Realtime Hit Counter

Monday, 4 July 2011

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ،

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ،

دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي، نفرت سان نهاريو ويندو آ.

بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين، ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين،

انصاف هتان جو اهڙو آ، مظلوم کي ماريو ويندو آ.

هِت جو به جلي سو ڪو نه ٺري، هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري،

هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ.

دل ڪانه هلي، چپ ڪو نه چُرن، سڪرات هجي ته به عاشق وٽ،

محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ.

دشمن جي کڻي پٿر به هڻي، جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي،

پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ‘گل’ به اُلاريو ويندو آ.

گل حسن گل ٻرڙو

استاد سيد علي اڪبر شاهه، اک کان ٽيڏو، اسان جو ڪلاس ٽيچر هو.

جڏهن ڪرسي تي ويهي شاگردن طرف نظر ڪندو هو، ته سڀ ڇورا ڊڄ ۾ مُٽُ مُٽندا هيا. هر شاگر سمجهندو هو، ته استاد سائين مونڏي ٿو نهاري ؟ ۽ ڪلاس ۾ ڪرفيو لڳل هوندو هو.

سو قصو ڪوتاهه ڪندي، اسان کي پاڪستاني صدر ۽ ٽيڏي چيف جسٽس، به استاد سيد علي اڪبر شاهه جون سڄر يادون ڏياري، چپ چورڻ کان چپ ڪرائي ڇڏي آهي؟ يانه

مولائي صدر پاڪستان


No comments:

Post a Comment