ھ ڪ خالص علمي ڊائلاگ.
استاد ابوڪاشفُ: سهڙيندڙ شفيق جوکيو.هڪ ماڻهو جيڪڏهن اورنگزيب کي مذهبي لحاظ سان شدت پسند سمجهي ٿو ۽ اڪبر کي مذهبي رواداري جو قائل سمجهي ٿو ۽ ان لاء هو مختلف دليل ڏئي ٿو ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.
پر جيڪڏهن اهو ماڻهو اورنگزيب تي گفتگو ڪرڻ وقت ان جي ڌاريي هجڻ کي اشو بڻائي ۽ ان جي مقابلي ۾ اڪبر تي گفتگو ڪرڻ وقت سندس مذهبي نرم پاليسي جي بنياد تي ان جي حمايت ڪري ته بي اصولي ڳالهه چئبي ڇو ته ڌارئي هجڻ جو الزام اڪبر تي اورنگزيب کان وڌيڪ لڳندو. هن ڪري ته اورنگزيب مغلن جي ان نسل سان تعلق رکي ٿو جن جو هندستاني هجڻ تسليم ٿي چڪو آهي اڪبر جون 2 پيڙهيون هندستاني ٿينديون ته اورنگزيب جون 5 پيڙهيون هندستاني ٿينديون. تنهن ڪري ٻنهي جي ڌارئي هجڻ تي بحٿ ٻئي انداز سان ٿيندو، مذهبي رواداري يا شدت پسندي تي بحث ٻئي انداز سان ٿيندو ان ۾ ٿي سگهي ٿو ته اڪبر اورنگزيب کان وڌيڪ مارڪون کڻي. ان انداز سان گفتگو ڪرڻ ۾ ماڻهو ڪنفيوزن کان بچي سگهندو.
ان جو هڪ ٻيو مثال ته هڪ ماڻهو جڏهن ايئن چوي ٿو ته مذهب جو سياست سان واسطو نه هجڻ گهرجي ۽ ديني عالمن کي سياست ۾ حصو نه وٺڻ ته هن کي اهڙي نظري رکڻ جو حق آهي. پر جيڪهن اهو ساڳيو ماڻهو جيڪو مولوين کي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف آهي جيڪڏهن ايران جي انقلاب جي آجيان ڪري ته ان ماڻهو جي اها بي اصولي ٿيندي ڇو ته ايران ۾ خميني جو انقلاب مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جو هڪ عظيم شاهڪار آهي.
ابو ڪاشف.

No comments:
Post a Comment