هونئن ته سنڌي زبان هن ملڪ اندر موجود سمورين زبانن کان وڌيڪ قديم آهي، پر اهو مشرف به سنڌي زبان کي حاصل آهي جو ”قرآن شريف“ جو پهريون ترجمو به سنڌي زبان ۾ ئي ڪيو ويو هو، ان زبان کي بچائڻ لاءِ ارغونن جي دور ۾ ٻن سنڌي ٻارڙن ٺٽي جي هڪ مدرسي ۾ پنهنجون زبانون ڪپرايون هيون پر سنڌي مٿان فارسي جي يلغار کي قبول نه ڪيو هو، ان کان پوءِ جڏهن مغلن سنڌ مٿان پنهنجو تسلط قائم ڪيو ته ان دور ۾ ته باقاعدي سنڌي زبان جو نالو نشان مٽائڻ لاءِ ڏاڍ سان گڏ لالچن جا حڙبا به هلايا ويا ته ”فارسي ته گهوڙي چاڙهسين“ سنڌي زبان کي مغلن ڄڻڪه ڀيلن ۽ شودرن جي زبان بڻائي ڇڏيو هو ان دور ۾ سنڌ جي تاريخدانن، اديبن، شاعري ۽ تاريخ لکڻ لاءِ اتساهيو ٿي ويو.
ان ئي دور ۾ لطيف سائين جو به جنم ٿيو ۽ لطيف سائين جڏهن شعوري سطح کي آيو ته هن ڏٺو ته ڌار يا حڪمران پنهنجي زبان مڙهڻ لاءِ منهنجي اباڻي زبان کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي حڪمران جي اهڙي عمل خلاف مزاحمت ڪندي ۽ ڏيهه واسين کي هوشيار ڪندي چيو ته:
جي تو فارسي سکيو گولو توءِ غلام،
اڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام،
اي عامن سندو عام خاصن منجهان نه ٿئي،
پييم پٺاڻن ياسين ٻوليون جي نه ٻجهن،
مون سنڌي سعيو ڪيان هو پارسيون پڇن،
مون پڻ ملاتن سرتيون سور پراڻيو.
لطيف سائين مغلن جي ڏاڍ ۽ بربريت تي غور ڪيو ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جو گيڏي پتو ڏٺو ته هن کان اهو سڀ ڪجهه برداشت نه پئي ٿيو ته هن جي صديون پراڻي سنڌي زبان ايئن ختم ڪئي وڃي ۽ امن، محبت ۽ رواداري واري سر زمين سنڌ رورنگزيب جي بنياد پرستي واري سياست جي ور چڙهي وڃي! بس پوءِ لطيف سائين مغلن جي سامراجيت خلاف بغاوت جو علم اونچو ڪيو، جنهن ڪري مغل ۽ ڪلهوڙا حاڪمن لطيف سائين کي سخت تڪيلفون به رسايون پر جيئن ته لطيف جي پنهنجي ڌرتي جي ماروئڙن سان نينهن جو ناتو ايئن ڳنڍيل هو ”جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير“ اهڙو انسان ڪيئن ٿي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي غلامي ۾ ڏسي سگهيو.
لطيف وٽ سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ جو هڪ خاص تخيل هيو، ارغون، ترخان ۽ مغلن جي غلامي ۾ مسلسل رهڻ ڪري سنڌي قوم ڇڙوڇڙ ٿيوئي هئي، ان جي نئين سر وحدانيت قائم ڪرڻ لاءِ لطيف جي نظر ۾ سنڌي ٻولي کي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين نئين آباد و تاب سان جيئارڻ ضروري هو، جيئن ته لطيف کي فطرت پاران شاعري جي ڏات مليل هئي ۽ پاڻ موسيقي جو به ماهر هو، ان ڪري پاڻ رنبورو ايجاد ڪري پيرين پنڌ سنڌ جي جهنگ جهر، وستي واهڻن، ريگستانن ۾ نڪري پيو، ديش واسين ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ڌارين کي وائکو ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو.
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا،
مندي ڏيرن من ۾، کليو کيڪا ڌيان،
هجي ٿي ساريان ته اٺ نه اوطاقن ۾.
شاعرن ۾ لطيف ان دور جو پهريون ديش پريمي هيو جنهن مغل حڪمرانن جي فارمي زبان اپنائڻ ۾ ان ۾ شاعري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي سنڌي زبان کي اهميت ڏني ۽ فارسي جو بائيڪاٽ ڪيو، پاڻ سنڌي قوم کي ”شاهه جو رسالو“ جي صورت ۾ هڪ شاهڪار اثاثو ڏئي سنڌي زبان کي هميشه لاءِ امر بڻائي ويو.
سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته ”جيڪڏهن لطيف نه هجي ها ته شايد اڄ سنڌي زبان به نه هجي هان ۽ جيڪڏهن سنڌي زبان نه هجي ها ته سنڌي قوم به نه هجي ها، اهو لطيف جو ڪارنامو آهي جنهن سنڌي قوم کي زنده ڪري ڇڏيو“ ان کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي انگريزن سامراج هوندي به سنڌي ٻولي سان هٿچراند نه ڪئي اڃا به سنڌي جي اهميت کي ڏسندي سنڌي رسم الخط تيار ڪرايو، ان انگريزن جي دور ۾ ئي 1935ع ۾ سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو بل پاس ڪيو هو، ورهاڱي کان پوءِ پ پ جي پهرين دور حڪومت ۾ جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي قومي ٻولي سنڌي جو بل پيش ڪيو هو ته ان وقت اردو جي هڪ شاعر رئيس امروهوي اردو اخبار ۾ هڪ شعر لکيو ته اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلَي“ جنهن کان پوءِ فورن ڀڙڪو کائي هندستان مان ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل هندستاني مسلمانن ان بل خلاف احتجاج ڪيا ، وڏي افسوس جو مقام هو جنهن ڌرتي هنن کي بي يارو، مددگار سمجهي پناهه ڏني هئي ان ڌرتي جي ٻولي کان هنن کي نفرت هئي سنڌ جي سنڌي ٻولي کي هنن تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
اڄ وري ملڪ تي پ پ جي حڪومت آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت ڏهين جنوري کان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائڻ جو پروگرام ۾ ٿيو آهي تاريخي طور سنڌي ٻولي جي جائزو وٺون ٿا قرآن شريف جي ترجمي واري دور کان وٺي سنڌ جي قومي زبان سنڌي ٿي رهي آهي، جنهن خلاف وقت بوقت سازشون ضرور ٿيون آهن پر سنڌي زبان پوءِ به پنهنجي شاهوڪاري واريون منزلون طئه ڪندي آئي آهي، اڄ پ پ جي حڪومت آهي ۽ پ پ جي منشور ۾ لکيل آهي ته پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ جي قومي زبان سنڌي کي بڻائينداسين ۽ٻيو 1969ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ جيڪا ذوالفقار ڀٽو تقرير ڪئي هئي ان بها هڙو وعدو ڪيو هو ته سنڌ جي قومي زبان سنڌي بڻائينداسين ان ڪري پ پ حڪومت کي پنهنجي منشور ۽ شهيد قائد جي وهدي کي پورو ڪندي سنڌي زبان کي سنڌ جي قومي زبان بڻائڻ لاءِ فورن اپاءَ وٺن گهرجن، هن وقت به سنڌي جي وڏن شهرن، ان هڪ منصوبي تحت سنڌي ٻولي کي ڌڪيو پيو وڃي، ڪراچي سميت سنڌي جي وڏن شهرن جي مارڪيٽ تي ڌاريون ٻوليون حاوي ڪيون ويون آهن، سرڪاري توڙي جي سرڪاري سائن بورڊ ڄا؟ي واڻي اردو ۾ لکرايا ٿا وڃن، ڪراچي سان گڏ حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه جي تعليمي ادارن مان به سنڌي زبان کي ڌڪاريو پيو وڃي ٻيو ته ڇڏيو پر سنڌي مڊل ڪلاس جو واحد شهر لاڙڪاڻو آهي اتي به سٽي اسڪول ۾ لٽل فوڪس سميت اڄ ڪيترن ادارن ۾ سنڌي ڪو نه پڙهائي وڃي، جيڪڏهن موجوده پ پ حڪومت آصف زرداري جي حاميت وارو بل اسيمبلي مان پاس ڪرائي سگهي ٿي ته پوءِ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جو بل پاس ڪرائڻ ۾ وعدن باوجود دير ڇو؟
الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته ”هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“ جيڪڏهن پ پ حڪمرانن ۾ سنڌ لاءِ ٿوري به همدردي آهي ته انهن کي فورن سنڌي ٻولي کي بچائڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي وحدانيت برقرار رهي سگهي، ان کان پوءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، سنڌ جي وجود جي بقا جو.
No comments:
Post a Comment