قانون،فقه، مقصد، حڪمت ۽ روح اجتماعي _امام انقلاب عبيد الله سنڌي
امام عبيد الله سنڌيء جن فرمايو:
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي قانون ( لاء) سيکارجي ۽ مقصد حڪمت (فلاسافي) نه سيکارجي ته هو ثاني (ٻئي) درجي جو عالم(اسڪالر) آهي، (اهو) اول درجي جو عالم(اسڪالر) نه ٿيندو. انهيءَ حڪمت (فلاسافي) ۽ مقصد (مطلب) سمجهڻ کان سواء ڪو شخص مجتهد ٿي سگهي ٿو؟
ته ان جو جواب آهي؛ ته بلڪل نه ٿو ٿي سگهي ! اسان ۾ جاهلن جي هڪ جماعت (پارٽي) اهڙي پيدا ٿي آهي، جا فقه (جيوريپروديينس) ۾ اجتهاد ( ججمينٽ، ڊليجينس) پيدا ڪرڻ ضروري ٿي سمجهي پر حڪمت (ڏاهپ وزڊم ) جي ويجهو نه ٿا وڃن، ته هي ڪو علمي درجو نه آهي.
هي (اُهي)جاهل نِماءُ عالم آهن. فقه سان گڏ حڪمت جو بحث حنفيء ۽ مالڪيءَ فقهاءَ ۾ عام آهي. شافعي فقهاء ٻئي درجي تي آهي. حڪمت سيکارڻ سان قانون جو روح اجتماعي ظاهر ٿئي ٿو. تمام قومون ان قانون تي جمع ٿي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن حڪمت (فلاسافي) نه سيکارجي ته حڪومت جي زور سان ماڻهن کي قانون تي جمع ڪري سگهجي ٿو، پر شوق سان جمع نه ٿيندا
سنڌي تفسير
امام انقلاب عبيد الله سنڌي
جلد_1، صفحه _176،177 تي ڏسو.
هي مواد ورتل آهي
ماهانه الصادق کڏو ڪراچي، سنڌ
قانون
Law
اجتهاد
- noun
- diligence
- judgment
- assiduity
- conscientiousness
روح
Spirit
فقه
Jurisprudence
Doctrine.
اجتماع
- noun
- collection
- collecting
- gathering
- combination
- aggregate
- uniting
- summation
- assemblage
- summing up
- ingathering
- ally
- scratch-together
- joining up
- connecting
فقهاءَ
Scholor of Islam.
لکندڙ مسڪين جوکيو شفيق احمد
No comments:
Post a Comment