ساهتي پرڳڻي ۾ واڻ ٺاهڻ جو هنر
هدايت الله قريشي
سنڌ جيئن ته صدين کان ڪاروبار جو مرڪز رهي آهي، جنهن جون نشانيون موئن جي دڙي مان پنج هزار سال اڳ ملن ٿيون، اُتي هينئر به سنڌ جي هر شهر جي پنهنجي ڪاروباري سڃاڻپ آهي. جيئن شڪارپور جي آچار، خيرپور جي کجي، جيڪب آباد جي سنڌي ٽوپي، هالا جو اجرڪ، ميرپور خاص جا انب، اهڙي طرح نوشهري فيروز جي سڃاڻپ واڻ ٺاهڻ آهي.
واڻ پيس جي وڻ، (جيڪو کجي جي وڻ وانگر هوندو آهي) کجي جي پتن ۽ سرن مان ٺاهيو ويندو آهي، واڻ مان کٽون، پينگها ۽ منجيون پڻ واڻيون وينديون آهن، پر واڻ خاص ڪري پيس جي وڻن مان ٺاهيو ويند آهي، پيس (جيڪو مختلف شهرن مان ٻورن ۾ ڀري پهچايو وڃي ٿو) جو في مڻ 700 کان 800 رپيا في مڻ ۾ وڪرو ٿيندو آهي، پيس جي مڻ مان تقريبن 28 ڪلو واڻ ٺهي ٿو، جيڪو مختلف شهرن ڏانهن پڻ موڪليو ويندو آهي، واڻ ٺاهڻ لاءِ پيس کي پهرين پاڻي ۾ پسائي پوءِ ان کي ڪاٺ جي هٿڙي سان ڪٽي سنهو ڪري هٿ تي وٽيو ويندو آهي جنهن بعد ان کي ڪاٺ جي چڪري تي پَڪُ ڏئي اس تي سڪائي پوءِ وري ڪنهن وڻ ۾ وجهي سرڻو هڻي صاف ڪري پوءِ اڌ ڪلو جي نوڙي ٺاهبي آهي. هڪ کٽ ۾ 5 کان 7 ڪلو واڻ استعمال ٿيندو آهي.
واڻ جا ٻه قسم آهن هڪ عام واڻ جيڪو پيس ۽ کجي جي پنن مان ٺهندو آهي. ٻيو سرن مان ٺهندو آهي جيڪو تمام گهڻو مهانگو هوندو آهي، جنهن کي مڃن جو واڻ سڏبو آهي، خاص ڪري اهو هالا ۾ ٺهندڙ کٽن ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي. مڃن جي واڻ جو ڪلو 250 رپيا آهي، ڇو ته ان کي ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ ڪافي وقت لڳندو آهي. عام واڻ 120 رپيا ڪلو ملندو آهي.
عام واڻ جا مختلف قسم آهن جيڪي مال تي مٺائي واري چوٽي جيان مختلف اگهن سان ملندا آهن. نوشهري فيروز ۾ واڻ ٺاهڻ جو ڪم جت، مري، مجيداڻا، قومون ڪنديون آهن. هي پنهنجي ابن ڏاڏن کان اهو ڪم ڪنديون اچن ٿيون. هڪ کٽ جو واڻ ٺاهڻ ۾ اٺن کان ڏهه ڏينهن لڳي ويندا آهن. واڻ ٺاهڻ جو ڪم صرف عورتون ڪنديون آهن، مرد صرف پيس خريد ڪري عورتن کي آڻي ڏيندا آهن ۽ واڻ ٺهڻ کان پوءِ وڪري لاءِ شهر کڻي ويندا آهن. اهڙي طرح هو پنهنجي ورثي ۾ مليل ڌنڌي ذريعي پيٽ جو گذر ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment