سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو ۽ اردو ميڊيا
راز ناٿن شاهي
بنگالي جوڌن ٻاهٺ سال اڳ پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ريٽي رت جو ريج ڏئي جرڪائي ڇڏيو ۽ گڏيل قومن جي اداري هن يادگار ڏينهن کي ”عالمي ٻوليءَ جو ڏينهن“ تسليم ڪندي پڌرائي ڪئي جنهن کان پوءِ زمين منجهان نڪتل، جهرجهنگ، سمونڊ جبل، ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ ۾ عام انسان، ٽئگور ۽ نذر الاسلام جي مٺڙي ٻولي هن وقت سڄي ”سونار بنگلا“ ۾ سرڪاري آفيسن کان وٺي زندگيءَ جي هر موڙ تي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي، اهو يادگار ڏهاڙو هر سال سڄي دنيا ۾ ايڪيهين فيبروريءَ تي ملهايو ويندو آهي ۽ سنڌ ۾ به وڏي جذبي سان اخبارن ۾ مضمون لکيا ويندا آهن، ٽي وي چينلز (سنڌي) خاص پروگرام ترتيب ڏئي ٽيليڪاسٽ ڪندا آهن ۽ سنڌي اديب، شاعر، سياسي ليڊر، صحافي دل کولي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.
هن سال ايڪيهين فيبروري سومر ڏينهن سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ان ڏينهن ملهائڻ سان گڏوگڏ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ واري احتجاجي سلسلي کي به ڳنڍيو ويو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڄام شوري، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ جي شاخن به شرڪت ڪئي. هن ٻوليءَ واري احتجاجي سلسلي ۾ اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان گڏ ڪجهه سنڌي سياسي اڳواڻن به پنهنجن بينرن ۽ جهنڊن سان شرڪت ڪئي ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلز لاءِ پنهنجا خيال ريڪارڊ ڪرايا.
ڪراچي پريس ڪلب اهو هنڌ آهي جتان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي خبرون موڪليون وينديون آهن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي ادب يا سنڌي صحافت جي حوالي سان ڪو اهڙو ڏينهن، ڪو اهڙو جلسو، ڪو اهڙو احتجاج پريس ڪلب جي ڌيان ڇڪائڻ خاطر، اردو پريس کي اطلاع ڏيڻ جي لاءِ، دنيا جي ٻين قومن کي ٻڌائڻ واسطي رٿيو ويو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب سدائين ڪن لاٽار ڪئي آهي!! جنهن مان اهو محسوس ڪيو ٿو وڃي ته ڪراچي پريس ڪلب جي ڪجهه طاقتور اخبار نويسن کي سنڌ جي ٻولي، ثقافت، ادب ۽ جينئن مسئلن سان ڪا به دلچسپي ناهي!! سنڌي ادبي سنگت جي گلشن حديد واري ڪوآرڊينيٽر اسان جو شاعر دوست اصغر باغي هن شاندار احتجاجي ريلي جي پريس رليز هڪ هڪ اخباري عيوضيءَ کي فوٽو ڪاپي ڪرائي آخر تائين ڏيندو رهيو. پريس ڪلب جي اندر قائم ٿيل ڪائونٽر تي ويٺل ذميوار ماڻهوءَ کي هڪ ڪاپي ٻيهر يادگيريءَ لاءِ ڏني پر صبح جو ڪنهن به اردو اخبار ۾ ڪنهن به صفحي ته سنگل ڪالم هيڊنگ سان به اها خبر ڪو نه ڏٺي وئي جنهن کي سنڌي اخبارن چار ڪالم جي رنگين تصوير سان پنهنجي فرنٽ پيج تي جاءِ ڏني ۽ سنڌي ٽي وي چينلز ان ڏينهن ئي پنهنجين خبرن ۾ مانائتي ڪوريج ڏئي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ٿڇ ملهائي.
سنڌ ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪندڙ ڪنهن به ٻوليءَ جون اخبارون يا ٽي وي چينلز شروع کان وٺي اهڙن سنڌي قومي مسئلن کي ڪا به اهميت ڏيڻ کان سدائين لنوائيندا رهيا آهن!! هن وقت سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ شهر ۾ اردوءَ سان گڏوگڏ پشتو، بلوچي ۽ پنجابي ٽي وي چينلز پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ اهڙيءَ ريت اردو قومي اخبارون ننڍيون توڙي وڏيون هن شهر منجهان بي شمار شايع ٿين ٿيون، پر اهو ڏسندي سنڌ واسين کي سدائين ڏک محسوس ٿيندو آهي ته هنن سنڌ جي بنيادي مسئلن تي ڪڏهن به ڀرپور انداز سان روشني ڪو نه وڌي آهي!! پوءِ چاهي اهو سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ وارو بربادي جو قصو هجي يا سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل تمام وڏو هاڃو هجي!! هن وقت قوميءَ اسيمبلي جي هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ وارو بل پيش ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪيترن ئي سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهڻ وارن جون صحيحون ٿيل آهن، سڄي سنڌ ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، شاگردن ۽ سماجي اڳواڻن طرفان پهرين فيبروريءَ کان احتجاجي ريليون، جلسا ۽ گڏجاڻي جاري آهن جيڪي سنڌي ميڊيا روزانو عام ماڻهن تائين پهچائي رهي آهي پر اردو ميڊيا هن هيڏي وڏي احتجاجي سلسلي کي پنهنجن اخباري صفحن ۽ پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي هڪ فلر جي طور تي به جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي!!! ۽ هيءَ اها ئي سوچ آهي جيڪا ”ڪراچي اور سنڌ“ جي پيداوار آهي.
سنڌ سدائين ڌارين جي ٻولي، انهن جي ڪاروبار ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو ساٿ ڏنو، سنڌي سانگيئڙن پاڻ بکون ڪاٽي ٻين جا پيٽ ڀريا، پنهنجي جيءَ ۾ هر مهمان کي جاءِ ڏني پر آخر ۾ ڏٺو اهو ويو ته جن کي جتيءَ سوڌو کٽ تي مان ڏئي ويهاريو ويو انهن ئي ڏکئي وقت ۾ ڪلهي ڪڍائڻ ۾ دير نه ڪئي! سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو حيدرآباد ۾ دانشورن، اديبن، صحافين، شاعرن ۽ سماجي رهنمائن جون گڏجاڻيون ڪوٺائي، ٻولي ڪاميٽي ٺاهي، پريس ڪانفرنس ڪئي، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مانواري ماروي ميمڻ سنڌي ٻوليءَ بابت اسلام آباد جي اقتداري ايوانن ۾ واڪا ڪيا پر پوءِ به اسان جي اردو ميڊيا پنهنجي اڻ ڄاڻائي واري روش نه بدلائي ڇو جو سڀني باخبر ۽ هوش مند انسانن کي اها خبر آهي ته هي ”سنڌي ٻولي“ جو مسئلو آهي جنهن جي منظور ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان هن ”قومي ميڊيا“ تي ڪو خاص اثر نه پوندو پوءِ ڇو ويهي هنن لاءِ ڪاغذ ڪارا ڪيون يا پنهنجي ٽي وي چينلز تي خبر ٽيليڪاسٽ ڪيون!!
اسان جي بدقسمتي اها آهي جو هن سنڌ جي قومي مسئلي کي ڪنهن به ٻئي صوبي پنهنجو مسئلو ڪڏهن به نه سمجهيو آهي!! ڇو جو هنن کي خبر آهي ته سنڌي ٻولي سڀ کان پراڻي ۽ هڪ شاندار ماضي رکندڙ مٺڙي ٻولي آهي. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته مرڪزي توڙي صوبائي اقتداري ايوانن ۾ وڏو تعداد رکندڙ سنڌي ميمبر به هڪ آواز ٿي هن خالص سنڌ جي قومي مسئلي تي نٿا ڳالهائن!! محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ هي مطالبو رڳو ماروي ميمڻ يا سسئي پليجو جو آهي!! يا صرف يوسف ٽالپر، غوث بخش مهر يا غني ٽالپر پاران اجايو کڙو ڪيل مسئلو آهي!!؟ هن ٻوليءَ واري مطالبي کي وڏن ايوانن ۾ ويٺل وس وارن صوبائي مسئلو سمجهي هڪ وڏو مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پر ائين نه ٿئي جو هيءُ ٻوليءَ وارو بل اقتداري ايوانن منجهان نڪري عوامي ميدانن ۾ اچي وڃي. جنهن کان پوءِ هڪ نئين راند رچي پوندي، ڏيئا ڏيئا لاٽ ٿي پوندا، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ هڪ نئين قسم جا هوڪرا جنم وٺندا ۽ هنن هوڪرن جي پڙلاءَ سان يقينن وڏا وڏا جبل به لرزي اٿندا جنهن کان پوءِ اهو مطالبو مڃڻ هڪ مجبوري هوندي پر دلي خوشي نه!!.
موجوده وقت هڪ عوامي سرڪار جو آهي جنهن لاءِ هر صوبي جو خيال رکڻ، هر صوبي جي قومي ٻوليءَ کي مان ڏيڻ ۽ هر صوبي جي ادبي، صحافتي، ثقافتي سلسلن کي اجاڳر ڪرڻ سندن فرض آهي ۽ سنڌ ۾ ڪاروبار ڪندڙ هر زبان جي اخبار توڙي ٽي وي چينلز جو اخلاقي فرض آهي ته هو مقامي رهواسين جي مسئلن تي دل کولي روشني وجهن ۽ پنهنجي اخبار ۽ ٽي وي چينل کان علاوه انهن کي پنهنجي جيءَ ۾ به جاءِ ڏين.
raznathanshahi01@hotmail.com
by Jokhio Shafique Ahmed on Sunday, February 27, 2011 at 5:45pm
ReplyDelete