دل جي ڳالهه
سپلا ۽ سرڪار جو اسٽريٽ ٿيٽر
زيب سنڌي
اهي سڀ عورتون ۽ مرد هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. پوليس انهن ماڻهن تي لٺيون وسائي رهي هئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلائي رهي هئي، جنهن ڪري ڌرتيءَ تان دونهي جا بادل اٿي رهيا هئا ۽ ڪٿي وري انهن ماڻهن کي واٽر ڪينن وسيلي پريشر سان پاڻي پئي هنيو ويو. اهو رستو ڄڻ جنگ جو ميدان بڻيل هو، پر اهو جنگ جو ميدان نه هو. اهو ڪراچيءَ جي تاريخي درسگاهه ڊي جي ڪاليج جي سامهون وارو رستو هو ۽ پوليس لوفرن، ڏوهارين يا دهشت گردن تي نه، پر سنڌ جي مرد ۽ عورت پروفيسرن تي اهو تشدد ڪري رهي هئي! انهيءَ تشدد ۾ پروفيسرن جا ڪپڙا ڦاٽي رهيا هئا، هولٺين سبب زخمي ٿي رهيا هئا ۽ پريشر واري پاڻيءَ جا ڌڪ لڳڻ سبب روڊ تي ڪري رهيا هئا.
15 مارچ تي مون اهو منظر ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو هو. منهنجي اندر جي ڊراما رائيٽر کي اهو سڄو منظر ڪنهن اسٽريٽ ٿيٽر جهڙو لڳو هو، پر بدقمستيءَ سان اهو زندگيءَ جو حقيقي منظر هو. انهيءَ تشدد کان پوءِ اهي عورت ۽ مرد پروفيسر ٻن ڏينهن تائين ڊي جي ڪاليج جي سامهون روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا هئا. انهن پروفيسرن جي جسمن سان گڏ سندن دلين تي به انهن زخمن جا نشان اڄ تائين تازا آهن.
15 مارچ واري انهيءَ ڏينهن تي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جا ڪاليجي استاد، ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج ۾ گڏ ٿيا هئا ۽ انهن سرڪار طرفان مڃيل مطالبن جي نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ڪري، ڊي جي ڪاليج کان پيپلز سيڪريٽريٽ تائين پر امن مارچ ڪرڻ ٿي گهريو، پر پوليس پروفيسرن جي پر امن احتجاج کي پرتشدد بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ سپلا جي مرڪزي صدر اطهر مرزا سميت ڏهن کان وڌيڪ پروفيسر نه فقط زخمي ٿيا ۽ ٻن پروفيسرن کي دل جو دورو پيو، پر سپلا اڳواڻن مطابق سڄي سنڌ مان 50 کان وڌيڪ ڪاليجي استادن کي گرفتار به ڪيو ويو. هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ پروفيسرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ته ٻي طرف ڄامشوري ۾، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ کان ڪراچيءَ ويندڙ ٻين پروفيسرن جي رستا روڪ ڪري، سپرهائي وي تي ٽريفڪ ۾ خلل وڌو ويو ۽ سپر هاءِ وي کان موٽي ويل سنڌ جي ڪيترن شهرن کان آيل ڪاليجي استادن حيدرآباد ۾ وڃي مظاهرو ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هلندڙ اها تحريڪ پهرين مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيل مظاهري کان شروع ٿي هئي. پهرين مارچ واري مظاهري کان پوءِ، ساڳئي ڏينهن تي پيپلز پارٽي سنڌ جنرل سيڪريٽري تاج حيدر (جيڪو ڊراما رائيٽر به آهي ۽ جنهن ڪنهن زماني ۾ پي ٽي ويءَ تان ڊراما سيريز ”پروفيسر“ پڻ لکي هئي.) تنهن پروفيسرن کي يقين ڏياريو هو ته سندن جائز مطالبا مڃيا ويندا، پر تاج حيدر جي ڳالهه به ڄڻ ڪنهن ڊرامي جو ڊائلاگ ئي بڻجي هوا ۾ اڏامي وئي، جنهن جو اڄ تائين ڪوبه نتيجو سامهون ناهي آيو. 5 مارچ تي سنڌ جي پروفيسرن نئين ديري ۾ ڊگري ڪاليج کان، صدارتي رهائش گاهه نئون ديرو هائوس تائين مارچ ڪري اتي ياداشت نامو به پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ 10 مارچ تي حيدرآباد ۾ پڻ اولڊ ڪيمپس کان مارچ ڪري ريڊيو پاڪستان اڳيان ڌرڻو هنيو ويو هو. هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاليجي استادن جون بک هڙتالي ڪيمپون لڳل آهن ۽ 24 مارچ تي سپلا پاران ڪراچيءَ ۾ ريليءَ جو پروگرام رٿيل آهي.
انهيءَ سڄي تحريڪ جي پس منظر ۾ جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه آسانيءَ سان معلوم ٿي وڃي ٿي ته ڪاليجي استاد پنهنجي جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ڪاليجي استاد، بلوچستان جي ڪاليجي استادن جيان ٽائيم اسڪيل جو مطالبو ڪري رهيا آهن. بلوچستان ۾ ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل تحت ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن 2 جولاءِ 2009ع تي جاري ٿيو ۽ 29- آڪٽوبر 2009ع تي ان تي عمل به ٿي ويو. سنڌ جي ڪاليجي استادن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ سنڌ سرڪار سندن انهيءَ مطالبي کي تسليم ڪيو ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر الحق 13 ڊسمبر 2010ع تي اهڙي سمري تي صحيح به ڪئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق اها سمري 23 فيبروري تي منظوريءَ خاطر وزير اعليٰ ڏانهن اماڻي وئي، جيڪا اتي پهچڻ کان پوءِ ريڊ فائيل ئي رڪجي وئي آهي! دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها سمري ان وقت جي تعليم واري سيڪريٽري علم الدين بلو وزير اعليٰ ڏانهن موڪلي هئي ۽ هن وقت بلو صاحب ئي وزير اعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري آهي. قصو فقط اتي ئي ڪوتاهه نٿو ٿئي ته ٽائيم اسڪيل واري سمري، تعليم کاتي طرفان منظور ٿيڻ ۽ فنانس کاتي جي اپروول باوجود به وزير اعليٰ وٽان منظور ناهي ٿي، پر ڪاليجي استادن کي 17 کان 18 گريڊ، 18 کان 19 گريڊ ۽ 19 کان ويهين گريڊ ۾ مليل پرموشنس جي باوجود ڪيتري وقت کان پراڻين پگهارن تي ڪم ڪري رهيا آهن! ڪجهه پروفيسر ته پرموشن ملڻ باوجود، پوسٽنگ نه ٿيڻ سبب مٿئين گريڊ ۾ جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي رٽائر به ٿي ويا آهن! اهڙي ئي هڪ رٽائر ٿي ويل پروفيسر کي ته مون اهو چوندي به ٻڌو ته، کيس ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهو انهيءَ ننڍڙي ٻار جهڙو هجي، جنهن کي نقلي نوٽ ڏئي خوش ڪيو ويو هجي!
بيشڪ سنڌ جي موجوده وزير تعليم پير مظهر الحق جي وقت ۾ ڪاليجي استادن جي پروموشن جا هڪ ٻئي پويان نوٽيفڪيشنس ته جاري ٿيا آهن، جيڪا ڳالهه ساراهڻ جهڙي ته آهي، پر پوسٽنگ کان سواءِ اهڙا پروموشن بي لاڀ بڻجي ٿا پون. ڪجهه عرصو اڳ، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين سان گڏ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي استادن کي اپ گريڊ ڪيو ويو. تازو سنڌ جي پرائمري توڙي سيڪنڊري استادن کي به ٽائيم اسڪيل تحت 18 ۽ 19 گريڊ تائين جا مالي فائدا ڏنا ويا آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فقط سنڌ جا ڪاليجي استاد ئي سرڪار جي نظرن ۾ ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو جيان ڇو ٿي پيا آهن!؟ سوال ته سنڌ جي هاڪاري دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ به لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتالي پروفيسرن جي ڪئمپ تي پهچي اٿاريو آهي ته ڪاليجي استادن جو ٽائيم اسڪيل وارو مطالبو سنڌ حڪومت منظور به ڪيو هو، ته پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بجاءِ استادن تي ظالماڻو تشدد ڇو ڪيو ويو؟
گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، سکر، لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ميرس ۾ ڪاليجي استادن جون بک هڙتالي ڪئمپون لڳل آهن. خيرپور ميرس واري ڪئمپ ته وڏي وزير جي رهائش گاهه جيلاني هائوس اڳيان لڳل آهي ۽ 24 مارچ تي سڄي سنڌ جا ڪاليجي استاد ڪراچيءَ ۾ پڻ وزير اعليٰ هائوس طرف مارچ ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. ڏسجي ته انهيءَ کان اڳ سنڌ سرڪار، سنڌ جي ڪاليجي استادن جا جائز مطالبا مڃي ٿي يا 24 اپريل تي وري ڪو نئون اسٽريٽ ٿيٽر ٿيندو......!!
zaibsindhi@hotmail.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
No comments:
Post a Comment