Realtime Hit Counter

Thursday, 8 August 2019

اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!

اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!

اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!
(هي نظم اُنهن وڏيرن ڏانهن خطاب آهي جي هيٺ
مذڪور ڪارنامن جا اڪثر مرتڪب آهن.)
وڏيرا چَوَن ٿا: ”وڏا خان آهيون؛
”تُمندار سردار سلطان آهيون؛
”ضعيفن جي لئي قهرِ يزدان آهيون؛
”۽ ڏاڍن جا نوڪر ۽ دربان آهيون؛
”حُريت جي جذبي کان بيجان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا؛
مِٺي سنڌ پنهنجي کي مارائي ويٺا؛
حقن پانهنجن کي ڪُهارائي ويٺا؛
ٻچن مائرن کي رُئارائي ويٺا؛
تڏهن ڀي آ دعويٰ: ”پهلوان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وڏيرا وٺي ووٽ ۽ مُعتبر ٿيا؛
وزارت وٺي صاحبِ ڪَروفر ٿيا؛
ڀري پيٽ پنهنجو ٿُلها جانور ٿيا؛
غريبن جي کائڻ جي لئي شير نر ٿيا:
”ٿيا خون ۾ لعلِ بَدَخشان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وڏيرا حڪومت جا چمچا سدائين؛
جهڪي ظالمن کي ڪَرن ”سائين! سائين!!“
غلامي سلامي خوشامد لنگهائين؛
ڪِريا ”جي حضوري“ ڪري ڪيستائين؛
چَون ٿا ته: ”خودار خاصان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وڏيرن مان غائب ٿي غيرت شَجاعت؛
وطن جي بچائڻ لئي ڪاٿي آ همت؟
بپا جي ڪيائون ته راشي حڪومت؛
فنا جي ڪيائون ته عزت عدالت؛
چوَن ٿا: ”محافظ نگهبان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وَڏيرا سڏيرا، سِرائي ٻِرائي؛
لقب ۽ شقب ٿا وٺن ڪيترائي؛
مَلِڪ ڄام ۽ رئيس ڪي چوڌرائي:
ڪو مير آ ڪو پير آ، ڏِسو آڪرائي!
”لقب ڌار، پر يار يڪسان آهيون!“1
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
مَحلات ماڙيون اڏائي رهن ٿا؛
وڏي ٺاٺ سان جو اُٿن ٿا وهن ٿا؛
هُو پنهنجن کي ماري لَتاڙي ڪُهن ٿا؛
هُو غيرن جو هر ظلم ذِلت سهن ٿا:
”اوهان جا مُلازم ثناخوان آهيون!“

اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“

وڏيرا مزورن جي محنت لُٽن ٿا؛
وڏيرا غريبن جي عِصمت لُٽن ٿا؛
هو آزاد طبعن جي عظمت لُٽن ٿا؛
جو آ قوم ۾ شان شوڪت لُٽن ٿا!
لُٽيرا نه سوچن ٿا: ”نادان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
آ پيشي اِنهن جي ۾ پاٿاريداري،
هي ڌاڙا، هي ڦريون لٽيون ماراماري؛
بپا ڪن ٿا ماتام اندوه ڪاري،
غريبن ۾ جاري آ بس آهه و زاري؛
نه ٿا شرم ڪن: ”ڪيڏو نقصان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
وڏيرن جا سهسين ئي زخميل ستايل؛
وڏيرن جا ڪيئي نه ڏنگيل ڏُکايل:
ڏکايل چِڪايل، چِڪائي مَرايل!
روئي ڇو نه انسان ڏسي ديس گهايل!
کلي ٿا چون: ”خوش ۽ خندان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
ڇڏايو وڏيرن کان قومي قيادت؛
اِنهن جي قيادت کان آئي ذَلالت؛
ذلالت: عملدار شاهي جي لعنت؛
جفا جور ۽ ظلم جي قيادت!
چون ٿا ته: ”مؤمن مسلمان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
هي کُهڙا، هي ڀُٽا، هي ميمڻ، هي قاضي
ٿيا، سنڌ وڪڻي، وزارت ۾ راضي؛
ڪيو ختم انهن کي 1 ٿين قصه ماضي!
ڪيو سنڌ کي پاڪ آزاد اراضي! 2
ڪڏهن ڪين چوندا: ”پشيمان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
جنهين سنڌ ماري انهن ساڻ وير آ؛
ڏيئي ووٽ پنهنجا ڪيو تن انڌير آ؛
ڀلي ڪو وڏيرو آ، مير آ مٿير آ؛
وطن جو آ غدار، هر هڪ ڏڦير آ،
”سڄي سنڌ ۽ پاڻ3 قربان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
جياريو اي هاري: وڏيرن جا ماري:
مِٺي سِنڌ پياري سڳوري سُنهاري!
ٻُڏن شرم ۾ ڀل وڏيرا ڏُهاري؛
ڪيو قوم پنهنجي تي احسان ڀاري،
”اسين هاري حُر مرد ميدان آهيون!“
اڃا ڀي چَوَن ٿا ته: ”انسان آهيون!“
هي ووٽن جو قصو آ بندو قبازي؛
هي بندوقبازي ڪري بڻجو غازي
کٽو وَڏ وڏيرن جي هارائي بازي؛
۽ سلام ڪيو سنڌ جي سرفرازي!
وَچن ڏيو ته: ”سنڌي محبان آهيون!“
وچن ڏيو: ”وطن جو شرَفَ شان آهيون!“
اُٿو سنڌيئو! پنهنجي عزت بچايو!
وڏيرا ننڍيرا، شرافت بچايو!
هي وڏڙن سندي لاڄ شوڪت بچايو!
۽ اولاد لئي ڪجهه وِراثت بچايو!
چئو: ”سنڌ جنت جا رِضوان آهيون!“
”هي دولت_ اِنهيءَ جا سليمان آهيون!“
وڏيرا ۽ هاري! ڏسو سنڌ پياري،
پڪاري ٿي اَما، روئِي زاري زاري!
ڪڏهن تائين جيئڻ هي_ جنجال خواري!
ڪڏهن منهنجي ٻچڙن کي ايندي بهاري!
جواب آهه ڇا؟_ ”پاڻ درمان آهيون!“
”اسين مستحقِ گلستان آهيون!“
مبارڪ! جنهين سنڌ سان ڪئي سچائي!
مبارڪ! جنهين سنڌ سان ڪئي ڀلائي!
مبارڪ جنهين جان سنڌ پنهنجي جلائي!
ته ٿئي سنڌ سائي سڀ اڳي سدائي!
”اسان 1 نيڪ فالن جا نشان آهيون!“
”اسان خادم آهيون ۽ انسان آهيون!“
جگر جا ٽڪر سمجهو اَشعارِ حيدر!
هي آ جذبـﮧ هاري حقدارِ حيدر!
هي فرياد سنڌ آهه گفتارِ حيدر!
هي آ اِنقلاباتي اوزارِ حيدر!
پَٽيو ظلم جي پاڙ_ احسان ڪريو!
فرشتن کي سَجدي جو فرمان ڪريو!
پئمفليٽ، حيدرآباد سنڌ. 12 مارچ 1967ع


tag

No comments:

Post a Comment