان سنڌي

پاران مولانا عبيد الله سنڌي اڪيڊمي

بياد: امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

1872، 1944

بموقع

پنجاهه ساله يوم وفات 22 آگسٽ،1944

مولانا عبيد الله سنڌي نيشنل ڪميٽي پاڪستان

مڪمل ڪتاب جو ڏس پته :

امام انقلاب عبيد الله سنڌي اڪيڊمي

گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي

ايئرپورٽ روڊ، سکر-سنڌ

جاري آهي


No comments:

Post a Comment