Realtime Hit Counter

Wednesday, 2 March 2011

مِڪي جڳتياڻي-وچ اوڀر جو کرب پتي سنڌي!

خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي-16

مِڪي جڳتياڻي-وچ اوڀر جو کرب پتي سنڌي!

شوڪت حسين شورو

مِڪي جڳتياڻي گلف يا وچ اوڀر جو کرب پتي سنڌي آهي. هن جو پورو نالو مڪيش آهي، پر کيس گهر ۾ مِڪي سڏيو ويندو هو ۽ اهو ئي نالو مشهور ٿي ويو. مڪي جو پيءُ واڌو مل جڳتياڻي حيدرآباد سنڌ جي عامل ڪٽنب مان هو. واڌو مل روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. ورهاڱي سبب هو مائٽن سان گڏ انڊيا لڏي ويو. 1950ع ۾ هن کي ڪويت ۾ سنڌ ورڪين جي هڪ اسٽور ۾ اڪائونٽ ڪلرڪ جي نوڪري ملي وئي. سندس ٻيو نمبر پٽ مڪيش 15 آگسٽ 1952ع ۾ ڄائو. هن کيس شروعاتي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ پهرين بمبئي، پوءِ بيروت موڪليو. ان کانپوءِ واڌو مل پنهنجي پوري سوري ڪمائي مان ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري مڪيءَ کي لنڊن جي اڪائونٽنگ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. امتحانن ۾ لڳاتار ناپاس ٿيڻ سبب مِڪي جي داخلا رد ٿي وئي. شرمندگيءَ جي احساس وچان مِڪي ڪويت موٽي وڃڻ بدران لنڊن ۾ ئي رهي پيو ۽ اتي ٽيڪسي هلائڻ لڳو. هن ارل ڪورٽ جي ويجهو هڪ هوٽل ۾ صفائي ۽ هنڌن جي چادرن تبديل ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪيو. واڌو مل کي هميشه ان ڳالهه جي ڳڻتي رهي ته مِڪي ڪجهه نه ڪري سگهندو. مڪيءَ کي پيءُ جي مرڻ گهڙيءَ جا لفظ ياد آهن ته ”مِڪي پنهنجو پيٽ ڪيئن پاليندو؟ بنا ڊگريءَ جي هن جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو؟“ پيءُ جي زور ڀرڻ تي مڪيءَ کي نيٺ ڪويت موٽي وڃڻو پيو، اتي به هن جي لاءِ بدنصيبي اڳواٽ موجود هئي. سندس وڏو ڀاءُ مهيش رت جي ڪئنسر سبب جوانيءَ ۾ مري ويو. واڌو مل ذيابيطس جو مريض هو، ڪجهه مهينن بعد هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ٻئي سال مِڪيءَ جي ماءُ پڻ ڪئنسر وگهي گذاري وئي. مِڪي 21 سالن جي عمر ۾ ڇورو ڇنو ٿي پيو. نه ڪٽنب رهيو، نه وري ڪو روزگار جو وسيلو هو. هن پهرين بمبئي موٽي وڃڻ جو سوچيو، پر پوءِ ارادو بدلائي ڇڏيو. سندس وڏو ڀاءُ مرڻ کان اڳ بحرين ۾ هڪ دڪان مسواڙ تي ورتو هو. مِڪي کي خانداني وراثت ۾ ڇهه هزار ڊالر مليا هئا. ان رقم مان هن 1973ع ۾ بحرين ۾ مسواڙ تي ورتل دڪان ۾ ٻارن جا ڪپڙا وٺي رکيا ۽ دڪان تي ”بيبي شاپ“ جو بورڊ لڳائي ڇڏيو. هي اهو دور هو، جڏهن گلف ۾ تيل نڪرڻ سبب عرب رياستن ۾ ڪئين ترقياتي ڪم شروع ٿي ويا هئا. ڏکڻ ايشيا (انڊيا، پاڪستان ۽ بنگلاديش) جا کوڙ ماڻهو روزگار سانگي اتي پهچي ويا. مِڪيءَ ڏٺو ته اهي ماڻهو جن پنهنجي زندگي هيستائين محرومين ۾ گذاري هئي، تن پئسن هٿ اچڻ سان پنهنجن ٻارن کي هر نئين شيءِ وٺي ڏيڻ چاهي ٿي، مڪيءَ پنهنجي دڪان کي ٻارن جي سامان ڪپڙن، رانديڪن، فرنيچر وغيره سان سٿي ڇڏيو. سندس دڪان ۾ گراهڪن جي ايتري رش ٿيڻ لڳي جو هن کي هڪ پل به ويهڻ لاءِ نٿي مليو. نوڪر رکڻ جي پڄت هن ۾ ڪا نه هئي، ان ڪري بندرگاهه تان سامان کڻائي اچڻ، دڪان جو فرش صاف ڪرڻ، گراهڪن کي شيون ڏيکارڻ، وڪڻڻ جي ڊوڙ ڊڪ ۾ لڳو پيو هوندو هو. هن جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، ستن سالن کانپوءِ هن ”بيبي شاپ“ جو ٻيو اسٽور کوليو ۽ نوڪر به رکيا. مِڪي بمبئي ۾ رهندڙ رينوڪا سان شادي ڪئي. اهو رشتو بمبئي ۾ رهندڙ سندس ماسين طئه ڪيو هو. رينوڪا کائنس وڌيڪ پڙهيل لکيل هئي.

1992ع ۾ عراق-ڪويت جنگ ۾ مِڪي دبئي کي پنهنجي ڪاروبار جو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو. اهو دبئي جي اوج جو زمانو هو. مِڪي دبئي ۾ ”لئنڊ مارڪ گروپ“ جو بنياد وڌو، جنهن جا گلف جي ملڪن ۾ 6 ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ 400 ملازم هئا. اڳتي هلي لئنڊ مارڪ جا مختلف ملڪن ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور کلڻ لڳا، جن ۾ ڪپڙا، اليڪٽرانڪس سامان ۽ کاڌي پيتي جي شين کان وٺي ضرورت جو هر سامان رکيو ويو هو. هن وقت لئنڊ مارڪ گروپ جا دبئي ۽ شارجه کان سواءِ 15 ملڪن ڪويت، بحرين، قطر، عمان، اردن، ايران، يمن، سعودي عرب، ترڪي، مصر، انڊيا، چين، اسپين، انڊونيشيا ۽ پاڪستان ۾ 840 ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ ٽيهه هزار ملازم آهن. ان کانسواءِ انگلينڊ جي هاءِ اسٽريٽ ۾ مشهور ڊپارٽمينٽل اسٽور ”ڊيبنهام“ ۾ مِڪيءَ جو 9 سيڪڙو حصو آهي. ڊيبنهام جا انگلينڊ، آئرلينڊ، ڊينمارڪ ۽ ٻين ڪيترن يورپي ملڪن ۾ 160 اسٽور آهن. لئنڊ مارڪ گروپ جا 10 مختلف برانڊ مشهور آهن، جن ۾ بيبي شاپ، هوم سينٽر، سينٽر پوائنٽ، شو مارٽ، شُو ايڪسپريس، لائيف اسٽائيل، اسپلئش، بيوٽي بَي، هوم ڊيڪور، اِي ميڪس شامل آهن. دبئي جو مشهور شاپنگ مال اوسز (Oasis )پڻ مِڪي جڳتياڻي جو آهي. شيخ زيد روڊ تي هن عاليشان مال ۾ 84 اسٽور آهن. چيو وڃي ٿو ته دبئي ۽ شارجه ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي شاپنگ مال ٺاهڻو هوندو آهي ته هو پهرين مِڪي جڳتياڻي سان صلاح ڪندو آهي. مِڪي جا دبئي جي بااثر ۽ شاهي خاندانن سان ويجها لاڳاپا آهن. دبئي ۽ شارجه ۾ مِڪي جون ”سٽي ميڪس“ نالي ٻه وڏيون هوٽلون آهن. پاڪستان ۾ ”بيبي شاپ“ جا لاهور کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ ٽي فرئنچائيز اسٽور آهن، جن ۾ ٻارن جي استعمال جو سمورو سامان رکيل آهي.

مِڪي جڳتياڻي وٽ هن وقت 3-ارب ڊالرن جي موڙي آهي. هن کي گذريل سال 211 ملين ڊالرن جو نفعو ٿيو. هن جي ڪاروبار ۾ هر سال 40 سيڪڙو واڌ ٿيندي رهي ٿي. مِڪي مشهور مئنگزين ”فور بس“ جي 2008ع ۾ دنيا جي وڏن شاهوڪارن واري لسٽ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن موجب هو دنيا جو 354 نمبر ۽ انڊيا جو 24 نمبر شاهوڪار شخص آهي. هن جي ڪاروباري بادشاهت گلف کان وٺي چين تائين پکڙيل آهي. مِڪيءَ کي هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر آهن، جيڪي ساڻس گڏ ڪاروبار سنڀاليندا آهن. سندس زال رينوڪا عورتن جي فيشن جي سامان Splash برانڊ جي اسٽورن کي سنڀاليندي آهي. مِڪي جڳتياڻي خيراتي ۽ فلاحي ڪمن ۾ پڻ اڳرو آهي. هن ”لائيف“ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو آهي، جيڪو انڊيا ۾ ڏتڙيل ۽ يتيم ٻارن کي اجهي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪري ٿو. ان اداري طرفان چينائي ۾ پوڙهن جي رهڻ جي لاءِ آرام گهر پڻ ٺاهيو ويو آهي. مِڪي جڳتياڻي جي لاءِ مشهور آهي ته هو پنهنجي مرسڊيز ڪار پاڻ هلائيندو آهي. هو ڏهن ڪمرن واري پنهنجي گهر ۾ فرش تي سمهندو آهي. کيس ايلوپيٿي بدران متبادل دوائن ۾ دلچسپي آهي. هن کي مهاتما ٻڌ جي مجسمن گڏ ڪرڻ جو شوق آهي. وٽس ٻڌ جا 95 ناياب مجسما آهن. مڪي جڳتياڻي جي چوڻ موجب سندس ڪاميابي جو راز ”صحيح جاءِ تي صحيح وقت تي هجڻ“ ۾ آهي.

shoro.shoukat@gmail.com

The Kawish Group of Publication

B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.

Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

1 comment: