Realtime Hit Counter

Sunday, 17 July 2011

سنڌ ڌرتي،معدنيات ۽ بندرن جا مالڪ: تعليمات اسلامي جي روشنيءَ ۾،بلا غير شرڪت، رڳو سنڌي ئي آهن؛فتويٰ. جوکيو شفيق احمد


سنڌ ڌرتي،معدنيات ۽ بندرن جا مالڪ: تعليمات اسلامي جي روشنيءَ ۾،بلا غير شرڪت، رڳو سنڌي ئي آهن؛فتويٰ. جوکيو شفيق احمد

سنڌ ڌرتي،معدنيات ۽ بندرن جا مالڪ: تعليمات اسلام جي روشنيءَ ۾،بلا غير شرڪت، رڳو سنڌي ئي آهن؛فتويٰ.

هيء فتوي منهنجي يا منهنجي پيءُ الله ڏني جوکيئي جي نه،

پر سنڌ جي هڪ جامع المنقول يعني ٿيولاجي ٿيوسافي جنهن ۾ لاهوت لامڪاني علم يعني ميثا-فزڪس / آسمان کان مٿي جو علم، قرآن حڪيم جي ترجمه تفسير، اصول تفسير، علم حديث اصول حديث، فقه اصول فقه، اجتهاد، فلسفه منطق ۽ جامع العقل ، يعني علم سائنس يعني انجنئرنگ، ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل، ايگريڪلچرل، علم العدد، حساب، الجبراء جاميٽري ٽرگناميٽري وغيره جي ماهر مفتي علامه مولانا عبد القادر بروهيءَ ڏني هئي. ان کان علاوه ون يونٽ ٽٽن بعد سنڌ جي سهڻي شهر سڪرنڊ م هڪ هزار عالمن مفتين سنڌ تي سنڌين جو حق آهي؛ بابته هڪ فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي سڪرنڊ پاليسيء سان ياد ڪيو ويندو آهي، اها به وقت ميسر ٿيو ته توهان پڙهندڙن جي خدمت م لکي پيش ڪندس.

معلوم هجي ته مفتي علامه مولانا عبد القادر بروهي مدظله عالي جن علامه مولانا عبد الڪريم عرف مولانا ٻير وارن رح، تعلقه قمبرعلي خان ضلع لاڙڪاڻه،سنڌ جا شاگر آهن هيٺ ڏنل عنوان سان ملاحظه ڪندا پڙهندا توريندا تڪيندا.

ته سنڌ ڌرتيءَ، ڪوٽ قلعه، زمين جهنگ بيلا، درياهه سمنڊ جبل ٿر بر بحر ڪوهستان ۽ ان تي حاڪميت اقتدار اعلي، سنڌ جا شهر بندر ڳوٺ واهن وستيون، ماڳ مڪان، معدنيات تيل گيس، ڪوئلو، زمين زراعت، سروسز خدمات يعني نوڪريون.صعنتون ڪارخانه فيڪٽريون ملون وغيره سڀ سنڌين جا آهن، جن کي ظلم سان ظالم ۽ ظالم قوم کسيو آهي ۽ ان کي پنهنجي ظلم ڏاڍ ڏمر سان پنهنجي قبضي ۾ رکندو اچي ؟

جوکيو شفيق احمد

****

ظلم-ظالم--قوم ظالم.

علامه مولانا عبد القادر بروهي.

ظلم جي معنيٰ حقدار کي ان جو حق نه ڏيڻ، دنيا جي جهان ۾ ظلم ڪيترن نمونن ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. اسان هت چند صورتن جو بيان ڪيون ٿا ۽ انهن کان نجات جو طريقو پڻ بيان ڪيون ٿا.

معاشري ۾ وڏي ننڍي تي ۽ ننڍي جا وڏي تي حق آهن. اهڙي طرح زال جا مڙس ۽ مڙس جا زال ت، ماء پيءُ جا اولاد تي ۽ اولاد جا ماءُ پيءُ تي. پاريسڙيءَ جا پاڙيسريءَ تي، مزدور جا مزدوريءَ ڪرائيندڙ تي ۽ مزدوري ڪرائنيدڙ جا مزدور تي.

انهن حقن جي ڪوتاهي جيستائين اجتماعي پاليسي جي ما تحت نه آهي، تيسيتائين شخصي ظلم آهي. پر جيڪڏهن اجتماعي پاليسي جي ما تحت اها ڪوتاهي ٿيندي ته اهو قومي ظلم ٿي ويندو. شخصي ظلم ۾ ملوث افراد کي ظالمين چيو وڃي ٿو. قومي ظلم ۾ مُلَوِثُ افراد کي قوم ظالمين چيو وڃي ٿو.

سامراج پنهنجي اجتماعي منصوبن هيٺ غريبن مزدورن هارين ۽ قومن جي حقن کي پائمال ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري سامراج ''قوم ظالم'' آهي. ملڪ پاڪستان جيترن صوبن ۾ ورهايل، هر صوبو پنهنجي رهواسين جو گهر آهي. ان صوبي جي زمين آمدني ڌنڌن ۽ نوڪرين تي ان جي اصلي رهاڪن جو حق آهي. جيڪڏهن هڪ صوبي وارن کي ٻئي صوبي وارن جي زمين ڌندڌي ۽ نوڪرين تي قابض ڪيو ويندو ته اهو ظالم آهي. انهيءَ جو مطلب ائين آهي جو هڪڙي گهر جا ڀاتي ٻئي گهر تي اچي ناجائز قبضو ڪري ان جي سفيد ۽ سياهه (اڇي ۽ ڪاري) جا مالڪ ٿين،؟ اهو هرگز جائز نه آهي. سامراج جي ظلمن ۽ ننڍن صوبن جي حق تلفيءَ کي جائز قرار ڏيڻ وارا پڻ قوم ظالمين آهن. بد قسمتيءَ سان اڄ صوبه سنڌ جون زمينون، ان جي آمدني ان جون نوڪريون ۽ اهم صنعتون ڌارين کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ سنڌ جي سرزمين تي غيرن کي غلبو ڏياريو وڃي ٿو، جيئن هميشه لاءِ سنڌ جي اصلي رهاڪن جو وجود ڪالعدم (ختم) ٿي وڃي. اسلام ظالمين ۽ قوم ظالمين تي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ هلاڪت (موت) جي انجام جو اعلان ڪري ٿو.

الله تعاليٰ قرآن (حڪيم) شريف ۾ فرمايو آهي:

وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّـهِ كَذِبًا ۚ أُولَـٰئِكَ يُعْرَضُونَ عَلَىٰ رَبِّهِمْ وَيَقُولُ الْأَشْهَادُ هَـٰؤُلَاءِ الَّذِينَ كَذَبُوا عَلَىٰ رَبِّهِمْ ۚ أَلَا لَعْنَةُ اللَّـهِ عَلَى الظَّالِمِينَ ﴿١٨﴾ سورة هود

۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي. (١٨) سنڌيڪار امام علامه سيدنا تاج محمود امروٽي رح. سورة هود پاره 12 -ترجمه

وَقِيلَ يَا أَرْضُ ابْلَعِي مَاءَكِ وَيَا سَمَاءُ أَقْلِعِي وَغِيضَ الْمَاءُ وَقُضِيَ الْأَمْرُ وَاسْتَوَتْ عَلَى الْجُودِيِّ ۖ وَقِيلَ بُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ﴿٤٤﴾ وَنَادَىٰ نُوحٌ رَّبَّهُ فَقَالَ رَبِّ إِنَّ ابْنِي مِنْ أَهْلِي وَإِنَّ وَعْدَكَ الْحَقُّ وَأَنتَ أَحْكَمُ الْحَاكِمِينَ﴿٤٥﴾ سورة هود

۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي. (٤٤) ۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين. (٤٥) سنڌيڪار امام علامه سيدنا تاج محمو امروٽي رح

أَلَا لَعْنَةُ اللَّـهِ عَلَى الظَّالِمِينَ ﴿١٨﴾ سورة هود.

خبردار ظالمن تي الله جي لعنت آهي. سنڌي ڪار امام سيدنا علامه تاج محمود امروٽي رح

الله تعالي دعا سيکاري ٿو.

فَقَالُوا عَلَى اللَّـهِ تَوَكَّلْنَا رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ﴿٨٥﴾ سورة يونس

1.پوءِ چيائون ته الله تي ڀروسو ڪيوسون، اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالمن جي قوم جي پرک نه ڪر. (٨٥) سنڌيڪار امام علامه سيدنا تاج محمود امروٽي رح

2.وَلَمَّا رَجَعَ مُوسَىٰ إِلَىٰ قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا قَالَ بِئْسَمَا خَلَفْتُمُونِي مِن بَعْدِي ۖ أَعَجِلْتُمْ أَمْرَ رَبِّكُمْ ۖ وَأَلْقَى الْأَلْوَاحَ وَأَخَذَ بِرَأْسِ أَخِيهِ يَجُرُّهُ إِلَيْهِ ۚ قَالَ ابْنَ أُمَّ إِنَّ الْقَوْمَ اسْتَضْعَفُونِي وَكَادُوا يَقْتُلُونَنِي فَلَا تُشْمِتْ بِيَ الْأَعْدَاءَ وَلَا تَجْعَلْنِي مَعَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ﴿١٥٠﴾ سورة الأعراف

۽ جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين ته جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيو سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو ته اي مُنھنجا ڀاءُ بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا، تنھنڪري مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ. (١٥٠) سنڌيڪار امام سيدنا علامه تاج محمود امروٽي رح

قرآني ترجمه جي تصديق لاء هي لنڪ ملاحظه ڪندا

http://tanzil.net/#trans/sd.amroti/1:1

مگر هي وڏو ظلم آهي جو اسلام جي مقدس مذهب جي نالي سامراج جا ايجنٽ ۽ قوم ظالمين جا آله ڪار انهن ظالمن کي جائز ڪن ٿا. در اصل اهي اهو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪو يهودين جا (علماء) عالم ڪندا هئا. اهو اسلام تي ڪوڙ بهتان آهي. الله تعاليٰ فرمايوآهي:انهي کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي. ترجمه) علامه عبد القادر بروهي

ظلم کان نجات جو رستو هي آهي جو مظلوم اختلاف ڇڏي متحد ٿين، جان مال جي قرباني ڏين. تواريخ شاهد آهي ته جتي به مظلومن اهو نسخو استعمال ڪيو آهي، اتي انهن کي ظلم کان نجات ملي آهي. چوڻي آهي ته جنهن ج منهن تي ڪارنهن لڳي هوندي، اهو پنهنجي منهن کي پاڻ نه ڌوئيندو ته ٻئي کي ڪهڙو لاچار پيو آهي.؟ ''اهڙي طرح مظلوم پنهنجي مدد پاڻ ڪري پاڻ ۾ اتحاد(ٻڌي)۽ قربانيءَ جو جذبو پيدا ڪن. الله تعالي ان جو مددگار آهي. الله تعاليٰ فرمايو اهي جيستائين آهي: ان الله لايغر ما بقومِ حتي يغيروا ما بانسفسهم (پاره-13) بيشڪ الله نه ڦيرائنيدو، انهيءَ حال کي جو قوم سان آهي، جيسيتائين اهي ڦيرائن ان چال کي جا نهن انهن سان آهي.(ترجمه) علامه مولانا عبد القادر بروهي مد ظله عالي و عز و جل.

مدرس (پروفيسر) مفتي علامه عبد القادر بروهي صاحب

مدرسه سراج العلوم، ٻير شريف،

تعلقه قمبرعلي خان، ضلع لاڙڪاڻه، سنڌ

پر هاڻ حال خضدار بلوچستان. م پنهنجي مدرسه ۾ پڙهائن ٿا.

وڌيڪ ڏسو رسالو الصادق، کڏو-ڪراچي،سنڌ

ڊسمبر، 2003ع ۽ نومبر-ڊسمبر،1984ع.


No comments:

Post a Comment