سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪارروايون
وليداد ”ولي“
حصو پهريون
سن 1942ع ۾ حصرت پير صبغته الله ساهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروايون شورع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ آلا به سڙي ويا، انگريزحڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ مهسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.
مارشل لا ايراضيءَ وارو ماحول:
دنيا ۾ ٻي عظيم جنگ چالو هئي ۽ جرمن فوجون طبرقو ۽ ايران جي سرحدن تائين پهچي چڪيون هيون، هندستان ۾ ڪانگريس ڪُئٽ، انڊيا، تحريڪ شروع ڪري ڏني هيئ، مطلب ته انگريزن لاءِ هيءُ وقت انتهائي آزمائش وارو هو، سنڌ ۾ حرن غازي جماعت، جي نالي سان هڪ عظيم الشان تنظيم قائم ڪئي هئي، جنهن جو صدر مقام ڪيٽيءَ ۾ هو، ۽ معاون مرڪز گڙنگ وارو بنگلو (سانگهڙ) هو انگريزن پير پاڳاري کي ملاقات جي بهاني ڪراچيءَ ۾ گهرائي کڻي نظربند ڪيو، ان جي خلاف حرن پهريائين خاموش مظاهرا ڪيا، پر انگريزن کي هن تنظيم کي اصل برباد ڪرڻو هو، تن حرن سال ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي، نتيجو اهو نڪتو جو هڪ طرف سکر کان وٺي سانگهڙ تائين، ٻئي طرف سعيد آباد کان وٺي کڏڙي تائين، ٽئين طرف هٿونگي کان وٺي شهدادپور تائين، ۽ چوٿين طرف جيسلمير جي سرحد کان وٺي چوٽيارين تائين، ميدان جنگ جو نظارو پسڻ ۾ ٿي آيو، هڪ طرف سرڪار جا خير خواهه جاسوس، حرن هٿان پئي قتل ٿيا، ته ٻئي پاسي حرن خلاف ڪاررواين جي آڙ ۾ انگريزي فوجن ڳوٺن جا ڳوٺ باهين ۾ پئي جلايا، حرن ڪٿي ريلون پئي ڪرايون ته ڪٿي کڏون کوٽي پوليس ۽ فوج جون لاريون باهه جي نذر پئي ڪيون، مطلب ته سنڌ جي انهن ايراضين ۾ ميدان جنگ وارو نظارو هو.
13 مئي 1943: فوج ۾ ڀرتي
تاريخ 12 مئي سن 1942ع ڏهين بجي صبح جو، آءُ حيدرآباد جي ايس پي جي آفيس ۾ پهتس، جتي فرنٽ صاحب سنڌ پوليس رينجرس نالي هڪ فوج حرن جي مقابلي لاءِ بڻائي رهيو هو، هن فوج ۾ صرف بروهي، بلوچ ۽ قبائلي ايراضين جي جوانن کي ڀرتي پئي ڪيو ويو، جيڪب آباد، گنداوا، نوشڪي ۽ هزارا مان هزارين جوان ڀرتيءَ لاءِ اچي رهيا هئا، بطور ڪوارٽر، ماسٽر، بلوچ ڪمپني ۾ ڀرتي ٿيس، جنهن ۾ جيڪب آباد ۽ گنداوا جا 200 کن بلوچ نوجوان شامل هئا، اسان کي مسلسل ٽن مهينن تائين جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ وڙهڻ جي ڪامل ٽريننگ ڏني وئي، هن فوج جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل ايڇ پي ٿامس هو، جو هڪ تجربيڪار پوڙهو فوجي آفيسر هو ۽ سنڌي، بروهڪي ۽ بلوچي زبانون بخوبي ڄاڻيندو هو.
22 جولاءِ (سومر) 1943: مارشلا لا ايراضيءَ ڏانهن روانگي:
جڏهن اسان واري اي ڪمپني، مڪمل ط رح تيار ٿي وئي ته اسان کي سنجهوري ڏانهن وڃڻ جا احڪام مليا، اسان جي ڪمپنيءَ جو ڪمانڊر ڪيپٽن ڊبليو ايڇ لانگ هو، جنهن کي سنڌي زبان سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هن مون کي پنهنجو استاد مقرر ڪيو ۽ آءُ هن جي ويجهو رهڻ لڳس، هيءُ آفيسر نهايت چالاڪ ۽ چابڪ دست هو، هن وٽ ڪيترا فوجي آفسر ايندا ويندا هئا، جن مان ميجر جنرل رچرڊسن، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ سدرن سرڪل ۽ ايڊمنسٽريٽر مارشل لا مسٽر آر ايڇ سمپسن، ايس پي نواب شاهه ۽ مسٽر ايڇ ٽي لمبرڪ، اسپيشل ڪمشنر مارشل لا ايريا، جا نالا قابل ذڪر آهن، اهي ئي ٽي مکيه آفيسر هئا، جي حرن کي برباد ڪرڻ جا اپاءَ ۽ پروگرام بڻائيندا هئا.
اسين صبح جو سوير ستين بجي، ريل ۾ سوار ٿي، ٻن پهرن ڌاري سنجهوري پهتاسيون ۽ شهر جي ڀرسان لوڪل بورڊ بنگلي ۾ قيام پذير ٿياسون، اهو ڏينهن سومر، 22 جولاءِ 1942ع هو، هتي پنجاب ريجمينٽ جي هڪ ڪمپني اڳي ئي موجود هئي، اهو ڏينهن ڪئمپ لڳائڻ ۾ لڳي ويو، ٻئي ڏينهن صبح جو، فوجي جوان پريڊ کي لڳي ويا ۽ آءُ شهر ۽ آس پاس جو جائزو وٺڻ لاءِ بازار ويس، شهر ۾ ملسمانن جي بربادي، درو ديوار مان ظاهر هئي، هر مرد ۽ عورت جي چهري تي مايوسيءَ ۽ دهشت جا آثار نمايان هئا، باقي رهيا هندو واپاري، جن جي دڪانن جي بازار ۾ اڪثريت هئي، سي سندن قديم منافقانه چال مطابق، ساڌن سان سنمک، پنئچن سان پورا هئا، يعني هڪ طرف حرن سان، بحيثيت پاڙي وارن جي، پريت جي ريت ۾ رنڱيل هئا ته ٻئي طرف ڳجهيءَ طرح انگريز آفيسرن وٽ جاسوس بڻجي سرخرو پئي رهيا، هر طرف فوج ۽ پوليس جو دور دورو هو، وچ بازار ۾ منهنجي ملاقات محمد صالح نالي هڪ ديندار واپاريءَ سان ٿي، گفتگوءَ دوران هن صاحب مون کي ٻڌايو ته حرن جي بهاني سان پوري مسلمان قوم هندن ۽ انگريزن جي انتقامي جذبي جو شڪار بڻجي رهي آهي، پوليس جي پِٺُن جي ٻيگهي متل هئي، جنهن به ماڻهوءَ ڏينهن نشاندهي ڪن ٿا ۽ جو به کين خاصي رقم نٿو ڏئي، تنهن کي حر ظاهر ڪري ٻه شاهد هٿرادو بڻائي گرفتار ڪرايو ڇڏين، ان طرح ڪيترا بي گناهه برباد ٿي ويا آهن، ۽ ٿي رهيا آهن
جاري آهي
http://www.awamiawaz.com/2011/March/31st/digest/02.htm
حصو ٻيو
سنڌ ۾ انگريزن جي پهرئين مارشل لا دوران قهري ڪارروايون
وليداد ولي
سن 1942ع ۾ حصرت پير صبغته الله ساهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروايون شورع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ آلا به سڙي ويا، انگريزحڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ مهسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.
25 جولاءِ 1942ع: ڪورٽ، مارشل
25 جولاءِ 1942ع، خميس ڏينهن آئون آفيس ۾ ويٺو هئس ته هڪ واڻيو جُتي لاهي هٿ ٻڌي اندر آيو ۽ روئي چيائين ته سائين مون کي مسلمانن ماريو آهي ۽ گهر ڦريو اٿن. هن جي روئڻ تي اسان جو ڪمپني ڪمانڊر ٻاهر نڪري آيو ۽ سندس بيان ٻڌڻ کان پوءِ چار سپاهي ساڻس همراهه ڪري حڪم ڏنائين ته جوابدارن کي وٺي اچو. ٿوري وقت کان پوءِ هو ٻن ماڻهن کي وٺي آيا، جن جو بيان صاحب قلمبند ڪيو ۽ مون ترجمان جا فرائض بَجا آندا. هنن جو بيان هو ته هنن سال کن اڳ مذڪور واڻئي کان ٻه سئو رپيا اڌارا ورتا هئا ۽ ڪجهه رقم واپس به پئي ڪيائون پر غريب هاري هئڻ ڪري هاڻي يڪمشت پوري رقم، يعني واڻئي جي حساب موجب ڪل ساڍا ٽي سئو وياج سوڌا ڀري ڏيڻ جي هنن ۾ طاقت ناهي، هاڻي هو بهانو بنائي کين سزاياب ٿو ڪري ته جيئن ٻيا کانئس هيسيل رهن. بيان جي سچائي سندن ڳالهائڻ مان ظاهر هئي، پر انگريزن جي نظرن ۾ هن ايراضيءَ جي معتوب مسلمان جي ڳالهه کي ڌيان ۾ نه آندو ويو. فورن دائيءَ مدعيءَ سوڌا ٽرڪ ۾ سوار ٿي اسين جهول پهتاسون، جتي ٽن ڪلاڪن اندر هنن کي ڦر ۽ مارڪٽ جي الزام هيٺ ڪورٽ، مارشل ڪري ٽن ٽن سالن لاءِ سخت پورهئي سان سزاياب ڪري، سينٽر جيل اماڻيو ويو. جهول ڪورٽ مارشل عدالتن جو گويا ان وقت مرڪز هو.
ڪورٽ مارشل ڇا هئي؟ ”مارشل لا“ هيٺ آيل سڀني ايراضين سان فوجي قانون لاڳو ڪيو ويو هو. هر هڪ تعلقي ۾ وڌ ۾ وڌ چار ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فوجي عدالتون مقرر ٿيل هيون. هر هڪ ڪورٽ ۾ چار فوجي آفيسر ”جج“ مقرر ڪيا ويا هئا. هن مان ٽي ”ليفٽيننٽ“ جي عهدي کان وٺي ”ميجر“ جي عهدي وارا آفيسر هئا ۽ هڪ ”ڪرنل“ يا ”ليفٽيننٽ ڪرنل“ چيف جج جي حيثيت ۾ انهن مٿان مقرر ٿيل هو. هر قسم جا ڏوهي انهن عدالتن ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. اهي آفيسر گهڻو ڪري انگريز هئا، جن جو نظريو گهڻو ڪري حُرن جي خلاف هو. مون اکين سان ڏٺو ته عام طرح معمولي چوريءَ ۾ سوِل عدالت ڇهن مهينن کان وٺي ٻن سالن تائين سزا ڏيندي هئي، پر اهڙي ساڳيءَ نوعيت واري ڪيس ۾ هتي ستن سالن کان وٺي ويهن سالن تائين به سزائون ڏنيون ٿي ويون. انهن عدالتن ۾ گهڻو ڪري چالان ڪندڙ يا فرياديءَ جو بيان بطور گواهه جي قبول ڪيو ويندو هو ۽ بس نه ڪو هو وڪيل، نه ڪو بچاءُ، رڳو هو ”جلدي اُڪلاءُ“.
مٿي بيان ڪيل بدقسمت شخص کي به ان قسم جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ مون بطور ترجمان جي فرائض بجا آندا. فريادين جو فرياد ته ”اسين دڪان کان گهر آياسين ته هنن حملو ڪري مار ڏيئي، گهر ۾ ڌڪي، زالن کي ڏنڊا ڏيکاري، مال ڦريو آهي“. جوابدارن جو بيان هو ته ” اسين مسڪين،.. هيسيل ۽ بيگر ۾ وهندڙن جي ڀلا ايڏي جرئت ڪٿان ٿيندي جو ههڙي وقت ۾، جڏهن هر طرف بندشون ۽ بندوقون لڳيون پيون آهن، پرائي گهر ۾ داخل ٿي ڏينهن ڏٺي ج’و ڦر ڪنداسين! اصل معاملو قرض بابت آهي، ۽ هنن ڪوڙو فرياد ڪري اسان کي اٽڪايو آهي“. ان کان پوءِ انگريز آفيسرن، پاڻ ۾ سُس پس واري صلاح ڪري، کين مذڪوره بالا فيصلو ٻڌائي جيل روانو ڪيو ۽ هندو خوش خوش ٻاهر نڪري راهي ٿيا.
غداريءَ ۽ جان نثاريءَ جو حيرت انگيز مثال:
هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته هڪ سنڌي پوڙهو ماڻهو آيو ۽ چيائين ته ”صاحب سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻو آهي“. ٿوري وقت کان پوءِ اسان جو آفيسر مسٽر سمپسن ٻاهر آيو، ۽ سئو کن سپاهي ساڻ وٺي، هڪ طرف روانو ٿي ويو. چئن ڪلاڪن کان پوءِ هو هڪ نوجوان حُر کي بندوق سميت ٻنيءَ مان جيئرو گرفتار ڪري، ڪئمپ ۾ وٺي آيا. مسٽر سمپسن ايس پي نوابشاهه گهربل حرن جي لسٽ چڪاسڻ بعد ڏهن رپين جو نوٽ کيسي مان ڪڍي هن پوڙهي سنڌيءَ کي ڏنو، جنهن نوٽ هٿ ۾ جهلي کيس چيو: ”اهو ڏهن جو نوٽ مون کي لکن برابر آهي: پر صاحب، انجام موجب، منهنجي پٽ کي جيل مان ڪڍائڻ جو انتظام ڪريو ته ٻيا به جام جهلائي ڏيانو!“ بعد ۾ معلوم ٿيو ته گرفتار ٿيل نوجوان جو نالو منٺار خاصخيلي هو ۽ پوڙهو سندس ويجهو مائٽ هو، جنهن پنهنجي پٽ جا بند خلاص ڪرائڻ لاءِ سرگرم غازيءَ کي ڪنهن بهاني سان ٻنيءَ ۾ ويهاري، دوکي سان گرفتار ڪرايو هو! نوجوان شڪل جو ملوڪ ۽ جسم جو جانٺو هو. سندس تلاشيءَ مان هڪ دونالي بندوق، سرميداڻي، چار چانورن جون مانيون، ٻه سئو رپيا نقد، هڪ عمدو خنجر ۽ ڪجهه ڪارتوس نڪتا. هن جوان ڪيترن معرڪن ۾ حصو ورتو هو. گرفتاريءَ کان پوءِ باوجود انتهائي جسماني عذاب جي حر تحريڪ بابت هن هڪ ڀڻڪو به زبان مان نه ڪڍيو. راز ٻڌائڻ جي عيوض جيتوڻيڪ کيس ڇوٽڪاري جو واعدو ڏنو ويو، پر هو ڦاسيءَ جي تختي تائين بلڪل ڳنڀير ۽ خاموش رهيو. پاڻ ۽ سندس پوڙهو مائٽ: ساڳيو خاندان، ته ساڳي بيعت! اهو آهي غداريءَ ۾ جان نثاريءَ جو چشم ديد مثال!
ان وچ ۾ حرن جا روبرا مقابل ۽ شبخُون جا واقعا ٿيندا رهيا. حر ڏيڍ سئو کان وٺي ڏهن ماڻهن جي ٽولن ۾ ڪئمپن تي حملي آور ٿيندا هئا، بعضي گهاٽ ۾ ويهي گوليون هلائيندا هئا. سندن پروگرام ۾ اڳتي وڌڻ يا شهيد ٿيڻ هو پوئتي ڀڄڻ يا زندهه گرفتار ٿيڻ انهن لاءِ ٻڏي مرڻ وانگر هو. جديد فوجي ٽريننگ موجب ڄڻ گوريلا جنگ جا مڪمل ماهر هئا. نشاني باز وري اهڙا هئا جو جيڪڏهن ساڄيءَ اک جي شست ٻڌن ته مجال آهي جو گولي کاٻيءَ اک ۾ وڃي لڳي! اهڙيءَ حالت ۾ فوج کي ڏينهن رات انتهائي مستعد رهڻو پوندو هو. ٿوري ئي کڙڪي تي سڄي فوج حرڪت ۾اچي ويندي هئي. بعضي ته ڪي مزيدار غير معمولي واقعا به ٿيندا هئا جن مان هڪ واقعو قارئين حضرات جي دلچسپيءَ لاءِ قلمبند ڪريان ٿو.
حصو ٽيون
سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪارروايون
وليداد ”ولي“
سن 1942ع ۾ حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.……ادارو
1 سيپٽمبر 1942ع حواس باختگيءَ جو هڪ مزيدار واقعو
1 سيپٽمبر سن 1942ع جمعي جي رات جو کائي پي يٽ شٽ هڻي ”لائيٽ آف“ جي بگل وڄڻ کان پوءِ سڀ ڪو پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي آرامي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ حر اڪثر شبخون ماريندا هئا. جنهن ڪري رات جو باهه ٻارڻ جي منع هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيڙي دُکائيندو هو ته به ڪمبل جي جُهنڊ ڪري ان جي اندر تيلي ٻاريندو هو. سپاهي بندوق ٽنگ سان ٻڌي سمهندا هئا ته اوچتي حملي مهل اونداهه ۾ هٿيار آسانيءَ سان هٿ اچي سگهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ ٻي بجي مهل، هڪ پهريدار کي پريان ٻوٽن ۾ کڙ کڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ڀر واري پهريدار جو توجهه ان طرف ڇڪايو، دستور موجب نامعلوم کڙ کڙ ڪندڙ کي فوجي زبان ۾ چئلينج ڏيندي چيائين: ”Halt!.. who goes there?“ (بيهي رهه!.. ڪير آهين؟) پر جواب ندارد. قاعدي موجب ٽي دفعا اهي اکر ورجائي بندوق سڌي ڪري وٺي ڪيائين فير، ٺڪاءَ جي آواز تي ٻين پهريدارن به پنهنجون بندوقون ان طرف ڇوڙيون. سڀ فوجي جاڳي پيا ۽ فائدي موجب ڊوڙندا ڊوڙندا خندقن ۾ بيهي فير ڪرڻ لڳا. آخر ڪجهه وقت کان پوءِ آفيسر فير بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سرچ لائيٽيون چالو ٿي ويون- رات مان ڏينهن بڻجي ويو. آفيسر حال معلوم ڪرڻ کان پوءِ هڪ دستي کي خبرداريءَ سان کڙ کڙ واري هنڌ ڏانهن وڌڻ لاءِ حڪم ڏنو.بس سائين مڙس ”ٻلي پير وڃا، ٻلي پير وڃا“-، آهستي آهستي پيٽ ڀر سرڪندا، اوڏانهن وڌندا ويا. آخرڪار بلڪل ويجهو پهچي وٺي جو ٽارچ روشن ڪري ڏسن ته خير سان هڪ گڏهه گولين لڳڻ جي ڪري گپ بڻيو پيو آهي! مطلب ته هراس جو اهو حال هو جو جنهن کڙ کڙ کي هنن حرن جو حملو پئي سمجهيو سو اصل ۾ هڪ گڏهه جو آواز هو جو ٻوٽن ۾ ليٿڙيون پائي پنهجو ڏينهن جو ٿڪ ڀڃي رهيو هو،. پر ڊپ وچان سنترين ائين سمجهيو ته حر حملي لاءِ ٻوٽن وچان اچي رهيا آهن! صبح جو حساب ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اٽڪل سوا سئو کن گوليون بيڪار ضايع ٿي ويون! خاص ڪري مٽوءَ (خاصخيلي) نالي هڪ حر ڪمانڊر جو اهڙو ته رعب انگريز آفيسرن جي دلين تي ڇانيل هو، جو هڪ انگريز آفيسر جنهن جو نالو ليفٽيننٽ ايبرنٽي (P.P.Abernety) هو، سو اڪثر ڊپ وچان جهنگل ڏانهن نهاري چوندو هو ته ”اگر يهان سي مٽو آيا تو ڪيا حال هوگا، ڪيسا مقابلا هوگا!“ مٽوءَ جو نالو وٺي، چرين وانگر ڇرڪ ڀريندو هو ۽ ڪمپنيءَ لاءِ چرچي جو باعث بڻجي ويندو هو.
4 جنوري 1943ع: مکي ٻيلي ڏانهن روانگي
4 جنوري سن 1943ع سومر ڏينهن اسان جي ڪمپنيءَ کي مکي ٻيلي اندر ”پَڪ-سِري“ موريءَ ڏانهن وڃڻ جا احڪام پهتا. اسين صبح جو سنجهوري مان روانا ٿياسون. سامان سڙو، تنبو وغيره، فوجي لارين ۾ اڳواٽ روانا ڪيا ويا. آئون دفتري سامان سميت، چئن سپاهين جي معيت ۾ ڪمپنيءَ کان اڳواٽ گهوڙن تي روانو ٿيس. چار ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسين شاهي سڙڪ تي پهتاسون، جيڪا شهداد پور کان سانگهڙ ڏانهن وڃي ٿي. رستي تي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا دل ڏاريندڙ نظارا ڏٺاسين. رستي جي ٻنهي پاسن سڙيل ڳوٺ ۽ دونهانٽيل جهنگ ڏسڻ ۾ آيا. ٻنيون ٻارا ڪاراٽيل هئا. رستي تي اڪثر ڪري ملٽريءَ جون لاريون اچي وڃي رهيون هيون. ڪو ڪو سنڌي ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڪٿي ڪٿي نظر ٿي آيو، نه ته الله ئي الله- ڄڻ ته مُلڪ ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. ماحول ۾ هيبتناڪ وحشت ۽ دهشت ڦهليل هئي.
http://www.awamiawaz.com/2011/April/1st/digest/02.htm
سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪارروائيون
وليداد ”ولي“
حصو: 4
سن 1942ع ۾ حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو...... ادارو
1، سيپٽمبر 1942ع، حواس باختگي جو هڪ مزيدار واقعو
اٽڪل اَٺ ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ جهول جي ڳوٺ پهتاسين. سڙڪ جي ساڄي پاسي شهر هو، ۽ کاٻي پاسي ملٽري-اسٽيشن هئي. اسٽيشن سان لڳو لڳ ميدان تي فيلڊ-سپلاءِ-ڊيپو هو، جنهن ۾ اناج جون هزارين ڳوڻيون، پيٽرول جا ڊرم، راشن جا کوکا ۽ فوج لاءِ ٻڪريون ۽ دنبا موجود هئا. سانگهڙ ايراضي واريءَ فوج جي راشن جو هيءُ مکيه مرڪز هو. اسان هتان اناج لاءِ ”انڊينٽ“ ڏني. جيسين راشن جو انتظام ٿئي، تيسين آئون جهول جي شهر ۾ ويس. هتي البت چڱي هلچل هئي ۽ مسلمانن ۾ البت انتظام ۽ بيداري هئي. هتي منهنجي ملاقات مير الله بخش خان ٽالپور ۽ مير جان محمد سان ٿي، جي بازار جي وچ ۾ پنهنجيءَ اوطاق کي هڪ مرڪز بڻايو ويٺا هئا. اتي مون کي چڱا تعليم يافتا ڪارڪن ڏسڻ ۾ آيا. جهول مان هلي، اٽڪل ست ميل پنڌ ڪري، اسين سانگهڙ جي شهر ۾ آياسين. هتي اسان کي ڪمپنيءَ جي اچڻ تائين ترسڻو هو. جيئن ته وقت ڪافي هو، ان ڪري همراهن کي هٿيڪو ويهاري، آئون شهر ۾ آسپاس معائني لاءِ ويس. سانگهڙ جي بازار جي ڇيڙي تي جيڪو جهول جي رخ ڏانهن آهي لوڪلبورڊ بنگلي ۽ ان جي باغيچي ۾ ملٽريءَ جي موٽر ٽرانسپورٽ ورڪشاپ (M.T. workshop) قائم ڪئي ويئي هئي. جتي سوَن جي تعداد ۾ فوجي ٽرڪون مرمت لاءِ بيٺل هيون. هتي ڀانت ڀانت جا فوجي ڪاريگر ڏسڻ ۾ آيا. ان جي ڀرسان، جهول واري پاسي، خاردار تارن جي لوڙهن اندر، جهوپڙيون، ڇنا ۽ رانئٽيون ڏسڻ ۾ آيون، جن جي اندر حُر عورتون ۽ ٻار نظربند هئا. مون وٽ پنهنجي آفيسر جو ڏنل عام اجازت نامو هو، ان جي آڌار تي، بهانو بڻائي، اندر ڪئمپ ۾ گهمڻ لاءِ ويس. هن ڪئمپ ۾ جوان ۽ پوڙهيون عورتون ۽ ٻار هئا. جن جي نگراني پٺاڻ فوجي ڪري رهيا هئا. مون کي ڪِن عورتن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو ۽ معلوم ٿيو ته انگريزي فوجن، حر-ايريا ۾آباد ڳوٺن تي عام جام حملو ڪري، مردن کي ماري يا گرفتار ڪري، ڳوٺن کي باهيون ڏيئي، عورتن ۽ ٻارن کي آڻي هن ڪئمپ ۾ سٿيو آهي.
http://www.awamiawaz.com/2011/April/3rd/digest/02.htm
سنڌي ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪاروايون
وليداد”ولي“
حصو پنجون
سن 1942ع ۾ حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.……ادارو
مورخه_5 سيپٽمبر، 1943ع: ڪمپنيءَ جو اچڻ ۽ اڳتي وڌڻ
تاريخ 5 سيپٽمبر 1943ع آچر جي ڏينهن صبح جو ڪمپني آئي ۽ اڳتي وڌياسون، رستي تي اهي ئي ناس ٿيل ڳوٺ، ۽ فوجن جي آمد رفت ڏسڻ ۾ آئي، رڳو هڪ ڳوٺ رستي جي کاٻي پاسي صحيح سلامت نظر آيو، جو انگريزن لاءِ ڇڏيو هو ته سندن فوجن لاءِ کير، مرغيون، بيضا ۽ خابرو ميسر ٿي سگهن، اهو ڳوٺ ماڇين جو هو، چئن ميلن جي مسافري ڪرڻ کان پوءِ اسين باکوڙي نالي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پهتاسين، جتي هڪ بٽالين موجود هئي، هڪ وڏي فوجي اسپتال ڇنن ۽ تنبن ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ صرف فوجي بيمار تيماداريءَ لاءِ رکيل هئا، هتي وايرليس سيڪشن اسٽيشن به هئي، جنهن ۾ انگريز ديسي ماڻهن کي وايرليس ذريعي پيغام رسائيءَ جو علم سيکاري رهيا هئا، باکوڙو هڪ نهايت پر فضا مقام آهي، ڳوٺ جي اتر ۾ اوڀر طرف مکي ٻيلو اصل هتان شروع ٿئي ٿو، ڳوٺ جي ڏاکڻي پاسي کان مٺڙائو واهه وهندو وڃي، جنهن جي مٿان پل ۽ ريگيوليٽر آهي، باقي اوڀر طرف پوٺو آهي.
مورخه_ 6 سيپٽمبر، 1943ع مکيءَ ۾ داخلا:
6 سيپٽمبر تي اسان جي ڪمپني مٺڙائو واهه وارو ڪئنال پاٿ وٺي مکيءَ ۾ داخل ٿي، واهه جي ٻنهي پاسن کان نگاهه جي حد تائين مرد جي قد کان ٽيڻا سَر هئا ۽ جيئن اسين اڳتي وڌندا وياسون تيئن اهي سَر گهاٽا ۽ وڏا ٿيندا ويا ۽ جهنگل جي وڻڪار وئي وڌندي، واهه جي ٻنهي پاسي سَرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو هو، ڇو ته حر انهن سَرن مان نمودار ٿي فوج تي ڇاپا هڻي گم ٿي ويندا هئا، رستي تي ڪيترو چوپايو مال جهڙوڪ مينهون، ڍڳيون، گهوڙا، گڏهه وغيره عام جام واهه جي ڪپن تي گهمي رهيا هئا، پر فوج جي ويجهو اچڻ تي اهي سڀ جانور سَرن ۾ لڪي ويندا هئا، ويچارا مالڪن کان سواءِ ويڳاڻا هئا، انهن گگدامن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته سندن مالڪن سان ڇا وهيو واپريو؟
ان ماحول مان مارچ ڪندي، 8 ميل طئه ڪرڻ کان پوءِ اسين ”پَڪ سِري“ نالي موريءَ تي پهتاسون، هيءُ مقام مکيءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان اٺ ميل اندر آهي، هن هنڌ هڪ ننڍي ڍنڍ آهي ۽ هيءُ گويا هيبتناڪ مکي ٻيلي جو سرو آهي، هتي ان ڍنڍ جي ڪناري تي سکن جي هڪ ڪمپني اسان کان اڳ موجود هئي، هتي ڪنارن تي ٽالين، نمن، سرهن ۽ ڄمن جي وڻن جا خوب ڇانولا هئا، جن جي هيٺان اسان جا تنبو کتل هئا، مکي ٻيلي ۾ اچڻ وڃڻ وارن لاءِ هيءُ مقام جنڪشن جي حيثيت رکي ٿو، جيئن پوءِ معلوم ٿيو، سڄي مکي ٻيلي ۾ هن قسم جي ڪئمپن جو ڄڻ هڪ ڄار وڇايل هو، سرڪاري انگن اکرن موجب ڪئمپن جو انداز هن ريت آهي:
هوائي فوجون: 12 اسڪئاڊرن، 24 جهاز، 150 ماڻهن جو عملو، مرڪز سکر.
پيدل فوج: 3 ڊويزنون، 60 هزار سپاهي، هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۽ سکر موٽر ٽرانسپورٽ سيڪشن، ايم ٽي سيڪشن: 4 اسڪئاڊرن، 600 لاريون، هيڊ ڪوارٽر شهدادپور ۽ ڪيٽي.
اُٺ ۽ گهوڙي سوار: 8 اسڪئاڊرن، 2400 ماڻهو، هيڊ ڪوارٽر ڄمڙائو هيڊ ۽ هٿونگو.
هن هنڌان اسان جي ڪمپني، سنڌي سرڪاري خابرن جي رهنمائي هيٺ، مکيءَ ۾ داخل ٿي حرن جي تلاش ۾ نڪرندي هئي، جن جو تعداد هزارن جي تعداد ۾ جهنگلن اندر لڪل هو، ۽ جي گوريلا فوج وانگر فوجي ڪئمپن ۾ لانگائو فوج تي ڇاپا هڻي وري گم ٿي ويندا هئا، جهنگل نهايت گهاٽو ۽ پيچيدو هو، جنهن جو سما وڻن جون ٽاريون ۽ زمين ڇٻر ۽ سَر هئا.
14 سيپٽمبر 1943 حرن سان پهريون معرڪو:
19 تاريخ خبر آئي ته حر هڪ هنڌ ويٺل آهن ۽ سندن تعداد ٽيهارو کن آهي، ڪمپني ڪئپٽن ڪولڊ ويل جي ڪمانڊ هيٺ رواني ٿي، سک ڪمپنيءَ جا ٻه دستا پڻ اسان سان گڏ هئا، صبح جو اٺين بجي ڌاري اسين پڪسري موري ڇڏي، ناري جو کاٻو ڪنارو ڏئي اڳتي وڌياسين، چئن ميلن کان پوءِ سَرن ۾ هڪ قدري ڪشارو پيچرو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن مان اسين گهاٽي جهنگل ۾ داخل ٿي هلڻ لڳاسين، اسان جي ڪمپني 300 کن جوانن تي مشتمل هئي، 60 کن سک پڻ اسان سان هئا، جن جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ لانگورٽ ڪري رهيو هو، وڏا وڻ وڻڪار جا ۽ ماحول ڪي قدر اونداهو جيئن جيئن اندر داخل ٿيندا وياسين، تيئن تيئن پيچرو سوڙهو ٿيندو پئي ويو، جنهن ڪري سپاهي آفيسرن جي قيادت ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٿي هلڻ لڳا، ان حالت ۾ اٽڪل نو ميلن کن هلڻ کان پوءِ خابرو بيهڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ آفيسر کي ڪجهه چيائين، جنهن تي ڪپتان ڪمپني کي اتي ڇڏي، خابروءَ سان گڏ اڳتي ويو ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ واپس اچي ٻڌايائين ته حر هڪ ننڍي ڀٽ تي ماني پڇائي رهيا آهن، ان کان پوءِ هو خابروءَ جي مشوري سان فوج کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪري ڀٽ جي چوڌاري گهيرو وجهڻ لاءِ ترتيب ٺاهڻ لڳو، ڪلاڪ کن اندر ڀٽ کان فرلانگ کن جي مفاصلي تي چوڌاري گهيرو مڪمل ٿي ويو، اڃا حر بي خبر هئا، هاڻي ڪپتان جي اشاري ملڻ تي فوجي آفيسرن آهستي آهستي ماڻهن کي چئو طرف ڀٽ ڏانهن وڌايو، تان جو ڀٽ وڻن وچان صاف ڏسڻ ۾ آئي، ان بعد ڪپتان تيار ٿي اڪيلو اڳتي وڌيو ۽ پستول ڪڍي ٽي دفعا هوائي فائر ڪيائين، هاڻي اسان کي ڀٽ جي مٿان چئني طرفان حرن جي پٽڪا ۽ منهن ڏسڻ ۾ آيا، شايد هو صورتحال جانچي تيار ٿي رهيا هئا، هيڏانهن ڪپتان ماڻهن کي مضبوط ٿي وڻن جي ٿڙن پٺيان بيهڻ جو حڪم ڏنو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڀٽ تان گولين جو وسڪارو ٿيو، ڀٽ جي اوچائي اٽڪل 30 فوٽ کن هئي ۽ خاصي ويڪري هئي، حر مٿي ۽ اسين هيٺ جهنگل اندر لڪل، نه هنن جون گوليون اسان جو نشانو وٺي ٿي سگهيون ۽ نه وري فوج جو ڪو وارو ڪارگر ٿي سگهيو، پر گولين جي ڏي وٺ چالو هئي، ان حالت ۾ ٻه ڪلاڪ کن گذري ويا، هاڻي سکن وارو جوشيلو ڪپتان جو شايد اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو هو، سو هي حال ڏسي بي آرام بڻجي ويو هن مارٽر توب گهرائي نصب ڪرائي، پر اسان جي ڪپتان هن کي روڪيو ته مارٽر استعمال نه ڪيو، ان سوال تي ڪافي بحث ۽ تڪرار ٿيو، هيءُ ڪپتان خر دماغ وارو بدمزاج فوجي انگريز ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ خوام خواهه موت واريون خوفناڪ رٿون پئي ٺاهيائين، شايد هتي جي گرم هوا سندس دماغ خراب ڪري ڇڏيو هو، هو باز نه آيو ۽ پنهنجن هٿن سان مارٽر جي رينج ٺاهي پهريون گولو ڇڏيائين، ۽ اهڙو ته دم مان ڇڏيائين جو پوري ڀٽ پار ڪري وڃي وڻن ۾ ڪريو، ۽ سندس ئي دستي جا ٻه ماڻهو هلاڪ ۽ پنج زخمي ٿي ويا، جن جي هاءِ گهوڙا گولين جي آوازن ۾ گم ٿي وئي، ان طرف کان ٻن منٽن اندر ماڻهو آيو ۽ ساري ڪيفيت اسان واري ڪپتان جي سامهون، سندس صاحب سان بيان ڪيائين جنهن تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، هاڻي اسان جي ڪپتان جي رٿ هئي ته مزي سان گهيرو ڪريو بيٺا هجو، جيستائين حرن جون گوليون خلاص ٿي وڃن، يا ڪو هوائي جهاز مدد لاءِ گهرائي حرن تي بمباري ڪرائي، کين ناس يا گرفتار ڪيو وڃي، پر بد دماغ ”لانگورٿ“ ان سان اختلاف ڪندي چيو ته اوهين پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ جوابدار آهيو ۽ آئون پنهنجي اسڪئارڊ جو خود مختيار آهيان.
اسان واري، صاحب هن جو اهو حال ڏسي سياڻپ ڪري 60 ماڻهو، وچان ڪڍي سکن جي پٺيان بيهاريا، هوائي جهاز لاءِ وايرليس ذريعي پورو هنڌ ٻڌائي پيغام روانو ڪيو ۽ مزي سان آهستي آهستي ٺا..ڊڙم..ٺا..شراٽ..زون.. گوليون حرن ڏانهن موڪلڻ لڳو، حرن وٽان به ان نموني ۾ جواب اچڻ لڳو، ان وچ ۾ ڪئپٽن لانگورٿ اسان وٽان جدا ٿي پنهنجن ماڻهن ڏانهن هليو ويو ۽ اٽڪل ڪلاڪ کن کان پوءِ نڪا ڪيائين هم نڪا تم اڳيان پاڻ ۽ پٺيان سک وٺي ڀٽ تي چڙهڻ لڳو، بس سائين سکن جو مٿي جو مٿي اڀ ڪپرو ڀٽ تي چڙهڻ ۽ نشاني باز حرن جو گولين سان هنن کي جهاٽڪو ڪرڻ ڪي مئا، ڪي ڦٽيا ۽ ڪي پوئتي موٽي آيا، پر هيءُ ڪپتان بندوق تي سنگين تاڻي ڊوڙندو ويو، تان جو پيشانيءَ ۾ گولي کائي ڪريو ۽ ڀٽ جي وچ ۾ ڇڙهيون هڻي پورو ٿي ويو، اها حالت ڏسي اسان واري ڪپتان باقي سکن کي پوئتي موٽڻ جو حڪم ڏنو.
ستارن جي بادشاهه سج، جي سواري نماشام جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي هئي، پر هوائي مدد اڃا ڪا نه آئي هئي، ڪپتان آفيسرن سان مشورو ڪيو ته اهڙيءَ حالت ۾ رات جو گهيرو لڳائي بيهڻ مناسب ٿيندو يا نه.. مصلحت ٿي ته هاڻي جيئن ته باقي سوجهرو ڪو ڪلاڪ کن آهي، ان ڪري پوئتي موٽڻ يا هتي بيهڻ ڳالهه ساڳي آهي، بهتر آهي ته سرچ لائيٽ چالو ڪري رات جو هتي رهون.
http://www.awamiawaz.com/2011/April/6th/digest/02.htm
سنڌي ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪاروايون
وليداد”ولي“
حصو ڇهون
سن 1942ع ۾ حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.……ادارو
پهرو مقرر ڪري، رات سرچ لائيٽ ۾ گذاري سين. صبح جو ستين بجي ڌاري، ڪپتان، گهيرو مڪمل ڪري، جوانن کي مستعد بنائي، جنگي اعلان جو هوائي فير ڪيو، پر نه ڪو جوابي فير ڀٽ تان آيو ۽ نه وري حرن جو ڪو مٿو يا پٽڪو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ ڪپتان جي حڪم سان چئني پاسن کان ڀٽ ڏانهن گولين جي بوڇاڙ موڪلي ويئي، پر ان جو جواب به خيرڪو آيو. دونهين صاف ٿيڻ کان پوءِ، مشورو ٿيو ته ”حرن طرفان ڇو جواب نه ٿو اچي، ڀٽ مٿان موت واري خاموشي ڇانيل آهي؟ ڇا رات وچ ۾ حر ڪنهن پاسي کان نڪري ته نه ويا؟“ ڪپتان هڪ ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي، دوربينيءَ سان معائنو ڪيو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هيٺ اچي ٻڌايائين ته ڀٽ تي ڪنهن ماڻهو جو نشان ڪونهي. سڀ منجهي پيا ته هاڻي ڇا ڪجي. هيءُ عجيب اسرار ڪهڙو؟ الغرض، انهيءَ شش و پنج ۾ ڪلاڪ سوا گذري ويو. اٽڪل ڏهين بجي ڌاري آسمان ۾ هوائي جهاز جي گرج ٻڌڻ ۾ آئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوائي جهاز ڀٽ مٿان لامارا ڏيڻ لڳو، ۽ آهستي آهستي هيٺ ڀرو پرواز ڪري، ڀٽ جو معائنو ڪري وائرليس ذريعي پيغام موڪليائين ته مٿي ڀٽ تي ڪير به ڪونهي. ڪپتان کيس لامارا جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ 50 ماڻهن جي دستي کي وٺي ڀٽ تي چڙهڻ شروع ڪيو. فوجي سپاهين ڀٽ جي انچ انچ جي جانچ پڙتال ڪئي. آخر هڪ هنڌ هنن کي تازي کوٽيل واري ڏسڻ ۾ آئي. ڪپتان چئن ماڻهن کي بيلچن سان واري هٽائڻ لاءِ چيو. واري هٽائڻ سان هڪ سرنگهه ڏسڻ ۾ آئي. جا پٽ ۾ هيٺ هلي پئي ويئي. صاف ظاهر هو ته حر رات وچ ۾ ان سرنگهه مان رفوچڪر ٿي ويا هئا هتي هيءُ معلوم هئڻ گهرجي ته حضرت پير صاحب پاڳاري وٽ ڪيترا فارورڊ بلاڪ جا ڀڳل انقلابي ڪاريگر لڪل هئا، جن جي رهنمائيءَ هيٺ حرن اعليٰ فوجي تعليم حاصل ڪئي هئي. مکي ٻيلي ۾ هنن ڪيترا هٿيار ٺاهڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا هئا، ۽ سڀني پاسن سرنگهن جي وسيع ڄار وڇائي ڇڏي هئائون. ڪپتان نقصان جو تفصيل ٺاهڻ شروع ڪيو. 20 سک سپاهي مئا، چار بروهي سخت زخميا ۽ هڪ برٽش آفيسر مئو. مئل سکن جو ڪريا ڪرم سک سپاهين ڪيو. ان کان پوءِ اسين زخمين کي ساڻ کڻي شام ڌاري پڪ سري پهتاسين. اها حرن جي ٽولي الله بچائي خاصخيليءَ جي هئي، جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ ويهه هزار رپيا نقد ۽ 24 ايڪڙ زمين انعام مقرر ٿيل هو.
29 سيپٽمبر، 1943ع: سپاهيءَ جو گم ٿيڻ
پڪ سريءَ جي قيام واري عرصي ۾ اسين پيا مکيءَ ۾ گهڙندا هئاسين ۽ وري واپس ورندا هئاسين. بعضي اسان کي جهنگل اندر ٻين فوجن جا به ماڻهو ملندا هئا. تاريخ 28 سيپٽمبر 1943ع جو حسب دستور اسين مکيءَ ۾ گشت ڪري رهيا هئاسين. ان ڏينهن آسمان ابرآلود هو، جنهن ڪري ٻيلي ۾ منهن اونداهيءَ وارو منظر هو. سپاهي هڪ ٻئي پٺيان هلي رهيا هئا. ته ڪيهر خان نالي هڪ سپاهيءَ کي جهنگ جو خيال ٿيو. جيئن ته هو پٺاڻ هو، ۽ ڀانيائين ته ڪم لاهي اطمينان حاصل ڪري وري اچي فوج سان شامل ٿيندس. سو ڦڪائيءَ وچان ٻوٽن ۾ ويهي ڪاڪوس ڪرڻ لڳو. اسين اڳتي وڌندا وياسون، تان جو ميل کن جهنگل جهاڳي هڪ اهڙي هنڌ پهتاسين جتي ڪجهه ويڪراڻ ۽ هڪ پاڻيءَ جي آڏ هئي. اهو وقت ٻن پهرن جو هو. ڪپتان ماني کائڻ جو حڪم ڏنو. ماني کائي ٿڪ ڀڃي دستور موجب ڳڻپ شروع ڪئي ويئي. حوالدار وزير خان رپورٽ ڪئي ته سندس پلاٽون مان سپاهي ڪيهر غائب آهي. سڀ پريشان ٿي ويا. ڪپتان ويهن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته هو پوئتي پيچرو وٺي کيس ڳولي اچن. چئن ڪلاڪن کان پوءِ جوان واپس آيا ۽ چيائون ته ڪيهر خان جو ڪوبه پتو ڪونهي. لاچار ڪپتان مهم تي اڳتي رواني ٿيڻ جو حڪم ڏنو. چئن ڏينهن کان پوءِ مهم واپس پڪ سريءَ آياسين. ان طرح مهينو گذري ويو. هڪ ڏينهن اوچتو ڪيهر خان راشن واريءَ لاريءَ ۾ اسان وٽ پهتو ۽ سڀئي هن کي ڏسي ڏاڍو سرها ٿيا.
احوال وٺڻ تي هن ٻڌايو ته جهنگ جي خيال لاهڻ کان پوءِ مون پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ۽ دماغ ڪجهه چڪر ۾ اچي ويم. دل ۾ طرحين طرحين خيال اچڻ لڳا. آئون پيرو وٺي اڳتي هليس، ۽ اميد رکيم ته اوهان کي پهچندس پر اهو پيچرو وڃائي ٻيو پيچرو اختيار ڪيم. مٿان اچي رات پئي. آئون وڻ تي چڙهي ويهي رهيس. جيئن جيئن رات وڌندي ويئي، جهنگل مچندو هو. ڪئي جهنگلي جانور رنڀون ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن بک لڳندي هيم ته راشن جي ٿيلهي مان کائي ڏينهن جو هيٺ لهي وڃي پاڻي پيئندو هيس. اهڙيءَ طرح رات وڻ تي ڏينهن زمين تي. تان جو ڪيترا ڏينهن گذري ويا ۽ آئون نااميديءَ جي آڙاهه ۾ غرق ٿيڻ وارو هيس ته هڪ طرف کان ڪجهه آواز ٻڌم. آواز وارو طرف وٺي هليس. ٻوٽا لتاڙيندو رستو ڪندو سرن مان ٻاهر نڪتس ته جهوپڙيون ڏسڻ ۾ آيون. ماڻهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. معلوم ٿيو ته آئون هٿونگي جي پاسي اچي پهتو آهيان. اتان هاڻي توهان وٽ آيو آهيان.“
هن اتفاق مان مکي ٻيلي جي لمبائي ويڪرائيءَ ۽ ان جي گنجان هجڻ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن ڪپتان سلطان محمد مون کي چيو ته وليداد، ههڙو جهنگل ۽ حر شڪست کائي رهيا آهن! شايد انهن ۾ انتظام ڪونهي. هن جهڙو جهنگل جيڪڏهن مري قوم کي بغاوت وقت ملي ها ته هوند اها افغانستان وانگر آزاد هجي ها. مون جواب ڏنومانس ته ”ڪپتان صاحب، سچ چيو اٿن ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي“ فوج ته مهندار نه ته غيباڻا سوار. سو حرن جي جنهن ڪمانڊر ۽ عقيدت جي مرڪز، پير صاحب، وٽ هيون اسڪيمون ۽ قيادت تنهن کي انگريز گورنر ملاقات جي بهاني گهرائي، قيد ڪري شهادت جو جام پياريو. هاڻي هو وليداد وانگر آهن ويچارا، تنهن هوندي به ڏسو ٿا حرن جي مقابلي جو رنگ:
”تو تير آزما، هم جگر آزمائين!“
ڪپتان کڻي ماٺ ڪئي.
1 نومبر، 1943ع ڳجهڙيءَ ڀٽ ڏانهن مارچ
اڄ سومر ڏينهن پهرين نومبر 1943ع آهي. اسان کي اڳتي مکي ٻيلي اندر ڳجهڙيءَ پٽ ڏانهن ڪوچ جو حڪم مليو. سامان سڙو صبح جو سويل فوجي لارين ۾ اوڏانهن روانو ڪيو ويو. اسين ناري واهه جو کٻو ڪپ وٺِي هلڻ لڳاسين. کاٻي پاسي انساني قد کان ٽيڻا ڊگها سر بيٺا هئا، ان جي پٺيان حد نظر تائين جهنگ ئي جهنگ هو. چار ميل مارچ ڪرڻ کان پوءِ اسين هڪ ڍنڍ جي ڪناري وٽ پهتاسون. ڪپتان هتي نيرن ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جوان، بغل، ٿيلا ۽ هٿيار لاهي ڍنڍ جي ڪناري تي وڏن وڻن جي هيٺان نيرن ڪرڻ ويٺا. آئون به هڪ ٽوليءَ سان ماني کائي رهيو هيس. گلاس پاڻيءَ سان ڀري پاسي تي رکيو هيم، ۽ نظر سامهون ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس جي دلڪش نظاري کي ڏسڻ ۾ محو هئي. ڍنڍ ۾ پٻڻيون، لوڙهه، ڪُم، بهه وغيرهه جام هئا ۽ ڪنارن تي ڪيترن قسمن جا وڻ ٻوٽا هئا. صبح جو وقت هو. پکي پکڻ دلڪش انداز ۾ پنهنجون مٺيون ٻوليون ڪري رهيا هئا. رکي رکي، ڊگهيءَ چهنب وارا پکي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي مڇيون پڪڙي رهيا هئا. پريان بگلا ڀڳت، هڪ ٽَنگ تي بيهي، ”يا ڦٻون“ جو وظيفو پڙهي رهيا هئا. جيتوڻيڪ هيءَ سرديءَ جي موسم هئي، پر ماحول رم جهم وارو هو. ماني ختم ڪري پاڻي پيئڻ جي خيال کان مون گلاس هٿ ۾کنيو ته پاڻيءَ جي مٿان ماکي ترندي نظر آئي! وڌيڪ جانچ ڪرڻ لاءِ مٿي وڻن ۾جو نهاريان ته بلي... ماکيءَ جا جام منارا وڻن ۾ قائم آهن! وڌيڪ جانچ ڪيم ته هر طرف ماکي ئي ماکي هئي: هڪ هڪ منارو اهڙو ٿلهو هو ۽ ويڪرو، جهڙو قلندري فقير جو ڪشتو! رهبر سنڌيءَ چيو ته هن ٻيلي ۾ ماکيءَ جي فروانيءَ ڪري ئي هن جو نالو ”ماکي ٻيلو“ هو، جو ڦري ”مکي“ سڏجي ٿو.
ماني کائي اڳتي وڌياسون. عجيب دلفريب ۽ پرسڪون ماحول هو. رستي تي سواِ فوج ۽ فوجي لارين جي اسان هڪ به رعيتي ماڻهو نه ڏٺو. هر طرف جهنگل ئي جهنگل هو جنهن جي وچان صرف اهو ناري وارو ڪئنال پاٿ هو جو اسين وٺيو پئي وياسون رستي تي اسان کي ڪيترو چوپايو مال، گهوڙا ۽ گڏهه ڏسڻ ۾ آيا، جي اسان کي ڏسي سرن ۾ غائب ٿي ويا. انهن ويچارن گگدامن کي ڪهڙي خبر ته سندن پاسبان جو ڪهڙو حال آهي.
http://www.awamiawaz.com/2011/April/8th/digest/02.htm
سنڌي ۾ انگريزن جي پهرين مارشل لا دوران قهري ڪاروايون
وليداد”ولي“
حصو ستون ۽ آخري
سن 1942ع ۾ حضرت پير صبغته الله شاهه عرف پير پاڳاري جي ايامڪاريءَ ۾ وقت جي انگريز حڪومت، سنڌ اندر وڏي پئماني تي هلندڙ حُر تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ ۽ حرن کي پوريءَ ريت نيست و نابود ڪرڻ لاءِ متعلق ايراضين ۾ مڪمل مارشل لا لڳائي، سخت فوجي ڪارروائيون شروع ڪيون، جن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا، انگريز حڪومت پنهنجا تجربيڪار آفيسر مقرر ڪيا ۽ مضبوط فوجون حر غازين جي مقابلي ۾ آنديون، محترم وليداد ولي خود انهيءَ فوج ۾ شامل هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، سو هڪ ياداشت جي صورت ۾ قلمبند ڪندو رهيو.……ادارو
اٽڪل 25 ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ناري جو ڪنارو ڇڏي، کاٻي پاسي وڻن جي وچان، ڪچي رستي تان ٻه ميل پنڌ ڪرڻ بعد اسان کي وڻن جي پٺيان ويجهو هڪ ڀٽ ڏسڻ ۾ آئي، ان ڀٽ جو نالو هو ڳجهڙي ڀٽ، بيشڪ ان تي اهو نالو موزون هو، ڇو ته وڻن جي گهيري ۾ قدرتي طرح سان لڪل هئڻ ڪري ٿوري به پريان اصل ڏسڻ ۾ ئي نٿي آئي، ان ڀٽ جي مٿان انجنيئرنگ کاتي وارن جو هڪ انسپيڪشن بنگلو ٺهيو هو، اها ڀٽ، ناري جي طرف کان 50 فوٽ کان اوچي ٿي، آهستي آهستي لهواري تي ڏکڻ ڏانهن لهيو ٿي وئي، اسان هن ڀٽ مٿان ڪئمپ قائم ڪئي، هن ڀٽ تان مکيءَ جو نظارو عجيب پئي ڏسڻ ۾ آيو، جيڏانهن نگاهه ڪريو ته وڻن جون چوٽيون ٿي ڏسڻ ۾ آيون ۽ مٿان آسمان هن ڀٽ جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍي ڍنڍ هئي ۽ ساڄي پاسي کان بنهه هيٺ هڪ چڱو موچارو ڳوٺ هو، جو شايد انگريزن انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو ته فوج لاءِ کير، مکڻ ۽ خابرو ميسر ٿين، هتي هوا صاف ۽ ماحول مڇرن کان بلڪل خالي هو، پر وڇون ڏاڍا هئا، هڪ بروهي سپاهي جنهن جو نالو دريا خان هو، وڇونءَ کي هٿ ۾ تريءَ تي کڻي ماڻهن کي بڇائي ٻيڙيون ڇڏائيندو هو، وڇون هن کي ڏنگ هڻندو هو پر هن کي ڪو به اثر ڪو نه ٿيندو هو، سندس قول هو ته جيڪو ماڻهو يا عمر لوڻ نٿو استعمال ڪري ان کي زهر جو اثر نٿو ٿئي ۽ سندس خاندان لوڻ نه کائيندڙ جوڳين مان هو.
ٻئي ڏينهن اسين ناري جي ڪناري تي وهنجڻ لاءِ وياسين، جتي پرئين ڀر ٻه واڳون ويٺا هئا، ڪپتان پاڻيءَ ۾ بم گولا ڇوڙڻ جو حڪم ڏنو اهو سلسلو ڪيتري وقت تائين هلندو رهيو ۽ ان طرح واڳون اتان هٽي ويا، هتي اسان جي ڪمپني، سواءِ ڪنهن امدادي ڪوٺ جي خاص طرح ڪيڏانهن ڪا نه ويندي هئي.
ڇنڇر، 12 نومبر، 1943ع حرن جو حملو:
اڄ 12 نومبر، ڇنڇر جي ڏينهن آئون دوستن سان پتي راند ڪري رهيو هيس، ماحول صاف ۽ فضا خاموش هئي، ڏهين بجي جو وقت هو ۽ سپاهي ڊرل تان واپس آيا هئا، هر ڪو پنهنجي پنهنجي شغل ۾ مگن هو، اوچتو، بنگلي جي مٿان واچ ٽاور تان پهريدار سپاهيءَ خطري جو بگل وڄايو، ڪاڏي وئي راند، ڪاڏي ويا شغل، هر هڪ فوجي پنهنجا هٿيار سنڀالي ڀٽ جي چوڌاري ٺاهيل خندقن ۾ هليو ويو، جن جي اڳيان واريءَ جون ڳوڻيون رکيل هيون، ڪپتان ڊوڙندو کڏ تي ويو ۽ دوربينيءَ سان چئو طرف معائنو ڪري آواز ڪيائين ته ڪئمپ گهيري ۾ اچي چڪي آهي، پر گهيرو اڃا ڪجهه پرڀرو آهي ۽ گهاٽن وڻن جي ڪري حرن جي تعداد جو پورو انداز نٿو لڳائي سگهجي، بس سائين سپاهي، بندوقون هٿن ۾ جهلي لوهي ٽوپلا پائي، هڪدم خندقن ۽ مورچن ۾وڃي ويٺا ۽ بندو تسبيح کڻي تنبوءَ ۾ لوهي پيتين جي وچ ۾ وڃي ويٺو، تنبوءَ جي سوراخن مان دوربينيءَ رستي آئون سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هيس، فوج مٿي، حر هيٺ ۽ وڻ وچ ۾، حرن کي ان وقت خاڪي ورديون ڍڪيل هيون ۽ ماهرانه ملٽري انداز ۾ خوب ٽارين ۽ پنن جو آڙ ڪيو هئائون، ان ڪري وڻن ۾ پوريءَ طرح ڏسڻ ۾ نٿي آيا، ٻنهي طرفن کان گولين جو تبادلو شروع ٿيو، جو لاڳيتو ٽي ڪلاڪ کن هليو، جيئن پوءِ معلوم ٿيو غازين جو هيءُ حملو اسان کان ڇهه ميل پري، ناري جي پرئين ڀر، اوڍ نالي ڳوٺ وٽ سکين جي هڪ وڏي ڪمپنيءَ تي هو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا هئا. ڇو ته اها ڪمپني هيٺ کلئي وارياسي ميدان ۾ هئي، مٿن اوچتو حملو ٿيو هو ۽ کين مدد ڪرڻ لاءِ ويجهي ۾ ويجهي اسان جي ڪمپني هئي، جا ساڳئي ئي وقت گهيري هيٺ آيل هئي ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ برسر پيڪار هئي، الغرض، ٽن ڪلاڪن جي ڏي وٺ کان پوءِ حر پوئتي هٽيا، پر سندن مقابلي جو جوش خروش، جنگي قابليت ۽ گوريلا لڙائيءَ جو طريقو بيان ڪرڻ کان قلم قاصر آهي، فوج وارن جون ذري گهٽ متيون ئي منجهائي ڇڏيائون، اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ ڪپتان صاحب آکڻ لڳو ته جيڪڏهن حملي جو اهو انداز ٿورو وقت وڌيڪ هليو ته پوءِ بارود خلاص ٿي ويندو ان ڪري دست بدست جنگ لاءِ تيار رهو!
پر شڪر آهي جو حرن کي سکن واري ڪمپنيءَ جو جهاٽڪو بڻائڻو هو ۽ اهي سچ پچ جهاٽڪو بڻجي ويا، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ حر ڪاميابيءَ جا نعرا هڻندا واپس وسيع گهاٽي جهنگل ۾ غائب ٿي ويا، پر ڪپتان احتياط طور سپاهين کي مورچن ۾ خبردار ٿي بيهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ ڪن ماڻهن جي معيت ۾ نقصان جو اندازو لڳائڻ لڳو، اسان جا پنج سپاهي هئا ۽ ڊزن کن ڦٽيا، جن جي ملم پٽي ڪئي وئي، سارو احوال وايرليس ذريعي باکوڙي ۾ هيڊ ڪوارٽر ڏانهن موڪليو ويو، جتان نماشام ڌاري ايمبولينس ڪارون ۽ ٻيو سامان پهتو، حرن واريءَ جڳهه تي سواءِ خالي ڪارتوسن جي ٻيو ڪجهه ڪو نه هو، ممڪن آهي ته انهن جو به نقصان ٿيو هجي ۽ هو مئلن ۽ زخمين کي پاڻ سان کڻي هليا ويا هجن.
6 ڊسمبر 1943ع: جمڙائو هيڊ ڏانهن روانگي:
اڄ ڊسمبر جي ڇهين تاريخ اسان کي جمڙائو هيڊ (جمڙائو جو منڍ) ڏانهن وڃڻ جا احڪام مليا، اٽڪل ويهه ميل مارچ ڪرڻ کان پوءِ اسين جمڙائو هيڊ تي پهتاسون، رستي ۾ اهو ئي گهاٽو جهنگل جنهن ۾ پکين ۽ جانورن جو منگل سواءِ فوجي آمد رفت جي، ٻيو ماڻهو خير ڪو ڏسڻ ۾ آيو، هن هنڌ جو منظر نهايت دلفريب هو، هتي سٺا ريگيوليٽر ٺهيل آهن، هڪ پاسي نظر ڪرڻ سان وارياسي ڀٽن جو سلسلو نظر پئي آيو، اولهه پاسي گهاٽو وسيع جهنگل ۽ اڀور پاسي ڳوٺ ۾ هڪ حد تائين کليل ايراضي هئي، هتي اسان واري ڪمپني رڻ پٽ ڏانهن ويندي هئي، هن هنڌ حرن سان ننڍا ننڍا معرڪا ٿيندا رهيا ۽ آخرڪار مکيه مقابلو درپيش آيو.
22 ڊسمبر 1943ع: غلام علي چانگ:
20 تاريخ ڪپتان بشپ رايل آرٽلري مان بدلي ٿي آيو، هيءُ ڪپتان آزاد خيال ۽ رند مشرب هو، اڪثر فالتو وقت شراب پيئڻ ۾ گراموفون وڄائڻ ۾ وڄائيندو هو، ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته شراب سندس آب حيات بڻجي ويو هو، اٿڻ شرط بوتل چپ تي رکندو هو پر منهنجي عجب جي انتها نه رهي، جڏهن مون ڏٺو ته جڏهن به ڪنهن مهم ڏانهن هلڻ جو وقت هوندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن هو شراب کي هٿ به ڪين لڳائيندو هو، مهم تي هلڻ وقت هو عام سپاهين وانگر مليشا جي قميص، شلوار پائيندو هو پٽڪو به مليشا جو ئي ٻڌندو هو، کاڌي کائڻ وقت هو ٻين سپاهين سان گڏ هيٺ ويهي راشن کائيندو هو.
22 تاريخ صبح جو پيغام پهتو ته مشهور غلام علي چانگ جي ٽولي ريگستان ۾ هٿيڪي ويٺل آهي، ڪمپنيءَ ڪلاڪ اندر تيار ٿي مارچ شروع ڪيو سڀ سامان ۽ جوان اٺن تي چڙهيل هئا، ڪلاڪ کن اندر اسين ريگستان مان گذري رهيا هئاسون، سج لٿي مهل ٿڪجي ٽٽجي هڪ اهڙي هنڌ پهتاسون جتي ساڄي پاسي کان ٻن فرالانگن جي فاصلي تي هڪ شاهي ڀٽ هئي، جنهن جي کاٻي پاسي کان واريءَ جو رڻ هو، هن هنڌ اسان اٺن جا پاکڙا ۽ سامان چوڌاري رکي کاهي کوٽي ڪئمپ لڳائي ۽ پهرو مقرر ڪري ماني کائي آرام وٺڻ لڳاسين، ٻئي ڏينهن سامهون ڀٽ جي مٿان حرن جو ٽولو نمودار ٿيو، انهن جو اڳواڻ دوربينيءَ سان اسان جو جائزو وٺي رهيو هو، عين ان وقت ڀٽ جي پٺيان پنجاب ريجمينٽ اچي پهتي جنهن جي جوانن ڀٽ کي جهنگل ۽ بيابان واري پاسي کان پريان مڪمل گهيرو وجهڻ شروع ڪيو، حر بلڪل گهيري ۾ اچي ويا هئا، ٿوري وقت کان پوءِ برگيڊيئر وٽان وائرليس رستي پيغام پهتو ته حملي لاءِ تيار ٿي وڃو، معلوم ٿيو ته ڀٽ تي اٽڪل ڏيڍ سو حر موجود آهن ۽ ان جي لاهيءَ تي هڪ ڳوٺ تي قبضو ڪيو ويٺا آهن، فوج جو ڪل تعداد ان وقت اٽڪل ڏيڍ هزار کن هو، اٽڪل ڏهين بجي ڌاري، اسان کي پريان بندوقن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اسان جو آفيسر اُٺ تي سوار ٿي، دوربينيءَ سان ڏسي رهيو هو، اوچتو گرجدار آواز ۾ هن نانگ وانگر پيٽ ڀر سرڪي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو، سپاهي پيٽ ڀر سرڪندا اڳتي وڌڻ لڳا، هاڻي حرن جا دستا ڀٽ جي ڪنارن وٽ نظر آيا، معلوم ٿيو ته پنجاب ريجمينٽ وارن جي شديد بندوق بازيءَ کان متاثر ٿي هو ڀٽ جي چوٽيءَ تي چڙهي آيا هئا، اوچتو اسان ڏانهن گوليون اچڻ لڳيون، ڪجهه وقت کان پوءِ حرن جا دستا ڀٽ تان هيٺ لهي اسان ڏانهن اچڻ لڳا، ڪپتان پوئتي هٽڻ جو حڪم ڏنو، سڀ جوان، هٽندي هٽندي ڪئمپ اندر مورچن ۾ اچي ويٺا ۽ ايندڙ گولين جو حرن کي جواب ڏيڻ لڳا، هاڻي حر ٻن باهين جي وچ ۾ هئا ۽ وارياسي پاسي کان جوڌ پور جي راجا جي امدادي فوج پريان اچي رهي هئي، حرن جلدي جلدي بيلچن سان واريءَ ۾ کڏون کوٽيون ۽ ان ۾ Fox Holes ٺاهي ويهي بندوقون هلائڻ لڳا.
ان کان پوءِ ڪجهه وقت تائين گولين جو تبادلو ٿيندو رهيو، تان جو حرن جو بارود خلاص ٿي ويو ۽ ان وقت هنن جو تعداد باقي ويهه وڃي رهيو، ان کان پوءِ سمورا حر سندن ڪمانڊر علي شير کان سواءِ لٺيون ڪهاڙيون ۽ بندوقون ابتيون هٿن ۾ جهلي اسان ڏانهن حملي آور ٿيا، پر اسان تائين پهچڻ کان اڳ هو گولين جو شڪار بڻجي ويا، هاڻي فقط علي شير چانگ وڃي رهيو، جنهن لاءِ رڳو ٻه رستا کليل هئا پيش پوڻ، يا مرڻ، هن وٽ اڃا ڪجهه گوليون هيون، سو بندوق هٿ ۾ ڪري سڌو اسان ڏانهن وڌيو، ڪپتان نائڪ ڪريم بخش بلوچ کان سواءِ ٻين سڀني کي گوليءَ هلائڻ کان منع ڪئي، نائڪ ڪريم بخش ۽ علي شير جي وچ ۾ دوبدو بندوق بازي شروع ٿي وئي، جڏهن علي شير جو بارود ختم ٿي ويو ته هو تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي الله اڪبر جو نعرو هڻي فوج ڏانهن ڊوڙندو آيو پر جيستائين هو فوج جي ويجهو اچي سندس سيني ۾ برابر 12 گوليون پيوست ٿي ويون، هو عليءَ جو شير اڃا به نه ڪريو ۽ برابر سينو تاڻي اڳتي وڌندو آيو، تان جو نائڪ ڪريم بخش پوري شست وٺي تيرهين گولي سندس پيشانيءَ ۾ هنئي جا هن جو مغز ڦاڙي پٺيان ڪيپراٽيءَ مان نڪري وئي، آخر علي شير ” يا علي مدد“ چئي سنئون سڌو زمين تي ليٽي پيو ۽ شهادت جي درجي تي فائز ٿيو.
No comments:
Post a Comment