Realtime Hit Counter

Monday, 4 July 2011

ڀتا خوري ۽ قبضا قوم پرستن جي سڃاڻپ آهن، مسئلن جو حل جي ايم سيد ۽ لطيف جي فڪر ۾ ناهي: خالق جوڻيجو

ڀتا خوري ۽ قبضا قوم پرستن جي سڃاڻپ آهن، مسئلن جو حل جي ايم سيد ۽ لطيف جي فڪر ۾ ناهي: خالق جوڻيجو

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر): قوم پرست،کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ دانشورن پ پ حڪومت طرفان صوبائي خودمختياري واري جشن کي سنڌ سان دوکو، ناٽڪ ۽ 18هين ترميم کي پ پ جو هڪ نئون آئيني دوکو قرار ڏيندي صوبن کي قومي وحدتون تسليم ڪرڻ ۽ قومي حق اختياري ڏيڻ، سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ آمدني سنڌ حوالي ڪرڻ، 1954ع کان پوءِ آيل ڌارين کي واپس ڪرڻ ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کي سنڌ ۾ ملڪيت وٺڻ ۽ ووٽ جو حق نه ڏيڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اها ڳالهه ڪالهه جيئي سنڌ محاذ طرفان پهرين جولاءِ 70 تي ون يونٽ ٽٽڻ جي حوالي سان منعقد هڪ سيمينار ۾ ڪئي وئي.ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ عبدالخالق جوڻيجي خطاب ڪندي چيو ته اسٽبلشمينت جڏهن به مسئلن ۾ ڦاسي پوندي آهي ته پيپلز پارٽي ان کي ڪلهو ڏئي انعام ۾ ڪرسي حاصل ڪندي آهي. 71 سانحي بعد ذوالفقار ڀٽو، ضياءَ جي هوائي حادثي بعد بينظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف سان ٺاهه ڪري اسٽبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو ۽ بينظير ڀٽو ئي نوابزادي نصرالله بدران اسٽبلشمينٽ جي اسحاق خان کي صدر بڻايو هو. هن چيو ته ڀٽي بنگالين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان ڦٽايو ۽ هاڻي به بلوچن خلاف آپريشن جاري آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جرنيلن جي حمايت ڪري سنڌ جي جمهوري، سيڪيولر ڪلچر کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مڱڻهار دانشور، پ پ حڪومت جي چوڻ تي وري ان جي حمايت ۾ ڪالم لکي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ قوم پرستن جي سڃاڻپ پلاٽن تي قبضا ۽ ڀتا خوري ٿي وئي آهي. ان ڪري جيئي سنڌ محاذ پنهنجي جهنڊي مان ڪهاڙي ڪڍي ڇڏي آهي۽ قوم پرست اڳواڻ وڏيرن جي جرڳن ۾ شرڪت ڪري عورتن خلاف فيصلا ڪرائڻ ۾ ملوث آهن. عبدالخالق جوڻيجي چيو ته هتي غلط ڳالهيون ڪري سنڌ جي مسئلن جو حل شاهه لطيف جي شاعري ۽ جي ايم سيد ۽ بينظير ڀٽو جي فڪر ۾ تلاش ڪن ٿا. بينظير جي فڪر جي خبر نه آهي ڪهڙو هو، باقي جي ايم سيد ۽ شاهه لطيف جو هاڻي نالو وٺي مسئلن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. نئين دور ۾ نئيون ڳالهيون به ڳولڻيون پونديون. سنڌ جي قومي ڪارڪن ۽ دانشور امان الله شيخ ايڊووڪيٽ چيو ته سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف شعوري طور تحريڪ هلائي وئي هئي، جنهن جو هو شاهد آهي. ڀٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ تي انهن مٿان ظلم ڪيا ۽ اڄ اها انهن قومي تحريڪن جي ڪاميابي آهي، جو هاڻي صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پ پ حڪومت ۾ ويٺل مڱڻهار سڀاڻي زرداري مٿان شاهدي ڏيڻ ۾ به دير نه ڪندا ۽ قوم پرست پارٽيون ميرن وانگر حيدرآباد ۾ ويهي رهيون آهن. هن چيو ته پير الاهي بخش ڪراچي ڌارين کي پليٽ ۾ رکي ڏني ۽ ان جو پوٽو اسيمبلي ۾ ويهي فلمون ڏسي رهيو آهي. لبرل پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسن چيو ته 18 هين ترميم بعد به پئسي وارا کاتا ۽ کاتن جا سڻڀا حصا مرڪز پاڻ وٽ رکيا آهن. هن چيو ته ڪشمير وانگر سنڌ ۾ ٻاهران روزگار لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ ۽ ملڪيت وٺڻ جو حق حاصل نه هجڻ گهرجي. پاڪستان ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ يوسف مستي خان چيو ته جناح آخر تائين پاڪستان جو نالو نه ورتو هو ۽ اهو مسئلو سردار پٽيل ۽ نهروءَ پيدا ڪيو هو. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ پنجاب جي اڳواڻ کي پسند نه ٿي ڪري ۽ هڪ سنڌي اڳواڻ جرنيلن جي حمايت ڪري رهيو آهي . 18 هين ترميم تي جشن ته ملهايا پيا وڃن پر آئين ۾ ضياءَ جون ترميمون، بنياد پرست ۽ قومن جي حقن خلاف شقون موجود آهن. ڪالم نويس مرتضيٰ منصور چيو ته ڪراچي ۾ امن امان بابت ڳالهين ۾ ان جي مالڪن سنڌين ۽ قديم آباد بلوچن کي اوليت جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي.

http://www.awamiawaz.com/2011/July/2nd/news/24.htm

by Jokhio Shafique Ahmed on Sunday, July 3, 2011 at 11:16am

No comments:

Post a Comment