ايم ڪيو ايم جي اڪيلائپ
ڊاڪٽر صفدر سرڪي
چوندا آهن ته رب رُسي ته مت کسي ۽ جڏهن پنهنجن افعالن ۽ اعمالن سبب (مَت) عقل کسجي ٿو وڃي ته سمورا فيصلا، ابتا ۽ ڳچيءَ ۾ پوڻ جهڙا ٿي پون ٿا. ماڻهو ڏٺو ٿو ٿي پوي ۽ شايد پنهنجي ان ڦڪائي کي لڪائڻ لاءِ جيڪو به دڳ کڻي ٿو، اهو (Dead End) بند ڳلي ٿو ثابت ٿئي. اهڙو ئي حال سنڌ جي ٻيو نمبر وڏي (اليڪشني) جماعت ايم ڪيو ايم جو آهي، جيڪا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ پنهنجي مخصوص فوجي انداز واري ڊسيپلين، قائد جي تقريرن ۽ پروپيگنڊه جي سمورن ذريعن ۽ آدابن جي انتهائي ماهر طور مشهور آهي. هي جماعت جيڪا دشمن توڙي نافرمانن کي سيکت ڏيڻ، هڪ نئون شاهوڪار ڪلاس ٺاهي، پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪي توڙي عالمي سطح تي سفارتڪاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهي آهي.
واپار جو گيٽ وي اڪنامڪ حب هئڻ جي ڪري ڪراچي جي حيثيت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جهڙي آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ان ڪرنگهي تي سواري ڪرڻ جي مهارت حاصل ٿي چڪي آهي. قومپرستن کان وٺي وفاقي جماعتن تائين ايم ڪيو ايم هر ڪنهن سان وقت، حالتن ۽ ڪم جي آڌار تي دوستي ۽ اتحاد ڪيا آهن پر ڪم نڪرڻ يا نه ٿيڻ جي صورتن ۾ ساڳين ئي يارن کي ڇڏڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير ناهي ڪئي. ان جا خوبصورت مثال 85 کان 87 تائين ۽ 92 کان مشرف حڪومت جي اچڻ تائين سمورو آپريشن وارو ٽائيم جيئي سنڌ وارن سان دوستي ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ الله واهي، بينظير ڀٽو صاحبه توڙي نوازشريف سان اتحادن کان وٺي هن حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تائين هنن جو طريقه ڪار بلڪل واضح ۽ چٽو رهيو آهي ته داٻو، دڙڪو ۽ ڇڏڻ جي ڌمڪي! يا سندن مرضي مطابق فيصلا.
فوجي جنرل پرويز مشرف اهو واحد خوشنصيب هو، جنهن جي 9 سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ نظرياتي ڪيمسٽري ڊڪٽيٽر سان هڪ جهڙي هئي. ان جو سبب هي به هو ته سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ ۽ وفاق ۾ انتهائي سڻڀين وزارتن جي مالڪ هن جماعت 5 سالن ۾ رڳو ڪراچي لاءِ 80 سيڪڙو رقم ترقياتي فنڊن جي مد ۾ ورتا، جڏهن ته باقي سموري سنڌ کي 20 سيڪڙو حصو مس مليو. مصطفيٰ ڪمال جي وقت واري ڪراچي ائين پئي لڳي، ڄڻ هنن همراهن کان سواءِ ٻيو ڪو به هتي وجود نٿو رکي. گٽر باغيچو هجي يا پارڪن جي زمين، اسڪيم 33 هجي يا سورجاڻي ٽائون، بس کربن جي زمين ۽ سڄي سٽي انتظاميه ۽ مشينري هڪ گروهه وٽ ڄڻ يرغمال ٿيل هجي. ڪراچيءَ جي ڊوميسائيل جي شرط تي سنڌ جي ٻين شهرن جي شاگردن لاءِ تعليمي دروازا ۽ غريب ماڻهن لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ اهو سلسلو هن حڪومت ۾ به ساڍا ٽي سال هلڻ کان پوءِ، نيٺ گذريل ڏينهن ۾ ختم ٿي ويو، اها سنڌ جي ماڻهن جي وڏي عرصي کان خواهش هئي ته ڊڪٽيٽر هٿان مخصوص نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا ضلعن ۾ ڦيرڦار ڪري ڪمشنري نظام ختم ڪيو ويو هو، سو ڪالهه نثار کهڙي صاحب جي قلم سان پنهنجي اصلي حالت ۾ بحال ٿيو، جنهن سان گڏ ضلعا به بحال ڪيا ويا. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ۽ سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن جي اها دلي خواهش رهي آهي ته ايم ڪيو ايم جيڪا اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي نمائنده جماعت آهي سا جيڪي دعوائون 92 واري آپريشن کان پوءِ ڪري پئي ته ”اسين سنڌي آهيون“ ۽ ”اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي“ انهيءَ تي دل سان حقيقي طريقي تي عمل ڪري ۽ هڪ لساني ٽولو ٿيڻ بجاءِ سنڌ ۾ ٻڌي، ايڪو ۽ محبت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ مثال ڪردار ادا ڪري. ان ڪري ئي قومپرستن سندن ڏکي وقت ۾ گڏ بيهي مدد ڪئي، جڏهن هر جماعت کين اڪيلو ۽ تنها ڇڏيو هو. پر لطيف جا بيت چوڻ ۽ وڏين دعوائن جي پت مشرف دور کان وائکي ٿيندي اچي گذريل سال جي سنڌ ۾ آيل ٻوڏ تي دنگ ڪيو. ٻوڏ ستايل سنڌين سمجهيو ته اسان جا ايم ڪيو ايم وارا ڀائر آهن، جيڪي ڪشمير تائين پنهنجون خدمتون ”خدمت خلق ڪميٽي“ جي نالي ۾ ڏين ٿا، سي ڪراچيءَ ۾ پنهنجن تباهه حال ڀائرن لاءِ گهرن ۽ دلين جا دروازا کولي سندن مدد ڪندا. پر ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم صرف هڪ نالي ماتر ڪئمپ گهاري جي پريان (ٺٽي ضلعي) ۾ قائم ڪئي. باقي ڪراچي ۾ آيلن لاءِ هنن مدد بجاءِ منظم طريقي سان فائرنگ جا واقعا ڪرائي، ڊيڄاري ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. سٽي گورنمينٽ ۽ پوليس جو رويو ائين هو ڄڻ ڪنهن دشمن ملڪ مان دشمن اچي ويا هجن!.
ايم ڪيو ايم چاهي ها ته انهن لکن سنڌين جون دليون کٽي، انهن جي ئي ووٽن سان سڀني ٻين پارٽين کي سنڌ ۾ پوئتي ڇڏي وڃي ها!!! پر افسوس جو ائين نه ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي لساني خول مان نه نڪري سگهي نه ته هي موقعو متحده کي سنڌ جي وڏي پارٽي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. متحده پنهنجن انهن ئي فيصلن، اجاين ۽ ناجائز مطالبن ۽ 180 ڊگري تي قلابازين سبب هر ڪنهن جو اعتماد وڃائي اڪيلي ٿي پئي آهي. 1991ع کان 2000ع تائين هر تقرير، مطالبي ۽ پوسٽر ۾ آپريشن جو ذميوار فوج ۽ ايجنسين کي چوڻ، آمريڪا، انگلينڊ، اقوام متحده کان انڊيا جي ايوانن تائين جيڪو ڪجهه ايم ڪيو ايم هن رياست ۽ فوج لاءِ چيو، اهو رڪارڊ تي موجو آهي ۽ هر ذي شعور ماڻهو ان کان واقف آهي. مشرف حڪومت جي 9 سالن دوران انتهاپسندي ۽ ملائيت خلاف هن سيڪيولر جماعت کي اوچتو ڇا ٿيو جو گذريل هڪ سال کان فوج ۽ ايجنسين جي تعريف ۾ گيت ڳايا پيا وڃن. سچن سٺن جنرلن کي اقتدار ۾ اچڻ جي دعوت ڏيئي، پاڪستان کي آمريڪي غلامي مان نجات ڏيارڻ جو ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي قائد تحريڪ اهو ٿو فرمائي ته منهنجي حڪومت هجي ها ته ريمنڊ ڊيوس ائين واپس نه وڃي ها. جنهن عافيه صديقيءَ جي گرفتاري تي 5 سال ايم ڪيو ايم خاموش هئي اوچتو ڇا ٿيو جو ڪراچي ۾ عافيه صديقي لاءِ تمام وڏيون ريليون ڪڍي، آمريڪا تي لعنتون وڌيون ويون. اهڙي زبان، لهجو استعمال ڪيو ويو، ڄڻ ته الطاف حسين نه پر قاضي حسين احمد آمريڪا مخالف ريلي کي مخاطب هجي.
ان مان لڳي ٿو ته عالمي برادري، خاص طرح آمريڪا متحده جي ڪن غير منطقي، غير فطري ۽ ناجائز مطالبن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهڙي صورت ۾ الطاف حسين گذريل سال کان، خاص طرح ڊاڪٽر عمران فاروقي جي قتل کان پوءِ فوج ۽ ملڪي ڳجهن ادارن سان ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو هن وقت اهائي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي جيڪا قاضي حسين احمد، عمران خان، نوازشريف ۽ جنرل رٽائرڊ حميد گل ڳالهائين پيا. اهي ئي سبب آهن جو جن قوتن ايم ڪيو ايم جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم حقيقي ٺاهي هئي، انهن سالن جي دوري ۽ هزارن ڪارڪنن جي قتلام کان پوءِ به عامر خان ۽ ٻين کي الطاف حسين سان کيرکنڊ ڪيو، انهن ساڳين ئي قوتن عمران خان ۽ الطاف حسين ۾ جنگ بندي ڪرائي ۽ اڳتي هلي ايم ڪيو ايم عمران خان کي نيٽو خلاف ڌرڻي جي نه صرف اجازت ڏني پر ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪارڪن پڻ مهيا ڪيا.
انهن اصل قوتن جي آسري تي ايم ڪيو ايم پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪروڙن رپين جي خرچ ۽ هزارن ماڻهن کي ڪراچي مان وٺي وڃڻ باوجود جلسو اها پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو ۽ عرف عام ۾ ناڪام شو ئي رهيو. اهڙي ئي صورتحال هلندي ايم ڪيو ايم اڃا ڏيو! اڃا ڏيو واري پاليسي تي هلندي، جڏهن ڇهون ڀيرو گورنر سميت حڪومت مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هنن هميشه وانگر ائين ئي سمجهيو هوندو ته امن امان جو مسئلو پيدا ڪري، ڪجهه ڏينهن جو پريشر ڏيڻ سان کين پيپلزپارٽي جي ڪمزور قيادت ڪجهه نيون مراعتون ڏيندي پر حالتن جوا ٺ ٻئي طرف ويٺل آهي، اٻهرائي، غرور، غلط پلاننگ ۽ حالتن جي غلط تجزئي هن دفعي وارو فيصلو ايم ڪيو ايم جي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇو ته اڳي ٿوري ٿڪي ڳالهه تي آمريڪا کي دانهن ڏيڻ وارن جي هن اڪيلائپ ۾ دانهن ڪير ٻڌي. متحده کي امن امان جو جيڪو ڪراچي ڪارڊ هٿ ۾ آهي ۽ انهيءَ بنياد تي جيڪو الطاف صاحب هن حڪومت لاءِ بيان ۾ چيو ته ”هن حڪومت جي تباهي شروع ٿي چڪي آهي“ چئن ڏينهن ۾ قتل غارتگري کان پوءِ جنهن نموني سان اربين رپيا في ڏينهن جي حساب سان حڪومت خاص طرح وفاق جو نقصان ٿئي پيو ۽ ڪراچي جي انارڪي هڪ سول وار واري صورتحال ڪري اها ڳالهه فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم جي نون يارن کي به قبول ناهي ته جيري لاءِ ٻڪري قربان ڪجي. اها به اهڙي جيڪا سڄو ملڪ هلائي پئي. ان ڪري هي رساڻو ايم ڪيو ايم تي بئڪ فائر ٿي پيو آهي ۽ اڳ ۾ ئي اڪيلائپ جو شڪار هي جماعت ويتر اڪيلي ٿي پئي آهي.
safdarsaki@gmail.com
No comments:
Post a Comment