Realtime Hit Counter

Thursday, 22 December 2011

ڪلياڻ آڏاڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه رح جي رسالي جي ڪجهه بيتن جو تنقيدي جائزو! شاهه- حافظ ابوالاديب سنڌي.

ڪلياڻ آڏاڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه رح جي رسالي جي ڪجهه بيتن جو تنقيدي جائزو! شاهه- حافظ ابوالاديب سنڌي.

ڪلياڻ آڏاڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه رح جي رسالي جي ڪجهه بيتن جو تنقيدي جائزو!

شاهه- حافظ ابوالاديب سنڌي.

شاهه جو رسالو جهڙي همه گير ۽ گهڻ پاسائين ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته رسالي ۾ ذڪر ڪيل مڙني هنڌن ماڳن، اتان جي ٻولين لهنجن (تجويد قرآت، پرونائوسيئيشن) جو تفصيل (ڳُوڙهو) ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان رسالي ۾ خاميون رهجي وينديون اهي ئي سببَ آهن جو شاهه رح جن جي شارحن مان ڪن ڪن عالمن جي مرتب ڪيل رسالن ۾ ڪٿي معائن ۽ لفظن ۾ ته ڪٿي نثري وضاحتن ۾ اوڻايون رهجي ويون آهن. محترمُ ڪلياڻ آڏواڻيءَ صاحب جي مرتب ڪيل رسالي ۾ پڻ مونکي ڪجهه لغزشون (لوڏا) محسوس ٿيون جيڪي نوٽ ڪيون آهن، مونکي (حافظ ابو الاديب سنڌيءَ) کي نه ته شاهه رح جي رسالي جي ماهر هجڻ جي دعويٰ آهي نه ئي ڪلياڻ آڏواڻيءَ کان وڌيڪ ڄاڻو هجڻ جي دعويٰ ! ته نه ئي وري رسالي جي مڙني هنڌن ماڳن جي ڄاڻ، پر پنهنجي ناقص سمجهه آهَرِ جيڪي سمجهه ۾ آيو، سو پڙهندڙن جي آڏو رکيو اٿمِ . حافظ ابو الاديب سنڌي.

بسم الله الرحمٰن الرحيم.

اول نامُ الله جو، جو ڏيهن جو ڏاتار،

ڏيئي، نه پچاري پار، مڙنيان مهربان گهڻو،

علامه مولانا حاجي احمد ملاح رح.

1. ظاهر ۾ زاني فڪر منجهه فنا ٿيا،

تنين کي تعليم جي ڪڙهه اندر ڪاني،

حرف حقاني دَورُ ڪيائون دل ۾،

سر يمن ڪلياڻ، داستان-5

بيت-13.

هن بيت ۾ آڏواڻي صاحب لفظ '' زاني'' آندو آهي پر اصل ۾ اتي لفظ '' زماني'' آهي ڇو جو هن مقامَ تي شاهه سائين رح اها ڳالهه پيو ٻڌائي ته الله وارا (ولي الله) پنهنجي بزرگيءَ کي پڌرو نه ڪندا آهن، بلڪه '' لڪا ڀُڻن لوڪَ ۾'' يا '' ماٺِ مطالع ڪن'' وارو نمونو رکندا آهن پوءِ انهيءَ سياق (آڳو پيچو) جي موافقُ زماني ''عامي'' آهي نه ڪه '' زاني'' ،هوئن به شاهه سائين رح جي شان کان اها ڳالهه ڪانهي ته هو ويهي '' زانِيُن'' جا گڻ (يعني بڇڙايون، اوگڻ) ڳائي ته '' عزيمت'' جي ڳالهه آهي، پوءِ ظاهر ظهورُ ڪبير گناه ڪرڻ واري جي دل ڪهڙي صاف هوندي؟ باقي '' زمانيءَ مان زاني '' لفظ مشهورُ ڪيئن ٿيو؟ ان جو تفصيلُ بيان فقير امداد علي سِرَائيءَ پنهنجي ڪتابَ '' قدمُ ڪاپڙين'' ۾ ڏنو آهي.

حافظ ابوالاديب سنڌي

بقيه هيٺيان بيت پڻ تنقيد جوڳا آهن. جن تي ٿيل تنقيد بعد ۾ لکي ويندي.

جوکيو شفيق احمد.

2.

بقيه هيٺيان بيت به پڻ تنقيد جوڳا آهن:

لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛

الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛

جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛

لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!

داستان پهريون سُر سريراڳ

3.

سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛

آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛

لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛

ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو

داستان ٻيو

سُر سريراڳ

4.

وائي.

گِھڙان ٿِي رِءَ گَھڙي، اِلاهِي تُهارَ!

هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ!

ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛

سُر سريراڳ

5.

لَهرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛

آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛

اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!

داستان پنجون

سُر سريراڳ

6.

تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گِھڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ؛

ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينهَن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ؛

عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا.

داستان ٽيون

سر سهڻي.

7.

ڪَنڌِي جَھليو ڪانهَن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري؛

تو ڪِيئن ٻوڙِي سُهڻِي؟ ٻيلِي مُنهِنجِي ٻانهَن؛

دَرِياهَ! تو تي دانهَن، ڏِيندُسِ ڏِينهَن قِيامَ جي.

داستان ستون

سر سهڻي.

8.

هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟

وَنَـحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تُنهنجو توهين ساڻُ؛

پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.

داستان پنجون

سُر سسئي آبري

9.

آرياڻِي پُنهونءَ ري، مُون کي، سَرِتِيُون! تان نه سَري؛

جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري؛

آءُ اوراهُون، سَپِرِين! وَڃُ مَ، پِيَّ! پري؛

داستان چوٿون،

سُر حسيني.

10.

عمر ٿيم اَپار ورهيه وهائيان ڪن سين،

ڏوٿيئڙا ڏورُ ٿيا تڳان جن تنوار،

سٽائون سنگهار کوهن تان کڻي ويا.

سُر مارئي

11.

جُھڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا؛

هِنَ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ؛

جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا.

داستان نائون

سر مارئي

12.

سَدا جِنِ پَرياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين؛

مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِيَڙا ٿَرِ اُڪِرِي!

داستان نائون.

سر مارئي.

13.

اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛

سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛

مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا.

ابيات مترفه بيت 12.

سر مارئي.

14.

ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛

وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

داستان ٽيون.

سر ڪيڏارو.

15.

سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛

ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛

مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.

داستان پنجون،

سر ڪيڏارو.

16.

ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛

ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛

مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.

داستان پنجون،

سر ڪيڏارو.

17.

مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛

ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛

سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگھارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛

ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛

لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.

داستان ٽيون،

سر سارنگُ.

18.

ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀِ راتِ؛

ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نه اچي جھاتِ؛

اَچِين جي پِرڀاتِ، ته آئُون سِيُّ نه سارِيان.

داستان ٽيون،

سر سارنگُ.

19.

واھُندان وِڄُون ٿِـيُون، کِڙِيُون ڏَنھن کَنڀاتَ؛

ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ؛

سَنگھارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃُ اُساٽَ؛

جُھڙُ ڦُڙُ ڏيئي جھاتَ، پُسائِينديُون پَٽـيُون.

داستان چوٿون،

سر سارنگُ.

20.

جان تَنُ ڪَيوءِ نه تِيئَن، سوئيرِيان ئِي سَنِهڙو؛

پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اَکَڙِيُنِ ۾؟

داستان ٽيون،

سر آسا.

21.

جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛

اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.

داستان ٽيون،

سر کاهوڙي.

22.

ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛

ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛

”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛

مُئِي مارِيائُون، کِـلِي گھائِيو سَڄَڻين.

داستان پهريون،

سرُ بروو سنڌي.

23.

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ! ٻَنِ رُجاتُ؛

لِباسان لَطِيفُ چئي، پَلِ ويراڳي! واتُ؛

مَنُ ماري ڪرِ ماتُ، ته تِيرٿَ پَسِين تَڪِيو.

داستان ستون،

سر رامڪلي.

ورتل ماهنامه رساله:

الصادق، کڏو- ڪراچي،سنڌ

تواريخ؛ جولاء آگسٽ، 2003ع.

صورت خطي: جوکيو شفيق احمد

جاري آهي.


No comments:

Post a Comment