Realtime Hit Counter

Wednesday, 13 July 2011

يورپي پريزيڊينٽ ۽ يورپي قومي حڪومتن / ايشائي حڪومتن جي پٽيوالي بابت. امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جو موازنه _جوکيو شفيق


يورپي پريزيڊينٽ ۽ يورپي قومي حڪومتن / ايشائي حڪومتن جي پٽيوالي بابت.

امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جو موازنه _جوکيو شفيق

امام انقلاب عبيد الله سنڌي جن فرمايو:

اسلام ۾ حڪمرانيءَ الله جو ڪم آهي. جيڪي حڪومتون دنيا ۾ قومي مشوري جون پابند آهن ۽ پاڻ کي قوم جو نوڪر سمجهن ٿيون، حڪمرانيءَ جو شان نه ٿيون ڏيکارين بلڪه خادمه آهن.

جيڪڏهن هنن جو قومي قانون ڪتاب الاهي هجي؛ ته اهي اسلام جي قريب آهن.

اڄ يورپ ۽ ايشيا جو اهو فرق آهي، ته يورپ جون حڪومتون قومي آهن ۽ ايشياء جو اڪثر حڪومتون اسبتدادي (ڏاڍائي،ظالماڻه ۽ جبري) آهن.

قرآن (حڪيم) جي حڪومت پيدا ڪرڻ جي استعداد (سگهه) يورپ ۾ زياد آهي، بنسبت ايشياء جي.

ايشيائي قومن ۾ جي مسلمان آهن، اهي جي يورپ جي قومي حڪومتن کان اسلام جي نظام(سسٽم) تي حڪومت بڻائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سکي سگهجن ٿيون.

هي تمام بين فرق (وچ ۾ فرق سنڌو وٿي ) آهي، ته ايشائي حڪومت جو هڪ پٽيوالو پاڻ کي رعيت جو حاڪم سمجهندو آهي. يورپ جو پريزيڊينٽ پاڻ کي رعيت جو خادم سمجهندو آهي.

سنڌي تفسير_امام انقلاب عبيد الله سنڌي

جلد-3، صفحه-443،444 تان ورتل.

جيڪو ماهانه الصادق کڏو،ڪراچي،سنڌ

مئي جون، 2011

تان لکيو ويو.

جوکيو شفيق احمد


No comments:

Post a Comment