(الف) ولادت ۽ ننڍپڻ: هن فاني دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي بقا جو امڪان ڪونهي. ليڪن قوت عمل ئي هڪ اهڙي غير فاني شيءِ آهي جا انسان ذات کي زنده جاويد بنائي ڇڏي ٿي. اهڙن زنده جاويد انسانن ۾ چڪ جي اميربخش عرف ابو شوڪت حمزي خان جو اسم گرامي به شمار ڪجي ٿو. سنڌ جي سرزمين جيتري قديم آهي اوتري ئي سندس پيداوار اتم ۽ عظيم آهي. هن ماتر ڀومي ۾ انيڪ املهه ارواحن جنم ورتو. جهڙوڪ شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي، شهيد الله بخش سومرو، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد وغيره جن پنهنجي علم ۽ عمل ذريعي دنيا کي بدلائي رکيو. اهڙي طرح شاعر، سياستدان صحافي، سماجي ورڪر، استاد، کاهوڙي انسان، ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان 1 جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هجري ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ۾ محمد خان مهر جي گهر پيدا ٿيو جنهن پنهنجي ڪردار سان تاريخ ۾ جاءِ والاري . سندس ننڍپڻ هنباهه ۾ گذريو. ڪامريڊ حمزي خان جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي اِمتيازي حيثيت جي حامل هئي. سندس پروش پنهنجي والد جي زير نظر ٿي. روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو پاڻ پنهنجي والد سان گڏ داتا فيض درياهه شاهه هنباهيءَ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته داتا کيس دعا ڪندي، مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو ته “ هي وڏو ٿيندو ته گجندو رهندو” انهيءَ نسبت سان داتا فيض درياهه شاهه سندس نالو “ گجڻ ” رکيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪوڏاڻو نالو به “ گجڻ خان ” پئجي ويو. (ب) شادي ۽ اولاد: ڪامريڊ حمزي خان 1922ع ۾ پنهنجي مائٽ الله بخش مهر جي نياڻيءَ سان پهرين شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.. ڪامريد حمزو خان جڏهن چاڪياڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ٿي ويو هو ته اتي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي کيس ئي ڪجهه ڇوڪريون مليون (جيڪي ڳوٺ جي رستي تي بيٺيون هيون) تن مان هڪ ڇوڪريءَ طنزيه انداز ۾ ڪامريڊ لاءِ چيو ته ”هي به ٻار پڙهائي هليو“. جلد ئي، حمزو خان، جڏهن اسڪول ۾ هڪ بهترين استاد ثابت ٿيو، تڏهن اها ئي ٺٺول ڪندڙ ڇوڪري مٿس عاشق ٿي پئي، نيٺ هن جي ڪامريڊ حمزي خان سان شادي ٿي وئي. اها اُنَ وقت ٿي جڏهن ڪامريڊ حمزو خان ڳوٺ صوبدار خان مستوئي ( لڳ شهداد ڪوٽ) ۾ رهندو هو ۽ نوڪري چاڪياڻي ڳوٺ ۾ ڪندو هو. ٻيو نمبر زال “وڌو” ذات جي هئس جيڪا سندس هوندي ئي وفات ڪري وئي کيس هن گهر واريءَ مان ڪابه اولاد نه هئي. پهرين گهر واري مان سندس پهريون نمبر پٽ شوڪت علي مهر (پرائمري ماستر ٿي رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ محمد علي مهر (جيڪو صحت کاتي ۾ ڊسپنسرٿيو، رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٽيون نمبر پٽ ظفر علي مهر (جيڪو يونين ڪائونسل ۾ سيڪريٽري ٿيو ۽ رٽائر ڪيائين) سندس ٽئي پٽ هن وقت حال حيات نه آهن جن جو مختصر ذڪر ترتيبوار هيٺ ڏجي ٿو.
استاد شوڪت علي مهر
شوڪت علي مهر ابوشوڪت حمزي جو وڏو فرزند هو جنهن 6 اپريل 1925 ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم پرائمري اسڪول چڪ مان ورتي ۽ اتان ئي سنڌي فائينل پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد بڻيو جنهن بعد ٽيچرس ٽريننگ لاڙڪاڻي مان مڪمل ڪئي ۽ ڀرڪڻ، محمدآباغ، هنباهه ۽ چڪ جي پرائمري اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون، سندس استادن ۾ قابل ذڪر نالا مُکِي ڪروڙي مل،چڪ محمد صالح شيخ، شڪارپور۽ محمد ارباب مهر، فتح ڳوٺ، هيا هن مذهبي تعليم هاليجي جي مدرسي مان ورتي ،استاد شوڪت علي پنهنجي دور جو هڪ اورچ ۽ محنتي استاد هيو هي تقريبن 42 سال تعليم کاتي ۾ رهيو نهايت ئي شريف نفس زماني شناس ۽ شفيق انسان هيو هن جو ڳاڻاٽو شهر جي بهترين استادن ۾ ٿيندو هو، سندس شوق ۽ لاڳاپو زمينداري سان رهيو هن جي خاص دوستن ۾ غلام رسول سومرو وڪيل، استاد عبدالقادر ڀيو۽ امير بخش مهر ٻڌ ڳوٺ وارو هيا کيس 5 پٽ ۽ 3 نياڻين جي اولاد ٿي جنهن ۾ 1 ناصرعلي 2 امجد عامر3 منوربابر 4 طارق طاهر۽ 5 شاه فيصل ظاهر مهر آهن، طارق طاهر مهر يو. سي سيوهاڻي جو ضلع ڪائونسل جو ميمبر آهي ان کان پهريائين چڪ يوسي جو نائب ناظم رهيو. هن ڪتاب جي تحقيق ڪرڻ وقت راقم کي ڪيتري ئي معلومات استاد شوڪت علي کان ملي هن شفيق استاد 28 مارچ 2015 ۾ وفات ڪئي.
محمد علي مهر
محمد علي جو جنم ابو شوڪت حمزي جي گهر 1927 ۾ هنباه ڳوٺ ۾ ٿيو هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم چڪ مان ورتي ميٽرڪ پاس هيا هي صاحب پڻ سرڪاري ملازم ٿيو صحت کاتي ۾ اولڊ ڊسپينسري چڪ ۾ ڪمپائونڊر رهيو تقريبن چاليهه سال هنباه ، چڪ ، شڪارپور، ڊکڻ نوڪري ڪيائين خدمت خلق سندس شيوو رهيو نهايت ئي حليم ۽ سادي مزاج وارو انسان هو ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڌيمي آواز ۾ گفتگو ڪندو هو . هي صاحب حڪمت جو پڻ ڄاڻو هيو، علائقي ۾ ڪانَوَ چَري جي مرض جو شرطيه علاج ڪندو هو هاليجوي وارن سان خاص عقيدت هيس کيس 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جي اولاد هئي سندس پٽن ۾ 1 آصف علي 2 ڪفايت الله ۽ 3 توصيف احمد شامل آهن سندس استاد مُکي ڪروڙي مل هيا سندس خاص دوستن ۾ محمد صابر (ڊيلڪس سيلون سکر) جو مالڪ ۽ محمد ابراهيم، ڪراچي وارو هيا، هن سٻاجهڙي انسان 1 ڊسمبر 2014 ۾ وفات ڪئي.
ظفر علي مهر
ابوشوڪت حمزي جي هن پٽ هنباهه ۾ 11 آگسٽ 1932ع ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم چڪ پرائمري اسڪول مان پرائي ۽ انگريزي تعليم چڪ ، مان حاصل ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي هن جو استاد به مُکي ڪروڙي مل تلريجا هيو جنهن بعد هي لوڪل گورنمنٽ ۾ ملازم ٿيو ۽ سيڪريٽري لوڪل بورڊ طور گهڻو عرصو شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، چڪ، ڀرڪڻ، خيرپور ۽ ٽنڊوباگو ۾ رهيو هن جو به حڪمت سان گهڻو تعلق رهيو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ باقاعده حڪمت شروع ڪيائين سندس دوستن ۾ ولي محمد مهر مسافرڳوٺ، مشتاق احمد ڪوٽ بنگلو، مولوي حزب الله ابڙو ۽ ملان مهرالله ڀيو جن هيا سندس عقيدت امروٽ جي بزرگن سان رهي. هن رستم شهر جي پنهنجي ذات وارن مان شادي ڪئي جنهن مان کيس 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي سندس پٽن ۾ 1 استاد عرفان علي ۽ 2 برهان علي آهن. هن نيڪ انسان 19 آڪٽوبر 2009ع ۾ هن فاني جهان مان الوداع ڪيو.
شجرو ابو شوڪت حمزي خان جو شجرو محمد خان مهر ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان (1) شوڪت علي (2) محمد علي (3) ظفر علي 1.ناصر علي 2.امجد عامر 3.منور بابر 4. طارق طاهر 5. شاهه فيصل ظاهر
1.عرفان علي 2.برهان علي
1. آصف علي 2. ڪفايت الله 3. توصيف احمد عرف جهانگير
1. همايون خان 2. مهراڻ خان 3. شاهين خان 1. رضوان الله 2. ياسر 3. ڪاشف 1. جهان زيب 2. سهيل احمد
(ت) تعليم ۽ نوڪري: ڪامريڊ حمزي خان جي تعليم سنڌي ست درجا فائنل هئي. جنهن کي ورنيڪيولر جو امتحان سڏيو ويندو هو. جيڪا چڪ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. ان سان گڏو گڏ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستريءَ جو ٽن سالن جو ڪورس به پاس ڪيائين. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ هنباهه مان داتا فيض درياهه شاهه وٽان حاصل ڪيائين جتي کيس عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم به ملي، ان کان علاوه انگريزي تعليم به پنهنجي طور تي چڪ جي استاد محمد سچل سومري کان پرايائين. فائنل پاس ڪرڻ بعد پهريائين شهداد ڪوٽ جي دوداپور اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جنهن سان گڏ پوسٽ ماستريءَ جو ڪم به جاري رکيائين. ٻه ٽي سال پرائمري ماستر رهڻ کانپوءِ نوڪريءَ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيائين. جڏهن اسڪول ۾ ماستر هو ته ٻارن کي فٽبال راند ۽ ٻيون سرگرميون پڻ ڪرائيندو هو. (ٿ) شخصيت، رهڻي ڪهڻي ۽ ڪردار: ڊگهو مڙس، سروقد، شڪل ۽ صورت ۾ رعبدار، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري هوندي هئس. هٿ ۾ ڏنڊو هوندو هئس. اڇا ڪپڙا پهريندو هو ۽ ڪپڙي جي اڇي ٽوپي پهريندو هو. (جيڪا ترڪي ٽوپي جي انداز تي ٺهيل هئي ۽ سندس ايجاد هئي). خوش اخلاق هو، آئي وئي جي مرحبا پنهنجائپ واري انداز سان ڪندو هو. هارين جو سڄڻ ۽ وڏيرن جو ويري هو. تقرير ۾ چست هو، سندس چهري مان خود اعتمادي ۽ يقين محڪم پيو بکندو هو. قول جو سچو ۽ارادي جو پڪو هو. وطن دوستيءَ جي راهه ۾ جدوجهد دوران شديد مخالفت هوندي به ڪيتريون ئي جانفشانيون ڪيائين ۽ قربانيون ڏنائين. اهڙيون هستيون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن، جن جو هر فعل دنيا وارن لاءِ نصحيت ۽ سبق آموز هوندو آهي سندس زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي سادگيءَ ۽ عبادت سان گذري. (ج) وفات: ڪامريڊ حمزو خان هڪ کاهوڙي انسان هو، جسماني طور صحتمند ۽ سگهارو هو. پنڌ جو ڏاڍو تيز هو، پاڻيءَ جا ڀريل ٻه دلا هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ ۾ هڪ ڪرسيءَ جي ٽنگ کان جهلي سڌي ڪري بيهاريندو هو، ڪسرت ڪندو هو سڄي حياتي جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاريائين. پاڻ جيڪب آباد لڳ محمد پور ڳوٺ ۾ سردار محمد خان اڍي وٽ اليڪشن دوران ورڪ تي ويو. جتي کيس اوچتو نمونيا جو حملو ٿيو. آخرڪار روشني جو هيءُ ڏيئو 31 ڊسمبر 1944ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ڄڻ چڪ ۽ آس پاس اوندهه ٿي ويئي. اتفاق سان ان سال ننڍي کنڊ جو عظيم انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله پڻ وفات ڪري ويو هو، جنهن ڪري پوري سنڌ جي باشعور سياسي حلقن ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇائنجي وئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميٽنگ تاريخ 15 اپريل 1945ع جي حيدرآبد (هاري آفيس) ۾ ڪامريڊ عبدالقادر جي زير صدارت منعقد ٿي. اتي مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ابو شوڪت حمزو هاري ورڪر جي موت تي ڏک جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ سندس پوين سان همدردي ڪئي ويئي. (1) پير حسام الدين راشدي لکي ٿو: “مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا. “ير چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!” هر ڪنهن يڪ زبان چيو، ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري ويئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. (2) سردار محمد خان اڍي ڪامريڊ جي موت جي خبر شڪارپور ۾ قائم اليڪشن ڪئمپ ۾ پنهنجي هڪ دوست شيخ صاحب معرفت ڪامريڊ حمزي خان جي وڏي فرزند استاد شوڪت علي کي خط ذريعي اهڙو اطلاع ڏنو. حوالا: (1) جان محمد پلي. هفتيوار ”همدرد“ ميرپور خاص 24 جنوري 1945ع. (2) پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“. ببليو گرافي (ڪتاب) (1) آريسر عبدالواحد ”تقريرون“. (2) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ 1939ع (3) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڪهاڙو“ هاري جماعت چڪ 1943ع (4) خاصخيلي صوفي قربان علي: صوفي ساڃاه 1983ع (5) راشدي پير حسام الدين: هوڏوٿي هوڏينهن، س. ا، ب حيدرآباد 1973ع (6) راشي پير علي محمد: اهي ڏينهن اهي شينهن 1965ع (7) سومرو شريف شاد: تعلقه لکي جي شعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي) 1982ع (8) سيد حسن رياض: پاڪستان ناگريز تها (اردو) 1975عڍ (9) عبدالجميد ڊاڪٽر ۽ چوڌري عبدالغفور: پاڪستان جو اڀياس 1981ع (10) عرساڻي محمد اسماعيل ۽ ٽالپور الله بخش: تاريخ هندو پاڪ 1956ع (11) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر: تذڪره شعراء سکر 1965ع (12) ميمڻ عبدالغفور سنڌي: “عظيم سنڌي انسان” 1981ع (13) فياضي مهدي شاهه: انباهه ۾ آڙاهه (14) پرياڻي ڪشنچند نيوند رام: “امرت وائي” 1990ع (15) لاشاري ڪليم الله ڊاڪٽر: “سکر تاريخ ۽ سماج” 2000ع (16) هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار“ شڪارپور جي صحافتي تاريخ” (17) زرداري محمد لائق: ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“1984ع (18) چنا غلام علي: “تقريرون” 2005ع (اخبارون ۽ رسالا) (1) آدم عبدالستار سيڪريٽري، رپورٽ خلافت تحريڪ سکر 1924ع (2) اوڍو امداد علي ايڊيٽر. روزانو عوامي آواز ڪراچي 1992ع (3) خالد ڪريم بخش ايڊيٽر. ماهوار پيغام ڪراچي 1981ع (4) خاڪي جويو ايڊيٽر، ماهوار ساڃاهه نوشهروفيروز 1993ع (5) دائود پوٽو خديجه عمر ايڊيٽر . ماهورا اديون حيدرآباد (6) محمود حسن ايڊيٽر. ماهوار الصادق ڪراچي (7) آغا نظر علي ايڊيٽر. روزانو سنڌ زميندار سکر. (8) هفتيوار همدرد ميرپور خاص 1945ع (9) هفتيوار همدرد هالا 41-1940ع (10) نمبر سوانح حيات ماهوار شريعت سکر (11) مسٽر الله بخش خان ايڊيٽر روزانو الوحيد ڪراچي (12) ابو الفظر اويسي مدير هفتيوار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين (13) عبدالله عبد مدير ”اصلاح“ ڪراچي (14) پير علي محمد راشدي هفتيوار ستاره سنڌ سکر. ttps://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=864#45932 tag سندس ننڍپڻ هنباهه ۾ گذريو. ڪامريڊ حمزي خان جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي اِمتيازي حيثيت جي حامل هئي. سندس پروش پنهنجي والد جي زير نظر ٿي. روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو پاڻ پنهنجي والد سان گڏ داتا فيض درياهه شاهه هنباهيءَ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته داتا کيس دعا ڪندي، مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو ته “ هي وڏو ٿيندو ته گجندو رهندو” انهيءَ نسبت سان داتا فيض درياهه شاهه سندس نالو “ گجڻ ” رکيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪوڏاڻو نالو به “ گجڻ خان ” پئجي ويو. (ب) شادي ۽ اولاد: ڪامريڊ حمزي خان 1922ع ۾ پنهنجي مائٽ الله بخش مهر جي نياڻيءَ سان پهرين شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.. ڪامريد حمزو خان جڏهن چاڪياڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ٿي ويو هو ته اتي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي کيس ئي ڪجهه ڇوڪريون مليون (جيڪي ڳوٺ جي رستي تي بيٺيون هيون) تن مان هڪ ڇوڪريءَ طنزيه انداز ۾ ڪامريڊ لاءِ چيو ته ”هي به ٻار پڙهائي هليو“. جلد ئي، حمزو خان، جڏهن اسڪول ۾ هڪ بهترين استاد ثابت ٿيو، تڏهن اها ئي ٺٺول ڪندڙ ڇوڪري مٿس عاشق ٿي پئي، نيٺ هن جي ڪامريڊ حمزي خان سان شادي ٿي وئي. اها اُنَ وقت ٿي جڏهن ڪامريڊ حمزو خان ڳوٺ صوبدار خان مستوئي ( لڳ شهداد ڪوٽ) ۾ رهندو هو ۽ نوڪري چاڪياڻي ڳوٺ ۾ ڪندو هو. ٻيو نمبر زال “وڌو” ذات جي هئس جيڪا سندس هوندي ئي وفات ڪري وئي کيس هن گهر واريءَ مان ڪابه اولاد نه هئي. پهرين گهر واري مان سندس پهريون نمبر پٽ شوڪت علي مهر (پرائمري ماستر ٿي رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ محمد علي مهر (جيڪو صحت کاتي ۾ ڊسپنسرٿيو، رٽائرڊ ڪيائين) ۽ سندس ٽيون نمبر پٽ ظفر علي مهر (جيڪو يونين ڪائونسل ۾ سيڪريٽري ٿيو ۽ رٽائر ڪيائين) سندس ٽئي پٽ هن وقت حال حيات نه آهن جن جو مختصر ذڪر ترتيبوار هيٺ ڏجي ٿو. استاد شوڪت علي مهر شوڪت علي مهر ابوشوڪت حمزي جو وڏو فرزند هو جنهن 6 اپريل 1925 ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم پرائمري اسڪول چڪ مان ورتي ۽ اتان ئي سنڌي فائينل پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد بڻيو جنهن بعد ٽيچرس ٽريننگ لاڙڪاڻي مان مڪمل ڪئي ۽ ڀرڪڻ، محمدآباغ، هنباهه ۽ چڪ جي پرائمري اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون، سندس استادن ۾ قابل ذڪر نالا مُکِي ڪروڙي مل،چڪ محمد صالح شيخ، شڪارپور۽ محمد ارباب مهر، فتح ڳوٺ، هيا هن مذهبي تعليم هاليجي جي مدرسي مان ورتي ،استاد شوڪت علي پنهنجي دور جو هڪ اورچ ۽ محنتي استاد هيو هي تقريبن 42 سال تعليم کاتي ۾ رهيو نهايت ئي شريف نفس زماني شناس ۽ شفيق انسان هيو هن جو ڳاڻاٽو شهر جي بهترين استادن ۾ ٿيندو هو، سندس شوق ۽ لاڳاپو زمينداري سان رهيو هن جي خاص دوستن ۾ غلام رسول سومرو وڪيل، استاد عبدالقادر ڀيو۽ امير بخش مهر ٻڌ ڳوٺ وارو هيا کيس 5 پٽ ۽ 3 نياڻين جي اولاد ٿي جنهن ۾ 1 ناصرعلي 2 امجد عامر3 منوربابر 4 طارق طاهر۽ 5 شاه فيصل ظاهر مهر آهن، طارق طاهر مهر يو. سي سيوهاڻي جو ضلع ڪائونسل جو ميمبر آهي ان کان پهريائين چڪ يوسي جو نائب ناظم رهيو. هن ڪتاب جي تحقيق ڪرڻ وقت راقم کي ڪيتري ئي معلومات استاد شوڪت علي کان ملي هن شفيق استاد 28 مارچ 2015 ۾ وفات ڪئي. محمد علي مهر محمد علي جو جنم ابو شوڪت حمزي جي گهر 1927 ۾ هنباه ڳوٺ ۾ ٿيو هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم چڪ مان ورتي ميٽرڪ پاس هيا هي صاحب پڻ سرڪاري ملازم ٿيو صحت کاتي ۾ اولڊ ڊسپينسري چڪ ۾ ڪمپائونڊر رهيو تقريبن چاليهه سال هنباه ، چڪ ، شڪارپور، ڊکڻ نوڪري ڪيائين خدمت خلق سندس شيوو رهيو نهايت ئي حليم ۽ سادي مزاج وارو انسان هو ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڌيمي آواز ۾ گفتگو ڪندو هو . هي صاحب حڪمت جو پڻ ڄاڻو هيو، علائقي ۾ ڪانَوَ چَري جي مرض جو شرطيه علاج ڪندو هو هاليجوي وارن سان خاص عقيدت هيس کيس 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جي اولاد هئي سندس پٽن ۾ 1 آصف علي 2 ڪفايت الله ۽ 3 توصيف احمد شامل آهن سندس استاد مُکي ڪروڙي مل هيا سندس خاص دوستن ۾ محمد صابر (ڊيلڪس سيلون سکر) جو مالڪ ۽ محمد ابراهيم، ڪراچي وارو هيا، هن سٻاجهڙي انسان 1 ڊسمبر 2014 ۾ وفات ڪئي. ظفر علي مهر ابوشوڪت حمزي جي هن پٽ هنباهه ۾ 11 آگسٽ 1932ع ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم چڪ پرائمري اسڪول مان پرائي ۽ انگريزي تعليم چڪ ، مان حاصل ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي هن جو استاد به مُکي ڪروڙي مل تلريجا هيو جنهن بعد هي لوڪل گورنمنٽ ۾ ملازم ٿيو ۽ سيڪريٽري لوڪل بورڊ طور گهڻو عرصو شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، چڪ، ڀرڪڻ، خيرپور ۽ ٽنڊوباگو ۾ رهيو هن جو به حڪمت سان گهڻو تعلق رهيو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ باقاعده حڪمت شروع ڪيائين سندس دوستن ۾ ولي محمد مهر مسافرڳوٺ، مشتاق احمد ڪوٽ بنگلو، مولوي حزب الله ابڙو ۽ ملان مهرالله ڀيو جن هيا سندس عقيدت امروٽ جي بزرگن سان رهي. هن رستم شهر جي پنهنجي ذات وارن مان شادي ڪئي جنهن مان کيس 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي سندس پٽن ۾ 1 استاد عرفان علي ۽ 2 برهان علي آهن. هن نيڪ انسان 19 آڪٽوبر 2009ع ۾ هن فاني جهان مان الوداع ڪيو. شجرو ابو شوڪت حمزي خان جو شجرو محمد خان مهر ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان (1) شوڪت علي (2) محمد علي (3) ظفر علي 1.ناصر علي 2.امجد عامر 3.منور بابر 4. طارق طاهر 5. شاهه فيصل ظاهر 1.عرفان علي 2.برهان علي 1. آصف علي 2. ڪفايت الله 3. توصيف احمد عرف جهانگير 1. همايون خان 2. مهراڻ خان 3. شاهين خان 1. رضوان الله 2. ياسر 3. ڪاشف 1. جهان زيب 2. سهيل احمد (ت) تعليم ۽ نوڪري: ڪامريڊ حمزي خان جي تعليم سنڌي ست درجا فائنل هئي. جنهن کي ورنيڪيولر جو امتحان سڏيو ويندو هو. جيڪا چڪ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. ان سان گڏو گڏ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستريءَ جو ٽن سالن جو ڪورس به پاس ڪيائين. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ هنباهه مان داتا فيض درياهه شاهه وٽان حاصل ڪيائين جتي کيس عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم به ملي، ان کان علاوه انگريزي تعليم به پنهنجي طور تي چڪ جي استاد محمد سچل سومري کان پرايائين. فائنل پاس ڪرڻ بعد پهريائين شهداد ڪوٽ جي دوداپور اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جنهن سان گڏ پوسٽ ماستريءَ جو ڪم به جاري رکيائين. ٻه ٽي سال پرائمري ماستر رهڻ کانپوءِ نوڪريءَ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيائين. جڏهن اسڪول ۾ ماستر هو ته ٻارن کي فٽبال راند ۽ ٻيون سرگرميون پڻ ڪرائيندو هو. (ٿ) شخصيت، رهڻي ڪهڻي ۽ ڪردار: ڊگهو مڙس، سروقد، شڪل ۽ صورت ۾ رعبدار، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري هوندي هئس. هٿ ۾ ڏنڊو هوندو هئس. اڇا ڪپڙا پهريندو هو ۽ ڪپڙي جي اڇي ٽوپي پهريندو هو. (جيڪا ترڪي ٽوپي جي انداز تي ٺهيل هئي ۽ سندس ايجاد هئي). خوش اخلاق هو، آئي وئي جي مرحبا پنهنجائپ واري انداز سان ڪندو هو. هارين جو سڄڻ ۽ وڏيرن جو ويري هو. تقرير ۾ چست هو، سندس چهري مان خود اعتمادي ۽ يقين محڪم پيو بکندو هو. قول جو سچو ۽ارادي جو پڪو هو. وطن دوستيءَ جي راهه ۾ جدوجهد دوران شديد مخالفت هوندي به ڪيتريون ئي جانفشانيون ڪيائين ۽ قربانيون ڏنائين. اهڙيون هستيون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن، جن جو هر فعل دنيا وارن لاءِ نصحيت ۽ سبق آموز هوندو آهي سندس زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي سادگيءَ ۽ عبادت سان گذري. (ج) وفات: ڪامريڊ حمزو خان هڪ کاهوڙي انسان هو، جسماني طور صحتمند ۽ سگهارو هو. پنڌ جو ڏاڍو تيز هو، پاڻيءَ جا ڀريل ٻه دلا هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ ۾ هڪ ڪرسيءَ جي ٽنگ کان جهلي سڌي ڪري بيهاريندو هو، ڪسرت ڪندو هو سڄي حياتي جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاريائين. پاڻ جيڪب آباد لڳ محمد پور ڳوٺ ۾ سردار محمد خان اڍي وٽ اليڪشن دوران ورڪ تي ويو. جتي کيس اوچتو نمونيا جو حملو ٿيو. آخرڪار روشني جو هيءُ ڏيئو 31 ڊسمبر 1944ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ڄڻ چڪ ۽ آس پاس اوندهه ٿي ويئي. اتفاق سان ان سال ننڍي کنڊ جو عظيم انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله پڻ وفات ڪري ويو هو، جنهن ڪري پوري سنڌ جي باشعور سياسي حلقن ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇائنجي وئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميٽنگ تاريخ 15 اپريل 1945ع جي حيدرآبد (هاري آفيس) ۾ ڪامريڊ عبدالقادر جي زير صدارت منعقد ٿي. اتي مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ابو شوڪت حمزو هاري ورڪر جي موت تي ڏک جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ سندس پوين سان همدردي ڪئي ويئي. (1) پير حسام الدين راشدي لکي ٿو: “مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا. “ير چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!” هر ڪنهن يڪ زبان چيو، ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري ويئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. (2) سردار محمد خان اڍي ڪامريڊ جي موت جي خبر شڪارپور ۾ قائم اليڪشن ڪئمپ ۾ پنهنجي هڪ دوست شيخ صاحب معرفت ڪامريڊ حمزي خان جي وڏي فرزند استاد شوڪت علي کي خط ذريعي اهڙو اطلاع ڏنو. حوالا: (1) جان محمد پلي. هفتيوار ”همدرد“ ميرپور خاص 24 جنوري 1945ع. (2) پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“. ببليو گرافي (ڪتاب) (1) آريسر عبدالواحد ”تقريرون“. (2) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ 1939ع (3) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڪهاڙو“ هاري جماعت چڪ 1943ع (4) خاصخيلي صوفي قربان علي: صوفي ساڃاه 1983ع (5) راشدي پير حسام الدين: هوڏوٿي هوڏينهن، س. ا، ب حيدرآباد 1973ع (6) راشي پير علي محمد: اهي ڏينهن اهي شينهن 1965ع (7) سومرو شريف شاد: تعلقه لکي جي شعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي) 1982ع (8) سيد حسن رياض: پاڪستان ناگريز تها (اردو) 1975عڍ (9) عبدالجميد ڊاڪٽر ۽ چوڌري عبدالغفور: پاڪستان جو اڀياس 1981ع (10) عرساڻي محمد اسماعيل ۽ ٽالپور الله بخش: تاريخ هندو پاڪ 1956ع (11) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر: تذڪره شعراء سکر 1965ع (12) ميمڻ عبدالغفور سنڌي: “عظيم سنڌي انسان” 1981ع (13) فياضي مهدي شاهه: انباهه ۾ آڙاهه (14) پرياڻي ڪشنچند نيوند رام: “امرت وائي” 1990ع (15) لاشاري ڪليم الله ڊاڪٽر: “سکر تاريخ ۽ سماج” 2000ع (16) هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار“ شڪارپور جي صحافتي تاريخ” (17) زرداري محمد لائق: ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“1984ع (18) چنا غلام علي: “تقريرون” 2005ع (اخبارون ۽ رسالا) (1) آدم عبدالستار سيڪريٽري، رپورٽ خلافت تحريڪ سکر 1924ع (2) اوڍو امداد علي ايڊيٽر. روزانو عوامي آواز ڪراچي 1992ع (3) خالد ڪريم بخش ايڊيٽر. ماهوار پيغام ڪراچي 1981ع (4) خاڪي جويو ايڊيٽر، ماهوار ساڃاهه نوشهروفيروز 1993ع (5) دائود پوٽو خديجه عمر ايڊيٽر . ماهورا اديون حيدرآباد (6) محمود حسن ايڊيٽر. ماهوار الصادق ڪراچي (7) آغا نظر علي ايڊيٽر. روزانو سنڌ زميندار سکر. (8) هفتيوار همدرد ميرپور خاص 1945ع (9) هفتيوار همدرد هالا 41-1940ع (10) نمبر سوانح حيات ماهوار شريعت سکر (11) مسٽر الله بخش خان ايڊيٽر روزانو الوحيد ڪراچي (12) ابو الفظر اويسي مدير هفتيوار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين (13) عبدالله عبد مدير ”اصلاح“ ڪراچي (14) پير علي محمد راشدي هفتيوار ستاره سنڌ سکر. ttps://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=864#45932
No comments:
Post a Comment