لطيف رح لڄپال ۽ اسان جون لاپرواهيون“
ليکڪ : فقير نظير لغاري
سُونهاري سنڌ جي سُورهيه سپوت ۽ ”لدني علم“ جي روشن مُناري صوفي اولياءالله ۽ آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي فقيري رندي رمز سندس وڏڙن کان مليل هُئي. وقت جا وڏا وڏا مذهبي اسڪالر ۽ شريعت جا صاحب پڻ ڀٽائي سائينءَ کي جتي انساني اصلاح ۽ فلاح لاءِ آخري آسماني ڪتاب قرآن مجيد جو عرق نوش ڪيل هو، اُتي شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جو فڪر، پيغام ۽ ڪلام ورثي ۾ مليل هو، جڏهن ته لطيف گهوٽ وٽ مولانا روميءَ جي مثنوي به مطالعاتي خيال سان گڏ هُئي. ڀٽائي سائين هڪ اعليٰ معيار جي منظوم مصور هُئڻ سان گڏ انساني حقن، آزادين ۽ احترام جي پڻ کُليل ڳالهه ڪئي آهي. فرقيپرست مذهبي تنگ نظري، ”مان“ ۽ ”آڪڙ“ کي رد ڪيو اٿس. روزي ۽ نماز کي چڱو عمل قرار ڏيندي اهو ڪو ٻيو ”فهم“ ڏَسيو اٿس جيڪو پرينءَ کي پسائي. ان اعليٰ فهمي ادراڪ جي منزل ۽ مرتبت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ غالبن ٽن صدين کان عالم، فاضل، علمي اڪابر پنهنجي پنهنجي علمي گنجائش ۽ ماپي آهر پنهنجي اهليت جو مظاهرو ۽ تشريح ڪندا آيا آهن. تاريخي حوالا ۽ سينه بَسينه عِلمي تسلسل مان به چڱيءَ طرح پروُڙ پوي ٿي ته شاهه لطيف دين اسلامَ ۾ انسان کي ڏنل آزادين جو کليل ۽ بي ڊپي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي، پر ”ڪُجهه“ مذهبي اڪابرن ۽ اسڪالرن (تڏهوڪن توڙي اڄوڪن) آفاقي صُوفي درويش ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سمجهڻ، روح جي نظر سان ڏسڻ بدران شاعريءَ جي ڪن حصن کي ڪُفر جي دائري ۾ هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا حقيقت بدران چِٽي تنگ نظري ۽ هڪ آفاقي صُوفيءَ جي ڪلام ۽ سندس ”لدني علم“ کي نه سمجهڻ جي شاهدي آهي. جيڪو عالم فاضل شاهه لطيف کي ڪُفر جي دائري ۾ بيهاري اهو پاڻ ڇا هوندو؟ دين ۾ جيڪي قاعدا ۽ ضابطا طئه ڪيل آهن، انهن موجب رهڻي ڪهڻي ئي اصل صراط مستقيم يا سڌي راهه آهي، جنهن سان پرينءَ کي پسي سگهجي ٿو. شاهه لطيف کي هڪ صُوفي خيال سمجهي سگهي ٿو ٻيو ساڻس سچو عشق ڪرڻ وارو، باقي اکرن جي آڙ وٺندڙ ۽ هڪ دم ۾ شاهه جا پنج ڏهه بيت پڙهڻ وارو تڪڙ ۾ لطيف سائينءَ جي فڪر کي پروڙي نه سگهندو. پاڻ فرمائي ٿو ته:
”اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا“
تارڪ فقير ۽ آفاقي صُوفي سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور جو مذهبي جيد عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، لطيف سائين کي چوندو هو ته، ”روزو نماز ڪرين ڪونه تون ڪافر آهين.“ لطيف سائينءَ جو رڳو ايترو چوڻ هوندو هو ته، ”مخدوم عالم سڳورا، سڀ ڪو پنهنجي ڀري پاڻ کڻندو“. لُدني علم جي لهر مان ڀٽائي سائين هِينئن به فرمايو ته:
روزو نماز اِيءُ پڻ چڱو ڪم
اُو ڪو ٻيو فهم جو پَسائي پرينءَ کي“
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي مذهبي عالم ۽ صاحب شريعت هُئا جڏهن ته ڀٽائي سائين هڪ تارڪ فقير ۽ صاحب عشق هُئا. مخدوم ٺٽوي جو چوڻ هوندو هو ته، ”شاهه صاحب! توهان عورتن جا قصا به کڻي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيا آهن؟“ لطيف لڄار مُرڪي چون ته، ”عالم سڳورا، قرآن مجيد وارو ”يوسف زليخان“ قصو ڪِيئن ٿا ڀانيو؟“ مخدوم ٺٽوي ”طنبوُر“ جي تار وڄائڻ کي به غير شرعي چيو هو پر هڪ دفعي بند ٿيل هُجري ۾ ”طنبورو“ پاڻ مُرادو وڄڻ لڳو ته هو صاحب عبرت ۾ پئجي ويو…. ۽ نيٺ پنهنجي ماڳ موٽيو. تاريخ شاهد آهي ته قانون فطرت سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ طرز زندگي جتي وقتي فائدو ۽ انفرادي اوج ڏيکاري ٿي اُتي دائمي جٽاءُ ڪرڻ کان قاصر آهي. تنگ نظر مُلان، موذي مفتي ۽ قانون قدرت کان اڻ واقف قاضين جي ذاتي ۽ هٿ ٺوڪي ٺاهيل شريعتن کي صوفي اوليائن تسليم ئي نه ڪيو آهي. شريعت محمدي اُها جيڪا رب پاڪ مِلائي، عشق رسول کي اجاگر ڪري ۽ ان ۾ آخري دم تائين محو ۽ مست رکي.
چوڏهينءَ صديءَ جي آفاقي اولياء الله ۽ صوفي شاعر فقير سيد مهدي سائينءَ جهانيا جي عاشق ۽ طالب صُوفي فقير ”جانڻ چن سائينءَ فرمايو آهي ته شريعت تي ڪوئي ڪوئي آيو آهي، شريعت ۽ شر ۾ فرق آهي.
”الف آهي اسم اعظم اهو آهي پڙهيو ڪو ڪو،
بُرو آ جُرم ”ب“ وارو انهيءَ کان آ بچو ڪو ڪو،
شريعت جو شرع سان ڇا، شرع کي بشر ڪيو پيدا،
شريعت عشق مان آئي، شريعت تي آيو ڪو ڪو-
دين ۾ ڪابه زورآوري يا زبردستي جائز نه آهي بلڪل ائين جيئن فطرت موجب ”عورت ۽ مرد“ کي زوري نٿو پرڻائي سگهجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”زور جي ميندي جٽاءُ نه ڪندي آهي“ تِيئن ڏاڍ ۽ جبر جي آڌار تي شريعت مڙهڻ ڪنهن به ريت مناسب ڪانهي. عشق، جنگ ۽ بيماري ڪنهن به رنڊڪ جي محتاج نه هوندي آهي. سنڌ جي هر امن پسند آفاقي صُوفي شاعر عشق ۽ محبت کي گهڻو اُجاگر ڪيو آهي ڇو جو مُحبت رحمت آهي ۽ ڪُلفت زحمت آهي. ڪُلفت ۽ ڏاڍ واري ماڳ تي انسان جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيڻ اڻٽر آهي. قتل عام جا ڪارڻ جهالت هجي ٿي، امن ۽ محبت جي عدم موجودگي هجي ٿي. اسان جيڪڏهن لطيف سائين سميت سمورن صُوفي درويشن جي ڪلام ۾ سُر سهڻي پڙهون ٿا ته دنگ حيراني ٿئي ٿي. لطيف سائينءَ کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون ۽ سُهڻي ميهار جهڙن عشقيه داستانن کي اجاگر ڪرڻ تي ئي ته چيو هو ته، ”تون ڪافر آهين“. سُر سهڻي ميهار کي لطيف سائينءَ جي نظر سان ڏسي پرجهي پرکي ۽ پروڙيون ته سچ پچ اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو ”ڪارو ڪاري“ جو ڪُڌو قتل عام ٿئي ٿو، سو هوند هميشه لاءِ بند ٿي وڃي ۽ بي تربيت، بي جوڙ ۽ جبرڏاڍ سان ٿيندڙ شاديون نياڻين جون حياتيون تباهه ڪرڻ کان بچي وڃن. انسان جي حياتي يا جيون جو مالڪ هڪ رب پاڪ آهي ۽ ٻيو جنهن کي اها حياتي عطا ڪئي اٿس. شاديءَ جو مطلب خوشي آهي، راضپو آهي، سرهائي آهي، سُک آهي پر ڇا اسان جي سماج ۾ جيڪي شاديون ٿين ٿيون اُهي نياڻين جي مرضيءَ سان ٿين ٿيون؟ شريعت موجب زوري نڪاح نٿو پڙهائي سگهجي، زوري ڪنهن نياڻيءَ کي ڪوبه مرد وني نٿو بڻائي سگهي. ڀلي گهوٽ ڪنوار سينگارجي سيج تي ويهاريا وڃن پر هو هڪٻئي سان ٻنڌڻن ۾ تيستائين نٿا ٻڌجي سگهن جيستائين سندن مرضيءَ موجب کانئن پڇيو نه وڃي سندن قبوليت جو اقرار (راضپو) نه ورتو وڃي. گهوٽ توڙي ڪنوار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، ڪنهن داٻي دڙڪي جي شاهدن سامهون هڪٻئي کي قبولڻ جو زبان سان، هوش حواس سان جيستائين اقرار نٿا ڪن تيستائين نڪاح نٿو پڙهائي سگهجي. ۽ جيڪڏهن نڪاح زوري پڙهايل آهي ته اهو شريعت ناجائز ۽ جبري آهي. سُر عمر مارئي ۾ مارئيءَ کي ڀٽائي سائينءَ ان ڪري سُورمي قرار ڏنو آهي جو هوءَ عمر بادشاهه جي زور آوري هيٺ سندس وني ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿي هُئي. عمر جي من جو مِرون مائي مارئيءَ جي مضبوط عزم ۽ ستر کي تار تار نه ڪري سگهيو، مارجي وڃڻ، چيرجي وڃڻ ۽ کڏ کوٽي پُورجي وڃڻ کي ملير جي مارئي پسند ٿي ڪيو پر زوري ۽ مرضي بنا عمر جي وني ٿيڻ لاءِ راضي نه ٿي، ڀٽائي ڇا ته موقعي جي منظوم مصوري ڪئي آهي، مارئي چوي ٿي ته اي عمر! جيڪر تون منهنجو ماس کل چم وڍي چيري ان ۾ لوڻ ٻُرڪين ته به مون کان اهڙو ڪوجهو ڪم نه ٿيندو جيڪو تون گهُرين ٿو، ڇو جو منهنجي روح ۾ پرت جو پنجوڙ پنهوارن سان پيل آهي تون منهنجو ڀاءُ لڳين. لطيف سائينءَ فرمائي ٿو ته:
”جِيئن لوڻ لڱين لائِيين، چيري چيري چم،
مون ڪُر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پِرت پنهوارسين.
موجوده دور ميڊيا، سائنس ۽ علم عقل جو دور سڏجي ٿو پر انساني بنيادي حقن جي لتاڙ جيئن پوءِ تيئن وڌي رهي آهي، علم، عقل، اڪابريت ۽ سائينسي سجاڳي آخر ڪهڙي ڪم جي؟ ڪيڏو نه انڌ آهي، ڌنڌ آهي، ويڌن آهي سنڌ جي سدا ملوڪ نياڻيءَ سان، سنڌ جي غيرتمند نياڻيءَ کي جهالت جهڙي غيرت جي غضبناڪ رسم ”ڪاري“ ڪري قتل ڪرڻ جو بي شرمو ۽ بي حيا عمل ڪري اسان سڄي جهان ۾ سنڌ ڌرتي جي عظيم تهذيبي تاريخي کي داغ لائي رهيا آهيون. ايتريون ساريون سماجي تنظيمون (اين جي اوز) عورتن جي حقن واريون وزارتون ۽ شريعت جا صاحب آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟ سنڌ جي ڳوٺن توڙي ننڍن شهرن ۾ وچولي ۽ هيٺين طبقي جون نياڻيون ۽ نينگرا پرائمري اسڪولن ۾ گڏجي پڙهن ٿا، ڪجهه سمجهه ڀريا ٿين ٿا ته مڊل، هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهڻ لاءِ ساڳئي رستي، سواري سوزوڪي، ڊاٽسن يا بس توڙي پوائنٽ بسن ۾ اوٽ موٽ سفر ڪن ٿا، ظاهر آهي جواني ديواني ٿئي ٿي، جوڀن ۽ حُسن جون طوفاني لهرون ڪيئن نه نيڻ کڻي ڏسن؟ اُتي يا ان مهل والدين، ڀائرن، چاچن، مامن ۽ مائٽن جي غيرت ڪٿي گم هجي ٿي؟ پرائمري کان هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين اولاد کي اسان پاڻ موقعا فراهم ڪيون ٿا جهان کي ڏسڻ وائسڻ جاءِ جڏهن هو پنهنجي زندگي جنهن جا مالڪ به اُهي پاڻ آهن، بابت فيصلو ٻڌائين ٿا ته اسان کي خانداني ننڍ وڏائي، اوچ نيچ ياد اچيو وڃي ٿي؟ ۽ پوءِ پاليل ڪڪڙ کي ڍَڪَ يا کاري هيٺان ڏِبو آهي تيئن زوري انهن کي بند ڪري بندوق يا ڪهاڙيءَ جي زور تي بنهه ننڍڙي ڄمار واري گهوٽ يا لٺ تي هلندڙ پيرسن جي اڇي ڏاڙهي کي ڪارو خضاب ڪري ان سان زوري نڪاح پڙهايو ڇڏيون! ڇا اهو سڀ ڪجهه جائز آهي؟ ان جبر جو جُرمدار ڪير ۽ ذميوار ڪير آهي؟ ڪوڙي اَنا ۽ آڪڙ جي آبياري ڪندڙ والدين؟ چاچا، ماما، ڀائر يا کارڪن جي ٻُڪ تي نڪاح پڙهائڻ وارو شريعت کان اڻواقف اڻ پڙهيل مُلو؟ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا؟ آخر ڪير آهي اِن سموري قتل عام جو ذميوار جيڪو ڪاروڪاريءَ جي رسم هيٺ ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڳوٺن جا ڳوٺ، ويڙها، پاڙا ۽ راڄ مورچابند ٿي پون ٿا جيڪو سراسر سنڌ جو نقصان آهي. هر ضلعي، تعلقي يا جُوءِ تر ۾ سڄي سنڌ اندر انهن بنيادن تي ٿيندڙ تڪرار، خونريزيون يا جاني دشمنيون سنڌ کي ليڙون ليڙون، ٽڪرا ٽڪرا، لڏپلاڻون ڪري ٻنيون ٻارا، ملڪيتون وڪڻڻ، دربدر ٿيڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن. وقت سان گڏ تبديلي اڻٽر آهي، رسمون رواج، طور طريقا بدلجي رهيا آهن، نوان رجحان جنم وٺي رهيا آهن ۽ انهن تبديلين کي ڪير به روڪي نه سگهندو پر فطرت جو قاعدو قانون ڪير به بدلائي نٿو سگهي. سج کي اولهه کان اڀاري اوڀر کان لاهي نٿو سگهجي تيئن ڪي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي هميشه اٽل رهڻيون آهن جيستائين دُنيا جو وجود باقي آهي. شادي يا نڪاح ۾ نياڻي يا پُٽ (گهوٽ يا ڪنوار) کان راضپو معلوم ڪرڻ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته نياڻي کي پُٽ ”ڇُڙ واڳ“ ٿي سمورا اخلاقي قاعدا ضابطا لتاڙي ماءُ پيءُ کي مُنهن ۾ ڌوڙ وجهي، بي معنو يا بيعزتو ڪري نڪاح يا شاديءَ کان اڳ ۾ انگريزن وانگر (جانور جيان) آزادي سان سڀ مزا وٺندا وتن؟ چئي، ”هڪٻئي کي آزمايون پيا ته خيال پاڻ ۾ ملن ٿا يا نه؟“- هاءِ اسڪولن، ڪاليجن (گرلس) جي مُک دروازن ۽ نياڻين جي اچ وڃ وارن رستن تي بيٺل ڇوڪرا ڪهڙي تهذيب ۽ تاڙ تحت نياڻين ننگن کي ڇيڙين پريشان ڪن ٿا؟ اسان جي يونيورسٽين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب ڇا اهو خواب ڏٺو هو ته ڪلاس ڪمرن آڏو، ڪاريڊوز ۾، باغيچن يا لائبريرين ۾ علم، حلم، قلم ۽ فهم توڙي جديد سائنسي تبديلين جي چئلينج سان مقابلو ڪرڻ جي اُميد تي پڙهندڙ نئون نسل ”فحش فلمن“ جا منظر بڻجي مادر علمي ادارن جي اعليٰ مقصد جي لتاڙ ڪن؟ منهنجو مطلب هاءِ اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سمورن نياڻين ۽ پُٽن کي هڪجهڙو چوڻ نه آهي، پر جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته:
ماڻهو مڙيئي نه ”ماڻهو“، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي-
بهار جي بوءِ ان انسان مان ايندي جيڪو اخلاقي بُلندين تي رهڻ جي جرئت رکندو هجي. سُٺا ڪپڙا پائي پاڻ سينگاري تعليمي ادارن کي مجازي محبت جي فلمن جي شوٽنگ جا اسٽوڊيوز سمجهي پنهنجي مستقبل کي جهالت ڏانهن ڌڪڻ وارن کي هنج پکي يا ڪونج چئبو ڇا؟ اهي ته ٻگهه ۽ ڪنگن، ڳِجُهن جهڙيون يا جهڙا هجن ٿا جيڪي ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ ڍونڍ جهڙي سينگار تي ڌيان ڌَرِين ٿا- سمجهڻ وارو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو ته منهنجي چوڻ ۽ لکڻ جو بنيادي مقصد ڇا آهي. شاهه لطيف ڇا ته انساني تهذيب کي رنگ لاتو آهي، بڇڙو ۽ چراخي ڪردار ادا ڪندڙن، ڪنگ پکي جهڙن بي افعالن ماڻهن کي خوبصورت تشبيهي تنقيد ذريعي سُڌرڻ ۽ سڄي سماج کي سونهارو بڻائڻ جي واٽ ڏيکاري آهي. تعليمي ادارن توڙي ٻين سمورن انهن ادارن ۾ جتي عورتون ۽ مرد گڏجي پڙهن يا ڊيوٽيون ڪن ٿا، اُتي اخلاقيات کي بلند رکڻ جو مطلب نون ايندڙ نسلن نوجوانن لاءِ رستا ٺاهڻا آهن، معيار قائم ڪرڻا آهن جيئن ساڳئي تلاءُ ۾ ”ٻگهه ۽ هنج“ پکين جو هجڻ ۽ سندن ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ ڀٽائيءَ جي اعليٰ تشخيصي فهم ۽ ادراڪ جو اظهار آهي، تيئن جيڪڏهن اسان پنهنجون عادتون ۽ا ُٿڻيون ويهڻيون رهڻيون ۽ ڪهڻيون ٺاهيون ته سچ پچ اسين ڀٽائي کي تسليم ڪيون ٿا، دل سان کيس لبيڪ چئون ٿا پر جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين ته اسان جا تعليمي ادارا ۽ سُڌرڻ جا سمورا ذريعا ائين ٿي ويندا جيئن، ”صاف ۽ اجرو پاڻي ڪالور جي ڪِنو ميرو يا گندو ٿي ميراڻ مائل ٿي وڃي جڏهن منجهه ڪنگ يا ٻگهه منجهس اچي ڍونڍ ۽ گنديون مڇيون چنجوڙين“!!
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.
قومن جون ڪجهه اوڻايون يا خرابيون اهڙون هجن ٿيون جن تي مصلحت ڪرڻ خودڪشي يا آپگهات ڪرڻ برابر آهي. اسان جي اعليٰ تهذيبي ۽ ثقافتي معيار کي گندو ڪرڻ، ڪالورڻ، جهالت ڏانهن ڌڪڻ ۽ سڀ ڪجهه برباد ڪرڻ وارن تي به ڪرڙي نظر رکڻ لازمي آهي، ڀلي پوءِ اهو ڪير به (سنڌي به) ڇو نه هجي!! پنهنجي (قوم جي) مستقبل کي اڇاڻ ترقي ۽ انسانيت جي فلاح لاءِ چڱن گهَڻگهُرن کي پاڻ ۾ گڏجڻو پوندو، مايوسيءَ بدران جاڳرتا لاءِ اُٿڻو پوندو، هڪ ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن ڌرتي ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ مون کي منهنجي مالي، ڌني يا ذاتي (وڏيرائي يا جاگيرداراڻي) حيثيت کي گهٽائڻو پوي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ ڌرتي ته سنوارجي ويندي ايندڙ نسلن جا دڳ ۽ پيچرا ته سدائين لاءِ صاف ۽ بي خطر ٿي پوندا. ڀٽائي سائينءَ فرمايو آهي ته، ”آءٌ ۽ اسين، مان ۽ مون، تون ڪير مان ڪير تون ڇا مان ڇا؟“ وارو بکيڙو بڇڙو آهي. مهانگيون ۽ خوبصورت وڏيون گاڏيون کڻي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ تعليم جهڙي دولت حاصل ڪندڙ نياڻين جي رستا روڪ ڪرڻ سنڌ جي ڪنهن به حلالي مرد نوجوان جو ڪم نه آهي. انهن معمولي ۽ ذري جهڙين شين کان مٿانهون ٿيڻو آهي. انهن عظيم انسانن جو ساٿ ڏيڻو آهي جيڪي ڪوڙي طلسم کي سڃاڻن ٿا ۽ صدين تي قدم رکن ٿا. سچا انسان (صوفي طالب فقير) بي مثال سچا اورچ (سماج کي سڌارڻ جا سچا انسان) ماڻهو جن جا سنڌ الاجي ۾ ڪارنر جُڙي رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن جي اڻٿڪ حياتين جو مطالعو ته هر ڪنهن سنڌي (پڙهيل لکيل) نوجوان جو فرض آهي ته جيئن پاڻ کي انهن وانگر ٺاهڻ واري دڳ تي هلائڻ جهڙو ٺاهي سگهجي. لطيف سائين فرمايو آهي ته،
ويٺو جيئن وِما سئين، حيرت پئو مَ هَڏ،
لاتيون جي لبَاس جون، سي سڀ ڇپائي ڇَڏ،
”آءٌ“ ”اسين“ ڪن جي، پاسي تن مَ اَڏ،
تن طالبن گڏ، تان ويجهو ٿِئين وصال کي-
هٿ پير هڏ پساري ويهڻ، مايوس ٿيڻ نه گهرجي، لباسي ڳالهيون (ٻٽاڪ ڊاڙون ڦوُڪون) اجايون آهن، سي سڀوئي دفن ڪرڻيون آهن، ”تون ڇا“ ”مان ڇا“، وارن جهيڙو ڪارن سان سنگت ساٿ وري ڪهڙو؟ انهن کان پاسو ڪبو. اعليٰ مقصد جي گهرجائو انسانن سان گڏجي هلڻ سان الله به ملي ويندو آهي. اهڙن انسانن ۽ اعليٰ مقصد جي طالبن کي جسماني طور ته فنا ڪري سگهجي ٿو پر اهي جنهن عظيم اڻمٽ منزل جا ڳولائو آهن ان کي ڪير ڪجهه نه ڪري سگهندو، ڀٽائيءَ سائينءَ چواڻي ته،
”ڪوهه ڪندا کي تن، پاڙهيري پهه ڪري“
هتي آئون نهايت ادب وچان سچ جو مچ مچائي عرض گذار آهيان ته ميڊيا (اخبارون/ٽي وي چئنلز) جي مالڪن ۽ انهن سان سلهاڙيل هم سفرن کي نهايت ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو آهي، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان پري ٿيڻو پوندو، مصلحتون ڦِٽيون ڪرڻيون پونديون ۽ ڪوڙن ٻگهن جهڙن (ميڊيا پرسن) کان پاسيرو ٿيڻو پوندو جيڪي بنيادي حقيقتون پروڙڻ کان محروم ته آهن پر ماهر (قانوني طور) اهل نه آهن. اهڙا ڊراما پيش ڪرڻا آهن جن جا اسڪرپٽ لطيف سائينءَ جي فلسفي ۽ اخلاقيات جي عين مطابق هجڻ گهرجن. دين ۾ ڏنل بي مثال آزادين پٽاندڙ هجڻ گهرجي. لطيف سائينءَ ”مارئي“ جهڙي پارسا ڪردار کي هيروئين بڻائي ٿو ڇو؟ ان ڪري جو هُوءَ پنهنجي وطن ماروئڙن وطن واسي ۽ پنهنجي ور (مڙس) کيت سان سر جي بازي تي بيهي عمر جا عطر عنبير، هيرا جواهر، پٽپٽيهر، ريشم، محلات ماڙيون ٺڪرائي، رد ڪري، غيرت ۽ سچ جو امر ڪردار بڻيل آهي. سنڌي عورت جي ذهني تربيت مارئيءَ جي ڪردار تي ڪرڻي آهي. مومل، نوري، سُهڻي ۽ سورٺ تي سنڌي عورت جي ذهني اوسر ڪرڻي آهي. ٻاگهل ۽ مائي بختاور تي سنڌي عورت تي ذهني اڏاوت ڪرڻي آهي. ان جي پسمنظر ۾ اسڪرپٽ ڇو نٿا لکيا وڃن؟ رڳو سازشون، گهر ڦٽائڻ، پرڻيل عورتن کي طلاقون وٺڻ جي تربيت ڏيڻ، بي فرماني ۾ گهران نڪري ڀڄي وڃڻ کي همت ۽ جرئت قرار ڏيڻ ميڊيا جو سنڌ جي اعليٰ تهذيب جي نفي ۽ تباهي آهي. ها! زور زبردستي سان شاديون ڪرائڻ وارن ڪجهه ڪردارن کي وائکو ڪرڻو آهي ته لطيف جي سُهڻيءَ جو ڪردار هڪ مثال بڻائڻو آهي، ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته سموري سنڌ جي نياڻين کي گهران نڪرڻ جي ترغيب ڏجي!، افسوس اهو آهي ته سنڌي ڊرامن جي اسڪرپٽ لکڻ وارن ۾ سنڌي سماج جو رُخ موڙيندڙ ناميارن اديبن جو قلم شامل نه آهي، جيڪو ديني اصولن ۽ جديد تبديلين کي جوڙي هڪ بالغ نظر ۽ سونهون گس ڪڍي ڏئي. اهڙا ماڻهو ويٺا آهن پر چئنلز جا مالڪ سموري ڪمائي پنهنجي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ خرچڻ گهرن ٿا، انهن کي سنڌ جي ثقافتي ۽ اخلاقي تباهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ ڇو ته اهي اهڙن عظيم ليکڪن کي گاڏيون موڪلي اڳواٽ معاوضا ڏيئي عزت سان کانئن بي مثال اسڪرپٽ حاصل ڪن!؟؟ اولاد ۽ والدين وچ ۾ صلاح مصلحت، افهام ۽ تفهيم کي مضبوط ڪرڻ سان سنڌ جو مستقبل مضبوط ٿيندو. مختلف ذاتين ۽ برادرين جي نياڻين ۽ نينگرن جي شادين کي عيب ۽ ڪاراڻ سمجهڻ بدران ان جي همت افزائي ڪرڻي پوندي ته جيئن سنڌي نياڻيون پنهنجي ديس واسي نوجوانن ۽ مردن سان ٻنڌڻ ٻڌن، جنهن سان ڪاروڪاري رسم ختم ٿي ويندي، مختلف برادريون سنڌ کي خونريزي ڪلچر ۾ بدلائڻ کان بچي وينديون، سنڌي قوم برباديءَ بدران ويتر مضبوط ۽ شيهي جي ديوار بڻجي ويندي، پلاند ڪرڻ لاءِ گهرن ۾ گهڙي پريمي جوڙي جي والدين، ڀائر ۽ ڀينرن کي اغوا ڪرڻ کان بچائي سگهبو. افسوس اهو آهي ته اڄ جي سنڌي اديبن جي اڪثريت سرڪاري درٻاريت جي ”غلامي“ ۾ رُڌل آهي ”نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا“ انهن کي آءٌ اديب نه مڃيندو آهيان. سنڌ جا سر موڙ اديب، ڊراما ليکڪ گوشا نشين آهن، انهن کان رهنمائي ڇو نٿي ورتي وڃي؟ ڪنهن به ميڊيا مين ٽي وي چئنلز جي مالڪ يا ڊراما ڊائريڪٽر، پروڊيوسر جي اها ذميواري آهي ته اهي سنڌ جي بالغ نظر اهل دل قلم ڌڻين جون خدمتون حاصل ڪري سنڌي سماج جي تباهيءَ کي روڪين. ٽي وي چئنلز جي ذميوارين جا اصول طئه ڪرڻ گهرجن، ڇڙواڳي هرطرح سان بربادي آهي. حق موجود
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=6549
بسم الله الرحمن الرحيم.
1 _سر ڪلياڻ.
فصل پهريون.
االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،
والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ
سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ
ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي
ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون
(1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين
خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين.
ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين.
اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين
ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي
(2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار
حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار
سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار
چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين
(3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ
فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ
توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ
نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ
سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ
تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي.
شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو.
مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11
سنڌي لينگوئيج اٿارٽي،
حيدرآباد_سنڌ
سن 2007
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مقام شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي بياني
5_شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح
مِيَين محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري بزرگ روايت ڪئي آه ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن علمي اختلاف ۽ مسئلي واسطي ٺٽي جي مشهور عالم ۽ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي يار مخدوم محمد معين ٺٽوي رح وٽ آيو، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح اڳ ۾ اتي ويٺو هو. جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح اتي پهتو ته، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح پنهنجي دوست مخدوم محمد معين ٺٽوي رح کي چيو ته ؛ ''خبردار جو هن ( مخدوم محمد معين ٺٽوي رح ) شخص سان بحث ڪيو اٿئي! مان ( شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح ) سندس چهري تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي رحمت جو سايو (پاڇو) ڏسي رهيو آهيان.'' اهو ٻڌي ٻڌي مخدوم محمد معين ٺٽوي رح، هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي ٻانهون ٻڌي چيائين ته ، ''سائين مونکي اوهان سان ڪوبه بحث ڪونهي ڪرڻو.''حواله: ڪتاب جو نالو '' مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح '' مصنف جو نالو عبد الرسول قادري صاحب باب ڇهون، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ.
سال 1998، 2006.
لکندڙ شفيق احمد جوکيو
لطيف رح لڄپال ۽ اسان جون لاپرواهيون“ ليکڪ : فقير نظير لغاري
ReplyDeleteby Jokhio Shafique Ahmed on Friday, December 17, 2010 at 12:06am