سر زمين سنڌ. علامه مولانا سيد حسين احمد مدني الهندي رح
علامه مولانا سيد حسين احمد مدني هندي جو هي مضمون سنڌ جي 1936ع ۾ بمبئي کان آزاديءَ جي موقعي تي نڪتل الوحيد 15 جون، 1936 جي سنڌ آزاد نمبر لاء لکيل آهي. ماهانه الصادق، کڏي، ڪراچيء سنڌ جي ٿورن سان هتي پيش ٿا ڪريون_جوکيو شفيق احمد
[نوٽ:- هي مضمون الحاج علامه مولانا سيد حسين احمد مدني شيخ الحديث (پروفيسر) دار العلوم [يونيورسٽي دار العلوم آف ديوبند، انڊيا. هن سال سفر حج لاء جي روانگي وقت '' سنڌ جي بمبئي کان جدا(ڌار) ٿيڻ جي موقعي تي) جهاز م لکي جزيره قمران کان اسان ڏانهن موڪليو هو. جنهن جو ترجمون نهايت شڪرِيه سان ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿيو.ايڊيٽر الوحيد] الصادق ڪراچي، جنوري، فبروري، 2009ع.
سنڌ صوبه (وطن) جي سرزمين کي هندوستان ۽ ان جي ملڪن ۾ نه فقط ڪنهن ويجهي زماني کان بلڪ شروع کان وٺي هڪ امتيازي شان حاصل آهي.
جن صاحبن عهد عتيق (بائيبل) جي ورق گرداني ڪئي هوندي اهي بخوبي ڄاڻڻ ٿا ته سنڌ سيدنا نوح عليه السلام جي اولاد مان ٻن ڀائرن جا نالا اهن جي هن سر زمين ۾ آباد ٿيا هئا ۽ پوءِ انهن جي نالي سان اها سرزمين مشهور ٿي.
تواريخ ڏيکاري ٿي ته اسلام جي شروع زماني محمد بن قاسم مرحوم جي ذريعه ئي اسلام جو جهنڊو هن سر زمين تي بلند ٿيو ۽ اها گهڻي عرصي تائين اسلام جي حدن ۾ داخلا رهي.(1) سيد حسين احمد مدني هندي
جيڪو (1 ) هڪ نمبر حاشيه آهي ان جي تشريح تصريح وضاحت ڪندي استادي محترمي حافظ محمد اسمٰعيل کڏي وارن رح جن مضمون (سنڌ جو ماضي حال) ( جي تحقيق مطابق سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ متعارف ٿي چڪو هو_جوکيو شفيق احمد
هن ملڪ جا رهاڪو سلطان محمود غزنويءَ جي زماني تائين اسلام کان پوري طرح فيضياب ٿي چڪا هيا. هوڏانهن ان وقت ۾ هندوستان جي ٻين ملڪن ۾ تاريڪي اونداهي گمراهي هئي.
غالباَ اهي ئي سبب آهن جو هن ملڪ جا غير مسلم رهاڪو به اسلامي تهذيب رسم رواج وغيره جا ايتري قدر پابند ۽ دلداه آهن جو هندوستان جي ٻين ملڪن ۾ ان جو اڌ يا چوٿون حصو به نه آهي.
هن ملڪ سرزمين ۽ پيداوار به قديم اسلامي ملڪن سان جيتري قدر مناسبت رکي ٿي، ٻيا صوبه ان کان محروم آهن. هن ملڪ جي اکرن لکڻ جو نمونو، زبان ۽ رهڻ جو نمونو جيتري قدر عربيت ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن سان مناسبت رکي ٿو سا ڳالهه ٻين صوبن کي نصيب ناهي.
اسلامي حڪومت جي زماني ۾ هيءُ صوبه به علم ۽ عالمن جو مرڪز هو. ڪپتان الگزينڊر هئملٽن جي بيان موجب ان جي فقط هڪ شهر ٺٽه ۾ مختلف علمن ۽ فنن جا 400 ڪاليج هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسڪولن ۽ پرائمري مڪتبن وغيره جا تعليم ذريعا ان جي شهر ۽ ڳوٺڻ ۾ ڪيتري قدر ته ڪثرت سان هوندا ۽ ان زماني ۾ ڪيتري قدر نه وڏي ۽ وسيع پيماني تي علم جي اشاعت ٿيندي هوندي؟
هن سرزمين اهڙا عظيم عالم انسان پيدا ڪيا جن جي علميت ڪماليت جي فضيلت نه صرف انهن جي وطنين يا سنڌ جي آس پاس وارن ملڪن تسليم ڪئي بلڪه ان جا شاگرد ۽ فيض وٺڻ وارا سڀني اسلامي ملڪن ۾ پکڙيل هئا ۽ اسلامي دنيا سندن تصنيفات مان فيض حاصل ڪيو.
شيخ مخدوم رحمة سنڌي (درٻيلي تعلقه ڪنڊيارو،سنڌ)، ابن همام جو محقق شاگرد شيخ ابو الحسن (مخدوم محمد بن عبد الهادي سنڌي ڪبير) شيخ ابو الحسن سنڌي صغير، شيخ محمد عابد سنڌي (سيوهاڻي) ۽ علامه (مخدوم ) محمد هاشم ٺٽوي سنڌي وغيره جهڙا اڪبار ۽ محقق رحمهم الله تعالي خاص طرح قابل ذڪر آهن، جن جا عمدا ۽ گهڻا تصنيف ٿيل ڪتاب دنيا ۾ مشهور آهن.
هن سرزمين سنڌ ۾ صحابه ڪرام ۽ تابعين عظام جا مقبرا ۽ مزار موجود آهن جي جي زيارت جو فيض اڄ تائين سڄي دنيا حاصل ڪندي رهي آهي.
بهرحال جاگرافي خواه تواريخي، تمدني يا معاشرتي، مذهبي يا دنياوي تجارتي يا زراعتي وغيره وغيره حيثيت سان سنڌ صوبه ان ڳالهه جو حقدار هو ته ان کي الڳ ڪيو وڃي ۽ عظيم الشان امتياز عطا ڪيو وڃي مگر بي انصافي هميشه ان تي ظلم ڪندي رهي بجاء هن جي جو سنڌ کي هندوستان جي ٻين صوبن جي برابر ڪيو وڃي، هميشه هن جي حيثيت گهٽائڻ لاء ڪوششون ٿينديون رهيون. هن جي پکيڙ کي گهٽايو ويو. سندس هنرن کي ماريو ويو. محتاج به ڪنهن جو بڻايو ويو؟ صوبه بمبئي جو ، جنهن سان سنڌ کي ڪنهن به قسم جي مناسبت ۽ تعلق ڪونه هو. جڏهن به سنڌ جدائي (ڌار ٿيڻ) لاء آواز بلند ڪيو ٿي تڏهن هي جواب آيو ٿي ته سنڌ پنهنجي خرچ کي برداشت ڪري نه سگهندي تنهن ڪري صوبه بمبئي سان چنبڙي رهڻ کان سواء هنجي جي بقاء ۽ جياپي جو ٻيو ڪوبه رستو ڪونه آهي.
سن 1931ع ۾ سنڌ جي آدم شماري ۽ آبادي 3887074 ڏيکاريل آهي جنهن ۾ في صد 75 يعني 2810797 مسلمان ڏيکاريل آهي يعني سنڌي مسلم) ڏيکاريل آهن، مگر تواريخ شاهد آهي ته اورنگزيب مرحوم جي زمانه ۾ فقط ٺٺه شهر ۽ آس پاس جي آدم شماري مٿين انگن جي لڳ ڀڳ هئي.
نوٽ :-انگريزن جا غلام غدار ٿا چون ته انگريز وڏو عادل هو! اهو هيو انگريز عادل جو سنڌ جي آدم شماريءَ بابت ڪوڙا انگ اکر ڏيکاري سنڌ سان عدل ڪري ويو؟ جوکيو شفيق احمد
سنڌ ندو واپار جو هڪ وڏو مرڪز هو جنهن جي ذريعي نه فقط هندوستان اندر واپار قائم هو پر هندوستان کان ٻاهر ايراني نار،عراق، نجدم عمان، يمن، حجاز، مصر۽ سوڊان تائين وڏي پيماني تي واپاري ڪم چالو هو.
هن ڪريل حالت ۾ به سنڌ پنهنجي اُپَتِ ۾ هڪ جدا حيثيت رکي ٿي. رياست گواليار اگرچه مردم شماريءَ ۾ سنڌ کان وڌيڪ آهي جيئن ته 40 چاليهه لک آدم شماري آهي مگر آمدني فقط ٻه ڪروڙ ٻه لک اٿس. اهڙي طرح ٽرانڪو رياست جي آبادي سنڌ جي برابر آهي پر هن جي اپت فقط هڪ ڪروڙ چاليهه لک چئي وڃي ٿي. هوڏانهن سنڌ جي ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آمدنيءَ کان وڌيڪ آهي.
اخبار المدينه بجنور 25 آگسٽ، 1931ع ۾ سنڌ بابت لکيو هو ته ڊسمبر، 1917ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ وفد مسٽر مانٽيگو وزير تعليم هند جي خدمت ۾ سنڌ جي جدائي لاء درخواست کڻي ويو جنهن ۾ آمدني خرچ کان وڌيڪ ڏيکاريل هئي. حڪومت بمبئي ۽ ان جي ڄاڻن به نهايت غور سان ويچار سان جانچيو ته، ٺيڪ نظر آين، جنهن کان پوءِ مسٽر مانٽيگو وزير هند پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته سنڌ بمبئيءَ کي انهيءَ رقم کان وڌيڪ ڏئي ٿي جا بمبئي کان وٺي ٿي.
ان کان پوءِ سنڌ وارن متفقه طور هل چل هلائي ۽ مسلمانن کان هندو ان سوال ۾ اڳرا هئا.
هنن جو چوڻ هو ته جڏهن اسان بمبئيءَ کي وڌيڪ رقم ڏيون ۽ گهٽ رقمون وصول ڪريون ٿا ته پوء اسان کي بمبئيءَ کان جدا ڇونه ٿو ڪيو وڃي ؟ انهيءَ بنا تي سال 1922ع ۾ پارسين، هندن مسلمانن جي وفد گورنر بمبئيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ پهريون دفعي ئي انهيءَ وفد کي هيءَ حيرت انگيز خبر ٻڌائي وئي ته اوهان جو صوبه (سنڌ) خساري ۾ هلي رهيو آهي. جڏهن نقصان جي حقيقت بابت سوال ڪيو ويو، تڏهن جواب مليو ته 1922ع ۾ آمدني هڪ ڪروڙ 95 پنجانوي لک هئي، خرچ ٻه ڪروڙ 9 نو لک ٿيو آهي.
جانچ سان معلوم ٿيو ته، 1918ع ۾ سنڌ وارن سنڌ جدائي لاءِ هلچل ڏسي بمبئي حڪومت سنڌ تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ شروع ڪيو جيئن ته ، 1922ع ۾ اٽڪلَ 15 لکَ سرڪن تي خرچ ڪيائين. فوج جي توب خاني لاءِ هڪ ميدان خريد ڪيو ويو جتي بارڪون به اڏيون ويون، جنهن ڪري 30 لک روپيه خرچ جنهن ڪري 30 لکَ روپيه خرچ ٿي ويا. ان سان گڏ چيف ڪورٽ ۽ واهن جي کوٽائيءَ تي به ڪيترائي لک خرچ ڪيو ويو، جنهن ڪري هڪ اپت واري صوبه سنڌ کي کوٽ هيٺ آندو ويو.وڌيڪ حيرت هي آهي ته بمبئي گورنمينٽ پنهنجي 16 ڪروڙ بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ فقط ٻه ڪروڙ رکندي ۽ هوڏانهن سنڌ مان وصول وري 4 چَئِن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ڪندي.
مطلب ته ان قسم بي انصافيءَ جي ڪري سنڌ هميشه پيڙبي رهي آهي.
خاص طرح بمبئي کي ڪراچي بندر سان جيڪا رقابت آهي تنهن ڪراچيءَ کي تمام زبون حالي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي (وئي) ڇوته بمبئي کي هميشه هيءُ خطرو رهندو آيو ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ سامونڊي واپار جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي ويو ته بمبئيءَ جي عظمت ۽ جاه و جلال کي ڌڪ لڳندو. تنهن ڪري بمبئيءَ ڪراچيءَ کي اڀرڻ ئي نه ٿي ڏنو. اسان کي برداران وطن جي ذهنيت تي بيحد حيرت لڳندي آهي. جڏهن مٿين پڌري حقيقت هوندي جن جا هو پاڻ اقراري هئا سنڌ جدائي جي هن لاء مخالفت ڪندا رهيا ته جيڪڏهن صوبه سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ويو ته پوءِ (سنڌي)مسلمانن جي اڪثريت ٿي ويندي ۽ پاڻ اقليت ۾ رهجي ويندا. بنگال ، پنجاب ۽ صوبه سرحد وانگي هي به سنڌي مسلمانن جو اڪثريت وارو صوبه ٿي پوندو. افسوس ! (سنڌي) هندو ۽ عدالت جا خوگر ۽ تنگدلي ۽ تعصب کي ڇڏي حقيقي وطن پرستي جو ثبوت ڏين ها ته بيحد اطمينان سان سنڌ جي جدائي هلچل ڪاميابيءَ جي منزل کي پهچي ها.
جي ان هوندي به گورنمينٽ مسلمانن جي هن متفقه مطالبه ڏانهن توجهه ڪري سنڌ جدائي جو اعلان ڪيو جو سنڌ وارن لاء خصوصاَ ۽ٻين هندوستان جي صوبن لاءِ عمومي خوشيءَ خاطريءَ جو باعث ٿيو آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو حڪومت سنڌ جي رهاڪن جي حقيقي ذميداريءَ کي خيال ۾ رکي هڪ جوابدار ۽ بهترين سرشتو قائم ڪري خود غرضيءَ ۽ يورپ نوازي کان هٿ روڪي سنڌ جي مفلس هارين نارين جي ڀلائيءَ لاءِ پورو انتظام رکي ۽ جنهن افلاس(بک) سمورو هندوستان ۽ خاص طرح سنڌ جا رهاڪو هلاڪت جي ڪناري پهچي رهيا آهن، تنهن کر دور ڪري سموري ملڪ جي آفرين جي حقدار ٿئي ها.
علامه سيد حسين احمد هندي ثم مدني جي پوٽي مولانا محمود بن ابن اسعد هندي مدني ابن سيد احمد هندي مدني جي وفاداري هن وڊيو ۾ ڏسو ته هو ڪيڏا هندوستان سان وفادار آهن. هن وڊيو م مولانا محمود مدني پاڪستان جي حرامي صدر پرويز مشرف کي ڪيڏو ذليل ڪيو آهي ؟
To be continued pl. wait for further.
http://www.youtube.com/watch?v=951iB8zW_wE
No comments:
Post a Comment