Realtime Hit Counter

Wednesday, 16 March 2011

االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي :خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين._شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح

بسم الله الرحمن الرحيم.

1 _سر ڪلياڻ.

فصل پهريون.

االله عليم اعلي عَالَمَ جو ڌڻِي

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،

والي، واحد، وحدهُ، رازق، رَبُ، رحيمُ

سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حڪيمَ

ڪري پاڻَ ڪريمُ جوڙي جوڙ جهان جي

ڪري پاڻَ ڪَريمُ جوڙي جوڙ جهان جيون

(1) جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين

خاوند خاصُ خَلِقَي مُحَمَدُ صلي الله عليه وآله وسلم مڪائين.

ڪَلمو تَنهن ڪريمَ تي چٽو چايائين.

اَنَا مولاڪَ و اَنتَ محبوبِي اِئين اُتائين

ڏِکي ڏنائين، ٻَئِي سَرائون سَيدُ چئي

(2) جوڙي جوڙ جهان جِي پاڻ ڪيائين پروار

حامِي،هادي،هاشمي سردارين سردار

سُونهي صحابين سَٿَ ۾ منجهه مسجد مڻيادار

چارئِي چڱا چوڌار، هُوَا هيڪاندا حبيب سين

(3) وحدهُ لا شريڪ لهُ چَئو چَوندو آءُ

فرض واجب سنتون تِنئَون تَرڪ مَ پاءِ

توبه سَندي تسبيحَ پَڙِهي سَا پُڄاءِ

نِگا پنهنجي نفس کي، سَئِين رَاهَ سُونهَاءِ

سُپَرِيان جي ڳالَهڙِي، هِيءَ هِنين سين لاءِ

تَه سَندي دوزخ باهِ، تو اوڏيائي نه وڃي.

شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جو رسالو.

مرزا قليچ بيگ رح. صفحه _11

سنڌي لينگوئيج اٿارٽي،

حيدرآباد_سنڌ

سن 2007

اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛

قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛

والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛

سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛

ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛

تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛

اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.

وائي

يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي!

دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛

جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛

سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛

عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشہ آ حُسناڪُ.

وائي

جِيءُ جياريو، جِيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو؛

پِرينِ جِيءَ پَچار، سيڻن جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جياريو؛

اُڃيو تن عَمِيق مان، پِريُن پُوڄَ پياريو؛

مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو؛

ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَهُکِيءَ مان اُڪاريو؛

سنئون مُنهن ڪري، سپرين! اَئِين نرمل نورَنهاريو؛

سائلن جِئن سڏ ڪري، اَئِين طالحن کي تاريو.

سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛

پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛

وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛

آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛

سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛

پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

وائي

مُنھِنجي سَيّدُ سارَ لَهندو؛ موُن کي آهِ اُميدَ اَللھَ ۾.

سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛

اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛

صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِـيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛

ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَّدُ مِيرَ مَلَهندو؛

نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛

مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.

موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛

وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،

ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛

ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛

ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛

ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛

ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛

ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛

دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛

اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛

سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.

حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛

جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛

پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛

ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛

وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛

سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ؛

پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛

جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.

سهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛

بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.

چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين؛

تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.

چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛

ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛

مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛

سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛

تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛

جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.

تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛

جَهڙِي تو صُبوح، تَهڙِي صافِي سَڄَڻين.

توڏانهن گھڻو نِهاريان، تارا! تيلاهِين؛

سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرين.

هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين؛

سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نه ڪَڏَهِين.

تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛

کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.

وائي

وَهلِي وَنءُ مَ وِهامِي! رَهُ رات! رائِينديس پرِينءَ کي.

شَمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيء کان کامِي؛

بابُوئن سندِي باه جِئَن، ٻَران شال اُجھامِي!

پِرتِ جا پِيتَم جِي، سا ڪِينَ پروڙي عامِي؛

مونکي مون پِريُن جو، آهي دَردُ دَوامِي؛

آهيان يارُ سَيَّدَ جو، ڪانَ رهِي ڪا خامِي؛

هُوءَ جا لَنؤُ، لَطِيفُ چئي، مونکي آهي مُدامِي؛

روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنهيءَ لامي؛

ڪارِي سا قِيامَ سَنئِين، هوتُ جنهنجو حامِي؛

آيَم تَنهِين لوڪَ سان، جيسِين مان چَوَن سامِي.

نوٽ معلوم هجي ته:

هي سڀ بيت سيدنا شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جن؛

اسان محبوب آقا سيدنا محمد مصطفي احمد مجتبي عليه الصواة و السلام جن جي شان مبارڪ ۾ چيا آهن

جيڪو مون سر ڪلياڻ ، يمن ڪلياڻ ، سر سارنگ ، سر کنڀات تان کڻي ترتيب ڏيئي مٿي رکيا آهن اميد ته وڻندا

مڪسين سنڌي

جوکيو شفيق احمد

No comments:

Post a Comment