سنڌ جي قومي تحريڪ
۽
پاڪستان ۾ قومي سوال!-
عبدالخالق جوڻيجو
مهاڳ
پاڪستان جي رياست کي ٺهي 60 سالن جو عرصو گذري چڪو آحي پر اڄ به اها پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ايترو ئي غير يقينيءَ جو شڪار آهي جيترو پهرين ڏينهن هئي.
”پاڪستان سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي“ اهو جملو جنهن رواني ۽ شدت سان 1947ع ۾ سهرايو ويندو هو اڄ 2007ع ۾ به ساڳئي فراوانيءَ سان دهرايو وڃي تو.
ان صورتحال جو بنيادي سبب اهو آهي ته رياست جي بناوٽ واري بنيادي سوال کي حل نه ڪيو ويو آهي نلڪه حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي.
1947ع کان اڳ ۾ پاڪستان جو وجود ڪونه هو پر سنڌ، بنگال، بلوچستان، پختونخواهه، پنجاب ۽ سرائڪي خطه موجود هئا، بعد ۾ انهن ئي خطن ڇاڪستان جي رياست ڱي وجود ڏنو.
هزارين سالن کان موجود خطن ۽ قومن جي تحفظ جي نالي تي قائم رياست جي مرڪزي حڪومت پاڻ کي ڄمندي ڄام سمجهيو ۽ سڄي ملڪ جو پاڻ کي واحد مالڪ قرار ڏنو. قومن جا معاملا حل ڪرڻ ۽ انهن جو تحفظ ته پري جي ڳالهه آهي پر ابتو انهن جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ويو. هر اٿندڙ سوال کي ملڪ دشمني قرار ڏنو ويو ۽ هر اخلاقي آواز کي ڏنڊي جي زور تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي جڏهن ڪنهن مسئلي کي تسايم ئي نه ڪبو ته حل جو ته سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي، سو اهڙيءَ ريت مسئلي تي مسئلا وڌندا ويا ۽ انهن جي شدت سنگين کان سنگي ٿيندي وئي آهي ۽ نتيجي طور بحران مٿان بحران پيدا ٿيندا ويا.
صورتحال وڌيڪ خراب رخ ۾ ان ڪري به هلندي وئي جو پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي شخصي ۽ آمراڻيون حڪومتون رهيون آهن. اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص پاڻ کي اڇي ڪار جو وارث ۽ پاڻ کي واحد ” محب وطن“ سمجهندو ۽ قومون رياست جون ۽ رياست ان فرد جون غلام پئي رهنديون آيون آهن.
شخصي ۽ آمراڻين حڪومتن ۾ جيئن ته اختلاف راءِ ۽ گفتگو جي ڪا گنجائش نه هوندي آهي تنهن ڪري خيالن جي ڏي وٺ ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جا سمورا رستا بند هوندا آهن ۽ پوءِ وقت جي حاڪم ۽ ان جي چوڌاريويٺل حواري ئي سمورا فيصلا ڪندا آهن، نتيجي طور سماج بند گليءَ ڏانهن هليو ويندو آهي، جتي اڄ پاڪستان جي رياست ُاٿل نظر اچي رهي آهي، ٻئي طرف جن قومن هن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو انهن ان کي هلائڻ جي لاءِ مختلف وقتن تي مختلف تجويزون ۽ فارمولا ڏنا پر بندوق تي ڦاڙيندڙ حڪمرانن هميشه انهن کي توهين آميز طريقي سان رد ڪيو ۽ آخر هر قوم جي آڏو اهڙو مرحلو آيو جتي انهن محسوس ڪيو ته اهي حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي چڪا آهن جن کان ڪنهن به مثبت عمل جي موٽ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي ۽ پوءِ انهن پنهنجي حقن جي تحفظ جي ڪوشش ۾ پنهنجي طور تي نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جا فيصلا ڪيا، پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن مختلف وقتن تي جدوجهد جا مختلف حدف رکيا ۽ مختلف طريقا اختيار ڪيا.
سنڌ ۾ به قومي جدوجهد مختلف وقتن تي مختلف ۽ مختلف مرحلن ۾ مختلف شڪل ۽ مرحلا اختيار ڪيا جنهن جو مختصر ّڪر هن ڪتابڙي ۾ ڪيو ويو آهي ۽ قومن جي اها جدوجهد مفادن جي حساب سان ۽ معروَي حالتن جي لحاظ کان ڪڏهن اڪيلي سر ڪئي وئي آهي ته ڪڏهن سمورين محڪوم قومن گڏجي پنهنجي حقن جي ويڙهه وڙهي آهي. ان جو به مختصر احوال ڏنو ويو آهي.
پاڪستان جي رياست تي جيئن ته پهرين ڏينهن کان وٺي پنجاب جو غلبو رهيو آهي تنهن ڪري لازمي طور تي محڪوم قومن جي تنقيد ۽ ڪاوڙ جو نشانو به پنجاب رهيو آهي ۽ ان ۾ هن ڪري به واڌارو ٿيندو رهيو آهي ته پنجاب مان ڪوبه واضع ۽ منظم آواز حڪمرانن جي ظلمن جي خلاف به اٿيو آهي. ان لحاظ کان لاهور ۾ قائم اداري منارٽي رائٽس ڪميشن پاران قومي حقن جو آواز اٿارڻ ۽ ماڻهن ۾ شعور وڌائڻ لاءِ شورع ڪيل مهم قاب قدر آهي جنهن تحت اهي نختلف شهرن ۾ سيمينار ڪرائي رهيا آهن ۽ ڪتابڙا ڇپرائي رهيا آهن.
منارٽي ڪميشن جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جناب يونس علام جي چوڻ تي ئي مون پنهنجو مقالو اردو ۾، ” سنده ۾ قومي تحريڪ اور پاڪستان ۾ قومي سوال“ ليکو، جيڪو نه رڳو ڪميشن پاران ڇپرايو ويو پر ان تي لاهور پريس ڪلب ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ لاهور ۾ رهندڙ ناميارن دانشورن ۽ روشن خيال سياسي پارٽين ي قيادتن کان علاوه وڪيلن جي نمائندن پاڪستاني رياست جي ڪردار ۽ بناوت بابت ۽ مختلف قومن سان حڪمرانيءَ جي ورتاءَ ۽ ان ۾ پنجاب جي حصي بابت واضح انداز ۾ ڳالهايو.
اهو پهريون دفعو هو ته پنجاب جي ماڻهن ايڏي تعداد ۾ گڏيل طور ۽ اهڙي واضع انداز ۾ ڪنهن باقاعده پليٽ فارم تان بيهي پاڪستان جي حڪمرانن کان نه رڳو پنهنجي علحدگيءَ جو اعلان ڪيو پر قومن سان ٿيندڙ ناانصافين کي تسليم ڪيو ۽ ان ڏس ۾ حڪمرانن جي رويي کي ننديو. اهو پنهني جاءِ تي قابل ذڪر عمل هو ۽ مثب سمت ۾ قدم هو جيڪو تازي هوا جي جهوٽيوانگر محسوس پئي ٿيو.
جيئن ته ڪتابڙي ۾ قومي سوال تي بحث ڪندي سنڌ تي وڌيڪ فوڪس ڪيو ويو آهي تنهن ڪري ضرورت محسوس پئي ڪئي ئي ته ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائجي جيڪو پڙهندڙن جي آڏو آهي.
اردو واري ايڊيشن متعلق هن وقت تائين ڪافي قربدارن پنهنجا رايا ۽ تجويزون ڏنيون آهن، اميد ته سنڌي سڄڻ به هن ڪوشش بابت پنهنجي خيالن کان ضرور آگاه ڪندا جيئن آئينده ان اهم موضوع ۽ بنيادي سوال تي گفتگو ۽ بحث کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ مـﺆثر بنائڻ ۾ اسان جي مدد ٿي سگهي.
عبدالخالق جوڻيجو
پيش لفظ ( اردو ڇاپي لاءِ لکيل )
قوميتي شناخت ۽ قومي حقن جو سوال موجوده دور ۾ هڪ اهم عوامي مطالبي جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي. قومي رياستن ۽ گلوبلائيزيشن ملڪن ۽ رياستن جي لاحاق واري عمل سان هي سوال زياده اهميت اختيار ڪري رهيو آهي. ڪمزور جمهوري نظام، آمريت، بادشاهي نظام ۽ هڪ هٽي وارن رجحانن ۾ قوميتي شناخت ۽ حقن جو مطالبو ڪندڙ گروهن کي غير منصفانه قانونن، غير جهوري ۽ غير آئيني قدمن ۽ طاقت جي زور تي دٻايو ويندو رهيو آهي. اهي سڀئي قوميتون جن کي حڪمرانيءَ جي نظام کان شعوري طور تي پري رکيو ويو ۽ جن کي قومي رياست جي نالي تي چند گروهن، طبقن يا طاقتور قوميتن کي مظبوط ڪندي حق خود اراديت، خودمختياري ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويندو رهيو آهي سي قوميتي شناخت جي جدوجهد ۾ سرگرم عمل آهن. موجوده دور ۾ گلوبلائيزيشن جي نالي تي مونو ڪلچر ( ڪلچر جي هڪ هٽي) کي شعوري طور تي ڦهلايو پيو وڃي، ان عمل سان دنيا ۾ مقامي ثقافتن ، زبانن ۽ قوميتي شناخت کي نقصان پهچڻ جا خدشا لاحق آهن.
هي ڪتابڙو، ” سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ پاڪستان ۾ قومي سوال“ قوميتي حقن جي حوالي سان شروع ڪيل بحث کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ هڪ ٻي ڪوشش آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي قومي تحريڪ تي بحث کي پيش ڪرڻ آهي ته جيئن گفتگوءَ جي عمل کي جاري رکي سگهجي. هن کان اڳ ۾ اسان، ” قومي سوال تي اڪرم ميراڻي4 جو لکيل ڪتابڙو، ”پاڪستان ۾ قوم پرست تحريڪون ۽ انهن جو مستقبل“ شايع ڪرائي چڪا آهيون.
منارٽي رائٽس ڪميشن هن قسم جي ڪتابڙن ّذريعي پاڪستان ۾ قومي شناخت ۽ حقن جي حوالي سان تاريخي پسمنظر، موجوده جحالتن ۾ درپيش چيئلنجن ۽ عوامي جدوجهد کي سامهون آڻڻ چاهي ٿي.
ان نقطئه نظر تي بحث، تنقيد ۽ اختلاف راءِ جي گنجائش موجود آهي ۽ ادار و انهن سڀني خيالن، راين ۽ تجويزن جو خير مقدم ڪندو جيڪي ان اهم سياسي ۽ سماجي موضوع تي تنقيد ۽ بانقصد بحث کي اڳتي وڌائين ته جيئن بحث مڪالمي ۽ اتفاق راءِ ۾ مدد جو عمل اڳتي وڌي سگهي.
يونس عالم
ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر
منارٽي رائيٽس ڪميشن
قومي رياست جي ابتدا ۽ ارتقا:
ڪوبه سياسي نظام زمان ۽ مڪان جي دائرن ۾ ئي وجود وٺندو ۽ ترقي ڪندو آهي ۽ ان جي ترقي سماج جي ترقيءَ جي سطح سان لاڳاپيل هوندي آهي. ۽ ان سماجي ترقيءَ جا ڪجهه مرحلا ٿين ٿا جن مان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هر سماج کي گذرڻو پوي ٿو البته زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان ترقيءَ جو اهو سفر ڪٿي تيز ته ڪٿي آهستي ۽ ڪٿي ڊگهو ته ڪٿي نسبتاً مختصر ٿي سگهي ٿو.
جديد قومي رياست جو تصور يورپ مان اڀريو جنهن جو پڻ هڪ خاص سماجي پسمنظر آهي. ڪنهن دور ۾ يورپ تي ٽن عنصرن جو غلبو هئو: فيوڊلزم (جاگيرداري) ملائيت (چرچ) ۽ فوجي قوت ذريعي قائم بادشاهتون. اهي ٽئي هڪ ٻئي جي مدد سان عام ماڻهن تي حڪمراني ڪندا هئا. انهن جي حاڪميت وارو دور يورپي تاريخ ۾ اونداهين دور (Dark ages) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان جي جواب ۾ جاڳرتا (Renaissance) جو دور آيو جنهن دوران اتي روشن خيالي ۽ ترقيءَ جون تحريڪون هليون جن جي نتيجي ۾ يورپي سماج ۾ بنيادي نوعيت جون تبديليون آيون ۽ جاگيرداري، پاپائيت ۽ فوجي بادشاهتن جي متبادل طور ٽن نون عنصرن جڳهه والارڻ شروع ڪئي. اهي ٽي عنصر آهن: صنعتڪاري، سيڪيولرزم ۽ قومي رياستون. انهن ٽنهي جي گڏيل عمل سان جمهوريت جي آبياري ٿي ۽ اتان ئي ان جمهوري دور جي شروعات ٿي جنهن تي يورپ وارا ايترو فخر ٿا ڪن ۽ جنهن جي ڪري اهي پنهنجي پاڻ کي معتبر ۽ مٿانهون تصور ڪندا آهن. ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته ان دور ۾ ئي يورپ سامراجيت جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي جنهن جو شڪار دنيا جي ٻين خطن وانگر ننڍو کنڊ به ٿيو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جيان سرزمين سنڌ پڻ.
سامراج جي هڪ اهم خوبي اها هوندي آهي ته ان جا پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ معيار ٻيا هوندا آهن ۽ ٻين ملڪن ۽ ماڻهن لاءِ ٻيا. تنهنڪري جڏهن ٻي عالمي جنگ جي خاتمي تي اندروني ۽ بيروني دٻاءَ جي نتيجي ۾ انگريز سامراج لاءِ برصغير تي پنهنجو تسلط جاري رکڻ ممڪن نه رهيو ته رخصت ٿيڻ وقت ان اقتدار قومي رياستن جي حوالي ڪرڻ جي بجاءِ فوجي قوت جي زور تي قائم ملڪن جي حوالي ڪيو ته جيئن جديد نوآباديت (Nero-colonialism) جي صورت ۾ سندس مفادن جو تحفظ جاري رهي. خاص طور تي پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ اهڙي رياست وجود ۾ آئي جنهن تي پهرئين ڏينهن کان ئي ان ٽڪنڊي (Troika) جي بالادستي ۽ حاڪميت رهي جيڪو يورپ ۾ اونداهي دور جي علامت هئو يعني جاگيردار، ملا ۽ فوجي طاقت سان قائم رياست.
پاڪستان رياست جي جوڙجڪ ۽ ڪردار:
پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد 1940ع واري قرارداد لاهور کي مڃيو وڃي ٿو ۽ ان جي ئي بنياد تي سنڌ اسمبليءَ جي ميمبرن نئين مملڪت جي حق ۾ ووٽ ڏنو هئو. ان قرارداد جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي نقطو اهو هئو ته “Constituent units shall be sovereign and autonomous” يعني ”ملڪ کي ٺاهڻ واريون وحدتون آزاد ۽ خودمختيار هونديون“ ان مان ڪجهه اُميد هئي ته نئين مملڪت ۾ سنڌ سميت شامل تاريخي قومن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهندو پر جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو وقت آيو تڏهن بلڪل اُبتي طرف سفر جي شروعات ڪئي ويئي ۽ پهرئين ڏينهن کان ئي رياستي ڪاروبار ان قرارداد جي روح توڙي لفظن (Letter and spirit) جي بلڪل ابتڙ هلايو ويو.
پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين ئي سال اندر هن ملڪ اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جن مان اها حقيقت چٽي طرح سامهون آئي ته پنهنجي هيئت ۽ ڪردار جي لحاظ کان اها ڪا نئين رياست قائم ڪونه ٿي آهي پر اڳ واري نوآبادياتي يا ڪالونيل (Colonial) رياست جوئي تسلسل آهي. قلات رياست تي فوج ڪشي ڪئي ويئي ۽ ان کي زبردستي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو پختونخوا (صوبه سرحد) ۾ پختونن جي جمهوري نموني چونڊيل حڪومت کي غير جمهوري طريقن سان ڊسمس ڪيو ويو ۽ ماڻهن تي گولين جو مينهن وسايو ويو. سنڌ جي اهم ترين شهر، گاديءَ جي هنڌ ۽ بندرگاهه ڪراچيءَ کي زبردستي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو جڏهن ته ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته زبانن مان هڪ جي مالڪ بنگالين تي اردو زوريءَ مڙهي ويئي ۽ اهو چوندي سندن توهين ڪئي ويئي ته انهن جي زبان ان قابل ناهي ته ان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي.
پاڪستان تي غالب ٽرائيڪا (جاگيردار، ملاء فوجشاهي) جيئن ته فطري طور جمهوريت دشمن آهي تنهن ڪري هن ملڪ ۾ ڪڏهن به جمهوريت کي ساهه کڻڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ۽ هميشه آمراڻين حڪومتن جو راڄ رهيو آهي پوءِ کڻي انهن جي شڪل فوجي هجي يا سويلين. ان کان علاوه پاڪستان جي نئين رياست جو انگريز جي پراڻي نوآبادياتي رياست سان تعلق ۽ تسلسل قائم رکڻ واري فوج ۽ نوڪر شاهيءَ تي هڪ صوبي يعني پنجاب جو غلبو هئو تنهن ڪري هن رياست تي به ان (پنجاب) جي بالادستي قائم ٿي ويئي. هڪ جمهوري سرشتي ۾ اها بالادستي (Domination) ۽ هڪ هٽي (Monopoly) برقرار رهڻ ممڪن نه هئي تنهنڪري پنجاب هميشه آمراڻين حڪومتن جي نه صرف مدد ۽ همٿ افزائي پر اڳواڻي به ڪئي.
رياست تي هڪ يونٽ (پنجاب) جي بالادستي ۽ آمراڻين حڪومتن جي قيام ٻين يونٽن جي ماڻهن لاءِ آئيني ۽ قانوني طريقن سان حقن جي حاصلات جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ امن، انصاف، برابري ۽ ترقيءَ جو حصول انهن لاءِ ناممڪن بڻايو ويو. اهڙي صورت ۾ بنگالين، سنڌين، بلوچن، پختونن ۽ ڪنهن حد تائين سرائيڪين لاءِ پنهنجي تاريخي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جي حصول ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ قومي جدوجهد جو رستو اختيار ڪرڻ اڻٽر هئو. وقت گذرڻ سان گڏ پاڪستاني رياست تي پنجاب جي بالادستي ۽ رياست طرفان ٻين قومن جي استحصال ۾ اضافو ئي ٿيندو ويو، نتيجي طور ساڳئي تناسب سان انهن خطن جي قومي تحريڪن ۾ پڻ شدت ايندي ايندي وئي. رياستي لٽ مار، جبر استبداد ۽ ان خلاف عوامي مزاحمت 25 سالن جي اندر بنگال ۾ هڪ باقاعده جنگ جي شڪل اختيار ڪري ورتي جيڪا بنگالين جي هڪ آزاد مملڪت بنگلاديش جي قيام تي منتج ٿي. جڏهن ته بلوچن جي قومي امنگن کي ڪچلڻ ۽ قومي جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ اتي چار دفعا فوجي چڙهائي ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترا دفعا انهن جون حڪومتون ۽ اسمبليون ختم ڪيون ويون آهن.
پاڪستان جي قيام لاءِ اسمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ واحد خطي سنڌ جي رهواسين کي پاڪستان جي قيام شرط اهو احساس ڏياريو ويو ته هي ملڪ انهن جي حقن جي تحفظ خاطر ناهي بلڪه انهن کي هتي ٻئي درجي جو شهري ٿي رهڻو پوندو ۽ ان وقت کان ئي سنڌين جي پنهنجي قومي تشخص جي بقا ۽ نجات لاءِ جدوجهد جاري آهي.
سنڌ تي سڀ کان پهريون سڀ کان وڏو سڀ کان خطرناڪ ۽ دور رس اثر وجهندڙ جيڪو وار ڪيو ويو سو هئو. آباديءَ جي مٽاسٽا. اهو سنڌ تي ٻه منهين هٿيار سان حملو هئو. هڪ طرف هندستان کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ته ٻئي پاسي سنڌي قوم جي سڀ کان ترقي يافته، متحرڪ ۽ موثر حصي کان مذهبي فساد ڪرائي ۽ ”هندو“ جو نالو ڏيئي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي. ان عمل ۾ رياست جي ملوث هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته سنڌ برصغير جو اهو واحد خطو آهي جتي مذهب جي نالي تي فساد، ورهاست ٿي وڃڻ ۽ نئين مملڪت قائم ٿي وڃڻ کان ڪافي وقت کان پوءِ شروع ٿيا. ان کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. انهن ٻنهي معاملن ۾ سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي موقف جو دفاع ڪرڻ جي پاداش ۾ محمد ايوب کهڙي جي قيادت واري سنڌ حڪومت کي ڊسمس ڪيو ويو. ان سان گڏ ئي سنڌي زبان جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏيئي اتي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي، سنڌي زبان ۾ هلندڙ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ۽ سرڪاري آفيسن مان سنڌيءَ کي هٽائي ان جي جاءِ تي اردوءَ کي نافذ ڪيو ويو جڏهن ته هزارين سالن کان ترقيءَ ڪندڙ سنڌي ڪلچر جي توهين ۽ تذليل ڪئي ويئي.
انهن سڀني ڳالهين گڏجي سنڌ ۾ رياست جي خلاف مزاحمت جي سوچ ۽ جذبي کي جنم ڏنو ۽ اها مزاحمت حڪومتي ايوانن کان نڪري عوامي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. جيتوڻيڪ عددي لحاظ کان ان وقت اها مزاحمتي تحريڪ تمام وڏي ڪانه هئي پر زندگيءَ جي سڀني شعبن سان لاڳاپيل باشعور سنڌي ان ۾ شريڪ هئا.
پاڪستاني رياست جي نوآبادياتي (Colonial) شڪل ان وقت کلئي نموني سامهون آئي جڏهن 1954ع ۾ سنڌ، بلوچستان (قلات رياست) پختونخوا (صوبه سرحد) ۽ بهاولپور رياست جو وجود ئي ختم ڪيو ويو ۽ انهن کي پنجاب سان ملائي هڪ نئون ۽ مصنوعي مغربي پاڪستان جو صوبو ون يونٽ جي صورت ۾ ٺاهيو ويو. اهو بلڪل ان طرح جو عمل هئو جڏهن يورپي سامراجي طاقت فرانس، الجزائر کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو هئو. پاڪستان ۾ غداري ۽ ملڪ دشمنيءَ جا سرٽيفڪيٽ روزانه جاري ٿيندا رهندا آهن پر جيڪڏهن واقعي غداري نالي ڪا شيءِ آهي ته هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏي غداري اها ڪئي ويئي جو ملڪ کي ٺاهيندڙ (قومي) يونٽن کي ختم ڪيو ويو. ون يونٽ دوران صورتحال اهڙي ڪئي ويئي هئي جو سنڌ جو نالو وٺڻ گناهه هئو ۽ خط جي لفافي تي ايڊريس ۾ سنڌ جو لفظ لکڻ ڏوهه هئو. ان ئي دور ۾ سنڌ ۾ هن قسم جي شاعريءَ جنم ورتو ته ”سنڌڙي تنهنجو ناءُ وتو. ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“.
سنڌين کي سنڌ جي وجود سان سنڌ جي سرزمين سان ۽ سنڌ جي نالي سان جيڪا محبت، عقيدت ۽ لڳاءُ آهي تنهن هن عمل جي خلاف شديد ردعمل پيدا ڪيو ۽ ماڻهو پنهنجي قومي ۽ تاريخي تشخص جي بحاليءَ خاطر اٿي کڙا ٿيا. هتان کان سنڌ جي قومي تحريڪ جو هڪ اهڙو مرحلو شروع ٿيو جيڪو زياده باشعور، زياده گهرو ۽ زياده وسيع هئو. ون يونٽ جي خلاف تحريڪ سنڌي ماڻهن جي دل ۽ دماغ، ذهن ۽ ضمير، روح ۽ جسم هر شيءِ کي متاثر ڪيو ۽ ان تحريڪ ۾ مرد عورتون ۽ ٻار، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب ۽ شاعر، فنڪار، استاد، وڪيل، هاري ۽ شاگرد مطلب ته زندگيءَ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شامل هئا. ساڳي طرح ون يونٽ جي خاتمي لاءِ صوبه سرحد بلوچستان ۽ سرائيڪي خطي ۾ پڻ تحريڪ جاري هئي.
ون يونٽ ٺاهڻ مان حڪمرانن ٻٽو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ پاسي انهن سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ سرائيڪين کي پنجاب جي سڌي ڪنٽرول ۾ ڏئي ڇڏيو ته ٻئي طرف مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جي وچ ۾ برابري يا (Parity) جو اصول لاڳو ڪري بنگالين جي عددي اڪثريت جي نفي ڪئي ويئي.
جڏهن ون يونٽ مخالف تحريڪ زور ورتو ۽ خود مغربي پاڪستان جي اسمبليءَ ان کي ٽوڙڻ جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو تڏهن ان (ٺهراءُ) تي عملدارآمد جو رستو روڪڻ خاطر ملڪ ۾ 1958ع ۾ پهريون مارشل لانافذ ڪيو ويو جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ وڌيڪ شدت ۽ تيزي آئي. آخرڪار تاريخي قومن جي پنهنجي تشخص جي بحاليءَ جي تحريڪ ۽ جمهوريت جي بنيادي عالمگير اصول ”هڪ ماڻهو هڪ ووٽ“ جي نفاذ جي جدوجهد جي آڏو حڪمرانن کي جهڪڻو پيو ۽ ملڪ جي ٻئي مارشل لا دوران 1970ع ۾ ون يونٽ کي ٽوڙي بالغ راءِ دهي (Universal adult franchise) جي بنياد تي ملڪ ۾ پهريون عام چونڊون ڪرايون ويون. ان عمل کي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر صحيح رخ ۾ پهريون مثبت قدم تصور ڪيو پئي ويو پر ان سان وجود وٺندڙ خوش فهمي گهڻي دير تائين قائم نه رهي سگهي. ڇاڪاڻ ته انهن چونڊن جي نتيجن کي حڪمرانن تسليم نه ڪيو ۽ عوام جي راءِ کي بندوق جي زور تي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سڀ کان پهريان سڀ کان وڌيڪ باشعور ۽ اڪثريتي قوم بنگالين تي فوجي چڙهائي ڪئي ويئي جنهن جو نتيجو بنگلاديش جي آزاد خودمختيار رياست جي قيام جي صورت ۾ نڪتو.
باقي بچيل ملڪ کي نئون پاڪستان ڪوٺيو ويو ۽ وڌيڪ پر اميد (Optimistic) ماڻهن کي هڪ هلڪي اُميد هئي ته شايد حالتن مان سبق وٺندي معاملن کي صحيح رخ ۾ هلايو وڃي. پر اهو نئون پاڪستان پراڻي پاڪستان کان ڪنهن به طرح مختلف ثابت نه ٿيو. بنگال ۾ فوجي شڪست ۽ ملڪ جي ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ قائم ٿيندڙ حڪومت پير مضبوط ڪندي ئي آمراڻي تسلط ۽ پنجاب جي حاڪميت کي مظبوط ڪندڙ ڪم شروع ڪري ڏنا. بلوچستان تي هڪ دفعو وري فوج ڪشي وئي ، اتان جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ اهي ساڳيا پراڻا غداري ۽ ملڪ دشمني جا الزام هڻي قومپرست ليڊرن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي ان جماعت جي حڪومت قائم ڪئي وئي جنهنجو بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ به ميمبر چونڊجي نه سگهيو هئو. اهري طرح سرحد صوبي ۾ پڻ رياستي هٿڪنڊن جي ذريعي غير نمائنده حڪومت ٿاڦي ويئي، جڏهن ته اڳتي هلي انهن ٻنهي صوبن جي عوام جي مقبول ۽ منتخب جماعت نيشنل عوامي پارٽيءَ کي ئي غير قانوني قرار ڏيئي ان تي بندش وڌي ويئي جنهن جي سياست جو بنياد خودمختياري هئو.
سنڌ لاءِ پڻ ڪيفيتي لحاظ کان هي دور ڪو مختلف ڪو نه هئو بلڪه پراڻو تسلسل هئو، جيتوڻيڪ هتي فوج ته ڪانه موڪلي وئي پر سنڌ کي هڪ پوليس اسٽيٽ ۾ ضرور تبديل ڪيو ويو جنهن دوران جيل ۽ ٿاڻي جي سياست عروج تي هئي. سياسي مخالفن جون گرفتاريون، انهن تي بدترين رياستي تشدد (جسماني توڙي ذهني)، اغوا ۽ ويندي قتل، زندگيءَ جا معمول بڻجي چڪا هئا. خاص ڪري سنڌ جي سياسي ثقافتي ۽ اقتصادي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ قومپرست سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لاءِ هي بدترين ۽ سياه ترين دور هئو جڏهن انهن جي پوڙهن مائرن پيئرن ۽ جوان ڀينرن ۽ زالن کي ٿاڻن ۾ گهليو ويندو هئو. سياسي ڪارڪنن کي رياستي ادارن جي ذريعي اغوا ڪرائي گم ڪرڻ جو رواج به ان دور کان ئي شروع ٿيو. قومپرستيءَ جو پرچار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 37 ڪتابن، رسالن ۽ پرنٽنگ پريسن کي هڪ ڌڪ ۾ بند ڪرڻ جو نرالو ڪارنامو به ان ئي دور ۾ سرانجام ڏنو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي واري ان دور کي جيڪڏهن جمهوري ۽ خاص ڪري سنڌ جي حقن جو دور چيو وڃي ٿو ته ان کان زياده حقيقت کان ڏور ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. ان دور ۾ سنڌ کي جيڪڏهن ڪجهه مليو ته اهي چند سرڪاري نوڪريون هيون جڏهن ته انهن نوڪرين جي بدلي ۾ سنڌ جي قومي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن ۽ ايندڙ نسلن جي مفادن جو سودو ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ سنڌ اسمبليءَ پاران پاس ڪيل بل مٿان اسلام آباد کان آرڊننس نافذ ڪري سنڌ کي ٻه زباني صوبو قرار ڏنو ويو، جنهن عمل سان بعد جي لساني تفريق جو بنياد پيو. مالياتي ايوارڊ (NFC) جي ورهاست لاءِ آباديءَ کي واحد ڪسوٽي قرار ڏنو ويو، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ان ئي دور ۾ شروع ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن (ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن کان) جي ناجائز ۽ غيرقانوني آمد ۽ آبادڪاريءَ کي آسان، جائز ۽ قانوني بڻايو ويو. سنڌي قوم جو نالو وٺڻ قابل سزا ڏوهه قرار ڏنو ويو ۽ سڀ کان وڌيڪ 1973ع جو آئين جنهن لاءِ ايڏي پروپئگنڊا ڪئي ٿي وڃي، ان آئين جي ذريعي سنڌي قوم جي محڪوميءَ کي تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌين جي استحصال کي آئيني تحفظ ڏنو ويو. هيستائين جيڪا سنڌ جي ڦرمار ناجائز طريقي سان ٿيندي هئي هاڻي ان کي جائز بڻايو ويو. سنڌ جي سمورن قدرتي وسيلن ۽ آمدنيءَ جي ذريعن کي ان آئين ذريعي سنڌين کان کسي مرڪز جي ملڪيت قرار ڏنو ويو. ان آئين ۾ ته صوبن لاءِ اوتري به خودمختياري ڪانه هئي جيتري انگريزن 1935ع واري ايڪٽ مطابق ڏني هئي. سنڌ ۾ عام طور ان آئين کي ون يونٽ جي تبديل ٿيل شڪل تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي قومپرستن ان کي پهرئين ڏينهن کان ئي سنڌ مخالف چوندي ان جي مخالفت ڪئي جنهن دوران سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ان وقت جي قانون واري وزير کي اعزازي ڊگري ڏيڻ خلاف قومپرست شاگردن جي احتجاج کان سڄي دنيا واقف آهي.
پنجاب جي غلبي واري پاڪستاني رياست جي هميشه اها حڪمت عملي رهي آهي ته اها استحصال ته ٻين سڀني قومن جو ڪندي آهي پر فوجي طاقت جو سڌو نشانو هڪ وقت ۾ ڪنهن هڪ قوم کي بڻائيندي آهي جڏهن ته ٻين کي ان مان سبق سکڻ جا دڙڪا ڏنا ويندا آهن. ان پاليسيءَ تحت جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا دور جو سڀ کان وڏو نشانو سنڌ بڻي. ان دور ۾ ايم آر ڊي جي جيڪا تحريڪ هلي اها ليڊرن جي سطح تائين ته 1973ع واري آئين جي بحاليءَ لاءِ هئي پر سنڌ جي عوام جنهن نموني ان ۾ حصو ورتو ۽ رياستي قوت کي چئلينج ڪيو ان جي پويان رياستي ادارن جو لڳاتار سنڌين سان حاڪماڻو رويو ۽ استحصال ۽ جبر ۽ انهن سڀني جي خلاف سنڌي ماڻهن جو قومي ردِعمل ڪارفرما هئو. ٻئي طرف جهڙيءَ ريت رياستي طاقت هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ استعمال ڪئي ويئي (جنهن دوران جنگي جهاز پڻ استعمال ڪيا ويا) اها دنيا جي مختلف خطن ۾ نوآبادياتي طاقتن جي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي.
سنڌ جي محڪوميت ۽ مرڪزي حڪومت جي مڪمل ڪنٽرول ۾ جيڪڏهن ڪا ڪسر رهيل هئي ته اها جنرل مشرف جي فوجي حڪومت پوري ڪري ڇڏي. اختيارن جي تقسيم (Devolution of Power) جي نالي ۾ لوڪل گورنمينٽ جو اهڙو نظام نافذ ڪيو ويو جنهن هيٺ صوبن جا رهيل کهيل اختيار به انهن کان کسي ضلعي حڪومتن جي حوالي ڪيا ويا جڏهن ته مڪاني حڪومت جي سڄي نظام جو مڪمل اختيار صوبائي حڪومت کان ڦري مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي. جيئن ته مرڪزي حڪومت تي پنجاب جي بالادستي آهي تنهنڪري هن نظام مان پنجاب کي ته فائدو ٿيو آهي جڏهن ته سنڌ بلوچستان ۽ پختونخوا کي اڳي کان به وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي. ان نظام هيٺ جاگيرداري سسٽم کي هڪ نئين توانائي بخشي ويئي آهي. ضلعي حڪومتن جي صورت ۾ جاگيرداري کي ننڍيون ننڍيون بادشاهتون (Fiefdoms) قائم ڪري ڏنيون ويون آهن ان شرط تي ته اهي سنڌ تي مرڪز جي بالادستي ۽ ڦرلٽ ۾ رياست جا وفادار رهندا. اهو سڀ ڪجهه بلڪل اهڙي نموني ٿي رهيو آهي جيئن انگريز سامراج جي دور ۾ ٿيندو هئو.
جهڙيءَ ريت ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي تعمير جي خلاف سنڌ اسمبليءَ جي متفقه قراردادن کي توهين آميز طريقي سان رِد ڪندي حڪمرانن انهن رٿائن تي ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ جنهن غرور ۽ تڪبر سان وري وري چيو پيو وڃي ته پاڻيءَ جا سمورا منصوبا هر صورت ۾ مڪمل ڪيا ويندا، ان عمل بلڪل چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته هن رياست ۾ سنڌين جي حيثيت محڪومن واري آهي. جڏهن ته ان رياست کي هلائيندڙ حڪمران ڌاريا آهن. حڪمرانن جو اهو چوڻ ته ”سنڌي پاڻيءَ جي رٿائن ۽ ٻين حڪومتي فيصلن جي ان ڪري مخالفت ٿا ڪن جو اهي اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن“. پنج هزار سال تهذيب رکندڙ قوم جي اجتماعي توهين جي برابر ۽ هن رياست جي نوآبادياتي(Colonial) حيثيت کي ظاهر ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڪالونين جي ماڻهن جي قسمت جي باري ۾ فيصلا هميشه ميٽرو پوليٽن (آقا) رياستون ڪنديون آهن ۽ جواز اهو ئي ڏنو ويندو آهي ته ڪالونين جا رهواسي نااهل آهن ۽ پنهنجي فائدي نقصان کي سمجهي نٿا سگهن.
سنڌ جي قومي تحريڪ جو ڪيفيتي جائزو:
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاڪستان جي ٺهڻ سان ئي سنڌ سان رياستي ڏاڍاين ۽ ناانصافين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هئو سو ان سان گڏ ئي سنڌي ماڻهن جي رياست جي خلاف پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي به شروعات ٿي چڪي هئي. پهريون ردِعمل ان وقت جي صوبائي حڪومت طرفان ٿيو پر جڏهن اختلاف ڪندڙ حڪومت ۽ ايتري تائين جو اسمبلين کي به ڊسمس ڪيو ويو ته فطري طور تحريڪ اقتداري ايوانن مان نڪري عوامي ميڙن جو رخ اختيار ڪرڻ لڳي. جيتوڻيڪ شروع ۾ ان تحريڪ جو دائرو محدود هئو ۽ ان ۾ سنڌي قوم جا وڌيڪ باشعور ماڻهو ئي شريڪ هئا جهڙوڪ سياستدان صحافي، اديب، شاعر، شاگرد، دانشور ۽ چند اسمبلي ميمبر، شروعاتي مرحلي ۾ اها صوبائي خودمختياريءَ جي تحريڪ هئي جنهن جا اهم مطالبا ڪراچيءَ جي سنڌ کي واپسيءَ سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌين جو حصو، سنڌيءَ کي قومي ۽ سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ وغيره هئا پر پوءِ وقت گذرڻ سان جيئن رياستي جبر ۽ استحصال ۾ اضافو ٿيندو ويو تيئن سنڌ جي تحريڪ ۾ به شدت ايندي وئي ۽ ان جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. جڏهن ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جون بهترين زمينون فوجين، ڪامورن ۽ چوڌرين کي الاٽ ڪيون ويون ته انهن زمينن جي واپسي ۽ هارين ۾ ورهاست واري مطالبي پڻ اهم حيثيت حاصل ڪري ورتي. 1955ع ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ڪيو ويو تڏهن کان سنڌ جي حقن جي تحريڪ جو سڀ کان وڏو مطالبو ۽ سڀ کان اهم مقصد سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي تشخص جي بحالي بڻيو ۽ ان مطالبي ۽ مقصد کي کڻي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويئي. زندگيءَ جي هر شعبيءَ سنڌي سماج جي هر طبقي ۽ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪندڙن ۽ قربانيون ڏيندڙن ۾ شامل ٿيندا ويا، تان ته تحريڪ جي وسعت ۽ شدت کي ڏسندي هڪ مرحلي تي هميشه حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ وڏيرا ۽ جاگيردار به ان ۾ شامل ٿي ويا. مختصر طور اهو چئي سگهجي ٿو ته 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحيدگي سان شروع ٿيندڙ سنڌ جي حقن جي آخري سالن ۾ هڪ بالغ (Mature) قومي تحريڪ جي هڪ ڪمزوري پڻ هئي. ان وٽ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ واري سنڌ لاءِ ڪو سياسي پروگرام ڪونه هو، اهو هڪ اهم سبب هئو جنهن ڪري ون يونٽ ٽوڙڻ جي رسمي اعلان سان اها تحريڪ پنهنجي شدت ۽ پنهنجي سمت وڃائي ويٺي.
سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ هڪ فيصلا ڪن مرحلو (Turning point) 1971ع جو سال هئو جڏهن بنگال جي قومي تحريڪ بنگلاديش جي شڪل ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ کي جنم ڏنو. جڏهن اسلام آباد جي حڪومت جي پنهنجي ٺاهيل مخصوص قاعدن قانونن هيٺ ۽ ان جي ئي نگرانيءَ ۾ منعقد ڪرايل چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ جي باوجود عوامي ليگ کي نه ته اقتدار ڏنو ويو ۽ نه ئي آئين ٺاهڻ جو موقعو، ته سنڌ جا قومپرست جن جي رهنمائي جناب جي ايم سيد ڪري رهيو هئو سي ان نتيجي تي پهتا ته هن ملڪ ۾ نه ته جمهوريت اچي سگهي ٿي ۽ نه ئي قومن کي انهن جا حق ملي سگهن ٿا. تنهنڪري انهن سنڌ جي نجات ۽ قومي حقن جي تحفظ خاطر سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست لاءِ جدوجهد کي پنهنجو مقصد ۽ مشن بڻايو. هتان کان سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ پاڪستان جي رياست بلڪل مختلف بلڪه ائين چئجي ته مخالف رخن ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي وچ ۾ فاصلا وڌندا ئي ويا آهن. هڪ طرف سنڌ جا قومپرست، پنهنجي هٿ کنيل (Surrenderڪيل) آزادي (Sovereignty) وري حاصل ڪرڻ ۽ هڪ خودمختيار رياست جي قيام طرف وڌي رهيا آهن ته ٻئي سرڪار مضبوط کان مضبوط تر مرڪز جي رستي تي گامزن آهي. ٻنهي جو پنهنجي پنهنجي رخ ۾ سفر جاري ۽ ساري آهي. ان سفر ۾ نظرياتي طور قومي تحريڪ جو سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان وڏو ٽڪراءُ ستر جي ڏهاڪي واري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سان ٿيو جڏهن ته عملي طور جيڪو تصادم ان دور ۾ شروع ٿيو ان ۾ جنرل ضيا جي مارشل لا دوران شدت آئي ۽ وڌندي وڌندي جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومت جي دور ۾ زندگي يا موت (Do or die) واري کلم کلا چئلينج جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.
سنڌ جي قومي تحريڪ بنگال کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ باشعور، نظرياتي طور تي چٽي ۽ سياسي طور متحرڪ تحريڪ رهي آهي. اها مڪمل طرح هڪ سيڪيولر تحريڪ آهي ان حد تائين ته ترقي پذير ملڪن ۾ ان جهڙا مثال تمام گهٽ ملندا. جيتوڻيڪ مجموعي طور سنڌي سماج تي جاگيرداريءَ جا گهرا اثر آهن پر هتان جي قومي تحريڪ جاگيردارن جي اثر کان پاڪ وچولي بلڪه هيٺئين وچولي طبقي تي ٻڌل آهي. هڪ بالغ (Mature) وچولو طبقو نه هجڻ سبب سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڪيتريون ڪمزوريون پڻ آهن ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪ ترجيحي طور مڊل ڪلاس جي تحريڪ هوندي آهي. سنڌ جي مڊل ڪلاس کي 1947ع ۾ مذهب جي آڙ ۾ نيڪالي ڏني ويئي ان ڪري سنڌي تحريڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ جان 1960ع واري ڏهاڪي دوران ان وقت پوڻ شروع ٿي جڏهن هارين ۽ ٻين هيٺين طبقن جو اولاد اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پهتو ۽ پوءِ اتان نڪري عملي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پير پاتو. جيئن ان طبقي جي تعداد (Quantity)۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اهليت ۽ ڪردار (Quality) ۾ پختگي اچي رهي آهي تيئن تيئن قومي تحريڪ جي وسعت ۽ طاقت ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي.
1947ع ۾ بي دخل ڪيل سنڌين جي جاءِ تي جيڪي ماڻهو ٻاهران (اڪثر ڪري ڀارت مان) اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا انهن (مجموعي طور) پنهنجي ذهن ۽ ضمير جا رشتا سنڌ جي سرزمين سان نه جوڙيا ۽ نه ئي پاڻ کي سنڌي ڪلچر سان واڳيو. انهن جي اڪثريت شهرن ۾ آباد آهي ۽ اهي شهري زندگيءَ جا سمورا فائدا ته حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سمورن موقعن مان فائدا به وٺي رهيا آهن پر شهري وچولي طبقي جي حيثيت سان انهن تي جيڪي ذميداريون عائد ٿين ٿيون اهي پوريون نٿا ڪن بلڪه حقيقت اها آهي ته انهن جي اڪثريت اڪثر وقت حڪمرانن سان گڏ هوندي آهي ۽ انهن جو ساٿ ڏيندي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ شهري طبقي جي وچ ۾ هڪ قسم جي ڊوڙ جاري هوندي آهي ايتري تائين ته انهن ۾ موجود ٿورڙا ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو به جاگيردارن کي گاريون ته ڏين ٿا پر جاگيردارن ۽ حڪمرانن جي ڳٺ جوڙ کان هارين کي نجات ڏيارڻ لاءِ ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، نه ئي ان ڏس ۾ پنهنجي ذميداريءَ کي محسوس ڪن ٿا.
گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي قومي تحريڪ ۾ هڪ ٻيو منفي عنصر به داخل ٿيو آهي، اهو آهي ڏوهاري عنصر يا ڪرائيم فيڪٽر(Crime factor) ڪرائيم هڪ سياست مخالف (Anti-politics) عمل آهي ۽ سنڌ جي قومپرست سياست کي اندران ڪمزور ڪرڻ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي لاءِ رياستي ادارن ان کي پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. پر بهرحال ان جي بنيادي ذميواري قومي تحريڪ کي قبول ڪرڻي پوندي.
ٻين قومي تحريڪن ۽ عمومي جمهوري جدوجهد سان تعلق:
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌ جي قومي جدوجهد هڪ باشعور ۽ نظرياتي طور پختي تحريڪ آهي سو ان جي اڳواڻن شعوري طور ٻين قومن جي جدوجهد سان هميشه ويجهو ۽ مضبوط تعلق قائم رکيو. نظرياتي ۽ سياسي طور ته سنڌ جي قومپرستن جا پاڪستان جي ٻين قومن جي اڳواڻن سان شروع کان ئي واسطا ۽ لاڳاپا هئا پر 1950ع جي ڏهاڪي ۾ انهن لاڳاپن کي باقاعده شڪل ڏني ويئي جڏهن نيشنل عوامي پارٽي (N A P) قائم ڪئي ويئي. اها جماعت خاص طور ملڪ جي مغربي حصي ۾ رهندڙ قومن جي هڪ طاقتور محاذ هئو (جيتوڻيڪ نعپ اوڀر پاڪستان ۾ به سٺي مضبوط جماعت هئي) جنهن صوبائي خودمختياريءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1960ع واري ڏهاڪي جي پوئين حصي ۾ ۽ 1970ع وارين چونڊن وقت بنگالين جي مقبول جماعت عوامي ليگ پاڪستان ۾ قومي حقن جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي. ان وقت سنڌي قومپرستيءَ جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم سنڌ متحده محاذ اها واحد جماعت هئي جنهن جو عوامي ليگ سان اتحاد هئو. جڏهن 1998ع ۾ پاڪستان جي محڪوم قومن سنڌي، بلوچ، پختون ۽ سرائيڪين جو وسيع اتحاد پونم (Pakistan Oppressed Nations Movement) ٺهيو ته سنڌ جا قومپرست نه صرف ان ۾ شامل هئا بلڪه ان کي ٺاهڻ ۽ نظرياتي بنياد فراهم ڪرڻ ۾ انهن اهم ڪردار ادا ڪيو.
هڪ عام تاثر اهو قائم ڪيو ويو آهي ته قومپرست ملڪ جي عمومي جمهوري تحريڪ جا مخالف آهن يا ان ۾ حصو ناهن وٺندا. اهو تصور نه رڳو غلط پر حقيقي صورتحال جي بلڪل ابتڙ آهي. حقيقت اها آهي ته هن ملڪ کي جمهوريت جي رستي تي هلائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون قومپرستن ڪيون آهن ۽ سڀني کان زياده قربانيون به انهن ئي ڏنيون آهن. پاڪستان جي قيام جي شروع وارن سالن دوران جڏهن ان نئين رياست کي غير جمهوري ۽ آمراڻي طريقي سان هلائڻ جا بنياد وڌا پئي ويا ۽ ان کي ملڪي مخصوص مفادن (Vested interests) جو ڳڙهه بڻايو پئي ويو، ان وقت بنگالي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ قومپرست ئي هئا جن اهڙين سازشن جي مزاحمت ڪئي ۽ ملڪ کي جمهوريت جي راه ڏيکارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ايتري تائين جو ان مقصد جي حصول خاطر انهن قومپرستن پنهنجي ڪالهه جي سخت سياسي مخالفن کي غير مشروط تعاون ۽ مدد جون پيشڪشون ڪيون جهڙوڪ خان عبدالغفار خان پاران محمد علي جناح ڏانهن تعاون جو هٿ وڌائڻ. 1960ع واري ڏهاڪي جي ايوبي آمريت جي خلاف جدوجهد ۾ عوامي ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي جو رول سڀ کان نمايان هئو. جڏهن بنگالي هن ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جي سڀ کان وڏي ويڙهه وڙهي رهيا هئا ان وقت موجوده پاڪستان جا وڏا وڏا جمهوريت پسند، فوجي جنتا جي حمايت ۽ وڪالت ڪري رهيا هئا. بنگلاديش جي آزادي کان پوءِ جڏهن نئون پاڪستان ٺاهيو پئي ويو ته ان فيصلا ڪن مرحلي تي هڪ دفعو وري قومپرست اڳواڻن رياست جي گاڏيءَ کي جمهوريت جي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ اڳلين صفن وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ دفعو وري پنهنجي بدترين سياسي مخالفن کي غير مشروط تعاون جي پيشڪش ڪئي جنهن جو ثبوت جناب جي ايم سيد پاران ”صدر ڀٽو جي خدمت ۾ عرضداشت“ جي نالي سان لکيل کليل خط آهي جيڪو ٻين هنڌن کان علاوه پارليامينٽ جي لائبرري ۾ به موجود آهي. جڏهن پاڻ کي جمهوريت جا چيمپئن چوائيندڙ ليڊر ۽ پارٽيون ملڪ تي مارشل لا ذريعي حڪومت ڪرڻ پيا چاهين تڏهن سنڌ بلوچستان ۽ پختونخوا جا قومپرست ملڪ کي مارشل لا کان نجات ڏيارڻ خاطر پنهنجي پارٽي پروگرامن جي قرباني ڏيئي رهيا هئا. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر (CMLA) جي حيثيت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي 1972ع جي عبوري آئين جي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر سنڌ جي قومي رهنما محترم جي ايم سيد سان رابطو ڪيو جنهن پنهنجي سياسي ۽ ذاتي تعلق کي استعمال ڪندي نعپ جي پختون ۽ بلوچ اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ ان آئين جي حمايت لاءِ اپيل ڪرڻ خاطر انهن وٽ هلي ويو. ان جي باوجود ته عبوري آئين ڪو خاص جمهوري ڪونه هئو ۽ ان ۾ سمورن اختيارن جو مالڪ صدر کي بڻايو ويو هئو، قومپرست اڳواڻن ان جي حمايت صرف ان لاءِ ڪئي ته جيئن ملڪ کي ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي فوج جي حاڪميت ۽ بالادستيءَ کان نجات ڏياري سگهجي. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته اهو آئين پاس ٿيڻ کان پوءِ ۽ اقتداري ايوان ۾ پنهنجا پير پختا سمجهڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي ان ئي فوج جي مدد سان قومپرستن خلاف ڪارروايون ڪيون. خاص ڪري بلوچستان تي فوجي چڙهائي ڪئي ويئي ۽ نعپ جي قيادت ۾ قائم حڪومت کي ڊسمس ۽ اسمبليءَ کي معطل ڪري سڄي صوبي ۾ جنگ شروع ڪئي ويئي جيڪا چئن سالن کان وڌيڪ جاري رهڻ کان پوءِ تڏهن ختم ٿي جڏهن ڀٽو حڪومت ختم ٿي. ڀٽي جا حامي اڄ تائين اها حقيقت سمجهڻ ۽ تسليم ڪرڻ کان قاصر آهن ته ڪوئٽه ۾ بلوچستان جي حڪومت جو خاتمو ئي اصل ۾ اسلام آباد ۾ انهن جي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو بنيادي سبب هئو.
حقيقت ۾ اهو مرڪز پسند پارٽين جو ڪردار ئي آهي جنهن ملڪ جي عمومي جمهوري جدوجهد کي قومي حقن جي تحريڪ جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو آهي. اها هڪ ناقابل تريد حقيقت آهي ته جمهوريت جي چيمپئن سڏائيندڙ ليڊرن ۽ پارٽين هميشه قومي تحريڪن جي مقابلي ۾ فوجي آمرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ قومن کي انهن جي حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ۾ جمهوريت جي بنيادي ۽ عالمگير اصولن کان به انحراف ڪيو آهي.
پاڪستان رياست جو (غير) آئيني سفر:
پاڪستاني رياست جو بنياد 1940ع واري قرارداد لاهور کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري ئي پاڪستاني ڪئلينڊر جي اهم ترين ڏينهن جي حيثيت سان 23 مارچ کي يوم پاڪستان طور ملهايو وڃي ٿو ۽ ان دستاويز کي قرارداد پاڪستان به چيو وڃي ٿو (جيتوڻيڪ ان ۾ پاڪستان جو ذڪر ئي ڪونهي). ان دستاويز مطابق سمورن اختيارن جا مالڪ يعني Sovereign)) نئين رياست کي وجود ڏيندڙ يونٽ يعني (Constituent Units)، مرڪزي حڪومت ڪانه هئي جيئن عملي طور هتي آهي. ان قرارداد جي بنياد تي پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي توقع هئي ته انگريز جي فوجي طاقت جي زور تي قائم نوآبادياتي رياست جي جاءِ تي هڪ اهڙي نئين ۽ جمهوري رياست ٺهندي جنهن ۾ اهي آزادي امن ۽ برابريءَ سان رهي سگهنديون ۽ پنهنجي قومي تشخص، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سياسي و اقتصادي مفادن جي حاصلات لاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪري سگهنديون. پر عملي طور ٿيو سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ رياست جي تبديليءَ جي بجاءِ رڳو اقتدار جي منتقلي ٿي. رياست جي ساخت ۽ ڪردار اهي ئي نوآبادياتي رهيا بس نوآبادياتي طاقت (Colonial Power) جي حيثت ۾ انگريز جي جڳهه پنجاب والاري. سامراجي روايت تي عمل ڪندي انگريز وڃڻ وقت پنهنجي وفادارن کي جانشين مقرر ڪرڻ چاهيو پئي ۽ اها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته ٻه سؤ سالن جي دور ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن کي سڀ کان وڌيڪ وفادار پنجاب مان ئي مليا تنهنڪري روانو ٿيڻ وقت ان نئين ٺهندڙ ملڪ جو اقتدار پنجاب حوالي ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي مملڪت خدادا پاڪستان کي بلڪل نوآبادياتي طريقي سان هلايو پيو وڃي، جنهن ۾ هڪ يونٽ پنجاب حاڪم آهي جڏهن ته ٻين سڀني قومن جي حيثيت محڪومن واري آهي. ان جو هڪ وڏو ثبوت اهو آهي ته ٻين سڀني قومن مان ”غدار“ پيدا ٿيا آهن پر پنجاب مان جانشين طور پنجاب پنهنجي لاءِ ملڪ جي محافظ جو ڪردار مختص ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري جيڪو به ان جي اختيار کي چئلينج ڪري يا ان جي ممڪنه مفادن جي خلاف عمل ڪري اهو غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڪستاني رياست تي پنجاب جي حاڪميت ۽ بالادستيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ممڪن آهي ته بنگالين کي اڪثريت ۾ هئڻ جي باوجود علحده ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. هتي سمورا اهم فيصلا پنجاب جي مفاد ۾ ۽ پنجاب جي مرضيءَ سان ڪيا وڃن ٿا. جڏهن بنگالين جي اڪثريت گڏ هئي تڏهن ملڪي نظام کي برابري يا (Parity) جي (غير) اصول مطابق هلايو ويو پر جڏهن انهن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ پنجاب کي عددي اڪثريت حاصل ٿي ويئي ته هڪدم ڪا نٽو تبديل ڪري ”اڪثريت جو جمهوري اصول“ اختيار ڪيو ويو. ساڳئي نموني اڳ ۾ مالياتي (NFC) ايوارڊ جي ورهاست هڪ کان وڌيڪ عنصرن تي ٻڌل (Multi factor) هوندي هئي ليڪن 1974ع ۾ ان جي ورهاست جي واحد ڪسوٽي آباديءَ کي قرار ڏنو ويو. سنڌو درياء کي سڄي پاڪستان جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ پنهنجي تاريخي ۽ قانوني حصو گهرڻ تي سنڌين کي متعصب ۽ تنگ نظر جهڙن لقبن سان نوازيو وڃي ٿو. جڏهن ته ساڳئي وقت منگلاڊيم کي پنجاب جي مخصوص ملڪيت بڻايو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سرزمين مان نڪرندڙ تيل، گيس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن تي ته سڄي پاڪستان (خاص طور پنجاب) جو حق ۽ اختيار آهي پر پنجاب جي زمين جي هيٺان موجود مٺي پاڻيءَ کي ملڪ گير ورهاست ۾ شامل ڪرڻ جي مطالبي کي ڪفر قرار ڏنو ٿو وڃي. ڀارت سان درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست جي معاملي ۾ ته پاڪستان مُهڙ ۽ پڇڙيءَ جي پيچ (Upper and lower riparian) جي ”عالمگير اصول“ کي ڪسوٽي ٿو بڻائي پر سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وقت ساڳئي قسم جي گهر کي ملڪ دشمني سان ڀيٽ ڏني ٿي وڃي.
اهڙي نموني اردو کي قومي ٻولي بنائڻ، قلات جو زبردستي الحاق پشاور ۾ فائرنگ، اختلاف ڪندڙ حڪومتن کي ڊسمس ڪرڻ، ون يونٽ جو قيام، بنگال، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ فوجي آپريشن، پاڻي ۽ ماليات جي تقسيم ۽ خارجه پاليسيءَ سميت سمورن اهم معاملن ۽ فيصلن ۾ پنجاب هڪ طرف يعني جبر ڪندڙ رياست سان ٻِٽُ بيٺل نظر ايندو جڏهن ته ٻيون سڀ قومون ليڪي جي ٻئي طرف يعني جبر جو شڪار ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڳي طرح 60 سالن جي تاريخ دوران ٻين سڀني قومن تي واري واري سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا فوجي چڙهايون ٿيون آهن پر پنجاب خلاف اهڙو آپريشن ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي.
رياستي ڪاروهنوار هلائڻ جي اهڙي هڪ طرفي ۽ جابراڻي (Arbitrary) طريقي جو نتيجو اهو ٿيو ته سنڌ سميت ٻين اڪائين ۾ محڪوميت جي احساس ۽ پنجاب جي خلاف جذبن جي شدت ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ انهن جي حقن جي جدوجهد چند مطالبن کان شروع ٿي ڪري مڪمل صوبائي خودمختياريءَ جي صورت اختيار ڪئي ۽ پوءِ اتان اڳتي وڌندي قومي خودمختياريءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي. نيشنل عوامي پارٽيءَ جو صوبائي خودمختياريءَ بابت پروگرام، عوامي ليگ جا ڇهه نڪتا ۽ پونم (PONM) جو اسلام آباد ڊڪليئريشن، اهي قوم جي جدوجهد جي مختلف مرحلن ۾ اظهار جون علامتون آهن. پر اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جيڪو طاقت تي ڀاڙيندو آهي اهو عقل کان ڪم ناهي وٺندو. پاڪستان جا حڪمران هميشه طاقت جي زبان ڳالهائيندا آهن ۽ طاقت جي زبان سمجهندا آهن تنهنڪري انهن نه ته ڪڏهن عقل جي آواز تي ڪن ڌريو آهي ۽ نه ڪڏهن حقيقتن کي تسليم ڪيو آهي. انهن پاڻ کان وڌيڪ طاقت رکندڙ ڀارتي فوج جي آڏو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ پسند ڪيا پر پاڻ کان ڪمزور (فوجي لحاظ کان) بنگالين جي ڳالهه نه ٻڌي. نتيجي ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. پر ان جي باوجود حڪمرانن پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي طور طريقن ۾ تبديلي نه ڪئي ۽ اڄ به اهي قومن جي حقن جي آواز جي جواب ۾ گوليءَ جي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن.
بدليل وقت ۽ بدليل حالتن ۾ ۽ ايڪويهين صديءَ جي زميني حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پونم جو چارٽر هڪ اهڙو قابل عمل پروگرام آهي جنهن جي ذريعي هن خطي ۾ آباد قومن جا ماڻهو امن برابري ۽ ڀائيچاريءَ سان رهي سگهن ٿا. ان پروگرام جي اولين نقطي ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ تسليم ڪندي سنڌي، بلوچ، پختون، سرائيڪي ۽ پنجابي قومن جي قرارداد لاهور جي روح ۽ لفظن(Letter and spirit) مطابق آزاد ۽ خودمختيار (Sovereign and autonomous) حيثيت بحال ڪئي وڃي“. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته حڪمران ته ٿيا ئي حڪمران پر ملڪ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهن ۽ پارٽين به هن پروگرام ڏانهن منفي رويي جو اظهار ڪيو آهي. اهي ”خالص جمهوريت“ جا طالبو آهن ۽ سندن راءِ ۾ قومي حقن جو سوال اٿارڻ جمهوري جدوجهد جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان جهڙي ڪثير القومي ملڪ ۾ قومي سوال ئي جمهوريت جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي اهميت رکندڙ سوال هوندو آهي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت نه اچي سگهڻ جو وڏو سبب به اهوئي آهي ته قومي سوال کي دٻائڻ يا باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ويئي آهي.
مهذب (Civilized) دنيا ۾ مختلف ماڻهن جي گڏ رهڻ جي لاءِ هڪ سماجي معاهدو هوندو آهي جنهن کي سياسي اصطلاح ۾ آئين به چيو ويندو آهي. ماڻهن جي گڏ رهڻ، امن ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان معاهدي تي عمل ڪيو وڃي پر وري پاڪستان جهڙو ملڪ وجود ۾ ئي هڪ معاهدي ذريعي آيو هجي اُتي ته اهڙي معاهدي تي مڪمل طور عملدرآمد اڃا به وڌيڪ لازمي بڻيو پوي. پر هتي ته قصو ئي ابتو آهي. هتي ته هڪ نه پر ڪيئي معاهدا ڪيا ۽ ٽوڙيا ويا آهن. 1940ع واري اساسي معاهدي کي بقول حڪمرانن جي ملڪ ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي 1946ع ۾ تبديل ڪيو ويو. قلات جي رياست سان ڪيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ويئي. سڀ کان وڏي ۽ دنيا ۾ بي مثال خلاف ورزي تڏهن ڪئي ويئي جڏهن ملڪ کي ٺاهيندر يونٽن جي وجود کي ئي ون يونٽ ذريعي ختم ڪيو ويو. 1956ع جو آئين ڏنو ويو ليڪن ٻن سالن کان پوءِ مارشل لا ذريعي ان کي ختم ڪيو ويو. وري 1962ع ۾ آئين جي نالي سان هڪ ڪتاب تخليق ڪيو ويو جنهن کي ٻئي مارشل لا ذريعي 1969ع ۾ دفن ڪيو ويو. ليگل فريم ورڪ آرڊر (LFO) هيٺ 1970ع سجون چونڊون ڪرايون پر انهن جي نتيجي کي بندوق جي زور تي رِد ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ نئين پاڪستان جو نئون معاهدو يعني 1973ع واري آئين جنهن لاءِ ايتري لٻاڙ هنئي ٿي وڃي ته متفقه هيون (حقيقت ۾ اهو متفقه هئو ڪونه). جيڪڏهن اهو متفقه هئو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو وڌيڪ مقدس هجڻ کپي ۽ ان جو (غير متفقه آئين کان) وڌيڪ احترام ٿيڻ کپي. ليڪن ان جو حشر وري سڀني کان برو ڪيو ويو آهي. اهو پاس ڪرڻ وقت طئي ٿيو هئو ته 10 سالن کان پوءِ صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ خاطر ان ۾ ترميمون ڪيون وينديون پر ڏهن سالن گذرڻ کان اڳ ۾ ئي وري مارشل لا لڳايو ويو ۽ آئين کي سرد خاني ۾ اڇلايو ويو. ان ۾ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ترميمون ته بيشمار ڪيون ويون آهن (ايتريون جو ان جو شڪل سڃاڻڻ مشڪل ٿي پئي آهي) پر اهي سڀ ابتي طرف يعني صوبائي خودمختياري وڌائڻ بجاءِ مرڪز کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جي فوجي حڪومتن ان آئين کي ايترو ته مسخ ڪيو آهي جو ان کي 1973ع جو آئين چوڻ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي. نه رڳو ايترو پر هڪ ڊڪٽيٽر (ضيا) ته ائين به چيو ته ”آئين جي حيثيت ئي ڇاهي. هي هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو آهي جنهن کي مان جڏهن چاهيان ڦاڙي ڦٽي ڪري سگهان ٿو“. ۽ ڪيڏو نه خوبصورت اتفاق آهي ته هن ملڪ ۾ سڀ کان ڊگهو دور حڪومت ان ئي آمر جو رهيو آهي.
هڪ معاهدي جي ذريعي وجود ۾ ايندڙ رياست جيڪڏهن ايتري مختصر عرصي ۾ ايتريون گهڻيون ۽ ايڏيون وڏيون خلاف ورزيون ۽ وعده خلافيون ڪري ۽ ايترا معاهدا ٽوڙي ته اها حڪمرانيءَ جو سياسي قانوني ۽ اخلاقي حق وڃائي ويهي ٿي. سو پاڪستان جي رياست به حڪمراني ڪرڻ جا سمورا جواز ۽ اختيار وڃائي چڪي آهي. هاڻي اها صرف بندوق سڄي زور تي انهن قومن تي حڪومت ڪري رهي آهي. ان صورتحال ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ صرف ٻه رستا آهن ۽ ان جو دارومدار حاڪمن سان گڏوگڏ جمهوريت، آزادي، امن، انصاف ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ سمورن ماڻهن، گروپن ۽ پارٽين جي رويي ۽ ڪردار تي آهي ته اسان انهن ٻنهي مان ڪهڙي رستي تي ٿا هلون. يا ته بندوق جي زور تي آمراڻي ۽ جابراڻي طريقي سان معاملا هليا وڃن، ان صورت ۾ جبر جو نشانو بنجندڙن کي به اهو حق ۽ اختيار هوندو ته اهي پنهنجي نجات جي لاءِ ڪهڙو به رستو ۽ ڪوبه طريقو اختيار ڪن. پر پوءِ اهڙي صورت ۾ هن خطي جي، هن خطي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپن جي جيڪا صورتحال جڙندي ان جا ذميوار به اهي ئي ماڻهو (حاڪم ۽ انهن جا حليف) هوندا. ٻيو ۽ جمهوري طريقو اهو آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ قومن جي حق خود اراديت جي نالي سان سڃاتو ۽ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان طريقي مطابق هن ملڪ کي ٺاهيندڙ قومن کي موقعو ڏنو وڃي ته اهي هن رياست جي بناوٽ ۽ ڪردار جي باري ۾ ۽ ان سان پنهنجي تعلق جي باري ۾ فيصلو ڪن. ٻين لفظن ۾ انهن جي حاڪميت اعليٰ (Sovereignty) بحال ڪئي وڃي. اهڙو عمل نه رڳو جمهوريت جا عالمگير تقاضا پورا ڪندو پر 1940 واري قرارداد جي به عين مطابق هوندو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته “Constituent unit shall be sovereign and autonomous” يعني ”(ملڪ) ٺاهيندڙ يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هوندا“.
جمهوريت جي قيام ۽ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي تعمير جي حوالي سان به پاڪستان جي رياست پنهنجي موجوده صورت ۾ قطعي طور ڪمزور آهي ڇاڪاڻ ته ان تي قابض قوتون پنهنجي هئيت ۾ جمهوريت دشمن ۽ ترقي دشمن آهن. انهن جي بالادستي ٽوڙڻ بغير جمهوريت ۽ روشن خيال معاشري جي ڳالهه ڪرڻ جاڳندي خواب ڏسڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. ان ڪري حقيقي جمهوريت پسندن تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته اهي جاگيرداريءَ جي جاءِ تي صنعت ڪاري، مذهبي سوچ جي جاءِ تي سيڪيولرزم ۽ فوجي رياست جي جاءِ تي قومي رياستن جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪن ۽ هڪ وسيع ۽ مربوط تحريڪ ۾ پنهنجو رول ادا ڪن. اهو ئي هن خطي ۾ امن، ڀائيچاري، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي ويندڙ وا حد عملي رستو آهي.
No comments:
Post a Comment