هڪ سواليه مضمون :
خدارا سائنس تي رحم ڪيو. سائنس کي ”سائنس“ ئي رهڻ ڏيو!
(الف) اسلامي سائنس:
ڪو زمانو هو جو اسان جي پياري ملڪ پاڪستان کي ”پاڪستان“ (پاڪ سرزمين) بڻائڻ لاءِ هر شيءِ نِجُ ۽ خالص ”اسلامي“ ٿي رهي هئي. مسندِ اقتدار تي جنرل ضياء الحق صاحب فائز هئا، ڪي سرڪش ۽ سر ڦريل ماڻهو هن ويچاري شريف النفس انسان کي فائز گهٽ، پر ”قابض“ گهڻو سمجهندا هئا. بهرحال ڪجهه به هجي، پر جنرل صاحب پوري تن دهيءَ سان، دل لڳيءَ سان، ايمانِ ڪامل سان، يقينِ محڪم سان، ضمير جي سچائيءَ سان، شديد ضرورت محسوس ڪري رهيا هئا، ته ڏيهه ۽ ڏيهه واسين کي ”صحيح“ معنيٰ ۾ اسلامي بڻائڻ لاءِ، مڪمل طور تي اسلامائيزيشن جو مقدس عمل شروع ڪري پاڻ به دنيا ۽ آخرت جو ثواب کٽجي ته عوام کي پڻ بهشت ۾ پهچائجي. ضياء صاحب، گفتار جو غازي ته هو ڪونه، جو سکڻا زباني پلاءَ ويهي پچائي. هي ته ميدانِ ڪارزار جو اُهو مردِ مجاهد هو جنهن پنهنجي بهادري بي باڪي، جانبازي ۽ جوانمرديءَ جا ناقابلِ فراموش داستان، اُردن جي سرزمين تي، فلسطيني آزادي پسندن خلاف خوني ڪارروائي ذريعي رقم ڪيا هئا. سو ڀلا هتي پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي هٿُ هٿَ تي رکي ويهي سگهيو. نيٺ ضياء صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ هيٺ، ملڪ کي ضياء صاحب جي مرضي ۽ منشا موجب اسلامي بڻائڻ جو عمل شروع ٿيو. خبر ناهي ته ضياء صاحب کان پهرين ملڪ ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو اسلامي هئا الائي جي غيراسلامي، بهرحال ”ضياء صاحب جو اسلام“ ۽ ضياء صاحب جي اسلامائيزيشن ملڪ ۽ ملڪ واسين کي اسلامي بڻائڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
بس پوءِ ته ڏسندي ئي ڏسندي هر طرف ضيائي اسلام جا جهنڊا بلند ٿيا. هر پاسي ديني ۽ اسلامي هوائون ۽ هيرُون گُهلڻ لڳيون. ديني گُلَ ڦُلَ ۽ غنچا ٽڙيا. مذهبي سر سبز و ساوڪ ٿي. روحاني باغ و بهاري ٿي وئي. وڻن ٽڻن تي پکي پکڻن لاتون لنوڻ بجاءِ رڳو مولود، حمد ۽ نعتون پئي پڙهيون. قانونساز ادارا، مقننه، عدليه، تعليم، جاڏي نهاريو رڳو ضيائي اسلام! ٻي ڪا ڳالهه ئي نه! سبحان الله! ضياء صاحب جي دينداري، پرهيزگاري، تهجد گذاري، آه و زاري، خلق آزاري، جمهوريت بيزاري....... جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جڏهن پاڪستان ۾ هر شيءِ کي ڪلمو پڙهائي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ کانپوءِ ضياء صاحب، مس مس وڃي سُک جو ساهه کنيو ته اڃان به ڪا غيرمعلوم ڳالهه سندس مزاجِ گراميءَ مٿان گران گذري رهي هئي. ديني درد سان لبريز سندس ديندار دل مٿان نامعلوم انديشي ۽ فڪر جا بادل سايو ڪري بيٺا هئا. ضياء به مير تقي مير وانگي پريشان هو ته "یہ دھواں سا کہاں سے اٹھتا ھے۔" آخر ڪهڙي شيءِ اسلامي بڻائڻ کان رهجي وئي. راوي چون ٿا ته هڪ ڏينهن پاڻ حالتِ مراقبه ۾، مُنهن مونن ۾ هنيو استغراقي ڪيفيت ۾ ويٺا هئا. اوچتو مٿن منڪشف ٿيو ته پاڻ ملڪي ڪاروهنوار ۾ گهڻو مصروف رهڻ سبب هڪ نهايت ئي اهم شيءِ کي اسلامي بڻائڻ کان رهجي ويا آهن. سا آهي، ”سائنس“. ضياء جي چهري تي خوشيءَ جا آثار ظاهر ٿيا. ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل پڙهڻ کانپوءِ، آخرڪار سائنس کي به اسلامي بڻائڻ لاءِ وَرَ کڻي پٺيان پيو. چي اسلامي رياست ۾ غيراسلامي سائنس وري هلندي ڇا! اسلامي رياست ۾ هر شيءِ فقط ۽ فقط نِجُ ۽ خالص اسلامي هلندي، پوءِ چاهي اُها سائنس ئي ڇو نه هجي! ماڻهن گهڻي ئي ميڙ منٿ ڪئي، آزي نيازي ڪئي، هيٺاهين مٿاهين ڪئي، چيو ته جناب قبله جنرل صاحب! هوش ڌاريو. مذهب ۽ سائنس جي پاڻ ۾ ڪهڙي ياري؟ ڪهڙي سنگت؟ ڪهڙي مِٽي مائٽي؟ ٻئي بنهه جدا جدا شعبا. جدا جدا موضوعِ بحث. ٻنهي جو تحقيقي طريقيڪار جدا. ٻنهي جا معلومات جا ذريعا جدا. چه نسبت خاڪ را باعالمِ پاڪ!
پر ضياء صاحب هڪ به نه ٻڌي. سڄي ملڪ ۾ ضياشاهي سرپرستي هيٺ”اسلامي سائنس“ ۽ انهن جا علمبردارَ نڪري نروار ٿيا. هي ”اسلامي سائنس“ جا ماهر ”اسلامي سائنسدان“، ايمان ۽ ايقان جي دولت سان مالامال هئا، جن جي ايمان ۾ رَتيءَ برابر به کوٽ ڪونه هئي. ها، البت کوٽ هئي ته سائنسي ڄاڻ ۽ علم جي. هونئن به”اسلامي سائنس“ ۾ سائنسي علمن جي ڪهڙي ضرورت! سو هي يارَ به، بفضل الله تعاليٰ، ان ”عيب“ کان بنهه پاڪ هئا. قصو ڪوتاهه. عظيم الفراڊ غير تحقيقي مقالا پيش ٿيا. سائنس جي نالي ۾ وائڙيون بلڪ کل جوڳيون ڳالهيون نهايت سنجيدگيءَ سان ڪيون ويون. هڪ همراهه آئن اسٽائين جي نظريه اضافيت (Theory of Relativity) ذريعي هي ڳولهي لڌو ته جنت اسان کان پري ڀڄندي پئي وڃي ۽ سندس رفتار روشنيءَ جي رفتار کان هڪ سينٽي ميٽر في سيڪنڊ گهٽ آهي...!!!!
هڪ ٻئي ڊاڪٽر صاحب، جيڪي پاڪستان ائٽمڪ انرجي جا سربراهه هئا، فرمائڻ لڳا ته مون قرآن پاڪ جي مطالعي مان معلوم ڪيو آهي ته جِنات باهه جي مخلوق آهن، جن ۾ بي پناهه توانائي موجود آهي. تنهنڪري مان تجويز ٿو ڪريان ته ان باهه واري قوت (يعني جِنَن کي قابو ڪري، ڦاسائي) ٻارڻ جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو ته جيئن تيل جي بحرانَ جو مستقل حل ڪڍيو وڃي....!!!!! هي کلَ جوڳيون ڳالهيون ڳرين رقمن سان منعقد ٿيندڙ وڏين وڏين ڪانفرنسن ۾ پيش ٿينديون هيون، جن کي مقامي سائنسي رسالن ۾ شايع ڪيو ويندو هو.[1] الغرض ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي سائنس کي اسلامي ثابت ڪيو ويندو هو. الله تعاليٰ جنرل صاحب مٿان رحم فرمائي. ان ڪارِ خير عيوض کيس جنت ۾ ”اسلامي سائنسدانن“ جو پاڙو نصيب ڪري. آمين!
ويو وقت گذري. ويچاري ڊاڪٽر پروفيسر پرويز هودڀائيءَ کي جنرل صاحب جي وفات بعد، سائنس کي صحيح بنيادن تي بيهارڻ لاءِ نطرياتي ويڙهاند ڪندي، ورهيه لڳا. ڊاڪٽر صاحب ان زماني ۾ شاندار ڪتاب لکيو.
ڪتاب جو عنوان هو: Islam & Science: Religious Orthodoxy & Battle of Rationality. ان ڪتاب جو اردو ترجمو ”مسلمان اور سائنس“ جي نالي مشعل بڪس وارن شايع ڪرايو. مٿئين موضوعِ بحث تي هي سچ پچ ته هڪ شاهڪار ڪتاب آهي.
(ب) ويدن واري سائنس (Vedic Science) :
ضيائي پاڪستان ۾ ”اسلامي سائنس“ جي ”ڪامياب“ تجربي کانپوءِ هاڻي وري هندستان جي مودي سرڪار پڻ، سائنس کي ”هندو “ ڪرڻ جي مقدس فريضي جي ادائگيءَ ۾ همه تن مشغول و مصروف آهي. مودي سرڪار وڏي عرصي کان تعليمي نصاب کان وٺي، مختلف تڪراري فيصلن ڪرڻ تائين، ”هندستان“ (هندن جي جاءِ) جي سرزمين کي غير هندن (خاص ڪري مسلمانن) کان پاڪ ڪرڻ جي پاڪ ۽ پوتر، مقدس ۽ محترم مُهم ۾ لڳي وئي آهي. هر شيءِ کي ”هندو“ بڻائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. اگر ڪنهن بالي ووڊ جي مووي ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال تي آواز اٿيو ته هندو انتهاپسند تنظيمون هٿن ۾ ڏنڊا کڻي، سينيمائن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي نظر اينديون. انهن موويز ۾ ڪم ڪندڙ ايڪٽرز کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ، دڙڪا ۽ دهمان ڏيڻ جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو. جنهن شخص هندستان جي باني مهاتما گانڌيءَ کي قتل ڪيو، اُن کي به ”قومي سورمي“ طور پيش ڪرڻ جي ٺيڪ ٺاڪ مُهم هلي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو اُن شخص جو واسطو هندو انتهاپسند تنظيم سان هو ۽ اُن گانڌيءَ کي قتل نِجُ هندو شاونزم واري سوچ هيٺ ڪيو. (ڏسو 08 جنوري 2015ع واري ڊان اخبار جي بينالاقوامي خبرن واري صفحي تي شايع ٿيل هڪ خبر)
ٻيو ته ٺهيو، هاڻي مودي سرڪار سائنس کي به ”هندو“ بڻائڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي چڪي آهي. ان ڏَسَ ۾ اڄوڪي (09 جنوري 2015ع) ڊان ۾ شايع ٿيل هيٺيون مضمون پڙهڻ لائق آهي. عنوان آهي ”هندستاني سائنسدانَ آڳاٽين دريافتن جي دعوائن سبب سخت مشڪلاتن ۾“ (Indian scientists at odds on ancient discovery claims) اَڀَيا سِروَستَوا نالي ليکڪ جي توسط سان ڊان مٿئين خبر جا تفصيل هن طرح ڏنا آهن:
”هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ انتهائي اهم ۽ لڳاتار دعوائون ته هندُو پنڊت، سَنتَ ۽ سهيوڳي فضائن ۾ اُڏرڻ واري ٽيڪنالاجي ۽ الجبرا جا باني هئا، هندستان ۾ علمي حلقن ۾ پريشاني وڌائي ڇڏي آهي. سندن راءِ آهي ته اهڙي قسم جون هندو قومپرستيءَ واريون غيرسنجيده دعوائون سڄي دنيا ۾ هندستان جي سائنسي شهرت کي ڌڪ رسائينديون.......
گذريل سال، هندستان مريخَ تي هٿرادو سَيارو موڪلي، پهريون ايشيائي ملڪ هجڻ هو اعزاز حاصل ڪيو ۽ سموري دنيا ۾ سائنسي ميدان ۾ هندستان جي سٺي ساک جڙي. هندستان جا سائنسدانَ ۽ سنجيده علمي حلقا اهڙي وکَ تي بيحد سَرها ٿي پيا ۽ گڏو گڏ پُراميد هئا ته عنقريب هُو سائنس جي ميدانَ ۾ وڌيڪ پيش قدمي ڪندا. پر ويجهڙ ۾ مودي سرڪار جي سرپرستي هيٺ، سائنس مٿان هندو انتهاپسنديءَ جي يلغار کانپوءِ هندستاني سائنسدانَ سخت پريشان آهن.“
ليکڪ مزيد لکي ٿو:
”ڪجهه ڏينهن پهرين ممبئي ۾ سرڪاري سرپرستي هيٺ تمام وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ”ويدن جي سائنس“ تي بحث مباحثو ٿيو. ڪانفرنس ۾ شريڪ آنند جي بوداس (Anand J. Bodas) فرمايو ته پندرهين صدي عيسويءَ ۾، ليونارڊو ڊا وِنسِي (Leonardo Da Vinci) جي اڏامندڙ مشين جي ايجاد ۽ 1903ع ۾ ٻن آمريڪي ڀائرن رائيٽ برادرز (Wright Brothers)کان ڪيئي صديون اڳ، اسان جي مقدس ڪتابن يعني ويدن ۾ هوا ۾ اڏڻ جا 500 رهنما اصول ٻڌايا ويا هئا. اسان جي مهارشي جهاز جي اُن زماني ۾ تعريف بيان ڪندي چيو هو ته هي اهڙي سواري آهي جيڪا هڪ گرههَ (Planet) کان ٻئي گرههَ ڏانهن پڻ سواري ڪري سگهي ٿي. جناب بوداس اهو پڻ فرمايو ته آڳاٽي هندستان ۾ تمام وڏن جهازن مان ڪن کي ته 40 ننڍيون انجڻيون پڻ هونديون هيون، جيڪي نه رڳو سڌي رستي تي اُڏامندا هئا، بلڪ ريورس گيئر ۾ پڻ پوئتي به اُڏامي سگهبا هئا!!!!
موصوف مزيد هڪ دعويٰ ڪري سڄي دنيا کي سراپا حيرت بڻائي ڇڏيو ته هندستان ۾ فضائن ۾ اُڏامَ جي حرفت 7000 ق م پڻ موجود هئي...!!! يعني اڄ کان ڪم و بيش 9000 سال اڳ هندستان ۾ ماڻهو اُڏامندا وتندا هئا. پوءِ خبر ناهي ته جسماني طور تي الائي جي روحاني طور تي. ڪنهن مشين تي يا ٻهاري تي! جيئن ننڍپڻ ڪارٽون فلمس ۾ ڏسندا هياسين. بهرحال اسان جي ”هندو سائنس“ جي هندو سائنسدانن بقول ماڻهو هندستان ۾ اُڏامندا ضرور هئا. اُن دور جي هوائي جهازن يا اُڏامندڙ کٽولين جا آثار ملن يا نه، بهرحال هندستان ۾ اُڏامَ واري حرفت (Aviation Technology) ضرور هئي. اگر ڪو پڇي ته صاحبو ڪو دليل؟ ڪا ثابتي؟ جواب ملندو ته ويدن ۾ جو لکيو پيو آ...!!!
ان ساڳئي ڪانفرنس جي ساڳئي سيشن ۾، مودي سرڪار جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزير جناب هرش ورڌن (Harsh Vardhan) پڻ اهم انڪشافات ڪيا. پاڻ دعويٰ ڪيائون ته ”اسان جي سائنسدانن پيٿاگورث جو سڌيان (Pythagoras Theorem) ڳولهي لڌو هو، پر اسان وڏي شان مانَ ۽ ڪشاده دليءَ سان يونانين کي اجازت ڏنيسين ته هُو ان جو ڪريڊٽ کڻن.
وزير صاحب وڌيڪ چيو ته الجبرا جا مؤجد پڻ اسين آهيون. دراصل الجبرا سنسڪرتي لفظ ”بيج گنت“ مان ورتل آهي. پر اسان بي غرضيءَ ۽ بي نيازيءَ سان عربن کي اجازت ڏنيسين ته هُو اسان جي ايجاد کي own ڪري مٿس عربي نالا هڻي ڇڏين.
ان ڪانفرنس کان ڪجهه عرصو اڳ، اهڙيون ئي کل جهڙيون ڳالهيون هندستان جي وزيرِاعظم نريندر مودي صاحب پنهنجي سِر پاڻ به هڪ ڪانفرنس ۾ ڪيون هيون. هن هندو ديومالائي قصن جو حوالو ڏيندي چيو هو ته آڳاٽي هندستان ۾ پلاسٽڪ سرجري ۽ جينيٽڪ سائنس موجود هئي. سندس چواڻي ”اسين هندو گنيش ڀگوان (هاٿي صورت ديوتا) جي پرستش ڪندا آهيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو اُن زماني ۾ ڪي پلاسٽڪ سرجن هوندا جيڪي انسان جي جسم ۾ هاٿيءَ جي منڍي فِٽ ڪندا هوندا ۽ اهڙيءَ طرح پلاسٽڪ سرجري ٿيندي هوندي.“
الغرض هن وقت هندستان ۾ پڻ اسان وارن اسلامي سائنسدانن (اسلامي انتهاپسندن) جيان، هندو انتهاپسند پڻ سائنس کي مذهبي لباس پهرائڻ ۾ مشغول آهن. سوين سالن جي ڪشالن ڪاٽڻ، سخت محنتن ڪرڻ، جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، لکين ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ، پنهنجو اَلَههُ تَلَههُ وڃائي ڪا هڪ ايجاد مَسَ ڪري سگهندڙ عظيم سائنسدانن جي انسانذات لاءِ ڪيل بي مثال پورهئي ۽ شاندار خدمت کي هي اسلامي توڙي هندو انتهاپسند يڪ جنبشِ قلم و لب سان ائين چئي اُن جي اهميت گهٽائي رهيا آهن ته هي ته اڳ ئي اسان جي مقدس ڪتابن ۾ لکيل آهي. منهنجي خيال ۾ اها هڪ پاسي انهن عظيم سائنسدانن جي شاهڪار خدمتن، ايجادن ۽ دريافتن جي به توهِين آهي ته گڏوگڏ مذهب جي پڻ ۽ هنن مُلن مولوين ۽ پنڊتن کان اڳ آيل عظيم مذهبي عالمن ۽ امامن جي پڻ، جيڪي هنن مولوين ۽ پنڊتن کان هزار ڀيرا وڌيڪ وڏا عالم هجڻ باوجود به مقدس ڪتابن ۾ سائنسدانن جي ايجادن ۽ دريافتن کان اڳي، نه ئي ڪا ايجاد ڪري سگهيا ۽ نه ئي ڪا دريافت. مطلب ته انهن کي اڄوڪي مُلان مولوي ۽ پنڊت جيترو فهم ۽ فضيلت ئي ڪانه هئي، جو سمجهي سگهن ته هن مقدس ڪتاب جي سِٽَ تي غور يا عمل ڪرڻ سان هيءَ شيءِ ايجاد يا دريافت ٿي سگهي ٿي.
بهرحال، هندستان جيڪو پنهنجي آزاديءَ کان هيل تائين هڪ سيڪيولر رياست طور ڏيک ڏيندو رهيو آهي، سو پنهنجي روايتي سڃاڻپ مودي سرڪار هيٺ تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي. مذڪوره هندو انتهاپسنديءَ خلاف هندستاني سائنسدانَ پڻ ڪمربسته ٿي ميدان تي نڪري آيا آهن. ”ڪُل هند عوام جي سائنسي تنظيم“ (All India Scientific Network) نالي اداري جو صدر ڊاڪٽر رَگُهونَندَن مودي سرڪار طرفان فروغ مليل ”ويدن جي سائنس“ تي تبصرو ڪندي چيو ”اهڙيون سرگرميون ملڪي سائنسي ڪميونٽيءَ تي بُرا اثر وجهنديون. هي (مودي سرڪار) چاهين ٿا ته هر ڳالهه کي ويدن واري زماني سان وڃي ملائجي. هي وچئين دور تي نه ٿا ڳالهائڻ چاهين. ڇو جو پوءِ هنن کي مجبوراََ اسلام جي هندستان تي اثرن جو ذڪر ڪرڻو پوندو. اسان پنهنجي نوجوان نسل کي سائنس جا غلط تصور ٻڌائي رهيا آهيون. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هندستاني سائنسدانن کي گهڻي مڃتا نه ٿي ملي.“
اسلامي ۽ هندو سائنس کان علاوه به ڪجهه ٻين فلسفيين جي پيروڪارن به سائنس جي هٿ ٺوڪي تشريح ڪئي ۽ کيس پنهنجي نظرئي ۽ فلسفي جي تائيد ۾ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن سان پڻ ان سماج ۾ صحيح سائنسي ڄاڻ جي فروغ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي پئي. سائنس کي آزادانه ۽ خودمختيار حيثيت ۾ رکڻ بجاءِ کيس فلسفي جِي ٻَڌي ٻانهي بنايو ويو. ان جو بهترين مثال ”مارڪسي يا اشتراڪي سائنس“ آهي.
(ج) ڇا سائنس مارڪسي يا اشتراڪي ٿيندي آهي؟
مٿيون سوال ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي پنهنجي مذڪوره جڳ مشهور ڪتاب ۾ اٿاري، سائنس کي ”مارڪسيت“ جو لباس پهرائيندڙن مٿان تنقيد ڪئي آهي. موضوع جي مناسبت سان ڊاڪٽر صاحب جي ذڪر ڪيل ڪتاب مان، چند ٽڪرا پيش ڪجن ٿا. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”1930ع کان 1960ع جي زماني ۾، مارڪسي فلسفي کان متاثر ٿي، روسي سائنسدانن جي وڏي انگ ۽ گڏو گڏ ڪجهه اولهه جي سائنسدانن پڻ طبعي دنيا جي باري ۾ اهڙي سائنس ڳولهڻ گُهري جيڪا جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism) تي مشتمل هجي. اينگلز جي جدليات (Dialectics of Nature) ۽ لينن جي ”ماديت ۽ تجرباتي تنقيد“ (Materialism & Empirio-Criticism) جي روشنيءَ ۾ هنن سرمائيدار معاشرن ۾ رائج سائنس کان الڳ ۽ برتر ”مارڪسي“ سائنس کي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“
ڊاڪٽر پرويز هودڀائي وڌيڪ لکي ٿو:
”اشتراڪي سائنس تخليق ڪرڻ جي اها ڪوشش نه رڳو ناڪام ٿي پر ان جا نتيجا شرمناڪ پڻ سامهون آيا. ان جو ڪلاسيڪي مثال لائيسنڪو جي ”اشتراڪي حياتيات“ هو.
Trofim LysenkoTrofim Lysenko
Lysenko speaking at the Kremlin in 1935. Behind him are (left to right) Stanislav Kosior, Anastas Mikoyan, Andrei Andreev and Joseph Stalin.Lysenko speaking at the Kremlin in 1935. Behind him are (left to right) Stanislav Kosior, Anastas Mikoyan, Andrei Andreev and Joseph Stalin.
اشتراڪي حياتيات جو هي نظريو اسٽالن جي زماني ۾ پيش ڪيو ويو. اشتراڪي مڪتبِ فڪر جي تاريخ ۾ ان نظرئي کي ايڏي ته اهميت ملي جو ان جي حمايت ۽ مخالفت ۾ اڻ ڳڻيا ڪتابَ لکيا ويا. هيٺين سٽن ۾ مختصر طور تي ان نظرئي جي چند حقيقتن جو ذڪر ڪجي ٿو.
اشتراڪي حياتيات:
لائيسنڪو آبادگار گهراڻي سان واسطو رکندو هو. هُو ٻوٽا پوکيندو هو. علمِ حياتيات (Biology) جي شعبي ۾ هن جو نالو 1930ع ۾ سامهون آيو. هن حياتيات ۾ جينيات (Genetics) جي علم جي ماهرن جي تحقيق کي چئلينج ڪيو. اهي سڀ ماهرَ مٿئين طبقي سان تعلق رکندا هئا. چيئن ته لائيسنڪو جون سائنسي دعوائون طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ جدلياتي ماديت جي اصطلاحن يا لفظن بيان ڪيا ويا هئا. تنهنڪري اسٽالن جي دور ۾ انهن کي ڏاڍي مڃتا ۽ مقبوليت ملي ۽ سوويت حڪومت سندس حياتيات جي نظرئي کي ڪميونسٽ يا مارڪسي سائنس تسليم ڪري ورتو. سُتت ئي لائيسنڪو جي حامين حڪومت جي دهشت ڦهلائيندڙ ادارن سان ڳٺ جوڙ ڪري، سائنس جي شعبي ۾، پنهنجي مخالفن کي بااختيار عهدن تان هٽائڻ شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ نڪولائي واوي لاف جو معاملو ڏاڍو مشهور ٿيو. هُو نباتاتي جينيات جي اولين سائنسدانن منجهان هڪ هو. ان جا لاڙا اشتراڪي هئا. هڪ فوجي عدالت مٿس زراعتي تباهي ۽ ٻيا الزام هڻي، کيس موت جي سزا ٻڌائي. بعد ۾ اُها 10 سال قيد ۾ تبديل ڪئي وئي. واوي لاف اڃان 3 سالَ جيل جي سزا مَسَ ڀوڳي جو جيل جي اندر ئي مري ويو.
لائيسنڪو اڻ چٽن دليلن ۽ غلط انگن اکرن جي بنياد تي مينڊِل جي جينيات جي نظرين کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن دعويٰ ڪئي ته نسلي وراثت موروثي ناهي، يعني ابي امان کان اولاد ڏانهن منتقل نه ٿي ٿئي، بلڪ ڪنهن ساهه واري ۽ ان جي آسپاس واري ماحولَ جي لاڳاپن سان متعين ٿئي ٿي. ساهه وارو پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ۽ اثرَ پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪندو آهي. ان ڳالهه تي وسهڻ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو ٿي ته انسان پنهنجو تعين پاڻَ ڪري ٿو. هي اشتراڪي نقطه نظر سان ڏاڍي خوش ڪندڙ دعويٰ هئي. پر حياتيات جي سائنسدانن اڻ ڳڻين ثابتين ۽ شاهدين سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته اُهي خصوصيتون جيڪي جاندار ماحول مان ڪَسَب ڪري ٿو، سي اولاد ڏانهن منتقل نه ٿو ڪري سگهي ۽ لائيسنڪو جي دعويٰ سراسر غلط ثابت ٿي.
لائيسنڪو ٻي ڪوڙي دعويٰ اها ڪئي جو هن چيو ته هڪ قسم جا ٻوٽا پاڻ ۾ ”اشتراڪي ٻڌي“ ڪندا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ پنهنجي پنهنجي بقا لاءِ ويڙهه ڪانه ٿيندي آهي. هن اها پڻ دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن هڪ ئي قبيلي جي ٻن وڻن کي هڪبئي جي ويجهو پوکيو وڃي ته نشوونما ۾ هڪٻئي جي واهر ڪندا آهن. ان غلط نظرئي سبب روس ۾ جنگلن کي ڏاڍو نقصان رسيو.
لائيسنڪو سوويت يونين ۾ حياتيات جي سائنس کي ويههَ سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو. مخالفن تي ظلم ڪرايا ۽ سوويت زراعت ۽ جنگلن کي نقصان رسايو. لائيسنڪو جي نظرين جو زوال خروچيف سان شروع ٿيو. توقع جي عين مطابق، اشتراڪيت جي مخالفن لائيسنڪو جي نظرين جي ناڪاميءَ کي هي ثابت ڪرڻ کاءِ استعمال ڪيو ته مارڪسيت غيرمنطقي ۽ گڏو گڏ جبريت تي ٻڌل فلسفو آهي.
لائيسنڪو جي باري ۾ اشتراڪين جا رايا مختلف رهيا. هڪ پاسي ماؤ جا حامي هئا، جيڪي روس ۾ اُن کي ترڪ ڪرڻ باوجود به اُن کي اينگلز جي جديديت جي اعليٰ ترين حاصلات چوندا هئا ۽ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ان جي ڪري مارڪسيت کان ڦري ويندڙ چوندا هئا، ڇو جو انهن لائيسنڪو جي نظرين جي مذمت ڪئي هئي. ٻئي پاسي اُهي ماڻهو هئا، جيڪي معلوم ڪرڻ چاهيندا هئا ته اُهي ڪهڙيون مادي حالتون هيون (مثلاََ روسي زراعت جي خراب حالت ۽ اسٽالن جي رائج ڪيل اجتماعي زراعت يا گڏيل پوکي راهيءَ جي ناڪامي) جنهن جي ڪري اهڙا مسئلا پيدا ٿي پيا، جن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ لائيسنڪو جا بيوقوفيءَ تي ٻڌل نظريا به قبول ڪيا ويا. ان کان علاوه اهڙا ماڻهو به هئا جن لائسنڪو کي موقعي پرست ۽ عزت جي بکئي ماڻهوءَ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ڏني، جيڪي عام طور تي آمرانه ماحول ۾ نپبا، پلبا ۽ وڏا ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هي هڪ انفرادي معاملو هو تنهنڪري ان جي ڪا مستقل اهميت نه ٿي ٿي سگهي.
پر پوءِ به لائيسنڪو جي قصي کي ايڏو غيراهم به سمجهڻ نه گهرجي. بيشڪ هي مارڪسي سائنس جو سڀ کان وڏو ذلت آميز مثال هو، پر ان کان سواءِ به ڪجهه ٻيا مثال پڻ موجود آهن. اسٽالن جي روس ۾ ڪوانٽم ميڪانيات ۽ آئن اسٽائين جو اضافيت وارو نظريو پڻ شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
مٿي ذڪر ڪيل ناڪاري تجربن ترقي پسند سائنسدانن کي ان غلط خيالَ مان ڇوٽڪارو بخشيو ته قدرت ڪنهن خاص نظرئي يا عقيدي جي پابند آهي يا ٿي سگهي ٿي. ها، البت جيسين سائنس جو استعمال جو سوال آهي، سو ته بلڪل جدا مسئلو آهي.[2]
مٿئين سموري بحث کي هن سٽن ۾ سهيڙي سگهجي ٿو ته سائنسي دريافتن ۽ ايجادن کي طيءِ ٿيل غيرسائنسي نظرين، فلسفن، مذهبن يا ويچارن سان هر حالَ ۾ مطابقت ۾ آڻڻ واري هر ڪوشش پس و پيش سائنسي ترقي ۽ واڌاري جي راههَ ۾ رڪاوٽ ٿيندي. سائنس کي مڙني غيرسائنسي نظرين، فلسفن ۽ مذهبن جِي ٻَڌِي ٻانهي بڻائڻ بجاءِ کيس هر قسم جي اثرن کان آجو ڪري، آزاد ۽ خودمختيار ڇڏجي. پنهنجي مخصوص عقيدن، اُصولن، نظرين ۽ آدرشن جو لباسُ پهرائي، کيس اسلامي سائنس يا هندو سائنس يا عيسائي سائنس يا مارڪسي سائنس بجاءِ فقط ”سائنس“ ئي رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر.
[1] ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي، ”اسلام اور سائنس“، ص 15، ڇاپو ٽيون، مشعل بڪس لاهور
[2] ڊاڪٽر پرويز هودڀائي، ”مسلمان اور سائنس“، ص 122 کان 125، ٽيون ڇاپو، 2005ع، مشعل بڪش لاهور
https://www.facebook.com/ notes/jawed-rehman-larik/ please-have-mercy-on-scienc e-/ 829772373732835?pnref=story
مٿي آرٽيڪل جو جوابيه آرٽيڪل :
سائسي دور ۾ به دنيا جون قومون پيغبمرن کي سائنسدانن کان وڌيڪ اهميت ڇو ٿيون ڏين؟؟؟؟
يورپ جي سائنسي ترقيءَ واري دور ۾ پير پائڻ کان پوء يورپي قومن جون پاڻ ۾ لاتعداد جنگيون ٿيون آهن ۽ هر ڪنهن ڌرسان سائنسدانن جا مختلف گروپ ٻانهن ٻيلي رهيا آهن.اسان جي سنڌ ۾ ترقي پسند، قومپرست ۽ کاٻي ڌر جو دانشور طبقو، اڳوڻي سوويت يونين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ واري دور ۾ زياده تر، آمريڪي بلاڪ جو مخالف ۽ سوويت بلاڪ جو حامي رهيو آهي. امريڪي بلاڪ وارن سرمايه دار ملڪن کي ظالم، سامراج ۽ سوويت بلاڪ کي قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ مزدورن ۽ هارين جي جدوجهد جو حامي قرار ڏيندو رهيو آهي. اتي اسان اهو سوال ڪرڻ چاهيون ٿا ته انهن ٻنهي بلاڪن ۾ جيڪا ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ يا سائنسي تحقيق جي سمورن شعبن ۾ هڪ مقابلي بازي هئي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان سائنسدان پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئا ته انهن سائنسدانن مان به هڪڙا ظالم ته ٻيا غير ظالم قرار ڏبا يا نه؟ ظاهر آهي ته ظالم قرار ڏبا ! پر ساڳئي وقت اهي سائنسدان هجڻ واري منصب تي فائز هئا يانه؟ ته جواب ايندو ته سائنسدان هجڻ جي منصب تي به فائز هئا. آئنسٽائن (Einstein ) کي ئي ڏسو! هن 1939 ۾ امريڪي صدر روزويلٽ کي خط لکيو هو جنهن ۾ جنهن ۾ جرمني جي مقابلي لاء ايٽم بم ٺاهڻ لاء کيس همٿايو ويو هو ۽ سائنسي طور ان جي ممڪن هجڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان کان پوء امريڪا ايٽم بم ٺاهيو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ جاپان جي مٿان اهو بم استعمال ڪيائين.
ته اها ئي حقيقت اسين واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هڪ سائنسدان، پنهنجي علمي سائنسي منصب تي فائز هوندي به ظالم، جابر، لٽيرو، بدمعاش ۽ ڦورو ٿي سگھي ٿو، جنهن سان هن جي سائنسدان هجڻ واري حيثيت تي ڪو به اثر نٿو پوي. پر اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ضمير کان پڇي ڏسو ته ڇا پيغمبرن ۽ آسماني مذهبن جي بانين لاء اسين اهڙو ڪو امڪاني ڪردار سوچي يا ثابت ڪري سگهون ٿا؟ خود اوهان جي دل ۽ دماغ مان جواب ايندو ته هرگز نه!
هي ڳالهه اسان، پيغمبرن ۽ آسماني مذهبن جي بانين لاء اڳواٽ عقيدت رکڻ جي بنياد تي نٿا چئون! يا ڪنهن جي خوشامد يا ڊپ کان نٿا چئون! بلڪه اوهان دنيا جي تاريخ اٿلائي ڏسو! ڪٿي به اوهان کي اهڙوثبوت نه ملندو ته ٻه قومون يا ٻه متحارب ڌريون پاڻ ۾ وڙهي رهيون هجن، انهن مان هڪڙي ظالم هجي ٻي مظلوم. هڪڙي حق تي ۽ ٻي باطل تي هجي ۽ ٻنهي طرفن کان نبي ۽ رسول پنهنجي پنهنجي قوم جي پٺي ٺپري رهيا هجن! اهو ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي. دنيا جي تاريخ اڄ تائين اهڙو مٿال سامهون نه آڻي سگهي آهي. اوهان کي ڪو به نبي ۽ رسول پوء اهو ڪهڙي به دور ۽ ڪهڙي به قوم ۽ ڪهڙي به آسماني مذهب سان تعلق رکندڙ هجي، اخلاقي ڪمزورين ۾ ملوث نه ملي سگھندو! مالي مفادن جي لاء پنهنجي مذهب جي پيٽنٽ رجسٽرڊ ڪرائيندي نظر نه ايندو. بلڪ وڏي واڪي اهو اعلان پيو ڪندو ته:
”يا قوم لا اسئلکم عليه اجرا ان اجري الا علي الله“
( اي منهنجي قوم! آئون اوهان کان پنهنجي ڪم جي ڪا مڃتا نٿو گھران، منهنجو اجر ۽ معاوضو ته الله جي مٿان آهي.)
”ولايجرمنکم شنآن قوم عليٰ ان لا تعدلوا اعدلوا هو اقرب للتقويٰ“.
(ڪنهن قوم جي مخالفت اوهان کي ان سان نا انصافي ڪرڻ تي نه اڀاري! انصاف ڪريو! اهو ئي تقويٰ جي ويجهو آهي.)
پيغمبر، پنهنجي شخصيت جي حساب سان انهن سٺن اخلاقن جو ايترو ته پابند هوندو، ڄڻ اهي اخلاق ئي ان جي فطرت ۽ طبيعت آهن. ۽ برن اخلاقن کان ايترو ته پري هوندو جو برائي ۽ بدڪرداريءَ جي پاڇولي کان به پاڻ کي پري پيو رکندو ۽ پنهنجي پوئلڳن کي به اهڙي تلقين پيو ڪندو. پيغمبرن جي تابعداري جي دعويٰ ڪرڻ وارن لاء به ڪسوٽي اها آهي ته هو انهن اخلاقن جا ڪيترا پابند آهن ؟ پنهنجي اندر اهي اخلاق پيدا ڪري سگهيا آهن ته پيغمبرن سان هنن جي مناسبت جڙندي نه ته کين انهن جو تابعدار يا جانشين سڏائڻ جو ڪو حق نه آهي.

https://www.facebook.com/

No comments:
Post a Comment