Realtime Hit Counter

Sunday, 17 July 2011

امام انقلاب عبيد الله سنڌي، ڪابل, روس, ترڪي, فرانس ۽ حجاز مقدس کان جلاوطنيءَ بعد سنڌ ۾ ! جوکيو شفيق احمد.


امام انقلاب عبيد الله سنڌي، ڪابل, روس, ترڪي, فرانس ۽ حجاز مقدس کان جلاوطنيءَ بعد سنڌ ۾ ! جوکيو شفيق احمد.


امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي رح جي جلاوطنيءَ کان واپس سنڌ جي بندر ڪراچيءَ پهچڻ جو اکين ڏٺو احوال.

ورهاڱي کان اڳ کڏي-ڪراچي-سنڌ مان نڪرندڙ جمعيت علماءَ سنڌ جي ترجمان اخبار اصلاح جي رپورٽ.

امام انقلاب حضرت مولانا عبيد الله سنڌيءَ رح صاحب جن 04 مارچ، 1939ع اڱاري ڏينهن المدينه جهاز ۾ (سنڌ جي عظيم شهر) ڪراچيءَ بندر تي پهچي ويا جهاز پوري 8 - بجي (وڳي) ڪراچي بندر تي لنگر انداز ٿيو. امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي جي استقبال لاء هر فرقه هر جماعت (پارٽيءَ) ۽ هر قوم جا بي شمار مشتاقَ، ڪراچيءَ بندر تي (موجود) هو.

ڪانگريس مسلم ليگ جا ليڊر ۽ ممبر به جهجهي انداز ۾ حاضر هوا. جن مان قابل ذڪر هيٺيان صاحب آهن:

مجاهد اعظم سنڌ علامه مولانا محمد صادق کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ.

مولانا علامه مولانا محمد صديق.

حڪيم علامه مولانا فتح محمد سيوهاڻي.

علامه مولانا محمد عثمان بلوچ

حافظ محمد محسن.

شيخ لالواڻي.

مسٽر لالجي مهوترا(ملهوترا) لکيل هجڻ گهرجي.

سيٺ هري داس لالجي.

ڪڪي ڀيڻ.

مسٽر آچاريا گدواڻي ۽ ٻيا.

گورنمينٽ جا نمائندا:

شهيد سنڌ مسٽر الله بخش سومرو، وزير اعظم سنڌ.


۽ آنراَئبل پير الاهي بخش موجود وزير تعليم پير مظهر الحق جو والد گرامي قدر

به سوير ڪراچي بندر سوير پنهنجي سرخ سبز وردين سان جلوه گر هيا. خاڪسار به پنهنجي طرفان پريڊ جي نمائش ڪرڻ آيا هيا.


پندرهن ويهه منٽ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ صاحب جن ٻين حاجين جي وچ ۾ بندر تي معائنو فرمائڻ ۽ زيارت ڪرائڻ بعد جهاز تان فروڪش ٿيا.

ماڻهن جو هجوم ۽ انبوهه ايتري قدر ته هو جو امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ کي موٽر تائين سوار ٿيڻ ۾ سخت دقت پيش آئي جو سندن ميزبانن کي سندن سلامتي خطري ۾ محسوس ٿي ۽ هڪ پوليس سارجنٽ به انتظار ڏيکاريو ته امام انقلاب عبيد الله سنڌي پيرسن (پوڙهو جهونو مڙس) آهي، متان کيس چيڀاٽيو وڃي بندر تي مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) جي ميزباني جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي صاحبان پيش ٿي جن مان شيخ عبد المجيد سنڌي صاحب خصوصيت سان قابل ذڪر آهي.


پر مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ فرمايو ته؛ (مجاهد اعظم سنڌ علامه) مولانا محمد صادق کڏي وارا صاحب منهنجا استاد ڀائي آهن. منهنجا ميزبان اهي آهن، آءُ انهن جو مهمان آهيان، آءُ پنهنجو پاڻ کي انهن جي حوالي ڪيان ٿو، انهن جي مرضي اهي مون کي جنهن جي به حوالي ڪن. آخرڪار موٽر ۾ سوار ٿي، سنڌ جي آزاديء جي قلعي مدرسه مظهر العلوم لائبرري اسلام آباد کڏي، ڪراچيءَ ۾ تشريف فرماء ٿيا.


ساڻن موٽر ۾ (مجاهد اعظم سنڌ علامه) مولانا محمد صادق کڏي وارا، علامه مولانا محمد صديق، حڪيم علامه مولانا فتح محمد سيوهاڻي ۽ سيٺ حاجي محمد يوسف، حاجي لڌا سوار رهيا، منزل گاهه ۾ پهچڻ تي ڏٺو ويو، ته صدها ماڻهو (سنڌي) هندو مسلمان ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي حاضر هوا ۽ مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌي) ويهڻ شرط سڀني کي مخاطب ٿي فرمايو (ان تقرير جا ڪجهه نوٽ هيٺ ڏجن ٿا.) رساله الصادق کڏو،ڪراچي،سنڌ

آءُ (يعني امام انقلاب عبيد الله سنڌي) سڄي دنيا انڊين نيشنل ڪانگريرس جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڏسي سگهيو آهيان. دنيا جي غير اسلامي توڙي اسلامي ملڪن ۾ ''هندو مسلم'' يا قومن ۽ فرقن جو ڪو فرق ۽ تفاوت ڪونهي. آزاد ملڪن ۾ اهڙي تفاوت رکندڙ جي ڪا عزت ڪانهي. قرآن شريف جي تعليم مطابق بين الاقوامي حيثيت ۾ متحده قوميت ئي اهم شيءِ آهي.

مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) فرمايو ته آءُ روس ۾ ته ڪانگريسي ٿي رهيس, پر مڪة شريف ۾ به مون کي تڏهن رهڻ ڏنو ويو، جڏهن حڪومت کي پڪ ٿي ته آئون ڪانگريسي آهيان.

مولانا (امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ) فرمايو ته ته جنهن تدبر سان مون قرآن حڪيم کي سمجهيو آهي، گهران (چاهيان) ٿو ته ڪن چئن عالمن کي ان مطابق تعليم ڏيان، جيڪڏهن مون قرآن حڪيم جو حقيقي فلسفو (حڪمت ڏاهپ) چئن عالمن کي سمجهايو ته آءُ سمجهندس ته منهنجي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿيو.

جيڪڏهن مسلمان عالم مون وٽ منهنجي تحقيقات مطابق قرآن شريف نه پڙهندا، ته آءُ بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن کي پڙهائيندس. جيڪڏهن انهن قرآن حڪيم پڙهڻ کان انڪار ڪيو ته کين " گيتا'' پڙهائيندس. '' گيتا'' پڙهندا ته قرآن پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندنِ

فرمايائون (يعني امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ ) آءُ '' گيتا '' اهڙي ڄاڻان؛ جو هندوستان ۾ ڪو هندو به مون جهڙي ڪونه ڄاڻي!

مها آتما گانڌيءَ '' گيتا'' جو شرح لکيو آهي پر غلط آهي. مها آتما گانڌي '' گيتا مان ڪجهه نه ڄاڻي، جڏهن منهنجو شرح ٻڌندو تڏهن مها آتما (گانڌي) پنهنجي شرح کان ئي توبه ڪندو.

فرمايائون (يعني امام انقلاب عبيد الله سنڌي) ته آءُ جواهر لال نهرو ۽ سڀاش چندر بوش جي خيالن جو آهيان. پڇاڙيءَ ۾ فرمايائون ته آءُ پاڻ وڃي انهن دوستن کي مِلان ٿو، جيڪي منهنجي مسلڪ جا ناهن مگر منهنجا شخصي دوست آهن تا ته ائين نه سمجهيو وڃي ته اختلاف پاليسيءَ ڪري دلين ۾ ڪو اختلاف آهي'' ائين فرمائي سيٺ هجا عبد الله هارون جي جاءِ تي ويا مگر سيٺ صاحب دهلي ويل هو، اتاهون ٿي موٽي آيا.( هفيتي وار'' اصلاح'' 09 مارچ،1939ع) ورتل رساله الصادق، کڏو-ڪراچي،سنڌ.

شمارو 3-4، مارچ ۽ اپريل، 2004ع


No comments:

Post a Comment