جمعيت علماء سنڌ جو _ منشور
سنڌ ننڍي کنڊ جو هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن جي تهذيب تمدن ۽ معاشرتي ۽ معاشي تاريخ سان گڏوگڏ قومي ۽ سياسي تاريخ تمام قديم آهي. سنڌ کي اها اڳڀرائي به حاصل آهي ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام کي سڀ کان پهريون خوش آمديد چيو هو ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي عهد ۾ ئي سنڌ ۾ اسلام پهچي چڪو هو.
سنڌ جي ماڻهن بنا ڪنهن لالچ، دٻاؤ ۽ خوف جي اسلام کي مڃي دل سان قبول ڪيو هو ڇو ته اسلام سندن فطرت جي عين مطابق هو ”سنڌ جو اخلاق تواضع، ايثار ۽ همدردي اهي ساڳيا اسلام جا بنيادي اصول آهن. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ اسلام جي هر سڏ تي لبيڪ چيو آهي ۽ عربن کانپوءِ اهي سنڌ جا سپوت ئي هئا جن اسلام جي وڏي علمي ۽ ٻي هر طرح جي خدمت ڪئي. انگريزن خلاف تحريڪ ريشمي رومال، تحريڪ خلافت وغيره ۾ به سنڌ جو انتهائي نمايان ڪردار رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي فرزندن جون خدمتون ننڍي کنڊ جي ٻين سڀني باشندن جي خدمتن کان گهڻو وڌيڪ آهن.
جڏهن پاڪستان جي تحريڪ شروع ٿي ۽ اهو ٻڌايو ويو ته هن ملڪ کي انگريزن جي تسلط کان آزاد ڪرائي هتي اسلامي نظام عدل مساوات قائم ڪيو ويندو. سنڌين کي خاص طرح اهو يقين ڏياريو ويو ته اوهان جو علائقو آزاد ۽ خودمختار هوندو، اوهان جي معيشت مڪمل اوهان جي ڪنٽرول ۾ هوندي ۽ اوهان جي حقوق سان ڪوبه هٿ چراند نه ڪري سگهندو. اهڙي وضاحت 1940ع واري قرارداد پاڪستان ۾ موجود آهي. تڏهن سنڌ سڀ کان پهرين پاڪستان جي مطالبي جي تائيد ڪئي ۽ ان کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي.
پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ عملاً ان کان انحراف ڪيو ويو. پاڪستاني حڪمرانن پنهنجي پوري مدت حڪمراني ۾ نه صرف هي ته اسلام جي تقاضائن کي نظرانداز ڪيو پر، جنهن اسلام جي نالي تي هي ملڪ وجود ۾ آيو هو، ان جي عقيدن ۽ احڪام جي برعڪس طريقا اختيار ڪيا ويا ۽ قرآن ۽ سنت جي حڪمن کان مسلسل انحراف ڪيو ويو ۽ پاڪستاني حڪمرانن پاڪستان جي مختلف علائقن، خاص طرح سنڌ ۾ رهندڙ عوام جا حق غصب ڪيا ۽ خاص علائقن جا ماڻهو سڀني تي مسلط ٿي ويا. سنه 1951ع کانپوءِ ته پاڪستان ۾ شهري آزادين کي مڪمل طرح سلب ڪيو ويو ۽ سڄي ملڪ کي هڪ وسيع جيل خاني جي شڪل حاصل ٿي ويئي.
رهي سهي ڪسر ون يونٽ ٺاهي پوري ڪئي ويئي جنهن سان ننڍن صوبن خاص طرح سنڌ سان ناانصافيون ڪيون ويون ۽ ڄڻ ته هڪ نوآبادي جي صورت ٿي ويئي، ان سان سنڌ جي رهواسين ۾ مايوسي، بي چيني ۽ بيزاري پيدا ٿي. ان کانپوءِ مسلسل مارشل لائن جي ذريعي انهن حق تلفين کي اڃا به هٿي ڏني ويئي.
پاڪستان اسلام جي مقدس نالي تي ٺهيو هو، ۽ ظاهر آهي ته اسلام ۾ ڪنهن به شخص يا ڪنهن به علائقي تي ظلم جي اجازت ڪانهي ۽ نه ئي اسلام ڪنهن جي حقن کي غصب ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. سنڌ وارن پاڪستان جي حمايت انهي بنياد تي ڪئي هئي.
پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ وارن جي حصي ۾ فقط محروميون آيون ۽ سنڌ جي عوام کي سندن سياسي حقن کان محروم ڪيو ويو ۽ مسلسل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي اصل آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌي زبان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هر طرح دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي زمينن کي ٻاهرين کي ڏنو ويو، ايتريقدر جو صدها سالن جي ملڪيتن به کسيو ويو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين کي انتهائي پسمانده رکيو ويو آهي. تعليم، طبي ۽ ٻين سهولتن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي شهرن ۾ صنعتي واپار جي لحاظ سان صرف ٻاهرين کي ورسايو ويو آهي.
انهن محرومين جو اعتراف ته هاڻي پنجاب جا دانشور به ڪرڻ لڳا آهن. وري قهر هي ته اهو سڀ ڪجهه اسلام جي نالي ۾ ڪيو ويو. جڏهن ته طبقاتي جنگ هتي پهرين کان موجود هئي ۽ اسلام کي استحصالي طبقن جو حامي قرار ڏياريو ويو هئو. ويتر قومي ۽ صوبائي حقن کي به اسلام جي نالي ۾ دٻايو ويو ۽ جنهن به هن حق جي باري ۾ آواز اٿاريو، ان کي اسلام جو دشمن، نظريه پاڪستان جو دشمن قرار ڏنو ويو. جڏهن ته اهي ٻئي الزام غلط آهن. اسلام غريبن، هارين، مزدورن ۽ ٻين ڏتڙيل طبقن جو حامي آهي. اسلام قومي ۽ علاقائي حقوق جو حامي آهي. قرارداد پاڪستان (سن 1940ع) ۾ سنڌ کي پنهنجي حقن جي تحفظ جو حق حاصل آهي ته پوءِ اهي الزام سنڌ جي باشندن تي ڇو ٿا لڳايا وڃن؟
انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ وارن جي رهنمائي لاءِ ۽ اسلامي موقف کي واضح ڪرڻ لاءِ قديم جمعيت علماءِ سنڌ جي ڪارڪنن جو هڪ ڪنوينشن 8-9 رجب 1404هه مطابق 11-12 اپريل 1984ع نوابشاهه ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ جمعيت علماءِ سنڌ کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اعلان ڪيو ويو.
جيئن ته جمعيت علماءِ سنڌ خالص اسلامي ديني تنظيم آهي. اسلام هڪ جامع ۽ مڪمل دين آهي جيڪو انسان جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رهنمائي فرمائي ٿو، خواه دنياوي هجي يا اخروي، ان لاءِ ”جمعيت علماءِ سنڌ“ سنڌ جي رهواسين جي مذهبي، سياسي، اقتصادي، معاشي، معاشرتي ۽ سماجي، هر قسم جي رهنمائي لاءِ ٻيهر سرگرم ڪئي ويئي آهي، ۽ سندس اغراض ۽ مقاصد جو بنياد قرآن ۽ سنت آهي.
جمعيت علماء سنڌ جا اغراض ۽ مقاصد
1- اسلام بابت ڦهلايل غلط فهمين کي ختم ڪري، اسلام جي حقيقي سياسي، اقتصادي، سماجي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
2- 1940ع واري قرارداد پاڪستان جي مطابق، وفاق پاڪستان ۾ سنڌ کي برابري واري حق ڏيارڻ واسطي جدوجهد ڪرڻ.
اغراض ۽ مقاصد جي بنياد تي جمعيت علماء سنڌ جي منشور جا اهم نڪات هن ريت آهن.
پهرين غرض ۽ مقصد جي بنياد تي نڪات هي آهن:
(1) ملڪ جو آئين قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ ٺاهيو ويندو.
(2) الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن ۾ ملڪ جو عوام، اختيارات جو اصل مالڪ هوندو.
(3) اسلامي هدايتن جي روشنيءَ ۾ عوام کي اهو حق هوندو ته، پنهنجي اجتماعي فيصلي مطابق ملڪ جو سياسي نظام متعين ڪن.
(4) ملڪ جي هر بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو. هن وقت تائين حاصل ٿيل دليلن مطابق عورت اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ قاضي بڻجي سگهي ٿي.
(5) عدليه مڪمل آزاد هوندي.
(6) انصاف حاصل ڪرڻ جو، هر شخص کي بنا معاوضي جي حق حاصل هوندو.
(7) ڪوبه شخص عدالت جي اختيار کان بالاتر نه هوندو.
(8) حڪومت ۽ انجي ماتحت ادارن جي ڪنهن به فعل کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهبو.
(9) هر شخص جي جان، مال، عزت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جو فرض هوندو.
(10) هر شخص کي زنده رهڻ، آزاد رهڻ ۽ عزت سان رهڻ، علم حاصل ڪرڻ، نقل ۽ حرڪت ڪرڻ ۽ طبي سهولتون جو حق حاصل هوندو ۽ انهن حقن کي عدالت جي شرعي فيصلي کانسواءِ کسڻ جو ڪنهن کي به حق نه هوندو.
(11) هر شخص کي جائز ذريعن سان محدود ملڪيت رکڻ جو حق هوندو.
(12) هر شخص جي بنيادي حقن جي ذميداري حڪومت تي هوندي.
(13) هر شخص کي روزگار ۽ ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ڪري ڏيڻ حڪومت جي ذميداري هوندي.
(14) جيڪي فرد معذور هوندا يا معذور ٿي ويا هوندا انهن جي سنڀال جو ذمو حڪومت تي هوندو.
(15) هر مذهبي فرقي کي اسلامي اصولن جي روشني ۾ پنهنجي مذهبي عبادتن ۽ روايتن جي حفاظت جو مڪمل حق حاصل هوندو.
(16) ضروريات دين جو منڪر مرتد قرار ڏنو ويندو ۽ ان تي شرعي حد جاري ڪئي ويندي.
(17) ملڪ جو اقتصادي نظام ”امام ولي الله دهلويؒ “ جي فلسفي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيؒ جي وضاحتن مطابق هلايو ويندو.
(18) ذرائع پيداوار، قدرتي وسائل، سڀ عوامي (قومي) ملڪيت ۾ رهندا.
(19) صنعتن جو حڪم انهن جي پيداوار جي لحاظ سان هوندو جهڙوڪ: اهڙيون صنعتون جيڪي قومي ملڪيت جون شيون پيدا ڪن ٿيون اهي قومي ملڪيت ۾ رهنديون ۽ اهڙين صنعتن کي انفرادي طرح لڳائڻ جي اجازت نه هوندي.
(20) محدود حصه دارن جون ڪمپنيون ٺاهڻ جي اجازت هوندي.
(21) عام شيئرن (حصن) جون ڪمپنيون ٺاهڻ جي منع هوندي. اهڙي طرح محدود ڪمپنين کي ملائي وڏيون ڪمپنيون ٺاهڻ به ممنوع هونديون. (تان ته اجاره داري پيدا نه ٿئي)
(22) زمين جو مالڪ اهو ٿيندو جيڪو زمين مان پيداوار ڪري (جيڪو کيڙي سو حقدار).
(23) مزارعة (هارپو) ممنوع هوندي (يعني مقاطعھ تي زمين ڏيڻ).
(24) زرعي زمين جي ملڪيت جي حدبندي ڪئي ويندي.
(25) هر قسم جي ملڪيت ۽ جائداد جي حدبندي ڪئي ويندي.
(26) شرعي هدايتن مطابق ۽ مفاد عامه جي تحت حڪومت کي اختيار هوندو ته ڪنهن جي جائز ملڪيت مناسب معاوضو ادا ڪري وٺي سگهي.
(27) جيڪا ملڪيت حدبندي کان زائد هوندي يا ناجائز ذريعن مان حاصل ڪيل هوندي اها بنا معاوضي جي کسڻ جو اختيار، حڪومت کي حاصل هوندو.
(28) ضرورت جي وقت جائز ملڪيت کي به بنا معاوضي جي وٺي تقسيم ڪرڻ جو حڪومت کي اختيار هوندو.
(29) ضروري ٽيڪس، جائز حد تائين لڳائڻ جي به حڪومت کي اجازت هوندي.
(30) حڪومت کي پنهنجي رعيت کان، ڪنهن به قسم جي امپورٽ يا ايڪسپورٽ ڊيوٽي وٺڻ جي اجازت نه هوندي. البت کيس ٻاهرين ماڻهن کان اهڙي ڊيوٽي وٺڻ جو اختيار هوندو.
(31) ڪنهن به قسم جي مال تي، امپورٽ يا ايڪسپوٽ ڪرڻ جي پابندي جو، شريعت يا مفاد عامه جي تحت حڪومت کي حق هوندو.
(32) احتساب جو محڪمو قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري هوندي.
(33) هر قسم جي ڏوهن تي شرعي سزائون نافذ ٿينديون.
(34) شرعي حدون نافذ ڪيون وينديون جهڙوڪ، حد زنا، حد سرقه، (چوري) حد شرب خمر، (شراب پيئڻ) حد قذف ۽ قصاص وغيره.
(35) پريس، شرعي ۽ اخلاقي حدن اندر آزاد هوندي.
(36) هر تندرست ۽ بالغ شخص کي فوجي تربيت ضروري ڏني ويندي.
(37) خارجه پاليسي اسلامي اصولن جي روشنيءَ ۾ ٺاهي ويندي.
(38) عدليه، انتظاميه کان مڪمل طرح آزاد هوندي.
ٻئي غرض ۽ مقصد جي بنياد تي جمعيت علماءِ سنڌ جي منشور جا نڪات هي آهن.
(39) پاڪستان جي چئن صوبن کي ڀائرن وانگر اسلامي مساوات جي مطابق هڪجهڙا حق حاصل ٿيندا.
(40) سنڌ کي ۽ ٻين ٽن صوبن کي خود اختيار رياستن جي حيثيت حاصل هوندي.
(41) دفاع، امور خارجه، ڪرنسي ۽ بين الصوبائي مواصلات مرڪز وٽ رهندا ۽ باقي اختيارات ۽ وسائل صوبن جي ڪنٽرول ۾ هوندا.
(42) مرڪز کي صوبائي حڪومتن ۽ اسيمبلين کي برطرف ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ جو اختيار نه هوندو.
(43) مرڪز ۾ وفاق پاڪستان جي چئني صوبن کي برابري جو حق حاصل هوندو، يعني سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان کي برابري جي بنياد تي مرڪزي اسيمبلي ۽ ٻين مرڪز جي تحت ادارن توڙي سياسي ادارن ۾ برابري هوندي. مطلب ته مرڪز ۾ ايڪولٽي سسٽم هوندو.
(44) هر صوبي کي مليشيا رکڻ جو اختيار هوندو.
(45) سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو حاصل هوندو.
(46) قوميت جو بنياد، عقيدي جي بجاءِ، ٻولي، علائقي ۽ تهذيب تي قرار ڏنو ويندو.
(47) وفاق پاڪستان چئن قومن جو وفاق قرار ڏنو ويندو.
(48) پاڪستان جو صدر هڪ صوبي جو، وزيراعظم ٻئي صوبي جو چيف آف آرمي اسٽاف ٽيئن صوبي جو، چيف جسٽس، چوٿين صوبي جو هوندو.
(49) اهڙي طرح مرڪز وٽ جيڪي چار محڪما هوندا انهن جا سربراهه به ڌار ڌار چئني صوبن جا هوندا ۽ واري واري سان بدلجندا رهندا.
(50) فوج ۾ برابري جو اصول هوندو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف واري واري سان چئني صوبن مان مقرر ٿيندو.
(51) سنڌ جي زمينن، ڪارخانن، واپار ۽ ملازمتن تي فقط سنڌ جي مستقل رهندڙ ماڻهن جو ئي حق هوندو.
(52) ٻاهرين کي سنڌ جو ڏنل زمينون واپس ورتيون وينديون.
(53) ڪليمن، انعامن، سياسي رشوتن، فوجين کي ڏنل ملڪيتون، نيلام ڪيل، جبري خريد ڪيل ملڪيتون، ٻاهرين بيدخلين وارن کي عيوضي ۾ ڏنل ملڪيتون، زمينون رد ڪيون وينديون.
(54) ون يونٽ جي نفاذ کانپوءِ اڄ تائين خصوصي رعايتن سان حاصل ڪيل، سنڌ جون زمينون ۽ اقتصادي مفاد جيڪي ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، اهي رد ڪيا ويندا.
(55) ون يونٽ کانپوءِ ٻاهرين آيل ماڻهن جا ڊوميسائل منسوخ ڪيا ويندا.
(56) ٻاهرين کي ڏنل پرمٽون، تجارتي، صنعتي ۽ ٻيا لائسنس رد ڪيا ويندا.
(57) ٻين صوبن کان درآمد ڪيل سول آفيسر واپس ڪيا ويندا.
(58) سنڌ جو پاڻيءَ جو ورڇ جو مسئلو 1945 جي فيصلي مطابق حل ڪيو ويندو (جيئن ته سنڌونديءَ جي پاڻي تي صرف سنڌ جو حق آهي.)
(59) ٻاهرين کي سنڌ ۾ ووٽ ڏيڻ يا اليڪشن جو اميدوار بڻجڻ جو حق نه هوندو.
(60) پاڪستان ۾ رهندڙ چئن قومن کي فطري طرح مليل ثقافتي روايتن جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي پيداواري ذريعن تان استحصال جا سڀ رستا بند ڪيا ويندا، ته جيئن ڪنهن علائقي جي ٻئي علائقي ۽ ڪنهن طبقي جي ٻئي طبقي تي بالادستي نه رهي ۽ سڀني علائقن جي باشندن ۾ برابري ۽ مساوات جو احساس پيدا ٿئي.
by Jokhio Shafique Ahmed on Wednesday, November 30, 2011 at 4:02pm
No comments:
Post a Comment