Realtime Hit Counter

Thursday, 8 August 2019

ڊاڪٽر سر اقبال ۽ مولوي عبيد اللہ سنڌي.....

ڊاڪٽر اقبال کي پڙھي پاڻ فيصلو ڪندا تہ قومون مذھب سان سان ٿينديون آھن يا وطن سان؟ ۽ ھندو مسلم دوقومي نظرئي پٽاندر، انگريز عيسائي بہ مسلم امت يا قوم ۾ شامل آھي؟

ڊاڪٽر سر اقبال
۽
مولوي عبيد اللہ سنڌي.....

قلب میں سوز نہیں روح میں احساس نہیں
کچھ بھی پیغام محمدٌُ کا تمہیں پاس نہیں
۔۔۔۔۔۔
قوم کیا چیز ہے ،قوموں کی امامت کیا ہے
اس کو کیا سمجھیں یہ بیچارے دو رکعت کے امام
قوم مذہب سے ہے، مذہب جو نہیں، تم بھی نہیں
جذبِ باہم جو نہیں، محفلِ انجم بھی نہیں
جن کو آتا نہیں دنیا میں کوئی فن، تم ہو
نہیں جس قوم کو پروائے نشیمن، تم ہو
بجلیاں جس میں ہوں آسُودہ، وہ خرمن تم ہو
بیچ کھاتے ہیں جو اسلاف کے مدفن تم ہو
https://twitter.com/HamidMirPAK/status/1129862753664032768
=============================================

مولانا عبيدالله سنڌي رح فرمائي ٿو تہ:

ڊاڪٽر اقبال هندستانن جي مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاء وڏي پيماني تي شاعري ڪئي؛ ”هتي هندستان جي سرزمين تي انگريز قابض آهي پر اقبال جي شاعريء هندستاني مسلمان کي انگريز جي مقابلي ۾ جدوجهد لاء اڀارڻ جي بجاء انھن کي اندلس ڏانهن توجهه ڏياري؛ عملي طور هندستان جي مسلمانن جي سامراج خلاف جدوجهد کان هٽائي ڇڏيو آهي“.

پلهءِ پايو سچ! آڇيندي لڄ مران:
ابو ڪاشف.
سهڙيندڙ: جوکيو شفيق.
=====================================
قوم، ٻولي ۽ مذهب:
مولانا عبيدالله سنڌي

هڪ ملڪ ۾ گهڻيون قومون نه پر مذهب گهڻا هوندا آهن. قوم هڪ ئي رهندي آهي. (مثال طور) سنڌي هڪ قوم آهي جيڪا ڪيترائي برهمڻ، ٻڌ ۽ جيني ڌرم رکندي هئي. انهن مان ڪجهه ماڻهن مسلمان ٿي ڪري پنهنجو ڌرم ۽ مذهب بدلائي اسلام ڪري ڇڏيو، پر قوم انهن جي ساڳي سنڌي آهي. جيئن پهريون سنڌي هئا هاڻي به اهڙائي سنڌي آهن. ۽ سندن هندو مائٽ ڏاڏا ۽ ڀائر ۽ ٻيا هندو آهن، انهن مسلمان ٿي ڪري پنهنجي قوم نه مٽائي، سنڌي هجڻ کان انڪار نه ڪيو پر رڳو مذهب ۽ ڌرم بدلايو آهي. هاڻي هڪ ملڪ جي هڪ قوم ٻه يا وڌيڪ مذهب ته اختيار ڪري سگهي ٿي مگر پنهنجي قوميت ختم ڪندي يا ورهائيندي نه آهي. عربن سنڌ فتح ڪئي ته انهن سنڌ جي مسلمانن کي سنڌ ۾ الڳ قوم ۽ هڪ زبان عربي ڏئي نه پر انهن کي نج سنڌي رهڻ ڏنو ۽ عربن اڳتي هلي سنڌين کي قرآن سيکارڻ لاءِ سموري دنيا ۾ قرآن جو پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪرايو. جيئن ماهنامه العزيز بهاولپور بحواله دلگداز سن 942 هندي ۽ ”تاريخ سنڌ“ ابو ظفر ندوي دارالمصنفين اعظم ڳڙهه ص 357 ۾ آهي ته 270هه ۾ جڏهن سنڌ جو دارالخلافه منصوره هيو ۽ خليفي طرفان سنڌ جو حاڪم (گورنر) امير عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز هيو هن سنڌ جي هڪ راجا مهروڪ عرف رائي بن راءِ تي اسلام جي تبليغ ۽ اسلام جي حقيقتن تي روشني وجهڻ جي غرض سان هڪ هندو نزاد، عراق جي ويٺل وقت جي علامه کي ان راجا وٽ موڪليو جنهن عالم راجا جي خدمت ۾ پهچي سنڌي زبان ۾ هڪ مضمون لکي پيش ڪيو جنهن ۾ راجا جي عقل ۽ فهم مطابق اسلام جي عظمت ۽ حقانيت تي گهڻو ڪجهه مواد گڏ ڪيو هو. وري هن راجا جي درخواست تي قرآن مجيد جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هيءَ مسلمانن جي پهرين تصنيف سنڌي زبان ۾ آهي. هي هندستان ۾ قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هو.
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن ۾ قومن جي قوميت ۽ انهن جي زبانن ۽ ٻولين جو ڪيترو احترام هو. جيڪڏهن عرب گهرن ها ته سنڌي ماڻهو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سنڌي نه رهن ۽ عربي سکن ته سنڌي، عربي ٻولي سکن ها ۽ اڄ سنڌي زبان جو هڪ اکر به باقي نه رهي ها.
اڄڪلهه هي جيڪو اردوءَ جو ڀوت سوار ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن کي اردوءَ جي زور زور سان ترغيب ڏياري سنڌين جي گهرن ۾ انهن جي معصوم ٻارن تي مڙهي پئي وڃي بلڪل تمام وڏو ظلم آهي، ٻارن ۽ انهن جي مائرن جو ناحق خون آهي. والعياذبالله اسان ان ڀوت کان خدا تعاليٰ جي پناهه ۽ اوٽ ۾ اچون ٿا. آمين يا الاهي العالمين.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون
مصنف: مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو
https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=313#15870
=============================
هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟
مولانا عبيدالله سنڌي.

نيشنل ڪانگريس جڏهن شروع ڪئي وئي هئي ته ان جو مقصد هي قرار ڏنو ويو هو ته اينگلو انڊين طبقي سان گڏ انگريزي ڳالهائيندڙ هندستاني گڏجي هڪ نئين قوميت جي پيڙهه رکندا، جيڪا انگريزن سان سماجي لاڳاپن ۾ وابسته رهندي، ته جيئن برٽش گورنمينٽ جي لاءِ هڪ اعتبار جوڳي سوسائٽي ٺهندي رهي. ان ريت جڏهن به هندستاني مطالبن کان مجبور ٿي ڪري حقوق بخشيءَ جي ضرورت پوندي ته انهيءَ سوسائٽيءَ کي هندستان جو قائم مقام مڃيو ويندو. برٽش ڪامن ويلٿ جون حالتون ڏسڻ سان سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ته ان قسم جي پاليسي برطانيه سلطنت جي اصول ۾ خاص اهميت رکي ٿي.
ڪانگريس جي بانيڪارن جو اصلي نصب العين ته تڏهن ئي پورو ٿي سگهيو پئي جڏهن اينگلو انڊين ان جماعت تي حاڪم رهن ها، پر بنگالي نيشنلسٽن هندستان جي نمائندگيءَ ۾ اهڙيءَ ريت پيش قدمي شروع ڪري ڏني، جنهن جو مقابلو اينگلو انڊين نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ بنگال ۽ بمبئيءَ جا نيشنلسٽ اڳتي وڌندا ويا، اها به هڪ حقيقت آهي ته جيتري قدر منجهن هندوسانيت وڌندي وئي اوترو گورنمينٽ، ڪانگريس کي ناپسند ڪرڻ لڳي.
اسان ان ٻئي دور کي بنگال جي ورهاڱي جي رد ٿيڻ تائين پکڙيل مڃون ٿا. ان زماني تائين دهلي ۽ ان جي واسطيدار اتر- اولهندي هند، ڪانگريس ۾ گهڻي همت سان بهرو نه ورتو ۽ ان جو ڪارڻ (به) واضح آهي ته يوپي ۽ پنجاب انگريزي ڄاڻڻ ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيا.
عام جنگ (پهرين عالمي جنگ) جي پڄاڻيءَ تي مهاتما گانڌي ڪانگريس ۾ ظاهر ٿيو، ان کي اسان ٽئين درجي جو عروج سمجهون ٿا، ان زماني کان ڪجهه عرصو پهريائين مون ڪانگريس جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي جيتوڻيڪ ان وقت آءٌ هندستان ۾ ڪو نه هيس. منهنجي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ کان پهريائين هيءَ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته وطن ڇڏڻ کان پوءِ مون لاءِ (ڪي) قدرتي ڪارڻ پيدا ٿي ويا هئا جو مان يورپ جي برطانيه مخالف قوتن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به واسطو رکي ئي نه ٿي سگهيس.
روس کي جيڪڏهن يورپ کان جدا ڪيو وڃي ته اسان جو هندستان به پکيڙ، آبادي ۽ قسمين قسمين ٻولين وغيره جي حيثيت سان هڪ ننڍي يورپ جي برابر آهي. ان ڪري حقيقتون ۽ واقعا ڪجهه وڌيڪ مختلف نه آهن. مگر هڪ اهڙو مسئلو آهي جو جنهن سان اسان جو ۽ يورپ جي تعبير جو طريقو مختلف نظر اچي ٿو جنهن لفظي اختلاف جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. مان ماڻهن کي ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهران ٿو.
اڄڪلهه يورپ جي علمي مجلسن ۾ لفظ ”قوم“ جي وصف ان ريت بيان ڪئي ويندي آهي ته نيشن (Nation) اهو انساني ميڙ آهي، جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندو هجي ۽ ان جي معاشرت ۾ ڪنهن حدتائين هڪجهڙائي ڏٺي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان آباديءَ ۾ هڪ فڪر جلدي پکڙجي سگهي ٿو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا به سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي هڪ وحدت مڃڻ ضروري آهي.
منهنجي خيال ۾ ان اصطلاح تي سمورا هندستاني هڪ قوم نٿا مڃجي سگهن پر سنڌي، ڪشميري، بنگالي ۽ مرهٽي جدا جدا قومون چورائينديون. مون کي مڪي معظمه ۾ رهڻ دوران ڪيترائي ڀيرا تجربو ٿيو ته هڪ بنگالي حاجيءَ جي واهر ڪرڻ کان مان عاجز ٿيس. ڇاڪاڻ ته هو منهنجي ٻولي نه سمجهي سگهندو هو. منهنجي خيال ۾ جهڙيءَ طرح يورپ ۾ انگريز، فرانسيسي، جرمن ۽ اٽالين قومون مڃيون وڃن ٿيون، ساڳي حالت اسان جي هندستان ۾ به موجود آهي.
اها به هڪ حقيقت آهي ته مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کي جيڪڏهن سمنڊ ۽ پهاڙ جهڙيون قدرتي حدون جدا نه ٿيون ڪن، جو پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح گڏيل فڪر پيدا ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. هي فلسفي وارو فڪر ڪڏهن ته الاهيات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن وحدت الوجود جو عقيدو. ۽ ڪڏهن اقتصاديات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن اسان جي زماني ۾ اشتراڪيت ۽ ڪڏهن ته هڪ ديني تنظيم ۾ ٻئي ڳالهيون گڏجي وڃن ٿيون. اسان جي خيال ۾ ان قسم جي فڪري ڳانڍاپن سان جيڪا وحدت پيدا ٿئي، ان کي انٽرنيشنل طاقت جو بنياد مڃيو وڃي. ان قسم جي اشتراڪ سان ويهين صديءَ جي عام اصطلاح مطابق هڪ قوم هرگز نه ٿي بڻجي سگهي. هيءَ ڳالهه به اهم آهي ۽ اسان ان کي به ممڪن نه ٿا سمجهون ته ڪنهن غيرمعمولي اثر سان ڪا خاص ٻولي هندوستان جي رهاڪن کي سيکاري وڃي جنهن سان اڳتي هلي اڄوڪي اصطلاح ۾ قوميت پيدا ٿي وڃي.
هندستان جي تاريخ ۾ هندو فلاسافيءَ، اترين هند کي مرڪز بڻايو ۽ دکن فتح ڪيو، ان ريت ويدڪ دؤر ۾ ۽ ان کان پوءِ ٻڌن جي حڪومت ۾ انهن فڪري ڳانڍاپن سموري هندستان کي هڪ رسيءَ سان ٻڌي ان کي هڪ انٽرنيشنل طاقت ته ضرور بڻايو پر اسان ان کي نيشنل طاقت نه ٿا چئي سگهون.
ڏسو! هندو فلاسافيءَ انهيءَ مرڪز تان گهڻن ايشيائي ملڪن کي فتح ڪيو، بلڪ يونان جي وسيلي يورپ تي به غلبو ماڻيو. اڄ به يورپي قوتون ان کي مڃين ٿيون، ته ڇا ڪنهن علمي اصطلاح ۾ به انهن ملڪن کي نيشنل طاقت سان تعبير ڪرڻ ممڪن آهي؟
اسان جو خيال آهي ته اسلامي دؤر ۾ به هندستان جي انٽرنيشنل ازم کي ڪو صدمو ڪونه رسيو. ان کان پوءِ هاڻي انگريزي دؤر به ان جي پيروي ڪري رهيو آهي. ان ڪري پنهنجي ملڪ جي مفڪرن کي پرزور اپيل آهي ته هو ان مسئلي تي ڌيان ڏيئي ان علمي غلطيءَ جي درستي ڪن.
اسان کي ڄاڻ آهي ته ترڪن ۾ ڪجهه سياسي ليڊر اهڙا پيدا ٿيا جيڪي اسلامي ڳانڍاپن کي به هڪ نيشنل (National) تحريڪ مڃين ٿا ۽ ان کي اسلامي قوميت جو نالو ڏين ٿا. اسان کي هيءَ به ڄاڻ آهي ته ان جي پيرويءَ ۾ اسلامي قوميت جو اصطلاح نوجوان مسلمانن، هندستان ۾ به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
جيستائين اسان ترڪيءَ جي عملداريءَ تي غور ڪري سگهياسين، اسان کي صاف نظر آيو ته ترڪيءَ جي قومي تحريڪ لاءِ هيءَ هڪ خاص قسم جي پروپيگنڊا هئي. ترڪ ڇاڪاڻ ته ان تحريڪ کي ان جي مرڪز تي قبضو ڪري هلائي رهيا هئا، انهن لاءِ ته اهوئي موزون هيو ته ٻين اسلامي قومن جي قوميت جو اعتراف نه ڪيو وڃي ۽ انهيءَ تمام گهڻي مبالغي جو هي نتيجو نڪتو ته عرب ترڪن جا قومي مخالف بڻجي ويا.
انهيءَ قياس تي اسان جو خيال آهي ته گهڻو ڪري هندو سوسائٽي به پنهنجي سياسي غلبي جي زماني ۾ هندستان جي باقي قومن جو اعتراف ڇڏي ڏنو هوندو.
اسان جي گذارش آهي ته هندستاني مفڪر، اڄوڪين حالتن تي غور ڪري، اُهي ڊپلوميٽڪ اصطلاح ڇڏي ڏين. ان سان پروگرام ۾ ڪو وڏو انقلاب نه ايندو. مثال طور بنگال ڪانگريس ڪميٽيءَ جو نالو بنگال نيشنل ڪانگريس رکيو وڃي ته بنگال جي ذهنيت تي وڌيڪ ٺهڪندو، ان ريت مهاراشٽر، گجرات، سنڌ ۽ پنجاب جي انهن قومي جماعتن کي نيشنل ڪانگريس سان تعبير ڪيو وڃي، ان کان پوءِ اڄوڪي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس صحيح معنيٰ ۾ آل انڊيا انٽرنيشنل ڪانگريس بڻجي ويندي ۽ فيڊريٽ انڊيا سان وڌيڪ گهرو لاڳاپو پيدا ڪندي.
فيڊريشن جي موجوده اسڪيم مان هزار نقص ڪڍيا وڃن ۽ ان جي اصطلاح جا مختلف طريقا غور هيٺ هجن، ان جو اسان جي مسئلي سان ڪوبه واسطو ڪونهي پر اصل فيڊريشن تي سڀني جو متفق ٿيڻ ئي اسان جي نظريي کي ثابت ڪري ٿو. اڄوڪي حالت اها آهي ته پهريائين برٽش پارليامينٽ ۽ ان کان پوءِ هند جي سڀني سياسي جماعتن اصل فيڊريشن کي تسليم ڪيو آهي. بحث رڳو تفصيلن ۾ آهي، ڇا ڪانگريس لاءِ ان لفظي سڌاري تي غور ڪرڻ جو وقت ناهي آيو!؟
(آگسٽ 1940ع)
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون
مصنف: مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو
https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=313#15847
============================

اسلامي دنيا جي سياسي گهوٽالي ۾ قوميت ۽ معاشي مساوات مخالف مذهبي سياسيت جو منفي ڪردار هڪ اهم فيڪٽر آهي. ڪو به سياسي نظام ان دور جي سماجي ڍانچي کي نظر انداز ڪري قائم نٿو ڪري سگهجي.پوء ڇونه اهو مذهبي سياسي نظام هجي!
بادشاهتي دور ۾ قومن جي اجتماعي نفسيات ان ڳالهه کي قبول ڪري وٺندي هئي ته هڪ خاندان سڄي قوم جي حاڪميت جي ذميداري نباهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن هڪ قوم جي بالغ نظر قيادت تي ٻيون قومون به اعتماد ڪري سگهن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ عرب ۽ ٻين غير ترڪ مسلمانن جي لاء ترڪي جي سياسي قيادت ۾ هلڻ ممڪن هو. اهڙي طرح مغل بادشاهن جو سياسي اقتدار هندستان جي گهڻ قومي معاشري ۾ هڪ زماني تاين قبول ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه بادشاهتي دور جي سماجي سيٽ اپ ۽ قومن جي اجتماعي نفسيات سبب ممڪن هو.
پر صنعتي ترقي واري دور ۾ جڏهن کان دنيا ن هڪ نئين سماجي دور ۾ داخل ٿي آهي ته سماجي سيٽ اپ جو رخ بدليو آهي هاڻي هڪ طرف ڪنهن قوم جي اندروني قيادت به مستقل طور هڪ خاندان جي حوالي نٿي ڪري سگهجي ته ڪا به قوم پنهنجي اجتماعي سياست به ٻي قوم جي تابع بڻائڻ لاء تيار نٿي ٿي سگهي پوء ڇو نه ٻنهي جو مذهب ساڳيو هجي. پهرين جنگ عظيم دوران عرب-ترڪ ڪانفليڪٽ ان جو زنده مثال آهي.
بدقسمتي سان خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوء مسلمان قومن جامذهبي سياسي مفڪر ان حقيقت کي نفسياتي طور قبول نه ڪري سگهيا آهن ته هاڻي دنيا جي مٿان ڪنهن هڪ قوم جي سياسي حڪمراني جو دور ختم ٿي چڪو آهي بلڪه هو اڃا تائين ترڪن واري خلافت جهري نطام کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جهڙا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ انهن مان جيڪي شيعه سياسي مفڪر آهن اهي پنهنجي مخصوص سياسي تصور مطابق سڄي دنيا ۾ هڪڙي سياسي حڪومت جا خواب ڏسي رهيا آهن.
جڏهن ته اهڙي صورت ۾ اسلام جي سياسي نظام کي به فقط پنهنجي قومي سياسي سيٽ اپ جي دائري ۾ ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو سوبه ڪنهن هڪ خاندان جي بالادستي سان نه بلڪه عوام جي اڪثريت جي تائيد سان. ان لاء نيشن اسٽيٽ جي سياسي تصور وارو طريقو اختيار ڪرڻ ئي سياسي دانشمندي ۽ اسلامي تعليمات جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ مسلمان قومون آهن ته ان ملڪ جو سياسي نظام به ملٽي نيشنل اسٽيٽ جي تصور تي هلائڻ گهرجي. ان کان سواء امن قائم ٿيڻ ۽ اقتصادي ترقي جو ٻيو ڪو به رستو ممڪن ناهي.
سنڌ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري اهو تصور ڏنو. هنن ڪانگريس کي به انڊين انٽرنيشنل ڪانگريس بڻائڻ جي تجويز ڏني.
هنن جي مقابلي ۾ علامه اقبال، مودودي صاحب، مصر جا اخوان المسلمون وارا، سعودي سلفي عالم ۽ ايران جا آيت الله صاحبان. اهي سڀ قوميت جي بنياد تي سياسي نظام جا سخت مخالف ٿي بيٺا انهن سڀني جي غلطين عالم اسلام کي موجوده بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. انهن سڀني مذهبي سياسي تحريڪن ۾ ڪجهه بنيادي ڪمزوريون رهيون آهن.
1- قوميت جي بطور سياسي نظام جي مخالفت ڪرڻ.
2- اسلام جي معاشي نظام کي مارڪيٽ اڪانامي جي موافق قرار ڏيڻ سبب خارجه پاليسي ۾ سرمائيدار بلاڪ کي ڪميونسٽ بلاڪ جي مقابلي ۾ مسلمانن لاء وڌيڪ بهتر سمجهڻ.
3- مذهبي ۽ مسلڪي اختلافن جي حوالي سان ڪنهن قابل عمل بقاء باهمي جو اصول نه اپنائي سگهڻ
ان سوچ تي ضد ٻڌي بيهڻ سبب صدر ناصر جي عرب قومي تحريڪ انهن مذهبي قوتن هٿان تباه ٿي وئي ۽ ان سوچ سبب افغانستان ۾ ڀاڙي تي جنگ وڙهي وئي.
هن وقت طالبان هجن يا القائده حزب الله هجي يا الداعش ۽ حماس ۽ يمن جا حوثي هجن يا سعودي عرب جا سلفي ۽ ايران جا آيت الله اهي سڀ قوميت کي مذهبي لحاظ سان ڪفر قرار ڏيڻ وارا آهن ۽ انهن جي انهن ڪفري فتوائن سبب اسلامي دنيا فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي ور چڙهي وئي آهي. هاني سنڌ ۾ به اهو مرض وڌي رهيو آهي جيڪو مذهبي سان گڏ سيڪيولر سنڌين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو پيو وڃي! مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر کان ٿڙيل پاڪستان، هندستان ۽ افغانستان جو ديوبندي طبقو به ان مرض ۾ مبتلا آهي.
تنهن ڪري اسان جي سمجهه اهو ڪم ڪري ٿي ته جيستائين اهي سڀ مذهبي تحريڪون هيٺين اصولن کي سياسي، معاشي ۽ سماجي نظام ۾ قبول نه ڪنديون تيستائين مذهبي سياست فساد ۽ انارڪي ڦهلائڻ ۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڌارين قوتن جي آله ڪار بڻجڻ کان سواء ڪو ڪم نه ڪري سگهندي! ڀلي ڪير انهن مان عملي طور مخلص ڇو نه هجي ۽قربانيون ڏيندڙ به هجي.
1- قوميت کي بطور سياسي نظام جي قبول ڪرڻ ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي خلافت/امامت واري تصور کي آزاد قومن جي اجتماعي فيصلي جي تابع سمجهڻ.
2- معيشت کي هاري ۽ مزدور جي مفاد جي تابع بڻائڻ ۽ سرمائيدرانه نظام کي انسانيت جي لاء زهر قاتل سمجهڻ.
3- مذهبي ۽ مسلڪي حوالي سان هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ لاء اتحاد جي کوکلن منافقنه نعرن بجاء اختلاف جو سليقو پيدا ڪرڻ.
4- سرمائيداري نظام جي تسلط کان آزاد سائنسي تحيققن ۽ صنعتي ترقي کي انسانيت جو گڏيل ورثو سمجهڻ.
جيڪڏهن انهن مٿين سياسي مفڪرن جا حمايتي اهي ڳالهيون تسليم نٿا ڪن ته پوء انهن کي چئو ته سنڌ جي سني مسلمانن کي سعودي مصر ۽ افغانستان جي شهريت وٺي ڏيکاريو ۽ سنڌ جي ڪنهن شيعه عالم کي ايران ۾ آيت الله بڻجي رهبر انقلاب ۽ ولي فقيه بڻجڻ جو حق تسليم ڪرائي ڏيو ته پوء اسين مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر تان دستبردار ٿيڻ لاء سوچي سگهون ٿا.
========================
جزيرة العرب (عريبين پينسولا) نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ تقريبا هڪ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو خلافت راشده جي دور۾ ته پوري طرح هڪ ئي حڪومت هئي. خلافت راشده ۾ اميرالمومنين علي رضي الله عنه جو دور به شامل آهي تنهن ڪري اهو شيعه ۽ سني مسلمانن ۾ به جهڙوڪ متفقه مسئلو آهي.
هيڏانهن سنڌ پنجاب بلوستان ۽ پختونخواه کي ملائي جيڪو اسلامي ملڪ ٺاهيو ويو ان جي حدن جي حيثيت اسلامي لحاظ کان خلافت راشده ۽ نبوي نظام جهڙي اهميت بهرحال نٿي رکي !
هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪويت ۽ عرب امارتن جا عرب مسلمان نبوت ۽ خلافت راشده جي دور وارين جغرافيائي حدن کي ٽوڙي الڳ اسٽيٽ قائم ڪن ٿا ته مودودي صاحب جهڙا مفڪر انهن جا همنوا ٿي وڃن ٿا ۽ ان کي اسلام جي مفاد جي خلاف نٿو سمجهيو وڃي ۽ هتي 1300 سال پوء انگريزن جي آشيرواد سان قائم ڪيل ”انيس سوسينتاليس“ واريون سرحدون ايتريون ته مقدس بڻايون ويون آهن جو 3 صوبن جا نوجوان رڳو اها ڳالهه چپن ۾ چورين تڏهن به اهي نه رڳو ملڪ جا پر اسلام جا به غدار سمجهيا وڃن ٿا !!!!!!!!
عجيب تماشو آهي
حافظ استاد ابوڪاشف.
بشڪريه ماهوار ”الصادق“ ڪراچي



tag

No comments:

Post a Comment