مفاهمت نه پر امن کپي......!!! طارق ميتلو
ملڪ جي موجوده صورتحال تي نظر وجهجي ته هرطرف بُحران ئي بُحران آهن،عوام مهنگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي،بيروزگاري ماڻهن ۾ گهر ڪري وئي آهي،دهشتگردي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،روزانو سوين ماڻهو آمريڪي ڊورن حملن توڙي دهشتگردن جي انڌين گولين جو کاڄ بڻجن ٿا،ته ٻئي طرف قدرتي آفتن ٻوڏ توڙي زلزلي پڻ عوام جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪراچيءَ جي هيبت ناڪ صورتحال ته دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي،ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪراچيءَ جي ڳڻتي جوڳي ماحول تي حيرت جو ته اظهار ڪن ٿا پر ان کان وڌيڪ حڪومت جي نااهليءَ تي افسوس زده آهن ته هو ايترا ماڻهو مرندي ڏسي سگهن ٿا پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد جن کي هو ڄاڻين سڃاڻين ٿا انهن کي پٽ پڌرو ڇڏيو ويو آهي جيڪي پوليس جي آمهون سامهون بيگناهه زندگين کي موت جي ننڊ سماري آرام سان کسڪي وڃن ٿا جيڪا سيڪيورٽي ادارن توڙي حڪومت جي نااهليءَ جو چٽو ثبوت آهي.
ٽارگيٽ ڪلنگ جي نانءُ تي ڪرائي جا غنڊا عوام کي بيوقوف بڻائيندي روزانو لاشن جا ڍير لڳائن پيا ڄڻ ته انهن کي ڪنهن ماڻهو مارڻ جو ٺيڪو ڏنو آهي ۽ انهن ماڻهو مار مهم شروع ڪري ڇڏي آهي،جن جو مقصد صرف ۽ صرف انسانيت جو خاتمو آهي جيڪي دهشتگرد انسانيت جي صورت ۾ لڪيل ڀاڙي جا قاتل انتظاميه توڙي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ويٺا آهن جن کي ڪيترائي مهينه گذري ويا آهن قتل عام ڪندي پر انتظاميه انهن کي هٿ ڪري ڪونه سگهي آهي ۽ نه ئي وري ان جو ڪارڻ معلوم ڪري سگهي آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪير ٿو ڪري اها انهن جي زباني ڳالهه آهي ته ڪراچي اندر ٽئين قوت اچي ڪارروائي ڪري ٿي!
جڏهن ڪراچيءَ اندر ماڻهن جي لاشن جا انبار لڳندا آهن تڏهن وري بوتل مان جن نڪرندو آهي ۽ مفاهمت واري پاليسي جون ڳالهيون ياد ڏياريندو آهي ۽ چند ڏينهن ترسي ڪجهه ٺاپر ڪرائي واپس هليو ويندو آهي ،ڪجهه ڏينهن بعد وري اهو سلسلو آتش فشان جيان ڀڙڪي اٿيو آهي،وري بوتل وارو جن پهچي ويو آهي،اتحادي پارٽين سان صلاح مشوره ڪيا پيا وڃن جن جو ته ڪو اثر ناهي پيو ٽارگيٽ ڪلنگ تي،1 ڪروڙ آباديءَ واري شهر کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٽارگيٽ ڪلرز پنهنجي آماج گاهه بڻائي ڇڏي آهي،حڪومت بيوس بڻجي هٿ مٿان هٿ رکي برف وانگر ٿڌي لڳي پئي آهي،جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ حڪومت جو ئي حصو گهرو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا واپارين جي هڪ دعوت ۾ انهن کي خطاب ڪندي چيو هو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث گهڻي مان گهڻا ڏوهاري ڪراچيءَ جي وڏي جماعت جا آهن ۽ ڪجهه ٻين پارٽين سان وابسطا آهن تنهن تي متحده قومي موومينٽ جا اڳواڻ باهه جيان ڀڙڪي اٿيا هئا حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ايتري قدر جو صوبائي گهرو وزير جي ڪيل تقرير سي ڊي تي رڪارڊ ڪري وزير اعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان ملاقات ڪري ان کي ٻڌائڻ لاءِ ڏني،جنهن جي يقين ڏيارڻ تي خاموشي ڇانئجي ويئي هئي وري بعد ۾ ٻيهر ڌمڪين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت مان وفاق کان ڌار ٿي وئي ۽ جن کي راضي ڪرڻ لاءِ وري وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نائين زيرو تي پهچي راضي ڪري ورتو،اهو سلسلو ڪيسيتائين جاري رهندو؟
سياستدان هڪٻئي کي راضي ڪرڻ لاءِ عوام جو رت چوسي رهيا آهن،مهانگائيءَ جي باهه ۾ عوام جلي رهيو آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪو به هڏڏوکي سياستدان عوام جي سامهون ظاهر ڪونهي جو سندن درد سمجهي سگهي ۽ کين امن امان واري زندگيءَ گذارڻ لاءِ تحفظ ڏياري سگهي.ڳالهه صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي بيان جي پئي هلي جنهن بار بار پنهنجي موقف تي قائم رهڻ لاءِ يادگيريون ڏياريندو رهيو ۽ هن جو اهو به چوڻ هو ته اها منهنجي ڪا ذاتي راءِ ڪونهي ته فلاڻي پارٽيءَ جا ايترا ماڻهو ملوث آهن پر اها رپورٽ مختلف ڳجهين سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ آهي جنهن مطابق ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ هن واپارين کي منع ڪندي چيو هو ته توهان غنڊن کي ڀتو نه ڏيو،جڏهن ته اهڙي بيان جي ترديد ڪندي آل پاڪستان سمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جي چيئرمين مرحوم محمد عمر سيليا لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڪراچيءَ ۾ واپارين کان مختلف پارٽين جا سياسي ماڻهو ڀتو وٺن ٿا جن واپارين لاءِ باهه ٻاري ڇڏي آهي جيڪڏهن ڀتاخوري وارو سلسلو بند ڪرايو ويندو ته پاڻ مرادو ٽارگيٽ ڪلنگ به بند ٿي ويندي،جنهن مان ثابت ٿيو ته اهي ڀتاخور ئي ٽارگيٽ ڪلرز آهن ۽ سياسي پارٽين سان ئي وابسطا آهن .ته وفاقي گهرو وزير اسلام آباد مان اڏري ڪراچي پهچي ٿو وڃي ۽ چوي ٿو ته ڪراچيءَ اندر ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ٽئين قوت ملوث آهي ته پوءِ حڪومت سيڪيورٽي ادارن کي پگهارون ادا ڇو ٿي ڪري ڪروڙين روپيه انهن مٿان خرچ ڇو ٿي ڪري؟جيڪي ڏينهن رات ڊيوٽي ڏئي رپورٽون حڪومت حوالي ڪن ٿا انهن جي ئي رپورٽن کي ڇو ٿو ڌڪاريو وڃي صرف پنهنجيون ڪرسيون بچائڻ خاطر،رحمان ملڪ جي اهڙي بيان تي هر ڪنهن کي حيرت ته ٿيندي هوندي ته اها ٽئين قوت ڪهڙي آهي جو ٻاهران اچي ڪراچيءَ ۾ دهشت گردي ڦهلائين ٿا پوءِ ادارا ڇا ٿا ڪن اهي دهشت گرد ڪيئن ۽ ڪٿان ٿا اچن ٽرينن،جهازن،گاڏين ذريعي يا جبلن مان اڏري اچن ٿا کين پر ته ڪونه لڳل آهن اسان جا سيڪيورٽي ادارا ان وقت ننڊ ۾ ستل هوندا آهن ته سوين ٽارگيٽ ڪلرز هٿيار ساڻ ڪري ڪراچي پهچن ٿا ته اهي اچن ڪهڙي رستي کان ٿا ۽ اهي پوليس ،رينجرس ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن جي نظر کان ڪيئن غائب ٿي وڃن ٿا.؟اهو جواب ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ئي ڏيندو.
ڪراچيءَ اندر ٿيندڙ آپريشن جي صوبائي گهرو وزير کي ڄاڻ نه هجڻ اهو ڪٿان جون قانون آهي جنهن صوبي سان لاڳاپيل هوم منسٽر کي علم ئي نه هجي ته منهنجي صوبي اندر آپريشن ٿي رهيو آهي پر اهو ڪنهن جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي،رڳو حڪومت ون يونٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي ته رڳو جيڪي فيصلا ڪندو اهو وفاق ئي ڪندو،اهي ته پ پ پ وارا پاڻ ڄاڻين.هڪ ته حڪومت عوام کي مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن جو مثال هي آهي ته سينٽ سميت پوري ملڪ جي حڪومت هر سال ۾ 400 ارب روپيه خرچ ٿي ڪري جڏهن ته 3 سالن اندر 1200 ارب روپيه خرچ ڪري چڪي آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت 5 سال پورا ڪيا ته ان جو انگ 2000 ارب روپيه ٿي ويندو جيڪو ملڪي خزاني مان اڏايا وڃن ٿا،حڪومت رڳو پنهنجي خرچ تي ڌيان ڏئي پيئي ملڪي معيشت جي تباهيءَ تي ڪوبه ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ هن وقت تائين 40 هزار صنعتي مرڪز بند ٿي چڪا آهن،پنجاب ۾ 30 هزار ڪارخانه بند ٿي چڪا آهن،جڏهن ته عوام حڪومت کي هر سال ٽيڪسن جي مد ۾ 20 کرب جي لڳ ڀڳ پئسو ڏي ٿو جيڪو پئسو حڪومت رڳو پنهنجي خرچن ۾ ضايع ٿي ڪري ۽ ايترو ٽيڪسن جي مد ۾ عوام کان پئسو وصول ڪرڻ باوجود به ان عوام کي چين سڪون جو ساهه به کڻڻ نه ٿو ڏنو وڃي جيڪو ماڻهو صبح جو پنهنجي گهران نڪري ٿو اهو نه ٿو ڄاڻي ته شام جو واپس گهر ايندس يا منهنجو لاش گهر ايندو.
جڏهن ته متحده قومي موومينٽ پنجاب ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري رهي آهي اتي ته ٽارگيٽ ڪلرز ڪونهن جو ڏينهن ڏٺي جو ئي عوام کي گولين جو کاڄ بڻائين،ظاهري ڳالهه آهي بدامني پوري ملڪ ۾ آهي ڏوهه جتي ڪٿي ٿين ٿا پنجاب هجي يا سنڌ،بلوچستان يا خيبرپختونخواهه اتي به ڏوهه ٿين ٿا،جڏهن ته ڊورن حملن ۾ ايترا ماڻهو مان سمجهان ٿو ڪونه مئا آهن جيترا ڪراچيءَ ۾ مئا آهن،جنت بڻيل سنڌ کي دوزخ بڻايو پيو وڃي،اسان جي سنڌ صدين کان وٺي امن ۽ ڀائيچاريءَ جو مثال بڻي آهي،مختلف ملڪن جا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ايندا هئا پر هاڻي ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڪوئي پير پائڻ لاءِ راضي ئي ڪونهي خوف ماڻهن کي مايوس بڻائي ڇڏيو آهي.وزير اعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلانيءَ جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪرائڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي پر لڳي ٿو سائين جن کي ڪا خبر ڪونهي ته هتي آپريشن رينجرس ڪري رهي آهي پر صوبائي حڪومت جي چوڻ تي نه پر اها ٽئين قوت الاهي ڪهڙي آهي جيڪا آپريشن به ڪرائي ٿي اها ڳالهه عوام ته نه ٿو ڄاڻي ۽ جيڪي ٽارگيٽ ڪلرز سيڪيورٽي ادارن گرفتار ڪيا آهن جن جي ڳالهه ذوالفقار مرزا پڻ ڪئي هئي ۽ جيڪي هاڻي ڪجهه ڏينهن اندر اهي ڪٿي آهن؟ڇا انهن کي سياسي بنيادن تي آزاد ڪيو ويو آهي ڇا جو انهن کي هن وقت تائين عوام آڏو نه آندو ويو آهي.
حڪومت کي هاڻي گهرجي ته هو بنا ڪنهن سياسي صلاح مشوري جي ڪراچيءَ کي فوج حوالي ڪري ڇڏين جئين نواز حڪومت ۾ فوج امن امان برقرار ڪرايو هو ته ڪراچيءَ جا شهري امن امان جو ساهه کڻي سگهن ٿا،۽ هاڻي اها مفاهمت واري پاليسي سنڀالي رکجي ڇو جو اها اڳتي هلي ڪم ايندي هاڻي عوام جي جان و مال جي تحفظ جو سوال آهي اتي مفاهمت واري پاليسي استعمال ڪرڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو باعث بڻبو،۽ جيسيتائين آپريشن ختم نه ٿئي تيسيتائين وفاقي حڪومت مان ڪوبه وفاقي وزير ڪراچيءَ جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏي ته جيئن امن امان قائم ٿي سگهي ۽ بيگناهه انڌين گولين جو نشانو بڻجندڙ عوام کي سڪون مهيا ڪري سگهجي.
tariquealimetlo@gmail.com
سومر 14 فيبروري 2011ع - 10 ربيع الاوَل 1432 هه
ReplyDelete