ايندڙ انقلاب جي اُگِرَنِ نتيجن کان بچڻ گُهرو ٿا: ته پاڻَ پنهنجي قومي ضمير مان انقلاب جو فڪر پيدا ڪريو
ايندڙ انقلاب جي اُگِرَنِ نتيجن کان بچڻ گُهرو ٿا: ته پاڻَ پنهنجي قومي ضمير مان انقلاب جو فڪر پيدا ڪريو
۽ انقلابي فڪر جو پنهنجي تواريخ مان ڍانچو ٺاهيو (جوڙيو). ان سان هي ٿيندو ته هڪ ته توهان پرائي پيروي ڪندڙ انقلابي نه بڻبَئَو ۽ ٻيو ته توهان جو انقلابُ توهان جي ديس واسين لاء هڪُ عجوبو نه بڻجندو، پر انقلابُ خُودِ توهان جي اندرَ مان ڦُٽَندَو. اهو توهان جي طبعي تقاضائن (جسماني گُهرجن) جو نتيجو هوندو. ان جي صورت اها آهي، ته خود پنهنجي تواريخ مان انقلاب جو رُوحُ مَعلُومُ ڪريو. انقلاب جو فِڪرُ ۽ عمل ڪنهن خاص مُلڪَ، ڪنهن خاص قومَ ۽ ڪنهن خاص مذهب جي مِلڪِيتَ نه آهي.
انقلاب ايترو وسيع آهي جيتري خُودِ زندگي آهي. اوهان زندگيءَ جي سرگرم قوتن(سَگهُنِ ) مان انقلاب جو سبق سکو ۽ پنهنجي تواريخ جي انقلابي دورن کي پنهنجي نظرن جو مرڪز بڻايو. ان ۾ جيڪي غير انقلابي زمانا ڏسو ٿا؛ تن کي هلندڙ قافلي جي رستي وَارِي دَزَ سمجهو.
ورتل:
امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح شخصيت ۽ سيرت
ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي
امام انقلاب عبيد الله سنڌي اڪيڊمي
ايئر پورٽ روڊ، سکر-سنڌ
No comments:
Post a Comment