Realtime Hit Counter

Thursday, 10 March 2011

سنڌ ۾ تعليم جو زوال جنيد انور جوکيو


سنڌ ۾ تعليم جو زوال
جنيد انور جوکيو
اڪثر صبح جو ڪاليج ويندي جڏهن ننڍڙن ٻارڙن کي اسڪول يونيفارم ۾ ڏسندو آهيان ته مون کي اهو منظر ڏاڍو وڻندو آهي، جيڪي اڌ اکيون بند ۽ اڌ کليل هوندي اسڪول ڏانهن ويندا آهن، پر پوءِ به شرارتن کان ڪونه مڙندا آهن ۽ اهي اهڙيون شرارتون ڪندا آهن، جيڪي دل کي وڻي وينديون آهن. ڪالهه صبح جو اهو منظر ڏسندي دل چاهيو ته انهيءَ منظر کي دل ۾ سمائي ڇڏيان، پر ان وقت انهيءَ معصوم ٻار جون اوجاڳيل اکيون، ڪپڙا ڦاٽل، ميرا ۽ هٿن ۾ بوٽ پالش وارو سامان ڏسي حيرت وچان اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جو معاشرو ۽ ملڪ، اِهو صبح ڪڏهن ڏسندو، جنهن صبح ملڪ جو هر هڪ ٻار اسڪولن ڏانهن ويندو، جنهن صبح جو ڪوبه ٻار بوٽ پالش وارو سامان هٿن ۾ نه کڻندو، جنهن صبح ڪوبه معصوم مزدوريءَ لاءِ نه پر پڙهڻ لاءِ نڪرندو. الائي ڪڏهن اسان اِها صبح ڏسنداسين، جنهن صبح جو اسان کي ڪوبه مجبور ٻار روڊن تي پورهيو ڪندي، پنندي ۽ رلندي نظر نه ايندو، الائي ڇو ملڪ جي حڪمرانن جا حال ڏسي غربت، بيروزگاري، محروميءَ ۽ ماڻهن جون انيڪ مجبوريون ڏسي لڳي ٿو ته اهو ڏينهن ويجهڙ ۾ ته نظر ڪونه پيو اچي.
ملڪ ۾ سوين هزارين قانون موجود آهن، جن تحت، اهي ٻار تعليم پرائي سگهن ٿا ۽ جبري پورهئي کان بچي سگهن ٿا، پر ملڪ جي هر قانون جيان انهيءَ قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو. اهو رڳو مان نه ٿو سوچيان پر هر ساڃاهه وند ۽ شعور واري لڏي جي اها سوچ آهي، اهڙي گهڙيءَ جو انتظار به ڪريون ٿا، پر اهو انتظار تمام ڊگهو ٿي ويو آهي. اسان کي نظر نٿو اچي ته اسان جا ٻار حڪمرانن جي رحم وارين نگاهن جو نشانو بڻجن، اسان وٽ هر دور ۾ ڪونه ڪو ٻار پورهيو ڪندي تشدد جو نشانو بڻجندي نظر پيو ايندو آهي. اسان وٽ اهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن اسان جي اخبارن کي ڪنهن ٻار سان زيادتيءَ جي خبر نه ملي هجي. اسان وٽ اهڙو ڏينهن قسمت سان به نه آيو آهي، جنهن ڏينهن ڪنهن معصوم ٻار کي معاشري ۾ رهڻ جي سزا تحت زندگيءَ تان هٿ کڻائڻو نه پيو هجي. هر روز معاشري ۾ رهڻ جي سزا تحت اسان جا ڪيترائي ٻار ذهني دٻاءُ جو نشانو بڻجڻ ٿا، اسان وٽ قانون به آهي پر اسان وٽ کوٽ آهي رڳو عمل جي- جيڪو عمل 60 سالن تائين ٿيندو اسان کي نظر نه آيو آهي.
اهو اسان جي ملڪ سان وڏو الميو آهي، حادثو آهي. جيڪڏهن قانون تي عمل ٿيندو اچي ها ته اڄ اسان کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. اسان وٽ ملڪ جي حالتن جو حال اهو آهي جو اسان جي ملڪ ۾ 40 سيڪڙو ٻار اسڪول نٿا وڃن، 28 سيڪڙو ٻار جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، 80 سيڪڙو ٻارڙن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي، 35 سيڪڙو ٻارڙن لاءِ صحت جون سهولتون نه آهن ۽ 28 سيڪڙو ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ 46 سيڪڙو اسڪول اڌوري پوزيشن ۾ آهن، ڪن کي ڇتيون نه آهن، ڪن ۾ فرنيچر نه آهي، ڪن ۾ استاد نه آهن. سنڌ جي تعليم واري نظام تي جو ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير پاڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ 6 هزار اسڪول وڏيرن جي اوطاقن طور استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته استاد ويزا تي ويل آهن، جيڪي پگهارون کڻن ٿا، پر اسڪول ڪونه ٿا اچن.
اسان وٽ تعليم جو حال اهو آهي جو اسان جي مئٽرڪ پاس کي به ٻئين درجي جو حساب نه ايندو. هزارين معصوم تعليم کان سواءِ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. اسڪول اوطاقن گودامن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. استاد پڙهائڻ کان جواب ڏئي ويٺا آهن، پر ملڪ جي ڪابه طاقت هنن کي پڙهائڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي، ڇو ته استادن کي به اڄڪلهه پئسن سان واسطو آهي، هنن کي هر مهيني پگهار ملي ٿي ته هو ڇو ذميواري کڻندا؟ هڪ طرف تعليم جو اهڙو حال آهي ته ٻئي طرف استاد يونين ۾ پاڻ لڪائي ڊيوٽين کان آزاد ويٺا آهن. يعني هر طرف کان تعليم تباهه ٿي رهي آهي. هرطرف کان تعليم تباهه ٿي رهي آهي. پر انهيءَ تباهيءَ کي روڪڻ وارو ڪوبه نه آهي. استاد يونين بازيءَ سبب تعليم کي مذاق بڻايو ويٺا آهن. حڪمران الائي ڇو سنجيدا ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهن!! انهيءَ وچ ۾ تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي ۽ اسان جا معصوم ٻار انهيءَ الميي سبب ڪڏهن جبري پورهيي جي جهڙپ ۾ ٿا اچن ته ڪڏهن موت جو نشانو بڻجن ٿا. ڪي وڏا ٿي نشو واپرائن ٿا ته ڪي ڏوهن جي دنيا وسائن ٿا. ان کان سواءِ اسان وٽ ڀيانڪ زندگي گذاريندڙ ٻارڙن جي مستقبل کي روڪڻ لاءِ سوين اين جي اوز به آهن، جيڪي مهيني ۾ ڪروڙين رپيا بجيٽ ٺاهي پاس ڪرائن ٿيون. انهن اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ ڪک پتي مان لک پتي ٿي ويا آهن. جيڪي صبح جو هڪ ملڪ ۾ آهن ته شام جو ٻئي ملڪ ۾، پر انهن ٻارڙن لاءِ ڇا ڪيو آهي، رڳو تقريرن ۽ فوٽو ڪڍرائڻ کان سواءِ اين جي اوز انهن ٻارڙن جي سڌاري بابت پاڻ کي مالي حالت ۾ سڌاري رهيا آهن.
پر مان سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن هنن جي ڪروڙين رپين مان ڪجهه سڪا جيڪر اسان جي ٻارڙن جي بهتريءَ لاءِ استعمال ٿين ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ گهڻو فائدو پئجي سگهي ٿو، هن وقت سنڌ جي ٻارڙن جو حال رحم جوڳو آهي. اسان جا معصوم ٻارڙا خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪي معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻجي رهيا آهن. اسان پنهنجي ٻارڙن کي انهيءَ خوفناڪ موڙ تان ترقي، زندگي ۽ تعليم ڏانهن ڪيئن موٽائي سگهون ٿا؟ جيڪڏهن اسان حڪمرانن ۽ اين جي اوز ڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏيون ۽ پنهنجو ڪارروهنوار پورو ڪيون ته ممڪن آهي اسان ٻارڙن جو مستقبل سنواري سگهون. اسان سڀ باشعور ماڻهو ڳالهين کان سواءِ انهن ٻارڙن لاءِ هڪ روشنيءَ جي راهه بڻائي سگهون ٿا. جيڪڏهن هر هڪ گهر مان هڪ هڪ ماڻهو نڪري پوي ۽ هو اِهو سوچي نڪري ته اهي به اسان جا ٻارڙا آهن، اهي به اسان جي اولاد جيان آهن.
جيڪڏهن هرهڪ گهر مان هڪ ماڻهو هڪ ٻار جا ڪتاب وٺي ۽ ٻيو گهر وارو انهن لاءِ فيس ڀري ۽ ٽيون گهروارو هنن کي رڳو هڪ جوڙو وٺي ڏئي ته مان سمجهان ٿو ته اسان جا معصوم ٻارڙا مجبورين ۽ محرومين کان گهڻو بچي سگهن ٿا. هن وقت اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻو آهي، ڇو جو اسان 60 سال حڪمرانن جون راهون ڏٺيون آهن، انهن مان اسان کي ڪجهه به نه وريو آهي، پر هاڻي اسان کي پاڻ اٿڻو آهي، پنهنجي لاءِ پنهنجي ٻارن لاءِ جيڪڏهن اسان پاڻ اٿي پياسين ته اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جي ٻارڙن جو مستقبل سنوارجي وڃي، پوءِ جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ ٻارڙن لاءِ وقف ڪيو ته اسان جا ٻارڙا مستقبل جا اهي مضبوط حصيدار ٿي ويندا، جيڪي انهن قوتن کي مات ڏئي ڇڏيندا، جن ٻارڙن جي مستقبل تي سياست ڪئي، جن ٻارڙن جي مليل رقم پنهنجي رياستن ۾ استعمال ڪئي، جن ٻارڙن لاءِ مليل معاوضو پنهنجي ٻارڙن جي پڙهائي لاءِ رکيو، جن حڪمرانن اسان کان هميشه ووٽ ورتا، پر انهن اسان جي ٻارڙن لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ هنن سڀ ڪجهه ڪيو.
junaid_jokhio@yahoo.com

3 comments:

  1. چوڙيلن جا چاڳ وڪيا!
    سرويچ سجاولي


    اي يار سڄڻ! ڇا سور سليان نت نيڻن مان وهي نير پيا؛
    هن ساڳئي ڏينهن سنڌين جي، ها ڪنڌ ۾ زنجير پيا؛
    هن ساڳيئي ڏينهن سنڌين کي سئو چهڪ بدن ۾ چير پيا؛
    هن ساڳيئي ڏينهن سنچين کي ها جان جگر ۾ جھير پيا؛

    هن ساڳيئي ڏينهن سنڌ امڙ جا عضوا عضوا عام وڪيا!!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هي پنهنجن پيارن پيارن مٺڙن ماروئڙن جا ماڳ وڪيا؛
    هي مالوندن تن مانگيئڙن جا مينهون ۽ ميهاڳ وڪيا؛
    هي ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا ڀونگا ڀيڻيون ڀاڳ وڪيا؛
    هي چئوراهي تي چورن ويهي ”چوڙيلين جا چاڳ“ وڪيا؛

    هي ننگ پيارن پرين جا هت صبح وڪيا ۽ شام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن ”ظالم“ کي ڪا لڄ نه پيئي لويارن جي لوين جي؛
    هن جابر وڪڻي جُو ڇڏي ير! جھانگيئڙن جي لوين جي؛
    شل لاک لهي تنهن لوڀيءَ جي جنهن لاک لڄائي لوين جي؛
    هو پت وڃائي پاپي ويٺو اڳين توڙي پوين جي؛

    هن ڪوڙين ڪوڏين تي ڙي ڀائو! اَڀرن جا آرام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن کاڻي جي کل لاهيون اڄ جنهن کاهوڙين جا کيٽ وڪيا؛
    هن موتين جھڙن ماڻهن جا ير! چاندي هاڻا چيٽ وڪيا؛
    هن پنهوارن جا پائي پائي پڊ پکا ۽ پيٽ وڪيا؛
    هن لچي لوري لوڀي پنهنجا لاکيڻا هي ليٽ وڪيا؛

    هن سون سريکا سانگي پنهنجا سستي سستي دام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن ”شودي“ ڏاڍا شرط هڻي، هت شهزادين جا شان وڪيا؛
    هن مورن جھڙين ماروئڙين جا مانيءَ تي هت مان وڪيا؛
    هن آس وندين تن ادين جي سڀ اميدون ارمان وڪيا؛
    هن سنڌ وطن جا سورهيه سانگي، اعلى ڪئين انسان وڪيا؛

    هن اَبن ڏاڏن وارا سڀيئي نيشانيون نيکام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن دشمن ٻَنين ٻارن سان گڏ ٻاٻاڻن جا ٻار وڪيا؛
    هن ويري ونهين ويڙهيچن جا ويڙها ۽ ويچار وڪيا؛
    هن جوفي سان اڄ جنگ ڪريون جنهن جيڏين جا جنسار وڪيا!
    هن منڪر کي اڄ مات ڪريون جنهن سنڌڙي جا سنيگار وڪيا!

    هن آيل ماءُ جا اڱڙا ڀائو اُتر اوڀر عام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن ساڻيهه پنهنجي جا او ساٿي سوزائتا ساز وڪيا؛
    هن مٺڙن مٺڙن ٻُلن وارا، اَلاپون آواز وڪيا؛
    هن نانگي نيڪ نياڻين جا هت نيزي چاڙهي ناز وڪيا؛
    هن روح رهاڻين ريجھن وارا روحاني رنگ راز وڪيا؛

    هن قرب ڪچهريون ساريون وڪيون اقرار و انجام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هن ريتون رسمون ساريون وڪيون، روپ وڪيا ۽ رنگ وڪيا؛
    هن قوم سڄيءَ جا ڪرسي خاطر، نالا نيڪيون ننگ وڪيا؛
    هن قوم سڄيءَ کي قيدي سمجھي، درياھ دڙيون دنگ وڪيا؛
    هن ٻاجھر جوئر سارين جا ير! سونا سهڻا سنگ وڪيا؛

    هن غيباڻن هت گھوڙن وانگر گھوڙا ڙي! گگدام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام ڪيا!

    هي ٻوليءَ جنهن منجھ جيجل ڏنڙي، لاڏ منجهاران لولي يار؛
    اُن تي ڀي هُن ”ويري“ سهسين وَر وَر ڏيئي ڪيڙا وار؛
    ۽ هن سورن اندر ساڙيا پنهنجا اَڀرا ابهم ٻار؛
    هئِه، هن ناحق کان پيا پيا سنڌي نيڻن مان نت نائن نار؛

    نيڻ به وهندا ڇو نه ڀلا جو ناماچاريون نام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    هي ”شاهه“ ڀلي جي بيتن تي ٿيا باهين جي ڀڙڪاٽ ميان؛
    هي ”سچل“ ”لعل قلندر“ جي ٻڌ ڪافين جا ڪيهاٽ ميان؛
    هي ”سانوڻ“ جي بيتن تي سڻ سونٽن جا سوساٽ ميان؛
    هي پنهنجي ”لوڪ سدب“ تي هيڏا گولين جي گھوگھاٽ ميان؛

    هُن پنهنجي ڳِيئن ڳيچن جا نيلام ڪيا ۽ جام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام ڪيا!

    اي! ساٿيئڙا ”سرويچ“ اُٿو هُن ”سوداگر“ جي سار ڪريون؛
    اي! مانجھيئڙا مهمير اُٿو هُن ”موذي“ کي مسمار ڪريون؛
    اي! جھانگيئڙا جرنيل اُٿو هُن ”لوڀيءَ“ کي للڪار ڪريون؛
    اي سنڌيئڙا سرواڻ اُٿو ”ٺوڳيءَ“ مان هٿ ٺار ڪريون؛

    هُن ”منڪر“ کي اڄ مات ڪريون جنهن سنڌين جا سِر عام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ گھٽيون گھر گام وڪيا!

    ReplyDelete
  2. ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛

    حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
    جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
    پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
    ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
    وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
    سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

    ReplyDelete
  3. تعليم جي حالتن جا مجرمانه ذميدار حاڪم آهن ڇو ته جنهن ملڪ ۾ عدل انصاف مساوات وارو نظام سسٽم نه هوندو، ان ملڪ ۾ اهڙي قسم جو ظلم ختم ٿيڻ جي ماڳ اڃا وڌيڪ ڌٻڻ جو صورت وٺندو، محترم ليڪ انهن قابل غير سفارشي مومن استادن جي ڏکڙن درد اهنجن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي ؟ جيڪي پنهنجي گهر ۾ ٻچڙن سميت بک اڃ ذلت ۾ هجڻ باوجود پنهنجي فرض ادائي ڪندا رهن ۽ ٻئي پاسي حاڪمن پاران من پسند سندن دلال چمچا رڳو پگهارون کڻي عياشانه شاهانه زندگي گهارڻ سان گڏ انتهائي مجرماڻه رستي هلندي سڄي ملڪ جو ڍينگهو ڍيري ڪيو ويٺا آهن ۽ حڪام بالا کي منٿلي رسالي روح ريجهائي مستيون پيا ڪن ؟

    ReplyDelete