ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سنڌي ادبي تنقيد جو هڪ دور!
گل محمد عمراڻي
شاهه جي رسالي جي لغت جو بڻ بنياد ويهين صدي ۾ سنڌي ادبي تواريخ ۾ 1907ع ۾ ”غريب اللغات“ هئي، جيڪا دراصل شاهه جي رسالي جي نوحي صوفي کوجنا بابت پهرين مستند لغت هئي، جيڪا ڪَاڪي ڀيرو مل، رسالي جي پهرين ٽن سرن، سر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر کنڀات جي ڏکين لفظن ۽ جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي ٺاهي، تحقيق ڪري عوام آڏو پڌري ڪئي هئي. هي يگانو عالم سنڌي ٻولي ۽ ادب، سنڌ جي تواريخ ۽ جاگرافي، سڀيتا، تمدن، ڪلچر، علم لغت ۽ شَبدَ ڪوش جو هڪ وڏو ڄاڻو هو. سن 1923ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جو پهريون جلد شايع ڪيو، تڏهن صوفي سنت ڄيٺمل پرسرام پنهنجي مشهور هفتيوار اخبار ”ڀارتواسي“ ۾ هن ڪاوش تي سخت تنقيد ڪئي. ڀيرو مل ۽ ڪن ٻين اديبن انهيءَ ڪاوش جي کُليءَ دل سان آجيان ڪندي، انهن تنقيدي جملن جو سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو. اهڙي طرح سنڌي تنقيدي ادب ۾ هڪ عظيم الشان مناظري ۽ معرڪي جو آغاز ٿيو. ڄيٺمل پرسرام جو ادبي استغاثو ڪجهه هن ريت هو.
هن ڊاڪٽر گربخشاڻي تي ٽن خونن ڪرڻ جو الزام هنيو. (1) سنڌي ٻولي جو خُون (2) روحاني رازن جو خُون (3) رسالي جي هڪ هزار کن بيتن جو خون! ڄيٺمل پرسرام جي صحافتي ادبي تنقيد، سنڌي ادب ۾ هڪ عدد نئون بحث کوليو هو، هن چيو ته گربخشاڻي ڄاڻي واڻي سَليس ۽ سولا سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ جي بدران دقيق ۽ عميق ڳورا عربي، فارسي لفظ ۽ ترڪيبون استعمال ڪري، ٺيٺ نج سنڌي جو اصل خون ڪيو آهي. سندس لکڻي مان واضح طرح عيان آهي ته هو صاحب سولي، آسان ۽ عام فهم ٻهراڙي واري سنڌي لکي سگهيو ٿي، ٻيو ته گربخشاڻي ڪيترن لفظن ۽ بيتن جي صحيح ۽ حقيقي روحاني تشريح ڪري ڪو نه سگهيو آهي. ڄيٺمل پنهنجي بيان جي حمايت ۾ ڪئين بيت ۽ وايون ۽ انهن جي سمجهاڻي پيش ڪئي، سڀ کان وڌيڪ سنگين الزام هو ته هن دانستا پهرين جلد ۾ ئي شاهه جي رسالي مان ڪيترائي اهڙا بيت خارج ڪري ڇڏيا آهن، بغير ڪنهن علمي ادبي ثقافتي جواز جي، جيڪي آڳاٽن قلمي نسخن ۽ ڇاپن ۾ موجود آهن، ۽ انهن کي خارج ڪرڻ وقت، گربخشاڻي صاحب ڪي به وزندار دليل پيش نه ڪيا آهن. ان ڪري جيڪڏهن هاڻي ”ڇيڪ ڇڏي ڏبس ته وڻ گهوڙو ئي نه ٻڌندو،“ ۽ رسالي جي باقي ٽن جلدن ۾ اڃان گهڻا خُلم ٻاريندو. ان طرح شاهه جي رسالي مان اٽڪل هڪ هزار کن بيت هو ڪڍي ڇڏيندو، جيڪو سنڌي ساهت لاءَ وڏو هاڃو چئجي. انهيءَ ڪري گربخشاڻي واري ڇاپي کي رسالي جي صحيح نسخي هئڻ جي مهر لڳائڻ واجب نه آهي. (ڏسو مُهاڳ مُرليڌر جيٽلي جو، 11 جولاءِ 1992). مُرليڌر جيٽلي وڌيڪ هيءَ ٻڌائي ٿو ته ڀيرو مل ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ 15 نومبر 1924ع کان 10 مارچ 1938ع تائين ڪم ڪري وڏي نانءٌ ۽ وقار سان رٽائر ٿيو هو. ان کانپوءِ هن ”سنڌو“ مخزن ۾ مارچ 1938ع کان وٺي تنقيدي مقالا لکڻ مسلسل شروع ڪيا ۽ انهن ۾ هن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي جي جتي حقي تعريف و توصيف به ڪئي، ته ٻئي طرف کُلي دل سان انهيءَ ڇاپي ۾ آيل غلطين ۽ اَوڻاين جي نشاندهي به ڪئي. کيس هن رسالي ۾ خاص طور سان 3 غلطيون نظر آيون، جن جو اختصار ڪجهه هن ريت آهي. (1) هلڪڙائي واري گهرگهلي لکڻي. (2) بانور وچان بزرگ عالمن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ. (3) غلط پڙهڻيون ۽ معنائون. ڀيرو مل کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي لُغتي تنقيد تي ڪاوڙ آهي، جيڪا هن ڀرمانند ميوا رام ۽ مرزا قليچ بيگ تي ڪئي آهي، جنهن انداز ۾ هو ان حوالي سان پنهنجو رايو پيش ڪري ٿو، سو پڙهڻ وٽان آهي. ((ڏسو مُهاڳ مُرليڌر جيٽلي جو، 11 جولاءِ 1992) اهڙو ادبي انداز اسان جي علمي ادبي کيتر کان ڄڻ موڪلائي ويو آهي!
سن 1890ع ۾ ديوان ليلا رام وطڻ مل لالواڻي جڏهن شاهه جي رسالي تي پهريون انگريزي ڪتاب لکي شايع ڪيو هو، سو دراصل 1887ع ۾ قليچ بيگ جي انگريزي ڪتاب کان متاثر ٿيل هو (جيڪو پورا 100 سال گم رهيو ۽ آخر ۾ 1990ع ۾ پير حسام الدين جي لائبريري مان دستخطي نسخن جي صورت ۾ مليو. ڪَاڪو ڀيرو مل ٻڌائي ٿو ته هن کي ٻن ٽن سالن کانپوءِ ان انگريزي تحقيقي سوانح عمري جي سُڌ پيئي ته اها هٿ ڪري پڙهيائين (ان ڪتاب تي مون هڪ عدد مضمون ڀٽ شاهه تي پڙهيو هو. پر شايد ”انگريزي“ جي ڪري، ڪلچر وارن صاحبلوڪن ڇپائڻ جي به زحمت نه ڪئي). ڀيرو مل کي ان انگريزي ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ رسالي جي ڏکين لفظن جي لغت تي ڪافي اعتراض آهي ۽ هو بيان ڪري ٿو ته ان ۾ ڪيترن هنڌن تي غلط معنائون ڏنل آهن ۽ ڪيترن ڏکين لفظن جون معنائون آهن ئي ڪو نه! قصو مختصر ته ڀيرو مل اهو پهريون ادبي محقق، لغت نويس ۽ نقاد آهي، جنهن شاهه لطيف جي رسالي تي جديد طرز ۽ معيار تي، گربخشاڻي جي رسالي جي عبارتي پڙهڻي ڪئي ۽ بولچند راجپال جي ”سِنڌو“ ۾ مارچ کان آڪٽوبر 1938ع ۾ اٺن قسطن ۾ مضمون لکي سنڌي تنقيدي ادب ۾ هڪ شاندار باب جو آغاز ڪيو. انهن مضمونن جو معيار، اڄ جي تنقيد نگار جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ اسان کي چٽي طرح ڏيکاري ٿو ته ڪاڪو ڀيرو مل، ڪيڏو نه وڏو ۽ مهان شاهه جي ٻولي، فڪر ۽ لغت ۽ ڪَوش جوپارکو هو. ڀيرو مل جي وفات کانپوءِ شاهه جي رسالي تي تمام گهڻي تحقيق ٿي آهي ۽ شاهه جي ڪلام جا اٽڪل 50 کن جهونا قلمي نسخا منظر عام تي آيا آهن. علم الغات جي ڏس ۾ گهڻو واڌارو ۽ سڌارو ٿيو آهي ۽ انهيءَ ڪري جيٽلي صاحب انهيءَ حتمي راءِ جو آهي ته ”جيڪڏهن ڀيرو مل اڄ حيات هجي ها، ته نئين معلومات جي مدنظر کيس پنهنجين ڪيترن ئي راين تي سڌارا ڪرڻا پون ها“. چوندا آهن ته ”ڀَلان ڀَلي جو ڪو ڇيهو ڪونهي.“
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
by Jokhio Shafique Ahmed on Saturday, February 26, 2011 at 9:36pm
ReplyDelete