اڄ به سنڌ جي وجود جو بقاء هر زماني جي انقلابي امام عبيد الله سنڌي جي فڪر-تدبر فلسفي، ڏاهپ، سوچ-ويچار ۽ ڇڏيل تعليم ۾ ئي ممڪن آهي!
اهو ڪئن ممڪن آهي؟
۽ ان لاء ڪهڙي فڪر-تدبير، فلسفي جي ضرورت آهي؛ ملاحظه ڪندا اڌي صدي کان مٿي ڏسيل اهو فڪر-تدبر سوچ-ويچارُ ۽ راه جيڪي امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن اسان لاء مشعل (ياٽي، ٽارچ) وانگر ڇڏي ويا آهن؛
فرمايو امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن ته:
مان پنهنجي ملڪ (وطن جي ماڻهن ) کي اڻ-ڄاڻ رهڻ نه ڏيندس ۽ کيرن حقيقتن کان جاهل رکي ڪنهن کي فائدو حاصل ڪرڻ نه ڏيندس. ان ڪري مان پارت ٿو ڪريان ته نيشنل ڪانگريس جا ڪرتا ڌرتا يورپين نيشنلزم ڦهلائڻ کي پنهنجو نصب-العين (ايم) بڻائين. هو فقط اقتصادي ترقيءَ کي آزاديءَ جو بنيادُ قرارُ ڏين (۽) اسان جي ملڪ(وطن) محترمُ فلاسافر مها-آتما گانڌيءَ جي طبعي خاصيتن ۽ سندن رجعت پسندِ (مذهبي) لاڙي کي قوم جو عملي دستور بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن.
مان (عبيد الله سنڌي) مها-آتما (گانڌيءَ) جن جو نان وائيلينس(عدم تشددُ) واري پوليٽيڪل پرگرام (سياسي رِٿنِ ) جو احترامُ ڪريان ٿو، پر سندن نظرين ۽ فلسفي سان پورِِيءَ ريت متفقُ ناهيان. منهنجو خيالُ آهي ته اصلي نقطي کان هٽي وڃن جو پهريون نتيجو هي نڪتو ته اسان جي وطني تحريڪ مان پهرين نمبر تي مولانا شوڪت علي مرحومُ ۽ سندس ساٿي ۽ ٻئين نمبر تي محترم سُڀَاشُ (چندُرُ) بابُو ۽ سندس دوست غير مطمئن ٿي ويا.
يورپ سياست ۾ مذهب (ڌرم) جو واهپو ڇڏي ڏنو آهي ليڪن فلسفي کي پارٽيء جو بنياد بڻائڻ لاء مجبور آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان ملڪ جي هندو مسلمان ۽ سِکَ وغيره ٽولن ۾ اهڙن عالمن جي کوٽ نه آهي ته هو پنهنجي مذهبي روح (يعني فلسفي) سان يورپين اقتصاديات (معاشيات، اڪانامڪس) کي مطابقت ڏين (يعني انهن ۾ موجود هم-آهنگيءَ وارن نڪتن کي اجاگر ڪن ) ان سان هو عوام کي جلد سجاڳُ ڪري سگهندا، پر مذهبي ريتن رسمن کي نيشنل تحريڪ جو جزو بڻائڻ (ڀلي اهو ڪنهن نيڪ-نيتيءَ سان ئي ڇو نه هجي) ملڪ کي تباهيءَ کان نه بچائيندو.
ڏسو صدراتي خطبو ؛
جمعيت علماءِ بنگالُ ڪلڪته، بنگالُ
مورخه. جون 3 1939ع
ڪتاب؛ مولانا عبيد الله سنڌي تحريرون ۽ تقريرون،
سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪارُ
ثناءُ الله سومرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي،
ڪراچي،سنڌ.
۽ پڻ ڪتاب افادات ملفوظات مولانا عبيد الله سنڌي
ليکڪُ پروفيسر محمد سرور،
باني سنڌ ساگر اڪيڊمي، لاهورُ.
۽ ڪتاب خطابات مولانا عبيد الله سنڌي
ڊاڪٽر پروفيسر سلمان شاهجان-پوري ثم سنڌي
ڪراچي، سنڌ.
۽ پروفسر بشير احمد بي.اي لڌيانوي جا جا ڪتاب
۽ پڻ علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي
اڳوڻو چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ /
ڊئريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي،
حيدرآباد،سنڌ.
۽ پڻ علامه موسيٰ جارُ الله روس وارن جا ڪتاب

No comments:
Post a Comment