سنڌ ۾ قرآن مجيد جي تعليم ۾
حضرت مولانا حماد الله هاليجوي جو ڪردار
ليکک: مفتي ڪليم الله ليغاري_ ڪراچي
حاضر ڪندڙ: طاهر سنڌي
حضرت مولانا حماد الله هاليجوي رحمة الله جن جي مريدن ۽ متعلقين مان ڪنهن جو ٻار پڙهڻ لائق ٿيندو هو ته سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ مشورو وٺندا هئا ته ٻارڙي کي ڇا شروع ڪرائجي؟ حفظ، ناظره، يا عربي ۽ ڪنهن وٽ شروع ڪرائجي؟ ان لاءِ سائين جن مناسب رهنمائي ڪندا هئا، عالمن، مهتممن ڏانهن خط به لکي ڏيندا هئا. ان جا ڪيئي واقعا تاريخ ۾ ملن ٿا، مشهور عالم دين مولانا عبدالحي الحسيني گهوٽو کي سائين جن پير جهنڊي وارن ڏانهن خط لکي ڏنو، مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ پنهنجي تعليم بابت لکن ٿا: جڏهن سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري جامعه دار الهدى ٺيڙهي ۾ علم دين جي پڙهائڻ لاءِ ارادو ڪيو ۽ حضرت اقدس رحه کان جامعه جي مهتمم مولانا حبيب الله رحه لاءِ هڪ خط ورتو سون. اسان ڪل پنج ڄڻا هڪ ڳوٺ مان ٺيڙهي لاءِ روانا ٿياسون، حضرت جن اسان کي پارت جو خط لکي ڏنو.
ٻيو واقعو قاري الله ڏنو مڱريو رحه پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ فرمائين ٿا: پهريون برٿ نزد هاليجي شريف ۾ قرآن شريف پڙهڻ جي شروعات مولانا محمد صادق انڍڙ وٽ ڪيم پر سائين حماد الله رحه جي مشوري سان وسري وهڻ پڙهڻ لاءِ ويم اتي حافظ محمد اسماعيل ميمڻ بڪاري وٽ ويهه سيپارا حفظ ڪيم.
حضرت سائين هاليجي رحه جن جي صحبت ۾ ڪيئي انگريزي پڙهيل ماڻهو ديني رنگ ۾ رنگجي ويا. انهن جي زندگيءَ جو نقشو ئي مٽجي ويو اهڙن مان الحاج مير صبح خان کوسو به هو جنهن بابت مولانا محمد مراد ماهوار نصيحت ۾ فرمائين ٿا:
حضرت جن جي برڪت سان ديني تعليم جو هڪ عظيم انقلاب برپا ٿي پيو جو اڄ به سندن جماعت ۾ سڀ کان وڌيڪ مدرسا ۽ عالم موجود آهن جيئن مير صبح صادق خان کوسو جيڪو تعليم ۽ تهذيب جي لحاظ سان يورپين لڳو ٿي پر جڏهن حضرت هاليجوي رحه سان تعلق قائم ڪيائين ته سندن سڄي دنيا بدلجي وئي. باشرع مسنون لباس ۽ چهرو خالص ديني. فڪر ۽ ديني تعليم جو اونو پيدا ٿيس. سائين جن جي مشوري سان جامعه دار الفيوض ڪنڌڪوٽ مدرسه قاسم العلوم جيڪب آباد، ڪشمور وارو، پنهنجي ڳوٺ وارو مدرسو، مدرسه دارالعلوم شرعيه روهڙي ۽ ٻيا مدرسا قائم ڪيائين.
اهڙي طرح سيد دين محمد شاهه پريالو وارو، حاجي غلام مرتضى ارباب مولانا محمد عرف حاجي، مولانا حاجي خير محمد ۽ ٻين دوستن گڏجي پريالو ۾ مدرسو قائم ڪيو، پير جو ڳوٺ ۾ ٻه ٽي مدرسا جوڙايا، سکر ضلع ۾ ته مدرسن جو ڄار پکڙجي ويو، پنجاب بلوچستان، لاڙ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪافي مدرسا وجود ۾ آيا.
هر هنڌ قال الله و قال الرسول جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ سندن جماعت ۾ سڀ کان وڌيڪ عالم، فاضل، حافظ قاري موجود آهن.
ملا مڪتب، اسڪولن جا ماستر گهڻي ڀاڱي مريد ۽ عقيدتمند هئا، صوم، صلواة جا پابند، ڏاڙهي سنت مطابق ۽ پٽڪو ٻڌندا هئا اهڙا اسڪولن جا ماستر ڪيئي هئا جيڪڏهن انهن جا نالا گڏ ڪجن ته ڪتاب تيار ٿي ويندو. انهن کي ڏسي هاڻوڪي اسڪول ماستر جو تصور نه ايندو هو بلڪه هڪ ملان، ڪنهن درگاهه جي فقير، درويش جو نقش نظر ايندو هو. اهڙن اسڪول ماسترن جو شاگردن تي اثر پوڻ هڪ لازمي امر هو. اهڙن ماسترن ڄڻ ته اسڪول ۾ هڪ ديندار نسل پئي تيار ڪيو، ساگردن جا عقيدا درست ٿيندا رهيا، ديني رنگ چڙهندو رهيو، اسڪولنه جا شاگرد دين جا محبتي، بزرگن جا صحبتي ٿي پيا. اهڙن ملا مڪتب ماسترن مان اسان جي والد صاحب حاجي محمد اسحاق لغاري جو استاد محمد ابراهيم ڪلوڙ به هو. جيڪو نيڪ دل، هڪ جفاڪش ۽ محنتي استاد هو جنهن جي محنت سان هزارين شاگرد پڙهي نوڪر ين جا مالڪ ٿيا. اهو سائين حماد الله هاليجوي رحه جو مريد ۽ عقيدتمند هو. باب سائين ٻڌائيندو آهي ته استاد محمد ابراهيم ڪلوڙ ملا ڇٽي اسڪول جو باني اسان شاگردن کي سائين جن جي ننگر لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ٻيلي ۾ وٺي ويندو هو درگاهه لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري هاليجي شريف پهچائيندا هئاسون، هر جمعي پيرن پنڌ ملا ڇٽي (عادلپور) مان درگاهه هاليجي شريف استاد صاحب اسان شاگردن کي ساڻ ڪري بزرگ حماد الله هاليجوي جا اقتدا ۾ جمعي نماز پڙهندو هوڪ استاد محمد ابراهيم ڪلوڙ جي دينداري سبب بزرگ هاليجوي جي زيارت نصيب ٿي ۽ وعظ ٻڌڻ جو شرف مليو، بزرگن سان محبت ۽ دين جو چاهه پيدا ٿيو ۽ ڪيئي شاگرد دينداري جي رنگ ۾ اچي ويا. اها 1949 ع ۽ 1950 ع جي ڳالهه آهي.
ديني مدرسن جو قيام:
حضر سائين حماد الله هاليجوي رحه قرآني علوم جي اشاعت جي لاءِ ديني مدرسن جو قيام ضروري سمجهيائون ان لاءِ پاڻ ملڪ گير تحريڪ هلايائون، ان لاءِ پنهنجن مريدن،عقيدتمندن ۽ عالمن کي متوجه ڪيائون جن پنهنجن علائقن، ڳوٺن، ۽ شهرن ۾ مدرسا قائم ڪيا ۽ پاڻ ئي انهن جو افتتاح فرمايائون، ۽ پنهنجي متعلقين کي مدرسن قائم ڪرڻ بابت خط به لکيائون، ائين ئي سندن زندگي ۾ ڪيترن مدرسن جو ڄاروڇائجي ويو ۽ سندن وفات کان بعد سندن فرزند حضرت محمود اسعد رحه جن رهيل ڪم کي سهڻي نموني پورو ڪيو اڄ اهي ديني درسگاهون آهن، ڪجهه مدرسن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
مدينة العلوم جو قيام:
حضرت سائين حماد الله رحه پنو عاقل شهر ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان هڪ ديني درسگاهه مدرسه مدينة العلوم جو بنياد 1353 هه ۾ وڌو. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا وڏا وڏا عالم هن درسگاهه جا فاضل آهن.هن درسگاهه سان به قرآني علوم جي وڏي اشاعت ٿي آهي، هي ادارو وڏي فيضياب ادارن مان شمار ٿئي ٿو، حضرت سائين مولانا حافظ محمود اسعد رحه هن ئي مدرسه جا فاضل هئا.
دار العلوم حماديه هاليجي شريف جو قيام:
حضرت سائين هاليجوي رحه ٺيڙهيءَ ۽ پنهنجي ڳوٺ هاليجي شريف ۾ پاڻ پڙهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ڪيترن عالمن سائين جن وٽ پڙهيو ۽ دين جو وڏو ڪم ڪيائون. ڪجهه شاگردن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
مولانا قاضي حبيب الله ميمڻ ٺيڙهي، مولانا عزيز الله ٺيڙهي، مخدوم امير احمد کهڙن وارو، مولانا عبيدالله انڍڙ، مولانا نور محمد انڍڙ، مولانا عطاء الله انڍڙ ماتلي وارو، مولانا عبدالواحد ڀارو، مولانا جلال الدين ڪٽو، محمد ابراهيم ڏوهٽو، حضرت مولانا عبدالصمد موجوده سجاده نشين. پاڻ دار العلوم حماديه نالي مدرسو قائم ڪيو جنهن جي ڪفالت پاڻ خود فرمائيندا هئا، مدرسي جو ڪو سفير مقرر نه هو، هي مدرسو به ديني علوم جي اشاعت جو مرڪز ٿيو، ڪيترن عالمن هت پڙهايو ۽ برڪي طالب وڏا عالم ٿي فاضل ٿيا انهن جي هڪ تاريخ آهي چند فاضلن جا نالا هي آهن، مولانا محمد مراد سکر، مولانا فيض محمد ڊول جيڪب آباد، مولانا محمد ابراهيم ڪورائي، مولانا عبدالقيوم جاڙيجو ميرپور خاص بٺورو، مولانا حضور الدين بروهي، مولانا محمد اسحاق.
فيض يافته:
حضرت سائين هاليجوي رحه جن جي فيض جو ته ڪو ڪاٿو ڪونهي، پاڻ قرآني علوم جو جيڪو ٻج پوکي وياآهن سندن لڳايل باغ ميوا ڏئي رهيا آهن، ڪتاب سنت توحيد، جهاد، قرآن علوم جي اشاعت ۽ ديني مدرسن جو قيام سندن سنهري ڪارناما آهن، اهي تجديدي ڪارناما رهندي دنيا تائين يادگار رهندا. حضرت سائين جن قرآني تعليم جي ذريعي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا جن جون زندگيون ديني خدمتن لاءِ وقف هيون، انهنمسجدن، ۽ مدرسن ۾ تڏن تي ويهي قرآن ۽ حديث پڙهايو، ائين شاگردن جا شاگرد دين جا مبلغ تيار ٿيندا ويا، دين جي اشاعت جو ڪم وڌندو رهيو. شاگردن کان علاوه حضرت سائين حماد الله رحه جن جا فيض يافته صحبتي عالم صوفي درويش هئا جن جي ذريعي قرآني علوم جي وڏي اشاعت ٿي، شرڪ بدعت جون پاڙون پٽجي ويون.
انهن مان ڪجهه جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. جن قرآني علوم جي اشاعت ۾ پاڻ ملهايو آهي:
1. حضرت مولانا حافظ محمود اسعد هاليجوي.
2. حضرت مولانا خليفه احمد دين جرار پهوڙ.
3. حضرت مولانا عبدالعزيز رتي ديري وارا.
4. حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير شريف.
5. حضرت مولانا سيدمحمد شاهه امروٽي.
6. حضرت مولانا عبدالستار بائجي شريف.
7. حضرت مولانا قاري عبدالقادر لغاريي داد لغاري.
8. حضرت مولانا فياض نور ڪراچي وارا.
9. حضرت مولانا عبدالواحد ڪراچي وارا.
10. حضرت مولانا شير محمد تائبي سکر وارا.
11. حضرت مولانا محمد ابراهيم جکراڻي رحه ڪشمور وارا.
12. حضرت مولانا عبدالغفور ڀٽو اوٻاوڙو
13. حضرت مولانا عبدالغني جاجروي.
14. حضرت حاجي محمد سچل بلوچستان وارا.
15. حضرت مولانا عبدالله بلوچستان وارا.
16. حضرت مولانا فقير محمد سچل رحه سکر وارا ۽ ٻيا.
باقيات الصالحات:
حضرت سائين حماد الله رحه جن کان الله تعالى جيئن روحاني اولاد جي ذريعي قرآني علوم جي اشاعت جو ڪم ورتو تيئن جسماني اولاد کي به دين جي اشاعت لاءِ قبول فرمايو. حضرت سائين جن گهڻي اولاد وارا هئا. پٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا، ڏوهٽيون، داماد، سڀ عالم، دين جا مبلغ حافظ، قاري، مجاهد في سبيل الله، خطيب درويش ۽ فقير آهن. مطلب ته سڄو خاندان جنود رباني آهي ۽ جماعت حزب الله آهي. سڀ هدايت ۽ ڪاميابي جي رستي تي آهي. حضرت سائين جا فرزند مولانا محمود حسين وڏا الله وارا عبادت گذار انسان هئا. قرآن شريف سان گهڻيص محبت هوندي هين. گهڻو وقت تلاوت ۾ گذاريندا هئا. اولاد پٽن پوٽن ڏوهٽن ڏوهٽين ۾ ويهه (20) حافظ قاري آهن. سندن فرزند علامه احمد ميان حمادي، عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت سنڌ جو امير آهي ۽ دين جو ڪم ڪري رهيو آهي.
حاجي احسن مرحوم تمام نيڪ صالح، مرد مجاهد، طاقتور سگهارو مڙس هو. حضرت سائين جن جو مذهبي ۽ سياسي بازو ۽ بهترين ورڪر هو. ختم نبوت جي تحريڪ ۾ پنو عاقل ۽ ضلع سکر جي پروگرامن احتجاجن، جلوسن جي قيادت ڪندو هو. وڏو جفاڪش ۽ پاڻ پتوڙيندڙ انسان هو. جرئت ته سندن گهٽيءَ ۾ پيل هئي، S.S.P ، S.H.O، سياسي ليڊر، فوجي آمرن سان هڪل ڪري ڳالهائيندو هو. چئلينج ڪندو، للڪاريندو هو، ڪامورن جي جڙتو حد بندين، دفعه 114 جي ڀڃڪڙين ڪندي پنهنجي پروگرامن ۾ ڪامياب، سوڀارو نظر ايندو هو. لوڙهي واري مدرسي جي قيام ۾ حضرت حاجي صاحب جو مجاهدانه ڪردار شامل آهي. حضرت سائين قاري محمد علي مدني جن مون کي (ڪليم الله لغاري) رمضان شريف 1430 هه ڪراچي ۾ ٻڌايو ته جڏهن وڏا عالم سڳورا پنهنجي ڪا ڳالهه حضرت سائين حماد الله رحه جن سان نه ڪري سگهندا هئا ته حضرت حاجي احسن صاحب کي عرض ڪندا هئا توهان سائين جن کي عرض ڪريو. پوءِ حاجي صاحب بي تڪلف ۽ يارويس ماڻهو هو. عالمن، قارين جي گهڻي عزت ڪندو هو. حضرت قاري محمد علي مدني ۽ استاد قاري امير الدين ملڪ رحه جن سان دوستانه ۽ پنهنجائپ وارو تعلق هو. خوشخطبعي جي ماحول ۾ ڳالهائيندا هئا استاد قاري امير الدين انور سان گڏ مون کي ٻه ٽي دفعا هاليجي شريف ۾ حاجي احسن صاحب جي بيٺڪ ۾ ناشتو، ماني نصيب ٿي. ڪچهري حضرت سائين وڏن جا واقعا پڻ ٻڌڻ جو موقعو مليو. پر افسوس جو ياد نه ڪيم. شڪل شباهت ۾ رعبدار پر حقيقت ۾ فقير، درويش، الله وارو، بي تڪلف، خوش طبع ماڻهو هو. حضرت حاجي صاحب پنهنجو واقعو ٻڌايو ته درگاهه هاليجي شريف جي مسجد جو تعميري ڪم شروع ٿيو مان گاري جا وڏا کارا مٿي تي کڻي ڇت تي پهچائيندو هوس. شال الله جون رحمتون سندس قبر تي وسن.
جانشين قطب الاقطاب:
حضرت سائين حمادالله رحه جن جو جانشين پٽ حضرت حافظ محمود اسعد رحه مرجع خلائق، جي ڪهڙي گُڻ، وصف جا ڳالهه ڪجي. پاڻ عالم دين، حافظ قرآن، صاحب نسبت، صاحب معرفت، صابر، شاڪر، متقي، متواضع، بردبار، عالمن جا قدردان، جود ۽ سخا جا مالڪ هئا. پنهجي والد جيمشن جا سچا وارث ۽ جاءِ نشين هئا. ۽ پنهنجي والد جي لڳايل باغ جا مالي هئا.
حضرت سائين حافظ رحه هن باغ جي لڳائڻ ۾ پنهنجي والد صاحب سان ٻين ڀائرن وانگر نه فقط ٻانهن ٻيلي هو بلڪه ساقيءَ به هو. حضرت حافظ رحه جيتوڻيڪ گهڻو عرصو بيماري ۾ گذاريو ۽ درگاهه تي رهي، بيماري، ڪمزوري ۽ گهڻين عارضن هوندي به هن باغ جي اها رکوالي ڪيائين.
حافظ رحه کي پنهنجي والد جي مشن کي جاري رکڻ ۾ عالمن جي جماعت جي سهڪار کان وڌيڪ پنهنجي لائق ڪثير اولاد جي وڏي هٿي هئي. حافظ رحه جي اولاد بابت مولانا شبير احمد ڀٽو مد ظله العالي جن لکن ٿا:
حضرت حافظ صاحب رحمة الله عليه کي ڪا حضرت وڏن رحمت الله عليه جي اهڙي دعا ٿيل هئي جهڙي حضرت انس رضه کي حضور ﷺ جي دعا اللهم اڪثر ولده وماله اي الله انس جي اولاد ۽ مال ۾ برڪت فرماءِ.
ان ڪري حضرت انس جو اولاد حضور ﷺ جي دعا ڪري تمام وڌيو ۽ سندس باغ سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ڏيندو هو اهڙي طرح حضرت حافظ رحه جو اولاد (پٽ، ڌيئر، پوٽا ڏهٽا) تقريبا 100 ٿيندا ۽ سڀني جو صحيح عقيدو، سڀئي نمازي، سمورن کي ڏاڙهي، سمورن کي شرعي پردو جو ڏير ڀاڄائي جي منهن نه پوي، وري برڪت رزق ۾ ايتري جو ظاهري اسباب نه هجڻ جي باوجود به سٺو لٽو، اڇي ماني باعزت پيا کائين. لنگر جو ڪم کاڌو رڌڻ ۽ پچائڻ پاڻ حويلي جون عورتون ڪن، نه ڪا خادمياڻي مقرر آهي نه ڪو بورچي ايڏي خلق جو کاڌو پاڻ حضرت جي گهران تيار ٿئي.
اولاد ۾ ايڏي صلاحيت جو حضرت حافظ صاحب جي وصال کان بعد سندن اولاد ۾ ڪنهن قسم جو نه اختلاف نه جهيڙو اهو الله تعالى جو مٿن خاص فضل ۽ حضرت حافظ صاحب جي جيئري ڪرامت آهي. منهنجي نظر ۾ بنا ڪنهن عقيدت ۽ وڌاءُ جي پاڪستان جي سمورين ديني درگاهن، خانقاهن جي ڀيٽ ۾ هن وقت حافظ صاحبڀ رحه جي وصال کان بعد پنهنجي وڏنب جي نقش قدم سان هلائي رهيا آهن. شادي ڪو هلائي رهيو هجي.
گذريل سال 1429 هه جي ذوالحج واري عيد احقر کي درگاهه هاليجي شريف ۾ پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي. عيد واري رات عشاء نماز کان بعد دير سان حضرت سائين مولانا عبدالصمد دامت برڪاتهم جن درگاهه شريف تي ڪار ۾ پهتا. سخت تڪليف سبب ڪار جي سيٽ تي ويٺا رهيا. ٻاهر نه لٿا. حضرت سائين مولانا عبدالواحد دامت فيوضهم جن بيٺا رهيا. سائين جن پنهنجي ڀاءُ کان جماعت جو احوال پئي پڇيو ڪير آيا آهن؟ خواص (عالم) ڪهڙا آيا آهن؟ صبح جو عيد کان اڳ ۾ جماعت کي نيرن لاءِ ڇا انتظام ٿيل آهي؟ سائين عبدالماجد جن ٻڌايو ته وڇ، جهوٽو به بيٺو آهي اهو ڪوهي تيار ڪجي يا ٻي جيڪا شيءِ سائين حڪم فامئن. سائين عبدالصمد جن فرمايو وڇ تيار ڪرڻ لاءِ ماڻهو آهن، فجر نماز کان اڳ ۾ ماني جماعت لاءِ تيار ٿي ويندي؟ حضرت سائين جن کي سفر جي ڏاڍي تڪليف هئي ترت جماعت جي نيرن لاءِ راءِ نه ڏئي سگهيا ۽ سائين عبدالواحد کي فرمايائون ته ادا جنازي نماز ۾ مان نه وڃان ها توهان کي موڪليان ها. مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي پئي آهي پوءِ فرمايائون ته ماڻهو به چاهين ٿا ته مري ته ڀلي مري پر جنازو اهو پڙهائي پوءِ فرمايائون جماعت جا جيڪي ماڻهو بيٺا آهن انهن کي چئو مون سان هٿ ملائڻ چاهين ته گاڏي ۾ هٿ ملائين. مان هيٺ نه ٿو لهي سگهان. جماعت جي دوستن مصافحو ڪيو پوءِ پاڻ گهر ڏانهن هليا ويا اڌ ڪلاڪ کان بعد وري ڦيٿن واري گاڏي تي موٽي آيا جماعت جي نيرن لاءِ تياري بابت مشورو ڏنائون.

No comments:
Post a Comment