Realtime Hit Counter

Thursday, 22 December 2011

قوم جو ٻيڙو ڪير تاريندو؟ ۽ منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ! محمد يامين شورو صاحب.

قوم جو ٻيڙو ڪير تاريندو؟ ۽ منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ! محمد يامين شورو صاحب.

قوم جو ٻيڙو ڪير تاريندو؟

جڏهن قوم جا قائد به قاتل بنجي پون! جڏهن رعيت جا رهبر ۽ رکوالا به رهزن بنجي پنهنجن جي مال متاع، عزت آبروءَ تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪن!! عزازت قرابت جا سڀئي رشتا وساري رت پياڪ جانور بنجي وڃن، ته اهڙي نفسانفسي جي دور ۾ قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪير تاريندو؟

خوش قسمتي سان جيڪڏهن اهڙو ڪو ”ناکوئو“ ظاهر به ٿيو ته، اهو ڪهڙي شڪل، صورت ۽ ڪهڙي چال چلت جو هوندو؟

ڇوته اسان وٽ رهبري جا سڀئي رنگ روپ ۽ منهن مهانڊا ناڪام ٿي چڪا آهن. ناڪاميءَ جو ڪارڻ يا ته اڳواڻن جي اڻڄاڻائي ۽ ناتجربيڪاري آهي، يا ته ڄاڻي ٻجهي قوم جي صحيح منزل ڏانهن رهبري ڪرڻ کان لنوائڻ ۽ بيتوجهي آهي، يا ته سياسي ۽ قومي ليڊرن جي غلط منصوبه بندي آهي، انهن حالتن جيڪري هاڻي قوم جو ٻيڙو هڪ اهڙي ڪُن ڏانهن ڪاهيندو پيو وڃي، جتان بچڻ جي اميد نه رڳو مشڪل بلڪه محال آهي. اها ڪا فرضي يا جڙتو لفظن جي تُڪ بندي يا ليڊرن سڳورن تي اجائي تنقيد ناهي. پر اها اهڙي حقيقت آهي جنهن کان ڪن ٽار ڪري نه ٿي سگهجي ڇوته، جنهن صورت ۾ اسان جي قوم جو سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي مرض اهري خطرناڪ پوزيشن اختيار ڪري چڪو آهي جنهن جو فوري علاج نه ٿيڻ ڪري مريض شفاياب ٿيڻ بجاءِ آخري پساهه کڻي رهيو آهي ۽ مرض وڃي ٿو تيزي سان وڌندو، ته آخر قوم جي پوري جسم کي وڪوڙيل مرض، نيٺ ته ان جو انت آڻيندو!

آئون سمجهان ٿو ته، جن اختياري وارن ۽ اقتدار ڌڻين جي هٿ ۾ هن موذي مرض جو علاج آهي، تن ڪڏهن نه سنجيدگي سان علاج ڪيو، نه وري انهي لاءِ ڪنهن شافي ڪافي دوا جو نسخو تجويز ڪيو آهي. پوءِ ڀلا اهڙي صورت ۾ سنڌي قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪير بچائيندو؟

اسان جي قومي ليڊرن جيڪڏهن ڪو ازالو يا ڪو تدارڪ ڪيو به هوندو، ته هن چوڻيءَ وانگر ”ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو.“

واڪا مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ!

موجوده دور ۾ اسان جي سنڌي قوم جي حالت سماجي ۽ معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان اهڙي ابتر ٿي چڪي آهي، جو هن زرخيز ملڪ ۾ رهندي به انهن جو هٿ پائي پائي لاءِ پينوءَ وانگر ڪنهن حاتم طائي جي سخا لاءِ واجهائي ٿو، ۽ اها حالت ان ڪري پيش آئي آهي، جو تازو طوفاني برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ٿيو آهي. زراعت نوي سيڪڙو تباهه ٿي چڪي آهي. روزگار جا ذريعا صفا محدود يا اڻلڀ ٿي چڪا آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڏ سبب ڍنڍون ۽ ڍورا بنجي چڪا آهن، حڪومت جيتوڻيڪ امدادي سرگرمين جي نمائش ڪرڻ لاءِ ”وطن ڪارڊ “ جي ذريعي امداد ورهائڻ جو سسٽم ته شروع ڪيو آهي پر اهو طريقو به عام ماڻهو کي چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ مستقل طرح پينوءَ بنائڻ ۽ ان کي هميشه لاءِ بيڪار ڪري سستي ۽ ڪاهلي جو عادي ڪري ڇڏيو آهي. انهيڪري اسان هي گذارش ڪريون ٿا ته سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندڙ ادارا، اين جي اوز، ۽ گورنمينٽ جيڪڏهن سنڌي قوم کي روزگار جا ذريعا فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ تڪڙو اپاءُ وٺن ته جيئن ٻوڏ کان متاثر ٿيل هي قوم پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي۽ پينوءَ بنجڻ کان بچي وڃي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، هن قوم جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ اڃا ڪا به رٿاءَ عمل ۾ نه آئي آهي. انهيڪري اسان وقت جي سرڪار ۽ اختياري وارن جو توجهه هن ڳالهه ڏي ڇڪائڻ ٿا گهرون ته، سنڌي قوم کي پن جو ڪِشتو هٿ ۾ ڏيڻ جي بجاءِ لکيل پڙهيل نوجوان کي روزگار فراهم ڪريو ته جيئن هي سنڌي قوم موجوده سڌريل قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهي.

by Jokhio Shafique Ahmed on Wednesday, November 30, 2011 at 4:02pm

No comments:

Post a Comment