Realtime Hit Counter

Monday, 4 July 2011

سنڌ ، سنڌي قوم ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ تعليم جي واڌ ويج ۽ ڪئن ممڪن آهي.؟ جوکيو شفيق احمد

سنڌ ، سنڌي قوم ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ تعليم جي واڌ ويج ۽ ڪئن ممڪن آهي.؟

جوکيو شفيق احمد

سڀ کان پهريون سنڌ جا امير ڪبير رؤساء وڏيرا ڀوتار ۽ وڏا جعلي مفاد پرست عياش زاني شرابي خائن بد عهد چور ڪوڙا گاريانڊا ڪرپٽ رهزن اديب سچي نيت ڪري پنهنجي ماتا جي ٻوليء کي سنڌ ۾ نافذ ڪرائي ٿا سگهن جيڪو ممڪن ئي ناهي، ڪنهن به صورت ۾

ٻي صورت آهي انقلاب ۽ انقلاب ئي هر شيءِ کي ممڪن ڪري سگهي ٿو. جيڪو آڻڻ بعد هيٺين ڳالهين تي مشتمل هوندو.

سنڌ مان ڪرپٽ ڪامورن تي الزام جرم ثابت ٿيڻ بعد قانوني سزا ڏيڻ نتيجتاَ ڦاهي جي سزا ڏيڻ

اعلي منصبن عهدن تي فائز ڪرپٽ ڪامورن/ آفيسرن رهزنن کي رسڻ نه ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾

اميرين سرمائيدارن وڏيرن جاگيردارن جي حرامي ڇورن کي مسڪينن ٻچڙن سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ جو قانون جوڙي عمل ڪرائڻ

سکيا: پڙهڻ لکڻ جو نصاب ٽيڪسٽ رڳو صرف فقط نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳيو مساوي رائج ڪرڻ

تعليم جو مفت هجڻ جيڪا رياست جي فرض ڪفايه م شامل هوندي جنهن م ڪوبه خرچ پيء ماء تي نه هجي؛ تعليم جي هر شيء عمارت ڪتاب قلم يونيفارم مفت ۽ هڪ جهڙو هجي

تعليمي نصاب يا ٽيڪسٽ ڪتابن قلمن لاء نجي خانگي پرائيويٽ بوڪ اسٽال کولڻ جي گنجائش يا اجازت نه هجي، باقي مطالعاتي ڪتاب جيڪي نصاب ۾ شامل نه هوندا انهن تي ڪابه پابندي نه هجي جيڪي پرائيويٽ مارڪيٽ م وڪرو ڪيا وڃن سي به واجبي مناسب ملهه تي هجن

سنڌ ۾ جيڪي به پرائيويٽ اسڪول يونيورسٽيون يا ادارا يعني ڀڙوت ۽ ڪڃر خانه چڪله ڪلچر ننڍي وڏي پيماني تي هلي رهيا آهن، انهن کي بند ڪري تعليم جي نالي ۾ جهالت جا ڪارخانه جتي پيسه ڪمائڻ کان سواء ڪجهه ناهي بند ڪرڻ ۽ انهن منجهه ڪم ڪندڙ استاد پرورفيسر ڊاڪٽر فلاسافر مسڪينن کي سندن قابليت جو امتحان وٺي، سرڪاري اعلي تعليمي مدرسن اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين منجهه فائز ڪري تمام جهجهي پگهار وظيفه عطا ڪرڻ

هر اسڪول مدرسه ڪاليج يونيورسٽيء يا ادارن ۾ تعليم جو وسيلو ذريعو سورس صرف سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هجڻ، تنهن سان گڏ ٻئي نمبر تي عربي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي لازمي نافذ ڪرڻ ته جئن علم النقل ( يعني قرآن حديث فقه ويد گيتا انجيل توريت مهاڀارت ۽ دنيا جي سڀني مذهب جا ڪتاب تقابل اديان جي صورت ۾ ) و العقل ميڊڪل سايئنس، انجنئرنگ ٽيڪنالاجي سائينس ايگريڪلچرل سائينس، اسٽيٽڪس، ڪمپيوٽر سائينس، کان به سنڌي ٻار محروم نه رهي ۽ جيڪي عربي يا انگريزي ٻولي تواريخ ۾ تحريفون ڪوڙ جعلسازي جڙاوت ڪري جهالت پکيڙي وئي آهي، ان کان سنڌي ٻار ڪنهن به، مُلان مواليءَ حجة الله مجوسي يهودي پنڊت پوپ پادريءَ جي سحر جادو ڪوڙي ڪرشمي طلسم کان بچي حق سچ جي راهه پاڻ لهي ماڳ مڪان تي رسي سگهي

جاري آهي

سنڌ ، سنڌي قوم ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ تعليم جي واڌ ويج ۽ ڪئن ممڪن آهي.؟

بابته امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جو هي فڪر به ملحوظ خاطر رهندو ته:

هڪ دفعي پاڻ (امام انقلاب عبيد الله جن) فرمايايون: ته هندي هندوستانيءَ جو هيڏو ملڪ ۾ رڳڙو هلي رهيو آهي پر خود مهاتما گانڌي جو ڪجهه لکي ٿو سو فقط پنهنجي پرڳڻي جي زباني يعني گجراتيءَ ۾. ساڳي طرح ٽيگور جي شاعري به سموري بنگالي زبان ۾ هئي. پر هندي هندوستان کي اهي ماڻهو هٿ به ڪونه لائين ٿا. تنهن ڪري سموري ملڪ لاءِ هڪ زباني جو هجڻ بيحد مشڪل سوال آهي. هر هڪ پرڳڻي لاء اهائي زبان ٺيڪ آهي جا ٻَچَو پنهنجي ماتا جي گود (هَنجَ) ۾ ٻڌي سکي وڏو ٿئي ٿو.

اڳتي تعليم سکيا حاصل ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو هوندو اهو لکندس

يعني پڙهڻ صورتخطي لکڻ جي مشق،

هجي يعني حرف علت الف واو يي حرف صحيح يعني الف واو ييي کي ڇڏي ڪري ۽ اعراب فتح ڪسره ضمه يعني زبر زيرِ پيشُ جنهن کي آواز صوتيات به چيو وڃي جيئن الف مد آ، الف واو نون پيش اُون ، الف يي زيرِ اِي يا آ اَي اُو ۽ جزم شد ڳورو آواز مد معني آخر م لفظ ساڪن هجي وغيره

۽ ياد لکڻ جنهن ڊڪٽيشن ۽ گرامر ڪمپوزيشن صرف نحو

by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, July 2, 2011 at 4:02pm

No comments:

Post a Comment