اجتماعيت ۽ انفراديت: امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي نظر ۾ _صورتخطي جوکيو شفيق احمد
هڪ شخص لا دين آهي، پر عقلمند آهي ۽ اجتماعيت جي واسطي هڪ پروگرام بڻائي ٿو. ان جي بنا مقابلي ۾ مذهبي جماعتن مان اهڙا ماڻهو اچن ٿا جي انفراديت جا حامي آهن. مثلاَ خود مختيار بادشاهه کي هو جائز سمجهن ٿا، هي انفراديت آهي. يا ساحرانه طريقي تي معرفت ۽ طريقت جا مالڪ آه، ته باجود هن جي ته بادشاهه ۽ طريقت وارا هڪ مذهب کي مڃين ٿا ۽ انهن جو مقابلو هڪ حڪيم ( ڏاهي فلاسافر ) سان ٿئي ٿو جو پاڻ کي ڪنهن مذهب سان ٻڌل نه ٿو سمجهي مگر هو اجتماعيت جو عالِمُ آهي ۽ ان کي منظم ڪري سگهي ٿو ته هن جنگ ۾ هڪ حڪيم ڪامياب ٿي ويندو ۽ هي ڪو تعجب نه آهي بلڪه ان کي باقائده سمجهون ٿا. ان تحقيق جو حاصل هي آهي ته مذهبي تحريڪ مان جڏهن اجتماعيت فنا ٿي ويندي ته ان جو مثال هڪ جسم جو هوندو، جنهن ۾ روح نه هوندو. ان جي نا ڪامياب ٿيڻ سان اَنبياءِ جي تعليم تي ڪوبه اثر نه اچي ٿو.
مفسدين کان مراد انفراديت جا مالڪ آهن. انهن جي هٿ ۾ بادشاهي هجي جيئن فرعون جي هٿ ۾ هئي يا ادنيٰ درجي جي روحانيت هجي جيئن ساحرن (جادوگر فرعون جا ساٿاري ۽ سيدنا موسي عليه السلام جا مد مقابل) ۾ هئي. ته هي سڀ مفسد آهن
سنڌي تفسير جلد -3 صفحه -411
هي مواد ماهانه الصادق کڏو، ڪراچي، سنڌ.
مورخه جنوري، فبروري 2008 ع تان لکيو ويو
No comments:
Post a Comment