امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
تحرير : محمد سليمان وساڻ
مارچ 10 سنڌ جي هڪ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي ڄمڻ جي تاريخ پڻ آهي. مولانا عبيدالله سنڌي 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ پنهنجي پيڪن ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. 15 آگست 1887ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي 6 مهينا رهيو. 1888ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين.
هو 1922 ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيو ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو.
۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي 1924ع ۾ اردو ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهره آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر اعظم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. 1927ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. 7 مارچ 1939ع ۾ 23 سالن جي جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو مولانا تان بندش ختم ٿي.ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ خانبهادر الله بخش مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو. 23 ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڌ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي.
ان غرض سان وطن واپس تشريف فرما ٿيا ته بر عظم ۾ آزادي ملڻ بعد مسلمان فلسفه ولي الله کي پنهنجي نظام جو بنياد بنائين. 12 جون 1940ع ۾ هن ٺٽي ضلعي جي ڪنگريس اجلاس ۾ خطاب ڪندي فرمايو ته، ”مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو ڇو ته اهو منهنجي روحاني پيءُ جو پاڪ ديس آهي. مان به هنکي گذريل 50 سالن کان پنهنجو وطن بنايو آهي.. توهان کي تعجب ٿيندو ته مون کي هڪ هندو پنڊت اسلام سان روشناس ڪرايو. جڏهن مون لالا لجپت راءِ کي استنبول مان خط لکيو ته هو پنجاب مان ڪهي مون سان ترڪي ملڻ آيو. يورپ مان واپس اچڻ تي مون کي معلوم ٿيو آهي ته ديوبند نظريه ۽ علي ڳڙهه نظريه جي وچ ۾ چانڊيه مگسيءَ واري رساڪشي لڳي پئي آهي. ”انهن جي نفاق کي گهٽائڻ بجاءِ وڌائڻ ۾ ڪانگريس جوابدار آهي.“ جيتوڻيڪ هو ڪانگريس جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، پر ان هوندي به اهو ثابت ڪري ٿو ته هو مسلمان قوم پرست ۽ مسلمان جي ايڪتا ۽ آزادي جو خواهشمند هو.
مولانا عبيد الله سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته، هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعيو ڪيو ۽ علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي.
حالانڪه پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الحڪمت لاهور نومبر 1940ع ۾ قائم ڪيائين ۽ 15 مارچ 1944ع تي فلسفه ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ 21، آگسٽ 1944ع تي فوت ٿيو ۽ دين پور (بهاولپور) ۾ دفن ٿيو.
ريشمي رومال واري تحريڪ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيء جو حصو
تحريڪ جو پس منظر: - ملڪ جي آزاديءَ لاءِ افغانستان ۾ هڪ جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ وزارت ۽ قومي تنظيم قائم ڪرڻ لاءِ مولانا محمود الحسن ۽ مهاتما گانڌيءَ جي سربراهيءَ هيٺ اها حڪومت ٺاهي ويئي- مولانا عبيدالله سنڌي وزارت ۾ وزير مملڪت (داخله) بنايو ويو.
انقلابي تحريڪ کي هلائڻ لاءِ پيسا جمع ڪيا ويا. ”ميمڻ چوهستاني بمبئي واري، سيٺ( حاجي) عبدالله هارون ڪراچيءَ جي ۽ سيٺ جمال احمد مدراس واري هن فنڊ ۾ دل کولي حصو ورتو.
هن انقلاب لاءِ منصوبو بنايو ويو، ترڪيءَ کي افغانستان جي رستي کان هندستان تي حملو ڪرايو وڃي. انهيءَ لاءِ ڪوئيٽا. قلات، خيبر ۽ اڌڪي حملي جا مرڪز بنايا ويا. مولانا محمود حسن سنڌ مان، مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي محمد صادق (کڏي وارا ،ڪراچي ) سنڌي ۽ مولانا عبدالله لغاريءَ کي هدايت ڪئي ويئي، جن مخفي طرح سان پورو هڪ سال تحريڪ هلائي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ سنڌ ۾ پير جهنڊي جي ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هن حڪومت برطانيه جي سي آءِ ڊي جي نظرن کان پاڻ کي لڪائي ٽن کان چئن مهينن تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. جتي هن سان شيخ عبدالرحيم (سنڌي) ۽ شاهه بخش لاشاري گڏ هئا. بغاوت جون صلاحون ۽ مشورا گهڻو ڪري ڳوٺ پير جهنڊو شريف ۾ ٿيندا هئا.
مولانا سنڌيءَ جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ته خرچ جي لاءِ ئي پير جهنڊو جي گهر واريءَ پنهنجا سونا زيور کيس ڏنا ۽ جڏهن مولانا ڪابل ڏانهن روانو ٿيو تڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کيس قيمتي رايا ڏنا
جلاوطن حڪومت ترڪيءَ ۽ روس سان پنهنجا تعلقات قائم ڪيا، انهيءَ مقصد لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي تاريخ 9 سيپٽمبر 1916ع ۾ مولانا محمود حسن کي هندستان ۾ خط لکيو ۽ اهو خط(مولانا سيد) ميان ۽ (ڊاڪٽر ) انصاري جي هٿ اکرن سان لکيو ويو. سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم( سنڌي ) کي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ شيخ عبدالرحيم (سنڌي) کي چيو ويو ته اهو خط سلامتيءَ سان مولانا محمود الحسن کي مڪي روانو ڪري. اهو خط ڳاڙهي ريشمي رومال تي لکيو ويو هو. ريشمي خط عبدالحق کي ڏنو ويو، جنهن اهو خط حق نواز کي ڏنو ته هو ساڳيو خط (خليفه ) غلام محمد (ڪورائي دينپوري ، مولانا عبيد الله سنڌي جو پير ڀائي ۽ نياڻي ) کي پهچائي، جيڪو بعد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي ڪري ۽ جڏهن شيخ عبدالمجيد(سنڌي) اهو خط حاصل ڪري اڳتي رواني ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته عين ان وقت کيس انگريزن جي سپاهين قيد ڪيو
هن منصوبي جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هندستان جي حڪومت، افغانستان جي حڪومت سان احتجاج ڪيو ۽ افغانستان جي حڪومت کي چيو ويو ته هو انقلابي رهنمائن جهڙوڪ، مولانا (سيد) محمد ميان ( ۽ ڊاڪٽر ) انصاري ۽ مولانا سيف الرحمان کي ڪابل مان ڪڍي ڇڏي ۽ باقي مولانا (عبيد الله سنڌي ) سنڌيءَ ۽ سندس پوئلڳن کي جيل موڪليو وڃي.
هن منصوبي ۾ شامل ليڊرن کي حڪومت گرفتار ڪري ورتو. انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به هو، جنهن کي ٽي سال رتنا گري جيل ۾ 1916ع کان 1919ع تائين قيد ۾ رکيو ويو
حواله :
1.ڪتاب جو نالو : امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح ليکڪ : پير علي محمد راشدي
2. ڪتاب جو نالو: ٻري جن ٻاريمصنف : ڊاڪٽر خان محمد پنهور
3. ڪتاب جو نالو : مهراڻ 1985ع (1-2) ايڊيٽر : نفيس احمد شيخ
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
ReplyDeleteوِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
7
موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.
8
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.
9
اَندَرِ جُھڙُ جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون.
10
آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ؛
جي پِرين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَن ميڙيا.
وائي
آئِي مُندَ مَلارَ، آئون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنھنجي يار؛
لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ؛
پَکي آءُ پِريِن تُون، لَہُ مُنھنجِي سَيّدُ! سارَ.