12th June 2011 to 18th June 2011
امن جا پکي اداڻا ڏيهه
ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي
حصو ٻيو
اندرا گانڌي انٽرنيشنل هوائي اڏي تان، اسان ٽيهن ڄڻن منجهند جو ٽين بجي هوائي جهاز ۾ ويهي ڪراچيءَ طرف اُڏام ڀريسين. سڀني جا چهرا خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيا هئا. سڀ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ۾ مشغول هئاسين. اسان کي پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي- ڏسي، هوائي جهاز جا ٻه سنڌي ايئر هوسٽَ – وزير علي شاهه (سکر رهواسي) ۽ غلام شبير ميمڻ – اسان سان اچي روبرو ٿيا ۽ ڀاڪر پائي مليا. سنڌ پهچڻ کان اڳ نه صرف هنن اسان سان ڪچهري ڪئي، پر هوائي جهاز ۾ ڏاڍي خاطرداري، مهمان نوازي ڪئي. جنهن کي جيڪا شيءِ گهربل هئي، آڻي ٿي ڏنائون. ور – ور ڪري کائڻ لاءِ زور ٿي ڀريائون. سنڌ جي سنڌين جي محبت، سڪ، پيار ۽ مهمانن نوازي، دهليءَ جي ايئرپورٽ تان پي. آءِ. اي ۾ اُڏام ڀرڻ سان ئي شروع ٿي وئي. هنن هوائي جهاز ۾ سنڌي روزانيون اخبارون-ڪاوش، عبرت، عوامي آواز – آڻي ڏنيون. ميمڻ ۽ علي شاهه ٻڌايو ته زبان ۽ ڌرتيءَ جي محبت کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهي. مذهب- ڌرم پوءِ جي چيز آهي. سڀ کان مٿي آهي انسانيت. سنڌ جي سنڌين جا اَهڙا ويچار ٻڌي، سڪ ۽ محبت ڏسي، دل باغ بهار ٿيڻ لڳي.
اَرجن حاسد ۽ گرناڻيءَ کي ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ ۾ گهرايل وقت جون يادگيريون هيون. هنن هوائي جهاز مان ئي سنڌ جو زميني سير ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. سڄي واٽ جڳهين کي ۽ سنڌ جي ڳالهين کي ياد ڪندا رهيا.
شام جو پنجين بجي ڪراچيءَ جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين. هوائي جهاز دهلي – راجسٿان جي جيسلمير، اُن بعد نوابشاهه – حيدرآباد کان ٿيندو 63 هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي، 770 ڪلوميٽرن جي تيزيءَ سان اُڏام ڀريندو، ڪراچيءَ پهتو هو. ٻاهر سگا جا بانيڪار، سنڌ جا اديب، فنڪار، جدا جدا اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جا نمائندا ۽ حشام ماڻهن جا اسان جي آجيان لاءِ حاضر هئا. گلاب جي گلن جي ورکا ٿي رهي هئي. گلاب جا هار پائي، ڀاڪرن ۾ ڀري، پيار محبت جو اظهار ڪندي، سڀني جي شاندار ڀليڪار ڪئي ويئي. فوٽوگرافر، ٽي وي ۽ صحافي اُتي ئي سڀني کي ويڙهي ويا. سڀني کان اِنٽرويو ۽ تاثرات وٺڻ شروع ڪيائون. تاجل بيوَس، تاج جويو، شمشير حيدري، رکيل مورائي، حميد ڀٽو وغيرهه ٻين سان گڏ مون کي به هارن سان سٿي ڇڏيو. ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، پاڪ ٽي وي هڪ وار ٻيهر منهنجي ڪراچيءَ، سنڌ اچڻ تي خوش آمديد چوندي، خوشيءَ جو اظهار ڪندي- ڳالهائيندي، انٽرويو وٺندي جذبات ۽ ويچارن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. وفد جي اَڳواڻ سريش ڪيسواڻيءَ ۽ ٻين جي اَڳيان شهنائي وڄائيندي، ڇيڄ هڻڻ ۽ جمهمريون پائڻ شروع ڪيائون. خوشنما، وڻندڙ، خوشبوئدار ماحول ۾ شاندار مرحبا، کيڪار، ڀليڪار، آجيان کان پوءِ بُسن، ۽ ڪارُن ۾ چڙهي، اسين فائيو اسٽار هوٽل بيچ لغزريءَ پهتاسين.
ڇنڇر 18 ڊسمبر 2004ع تي، رات جو اَٺين بجي، هوٽل جي شاهي ايئرڪنڊيشنڊ هال، رنگ به رنگي پردن، بلبن ۽ بجلين سان سجايل منچ تي ”شاهه- سچل – سامي عالمي اَمن ڪانفرنس“ شروع ٿي. منچ کي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي بيتن – سلوڪن سان سجايو ويو هو. منچ جي شوڀا وڌائي، سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومري، سريش ڪيسواڻي، قمر شهباز، ميزبان سنسٿا جي چيئرمين جناب حسين صاحب، لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ ۽ ٻين.
ڀليڪار کان پوءِ جوت جلائي ڪانفرنس جو مهورت ڪيو ويو. سِراج الدين ميمڻ، قرآن جي آيتن سان پاڪ ڪلام پيش ڪيو. مِٺو مصريءَ، شاهه جي سر کنڀات ۽ سر سامونڊيءَ جي چند بيتن جي ڳائڻ سان ڪانفرنس جو آغاز ڪيو. پوءِ شروع ٿيو سلسلو تقريرن جو.
سينيٽ جي چيئرمين جناب محمد ميان سومري، سڀني جي آجيان ڪندي چيو: پاڪستان ۽ ڀارت جي سنڌين کي گهرجي ته نه رڳو هو پاڻ هڪ ٻئي جي ملڪ اچن، پر پنهنجي اولاد کي به موڪلين، جيئن ٻنهي ملڪن ۾ اَمن امان، ڀائيچارو، قومي ڀاونا قائم ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ، هر طبقي جي اديبن، فنڪارن، ڳائڻن، تعليم دانن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، پيشيوَرن، صحافين، دانشورن وغيرهه جا به وفد هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ اَچڻ گهرجن. ان سان وشواس پيدا ٿيندو، ترقي ٿيندي ۽ رابطا قائم ٿيندا، رشتا- ناتا مضبوط بڻبا. جيڪا سڪ، ڀارتي اديب هتي کڻي آيا آهن. اُها ئي سڪ، محبت، پيار، عزت، مهمان نوازي، هِتان جا اَديب ڀارت کڻي ويندا.
جناب سريش ڪيسواڻيءَ چيو: جناب محمد ميان سومري جي تجويز ڀارت جي سينيٽ چيئرمين کي ٻڌائيندس. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪٿي به وڃن، صديون ڇو نه گذري وڃن، پر کين سندن زمين، ڌرتي ضرور ڇڪي ٿي. اَسان کي گڏجي، ساهت، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ اَهڙو رستو اَختيار ڪرڻ گهرجي، جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ٻولي سيکاري سگهون. سنڌي جتي به آباد هجن، پر پنهنجي ملڪ کي نه وسارين.
هن صاحب اڳتي ڄاڻايو.: دهلي صوبي جي مکيه وزير، شريمتي شيلا ديڪشت، هن وفد ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿي هئي، پر اچانڪ طبيعت ناساز ٿيڻ ڪري، نه اَچي سگهي آهي. پر هن جون شڀ- ڪامنائون، پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهيان.
شري ڪيسواڻي ڪانگريس صدر شريمتي سونيا گانڌيءَ جو ڪانفرنس لاءِ موڪليل انگريزيءَ ۾ لکيل پيغام پڙهيو، جنهن جو سنڌي ترجُمو سونيا گانڌيءَ ڄاڻايو هو ته : مونکي خوشي آهي ته ڀارتيه دانشورن جو هڪ وڏو اَٽالو، ”شاهه- سچل – سامي عالمي سنڌي اَمن- امان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ وڃي رهيو آهي. پاڪستان ۽ هندستان جا اديب هڪ ئي ڏور ۾ ٻڌل آهن. ڪانفرنس جي سڦلتا لاءِ شڀ ڪامنائون.
مهورتي اُتسو ۾ برک شاعر هري دلگير کي شرڌانجلي ڏني ويئي ۽ شري لالچند اَمر ڏني مل جي اَنتِم اِڇا – ته منهنجون هاٺيون ڀارت مان سنڌ آڻي، سنڌو درياهه ۾ پروان ڪيون وڃن- جو ذڪر پڻ ڪيو ويو. لالچند امر ڏني مل جي سنڌ لاءِ سِڪ ۽ ڀاونا جو اظهار ڪيو ويو. هن موقعي تي هڪ سُجهاءُ به ڏنو ويو ته ”شاهه- سچل- سامي اَمن اڪيڊمي“ برپا ڪئي وڃي، جيڪا دائمي طور ٻنهي ملڪن جي امن – امان لاءِ ڪاريه ڪري.
قمر شهباز، ڪانفرنس جي مقصد ۽ روپ – ريکا کان واقف ڪيو. ڀارتي اديبن جو دستوري اَجرڪ ۽ گلاب جي گلن سان سواگت بعد، شڪر گذاريءَ جي رسم اَدا ڪندي، مهورتي اجلاس پورو ٿيو.
مهورتي اُتسوَ کان اڳ، اَڪادمي آف ليٽرس طرفان، سِٽي ڪلب جي وفد جي ميمبرن سان هڪ شاندار گڏجاڻي ۽ منجهند جي رسوئيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر آغا نورمحمد سڀني جو گلن ۽ اجرڪن سان سواگت ڪيو. هن موقعي تي جناب سريش ڪيسواڻيءَ چيو: مان توهان جي دلين ۾ سنڌيت، سنڌي زبان، سنڌي ٻوليءَ لاءِ سڪ ڏسان ٿو. مان توهان جي محبتن جو ذڪر ڪهڙن لفظن ۾ ڪريان! مون وٽ لفظ ڪونه آهن. اُها سِڪ، محبت ۽ پيار، محسوس ڪرڻ جي چيز آهي. اسان شانتيءَ جو پيغام کڻي آيا آهيون. اسان نفرتن جي ديوار کي ٽوڙي، ڀائيچارو قائم ڪرڻ آيا آهيون.
آچر 19 ڊسمبر تي ڪانفرنس جي پهرين بئٺڪ ٿي جنهن جي صدارت ڪئي شري ايم. ايڇ. پنوَهر، ڊاڪٽر شريف ميمڻ، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، حميد سنڌي ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش. منجهند جو ٻينءَ بئٺڪ جي صدارت ڪئي ڊاڪٽر نواز علي شوق، نوُرالدين سرڪي ۽ جناب تاج بلوچ. رات جود ير رات تائين، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان هال ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، سنڌ ٽي. وي جي گڏيل سهڪار سان گيت- سنگيت- نرتيهَه جو هڪ رنگارنگ ڪاريه ڪرم، ”پاڪستان- انڊيا پيس ڪلچرل شو“ پيش ڪيو ويو. سنڌي موسيقيءَ جي هن محفل کي سجايو ڪلاڪارن – طفيل سنجراڻي، ليليٰ لطيفي، شازيه خشڪ، صادق فقير، برڪت ڀٽ، ناصر علي، احمد مغل، مظهر حسين ۽ ٻين. اَحمد مغل، ڀڳت ڪنور رام جا گيت ڳائي عوام جي دلين کي جيتي ڇڏيو.
جناب سندر اگناڻي ڪاريه ڪرم ۽ ڪلاڪارن کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو چيائين، ”لالواڻي، اسين سڀا پاران هنن ڪلاڪارن مان ڪِن ڪلاڪارن کي ڀارت گهرائي گيت، نرتيه ۽ سنگيت جي ڌوم مچائينداسين، جدا جدا شهرن ۾ پروگرام رٿينداسين، تون ساٿ ڏيندين نه؟“ موٽ ۾ مون ”ها“ ڪئي، جو مان به ساڳي ڳالهه دل ۾ سوچي رهيو هئس.
(هلندڙ)
مورخه_20 ڊسمبر 2004ع تي صبح جو ڪانفرنس جي ٽين بئٺڪ ٿي. منچ کي سجايو سَروَشري قمر شهباز، مايا راهي، سُندر اَگناڻي، حافظ محمد صديق ۽ مسلم شميم.
منجهند جي مانيءَ بعد، چوٿين بئٺڪ شروع ٿي. صدارت ڪئي شري تاجل بيوَس. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، سحر امداد ۽ گوبند خوشحالاڻي.. جدا جدا بئٺڪن ۾ جدا جدا وِشَين (موضوعن) تي هِند سنڌ جي اديبن پنهنجا عالماڻا مقالا پيش ڪيا. شام جو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) ۽ دهليءَ جي سنڌي اَڪادميءَ طرفان سنڌ – هند تعلقات کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ۽ اچ – وڃ جي سلسلي جي بنياد کي پڪو ڪرڻ لاءِ، شري ڪيسواڻيءَ هڪ گڏيل پڌرائي جاري ڪئي ته: ”ڀارت – پاڪ جي اديبن، فنڪارن، صحافين، جدا جدا طبقن جي دانشوَرن جا وفد، عيوضي منڊل سولائيءَ سان اچ – وڃ ڪري سگهن، اِن قدم کي ٻئي ملڪ اڳتي وڌائين. نئين ٽهي – نوجوانن کي همٿائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ڏانهن نوجوانن جا وفد موڪليا وڃن. سنڌي تعليم، تحقيق ڪاريه کي همٿائڻ لاءِ وظيفو ڏنو وڃي. کوج ڪاريه جا وسيلا – موقعا وڌايا وڃن، ناٽڪ ڪارن، ڪلاڪارن، راڳين جا وفد موڪليا وڃڻ، ويزا کي ڍلو ڪيو وڃي، ڄاڻ ٽيڪنالاجيءَ جي ڏي- وٺ ڪئي وڃي. سنڌي ڪتاب مخزنون ٻنهي ملڪن جي پڙهندڙن تائين پهچايون وڃن، ٽپال خرچ گهٽايا وڃن وغيرهه، خاص ڳالهين جو ذڪر ڪيل هو.
رات جو رنگارنگي ڪاريڪرمن سان سڀني جو مَنورَنجن ڪيو ويو. 21 ڊسمبر کان سنڌ ياترا جو دور شروع ٿيو. قافلو حيدرآباد طرف روانو ٿيو. رستي تي انيڪ ڳوٺن جا حشام ماڻهن جا وفد جي آجيان لاءِ جدا جدا رنگين پردن، گلاب جي گلن جي هارن، شهناين سان حاضر هئا. جيئي سنڌ جي نعرن سان فضا گونجي رهي هئي. جتي ڪٿي نعرا لڳي رهيا هئا ”دنيا جا سنڌي زندهه آباد.“ ”سنڌ جا ڄاوا ڀلي ڪري آيا.“ ”سنڌ هند جا سنڌي اُٿو- سنڌ توهان کي پڪاري رهي آهي.“ وغيرهه.
جهولي لال مندر تي پڻ قافلي جي شاندار مرحبا ڪئي ويئي. هن مندر جي خوبي اِها آهي ته جهولي لال جي سماڌي، مندر ۽ خواجا خضر جي درگاهه گڏ ٺهيل آهن. ٻُڌايو ويو ته هن جڳهه تي هندو توڙي مسلمان اچي ڪٺا ٿيندا آهن. جهولي لال جي پوڄا، ارچنا، پرارٿنا گڏ ڪندا آهن. هي آسٿان هندو-مسلم ايڪتا جو هڪ زندهه مثال آهي، جتي ٻنهي ڌرمن-مذهبن جا شخص، وشواس ۽ عقيدت سان اچن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا. اِهو به چيو ويو ته جهولي لال درگاهه جو گادي نشين ولي محمد اڪبر علي آهي ۽ مندر ديوان جيرامداس دولترام سنڀاليندو آهي. هتي چيٽي چنڊ جو ميلو ڌام-ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. اُن ڏينهن تي سنڌي ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ جهولي لال جي سنديش، قومي ايڪتا، سند – ڀاونا بابت ويچار ڪيو ويندو آهي.
ڄام شوري ۾ اِنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڏسندا حيدرآباد پهتاسين جتي جي ضلعي ناظم شري مخدوم رفيق وفد جو شاندار سواگت ڪيو. رات جو ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هند – سنڌ جي مقبول شاعرن جو مشاعرو ٿيو. شاعريءَ جا سر موڙ رهيا اَرجن حاسد، واسديو موهي، شريڪانت صدف ۽ ٻيا ارجن حاسد سڀني جون دليون جيتي ورتيون. مشاعري کان پوءِ سنڌ جي نوجوان ۽ حاضرينن سان هو گهيريل رهيو، ساڳئي نموني شريڪانت صدف به چاهڪن ۽ واهه واهه ڪندڙن جي گهيري ۾ هو.
22 ڊسمبر 2004ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ملاقات وقت، پڙهڻ لاءِ مليو ”پڙهو، پڙهايو، ذهن جاڳايو.“ ”سنڌي ٻولي سَوَلي ٻولي.“ ”سنڌي ٻولي پنهنجي ٻولي.“ ”علم وڌايو سنڌ وسايو.“ ”سنڌ جي ٻولي، سنڌي ٻولي، پڙهو ۽ پڙهايو.“ وغيرهه.
جتي ڪٿي آجيان پائيندي قافلو اڳتي وڌندو ئي رهيو. جتي ڪٿي فضا ۾ گونجي رهيو هو ”هندستان جا سنڌي، ڀلي ڪري آيا، ڌرتيءَ ڄاوا ڀلي ڪري آيا.“ سنڌ جرڪي پيئي، سنڌ مرڪي پيئي. منهنجي ڌرتيءَ ڄاوا آيا اسان جا ٿيا لايا سجايا. هيرن جهڙا، موتين جهڙا منهنجا سنڌي آيا، هندستان جا سنڌي آيا، ڀلي ڪري آيا.“
”راڳ رهاڻ“ ڪاريَڪرم پڻ ڪافي وندر بخشي.
تاريخ 23 ڊسمبر موري پهچندي ڪنن ۾ آواز پيو، ”سنڌ ڄاوا آيا، موري جي مٽيءَ کي مان مليو آهي. موري جي مٽي ڀاڳن واري آهي. مورو پوتر ٿيو آهي.“
نوشهري فيروز جي مهمان نوازيءَ بعد قافلو سدا حيات نارايڻ شيام جي ڳوٺ کاهي قاسم پهتو. موڙ وٽ سنڌي ادبي سنگت پاران نارايڻ شيام روڊ جو مهورت – سريش ڪيسواڻي، ارجن حاسد ۽ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل ڪيو. نارايڻ شيام جا گيت ڳاتا ويا. نارايڻ شيام جي گهر ”نارايڻ شيام ڪانفرنس“ ٿي جتي هند- سنڌ جي اديبن پنهنجن جذبن جو اِظهار ڪيو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾، ڀارت جي سنڌي شاعر جي نالي سان، روڊ تي نالو رکي هڪ يادگار قائم ڪيو ويو، جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اِتهاسِڪ ڪارنامو آهي.
جئن جئن ڪنڊيارو ويجهو اچي رهيو هو، ارجن حاسد، لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ ۽ منهنجي دل پنهنجو جنم – ڳوٺ – آستان، ڏسڻ جي چاهنا دل ۾ ڇوليون ماري رهي هئي. هڪ فرمان جاري ڪيو ويو ته ڪوبه اَديب شخص وفد ڇڏي، پنهنجو ڳوٺ ڏسڻ نه ويندو. ان فرمان به دل ۾ ٻه چتائي قائم ڪئي هئي ته ڪٿي هن ڀيري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان لنگهڻ جي باوجود، اها آس اَڌوري ته نه رهجي ويندي. پر جناب تاج جويي هوشياريءَ کان ڪم وٺي، نه صرف ڪنڊياري وڃڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو هو، پر ڪنڊياري منهنجن مامن، ماروٽن کي جن جا دوڪان چمن بازار ۾ هئا، نياپو هلايو هو ته ڄيٺو لالواڻي ڪنڊياري اَچي رهيو آهي. هڪ ڪار ۾ اَرجن، لڇمڻ ڪومل ۽ نند ڪنڊياري ڏانهن روانا ٿي ويا، ٻيءَ ڪار ۾ مان ۽ گيهاڻي روانا ٿياسين. ڪنڊياري پهچڻ شرط بازار جي مُهڙ تي حشام ماڻهن جا بيٺل هئا. منهنجي ماما سندرداس ڪنهيالال جي اولاد به آجيان لاءِ حاضر هئي. منجهند کان وٺي، گل هٿن ۾ جهلي، اسان جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا. ڪار مان لهڻ شرط گلن مالهائن، ڀاڪرن، اجرڪ ٽوپين سان شاندار سواگت ڪيو ويو. جنهن جڳهه ۾ اسين رهندا هئاسين ۽ جنهن هنڌ منهنجو جنم ٿيو هو، اُن تائين پهچڻ لاءِ رستي جي ٻنهي پاسي ماڻهو گلن جي وَرکا ڪندا رهيا. منهنجي مامن خوشيءَ ۾ سڄي شهر، صحافين، ٽي. وي. چينل وارن، منهنجي بزرگن جي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين- نارين جي اولاد کي ڪٺو ڪيو هو. شهناين ۽ ڏونڪن جي ڇيڄ هڻندي، شاديءَ جي ڄڃ جيان جاءِ تائين وٺي هليا. در تي ماميون ۽ ماروٽيون بيٺيون هيون. هنن جي ڇهاءَ، ڀاڪر، درشن ۽ جاءِ ۾ پير رکڻ سان دل ۾ عجيب خوشيءَ جو احساس ٿيو. اکيون پڻ آنند سان ترٿي ويئون. گلي ملڻ سان بيحد سڪون. مليو. مان گهر اَندر ويس. مون کي اُهو ڪمرو ۽ هنڌ ڏيکاريو ويو، جتي منهنجو جنم ٿيو هو، ۽ اُهو هنڌ به جتي منهنجي ڏاڏيءَ هن فاني دنيا مان چالاڻو ڪيو هو. مون اُن زمين کي چميو، مٽي مستڪَ لڳائي، ڏاڏي صاحبه جي آشيرواد ورتي. در- ديوارن کي ڀاڪر پائي ڪجهه وقت بيٺو رهيس. لڙڪن سان ديوار آلي ٿي ويئي. ماروٽ ڀاڪر ۾ ڀري اُن پينگهي ۾ وهاريو، جنهن ۾ وهاري ڏاڏي ۽ اَمڙ لولي ڏينديون هيم. اِهو منظر وڇوڙي، درد، پيڙا، ننڍپڻ جون يادگيريون ڏياريندڙ احساسن جو هو. مون کي اسان جي بزرگن جي سڄي جاءِ گُهمائي ويئي. مٿي درٻار به ٺهيل هئي ته مندر به. آسيس وٺي مان هيٺ لٿس. ٻڌايو ويو ته ورهاڱي وقت، لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪي به مهاجر اسان جي جاءِ ۾ اچي نه رهيا هئا، پر اسان جا مائٽ- ماما وغيرهه- اچي رهيا هئا. زمينون ۽ باغ به اسان جي وڏن، پنهنجن هارين کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيا هئا. اُنهن جي اولاد جا ڪي ڀاتي به اسان جي جاءِ ۾ اچي رهيا هئا. جملي ٻاويهه کن ڪمرا، هڪ وڏي اوطاق ۽ شاهي ورانڊو هو. ڪمرا گهمندي ڪِن واتان ٻڌم: ”ننڍو زميندار آيو آهي، هن مڪان- زمين جو اصلي مالڪ آيو آهي.“ منهنجي دل ڀرجي آئي. مون بزرگ امان جان-ابا جان کان پيرين پئي آشيرواد ورتي. موٽندي مهل مون جڳههِ جي در- درين کي چميو، مِٽي مستڪ لڳائي، چانئٺ کي سجدو ڪيو ۽ سڀني سان آلين اکين سان موڪلايو.
مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن سوچيو ئي ڪين هو ته منهنجي ڳوٺ ۾ - جيڪو هاڻي شهر بڻجي رهيو هو- ڳوٺ واسين طرفان منهنجي ايتري آجيان ٿيندي. مانُ-سنمان ملندو! ڳوٺ جي ڀونءِ تي پير ڌرتي، آسيس وٺي، سنڌ جي مٽي مستڪ لڳائي، منهنجو جيون سڦلو ٿيو. اِهو سفر تيرٿن تڪڻ کان به وڌيڪ ڀانيان ٿو. اِهائي منهنجي زيارت ۽ ياترا هئي.
ارجن حاسد به پنهنجي جاءِ ڏسي موٽيو. جيتوڻيڪ اُتي مهاجر رهيل هئا، پر هنن حاسد جي شاندار آجيان ڪئي. سڄي جاءِ گُهمائي، کيس ڪجهه پل وهڻ جو موقعو ڏنو. حاسد پڻ چاهه وچان در- درين کي چميو. هن جي اکين پڻ خوشيءَ جا لڙڪ وهايا. ڪنڊياري جي سفر ۾ مون سان گڏ شري گيهاڻي به هو، هو پڻ شاندار آجيان کان ڪافي متاثر ٿيو.
رهڙڪي- سائين سچل جي درگاهه. سائين ساڌرام جي آسيس پائي، جروان ۾ سائين ڪنور رام جي جنم آسٿان جو درشن ڪندي، سنت شدارام جن جي پوتر آسٿان حيات پتافيءَ ۾ رات گذاري، 25 ڊسمبر صبح جو سکر ڏانهن روانا ٿياسين. سائين وسڻ شاهه جي درٻار جو ڀنڊارو-پاپڙا کائي، ساڌ ٻيلي جي ملاقات وٺي، شڪارپور لاءِ روانا ٿياسين. لاڙڪاڻي ۾ رات- واسو ڪري، هن – سنڌ جي فنڪارن جي گيت- سنگيت جي محفل ماڻيسين.
تاريخ 26 ڊسمبر، موهن جي دڙي جي ملاقات. سيوهڻ شريف جي ملاقات، شهباز قلندر صوفي سنت جي مزار تي سجدو ڪيوسين. سَن ۾ سائين جي. ايم سيد جي مزار تي پڻ سجدو ڪندي، فَضا کي ”جيئي سنڌ- سدا جيئي“ جي نعرن سان گونجايو ويو.
تاريخ 27 ڊسمبر: ٺٽي جي شاهي مسجد، دنيا ڀر ۾ مشهور قبرستان مڪليءَ ۾ دولهه دريا خان شهيد جي قبر تي گل چاڙهي، پريم ساگر ۽ ماتا سِنگهه ڀوانيءَ جي آسيس وٺي، ڪراچيءَ پهتاسين.
تاريخ 28 ڊسمبر تي ڪانفرنس جي سماپتي ٿي. رات جو سنڌ جي عظيم فنڪاره عابده پروين جي گيتن جي موج ماڻي، 29 ڊسمبر تي ڪراچيءَ کان ڀارت لاءِ روانا ٿياسين. سنڌڙيءَ وارن جي مهمان نوازي، پريم، محبت اَڄ به ذهن ۾ تازي- تواني آهي.
http://www.magazine.awamiawaz.com/2011/12-06-2011/artical-15.html
حصو ٻيون
مورخه20 ڊسمبر 2004ع تي صبح جو ڪانفرنس جي ٽين بئٺڪ ٿي. منچ کي سجايو سَروَشري قمر شهباز، مايا راهي، سُندر اَگناڻي، حافظ محمد صديق ۽ مسلم شميم.
منجهند جي مانيءَ بعد، چوٿين بئٺڪ شروع ٿي. صدارت ڪئي شري تاجل بيوَس. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، سحر امداد ۽ گوبند خوشحالاڻي.. جدا جدا بئٺڪن ۾ جدا جدا وِشَين (موضوعن) تي هِند سنڌ جي اديبن پنهنجا عالماڻا مقالا پيش ڪيا. شام جو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) ۽ دهليءَ جي سنڌي اَڪادميءَ طرفان سنڌ – هند تعلقات کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ۽ اچ – وڃ جي سلسلي جي بنياد کي پڪو ڪرڻ لاءِ، شري ڪيسواڻيءَ هڪ گڏيل پڌرائي جاري ڪئي ته: ”ڀارت – پاڪ جي اديبن، فنڪارن، صحافين، جدا جدا طبقن جي دانشوَرن جا وفد، عيوضي منڊل سولائيءَ سان اچ – وڃ ڪري سگهن، اِن قدم کي ٻئي ملڪ اڳتي وڌائين. نئين ٽهي – نوجوانن کي همٿائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ڏانهن نوجوانن جا وفد موڪليا وڃن. سنڌي تعليم، تحقيق ڪاريه کي همٿائڻ لاءِ وظيفو ڏنو وڃي. کوج ڪاريه جا وسيلا – موقعا وڌايا وڃن، ناٽڪ ڪارن، ڪلاڪارن، راڳين جا وفد موڪليا وڃڻ، ويزا کي ڍلو ڪيو وڃي، ڄاڻ ٽيڪنالاجيءَ جي ڏي- وٺ ڪئي وڃي. سنڌي ڪتاب مخزنون ٻنهي ملڪن جي پڙهندڙن تائين پهچايون وڃن، ٽپال خرچ گهٽايا وڃن وغيرهه، خاص ڳالهين جو ذڪر ڪيل هو.
رات جو رنگارنگي ڪاريڪرمن سان سڀني جو مَنورَنجن ڪيو ويو. 21 ڊسمبر کان سنڌ ياترا جو دور شروع ٿيو. قافلو حيدرآباد طرف روانو ٿيو. رستي تي انيڪ ڳوٺن جا حشام ماڻهن جا وفد جي آجيان لاءِ جدا جدا رنگين پردن، گلاب جي گلن جي هارن، شهناين سان حاضر هئا. جيئي سنڌ جي نعرن سان فضا گونجي رهي هئي. جتي ڪٿي نعرا لڳي رهيا هئا ”دنيا جا سنڌي زندهه آباد.“ ”سنڌ جا ڄاوا ڀلي ڪري آيا.“ ”سنڌ هند جا سنڌي اُٿو- سنڌ توهان کي پڪاري رهي آهي.“ وغيرهه.
جهولي لال مندر تي پڻ قافلي جي شاندار مرحبا ڪئي ويئي. هن مندر جي خوبي اِها آهي ته جهولي لال جي سماڌي، مندر ۽ خواجا خضر جي درگاهه گڏ ٺهيل آهن. ٻُڌايو ويو ته هن جڳهه تي هندو توڙي مسلمان اچي ڪٺا ٿيندا آهن. جهولي لال جي پوڄا، ارچنا، پرارٿنا گڏ ڪندا آهن. هي آسٿان هندو-مسلم ايڪتا جو هڪ زندهه مثال آهي، جتي ٻنهي ڌرمن-مذهبن جا شخص، وشواس ۽ عقيدت سان اچن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا. اِهو به چيو ويو ته جهولي لال درگاهه جو گادي نشين ولي محمد اڪبر علي آهي ۽ مندر ديوان جيرامداس دولترام سنڀاليندو آهي. هتي چيٽي چنڊ جو ميلو ڌام-ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. اُن ڏينهن تي سنڌي ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ جهولي لال جي سنديش، قومي ايڪتا، سند – ڀاونا بابت ويچار ڪيو ويندو آهي.
ڄام شوري ۾ اِنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڏسندا حيدرآباد پهتاسين جتي جي ضلعي ناظم شري مخدوم رفيق وفد جو شاندار سواگت ڪيو. رات جو ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هند – سنڌ جي مقبول شاعرن جو مشاعرو ٿيو. شاعريءَ جا سر موڙ رهيا اَرجن حاسد، واسديو موهي، شريڪانت صدف ۽ ٻيا ارجن حاسد سڀني جون دليون جيتي ورتيون. مشاعري کان پوءِ سنڌ جي نوجوان ۽ حاضرينن سان هو گهيريل رهيو، ساڳئي نموني شريڪانت صدف به چاهڪن ۽ واهه واهه ڪندڙن جي گهيري ۾ هو.
22 ڊسمبر 2004ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ملاقات وقت، پڙهڻ لاءِ مليو ”پڙهو، پڙهايو، ذهن جاڳايو.“ ”سنڌي ٻولي سَوَلي ٻولي.“ ”سنڌي ٻولي پنهنجي ٻولي.“ ”علم وڌايو سنڌ وسايو.“ ”سنڌ جي ٻولي، سنڌي ٻولي، پڙهو ۽ پڙهايو.“ وغيرهه.
جتي ڪٿي آجيان پائيندي قافلو اڳتي وڌندو ئي رهيو. جتي ڪٿي فضا ۾ گونجي رهيو هو ”هندستان جا سنڌي، ڀلي ڪري آيا، ڌرتيءَ ڄاوا ڀلي ڪري آيا.“ سنڌ جرڪي پيئي، سنڌ مرڪي پيئي. منهنجي ڌرتيءَ ڄاوا آيا اسان جا ٿيا لايا سجايا. هيرن جهڙا، موتين جهڙا منهنجا سنڌي آيا، هندستان جا سنڌي آيا، ڀلي ڪري آيا.“
هلندڙ.....
http://magazine.awamiawaz.com/2011/19-06-2011/artical-16.htm
امن جا پکي اداڻا ڏيهه
ڊاڪٽر جيٺو لالواڻي
Share on Facebook
ٽيون ۽ آخري حصو
”راڳ رهاڻ“ ڪاريَڪرم پڻ ڪافي وندر بخشي.
تاريخ 23 ڊسمبر موري پهچندي ڪنن ۾ آواز پيو، ”سنڌ ڄاوا آيا، موري جي مٽيءَ کي مان مليو آهي. موري جي مٽي ڀاڳن واري آهي. مورو پوتر ٿيو آهي.“
نوشهري فيروز جي مهمان نوازيءَ بعد قافلو سدا حيات نارايڻ شيام جي ڳوٺ کاهي قاسم پهتو. موڙ وٽ سنڌي ادبي سنگت پاران نارايڻ شيام روڊ جو مهورت – سريش ڪيسواڻي، ارجن حاسد ۽ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل ڪيو. نارايڻ شيام جا گيت ڳاتا ويا. نارايڻ شيام جي گهر ”نارايڻ شيام ڪانفرنس“ ٿي جتي هند- سنڌ جي اديبن پنهنجن جذبن جو اِظهار ڪيو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾، ڀارت جي سنڌي شاعر جي نالي سان، روڊ تي نالو رکي هڪ يادگار قائم ڪيو ويو، جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ اِتهاسِڪ ڪارنامو آهي.
جئن جئن ڪنڊيارو ويجهو اچي رهيو هو، ارجن حاسد، لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ ۽ منهنجي دل پنهنجو جنم – ڳوٺ – آستان، ڏسڻ جي چاهنا دل ۾ ڇوليون ماري رهي هئي. هڪ فرمان جاري ڪيو ويو ته ڪوبه اَديب شخص وفد ڇڏي، پنهنجو ڳوٺ ڏسڻ نه ويندو. ان فرمان به دل ۾ ٻه چتائي قائم ڪئي هئي ته ڪٿي هن ڀيري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان لنگهڻ جي باوجود، اها آس اَڌوري ته نه رهجي ويندي. پر جناب تاج جويي هوشياريءَ کان ڪم وٺي، نه صرف ڪنڊياري وڃڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو هو، پر ڪنڊياري منهنجن مامن، ماروٽن کي جن جا دوڪان چمن بازار ۾ هئا، نياپو هلايو هو ته ڄيٺو لالواڻي ڪنڊياري اَچي رهيو آهي. هڪ ڪار ۾ اَرجن، لڇمڻ ڪومل ۽ نند ڪنڊياري ڏانهن روانا ٿي ويا، ٻيءَ ڪار ۾ مان ۽ گيهاڻي روانا ٿياسين. ڪنڊياري پهچڻ شرط بازار جي مُهڙ تي حشام ماڻهن جا بيٺل هئا. منهنجي ماما سندرداس ڪنهيالال جي اولاد به آجيان لاءِ حاضر هئي. منجهند کان وٺي، گل هٿن ۾ جهلي، اسان جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا. ڪار مان لهڻ شرط گلن مالهائن، ڀاڪرن، اجرڪ ٽوپين سان شاندار سواگت ڪيو ويو. جنهن جڳهه ۾ اسين رهندا هئاسين ۽ جنهن هنڌ منهنجو جنم ٿيو هو، اُن تائين پهچڻ لاءِ رستي جي ٻنهي پاسي ماڻهو گلن جي وَرکا ڪندا رهيا. منهنجي مامن خوشيءَ ۾ سڄي شهر، صحافين، ٽي. وي. چينل وارن، منهنجي بزرگن جي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين- نارين جي اولاد کي ڪٺو ڪيو هو. شهناين ۽ ڏونڪن جي ڇيڄ هڻندي، شاديءَ جي ڄڃ جيان جاءِ تائين وٺي هليا. در تي ماميون ۽ ماروٽيون بيٺيون هيون. هنن جي ڇهاءَ، ڀاڪر، درشن ۽ جاءِ ۾ پير رکڻ سان دل ۾ عجيب خوشيءَ جو احساس ٿيو. اکيون پڻ آنند سان ترٿي ويئون. گلي ملڻ سان بيحد سڪون. مليو. مان گهر اَندر ويس. مون کي اُهو ڪمرو ۽ هنڌ ڏيکاريو ويو، جتي منهنجو جنم ٿيو هو، ۽ اُهو هنڌ به جتي منهنجي ڏاڏيءَ هن فاني دنيا مان چالاڻو ڪيو هو. مون اُن زمين کي چميو، مٽي مستڪَ لڳائي، ڏاڏي صاحبه جي آشيرواد ورتي. در- ديوارن کي ڀاڪر پائي ڪجهه وقت بيٺو رهيس. لڙڪن سان ديوار آلي ٿي ويئي. ماروٽ ڀاڪر ۾ ڀري اُن پينگهي ۾ وهاريو، جنهن ۾ وهاري ڏاڏي ۽ اَمڙ لولي ڏينديون هيم. اِهو منظر وڇوڙي، درد، پيڙا، ننڍپڻ جون يادگيريون ڏياريندڙ احساسن جو هو. مون کي اسان جي بزرگن جي سڄي جاءِ گُهمائي ويئي. مٿي درٻار به ٺهيل هئي ته مندر به. آسيس وٺي مان هيٺ لٿس. ٻڌايو ويو ته ورهاڱي وقت، لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪي به مهاجر اسان جي جاءِ ۾ اچي نه رهيا هئا، پر اسان جا مائٽ- ماما وغيرهه- اچي رهيا هئا. زمينون ۽ باغ به اسان جي وڏن، پنهنجن هارين کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيا هئا. اُنهن جي اولاد جا ڪي ڀاتي به اسان جي جاءِ ۾ اچي رهيا هئا. جملي ٻاويهه کن ڪمرا، هڪ وڏي اوطاق ۽ شاهي ورانڊو هو. ڪمرا گهمندي ڪِن واتان ٻڌم: ”ننڍو زميندار آيو آهي، هن مڪان- زمين جو اصلي مالڪ آيو آهي.“ منهنجي دل ڀرجي آئي. مون بزرگ امان جان-ابا جان کان پيرين پئي آشيرواد ورتي. موٽندي مهل مون جڳههِ جي در- درين کي چميو، مِٽي مستڪ لڳائي، چانئٺ کي سجدو ڪيو ۽ سڀني سان آلين اکين سان موڪلايو.
مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن سوچيو ئي ڪين هو ته منهنجي ڳوٺ ۾ - جيڪو هاڻي شهر بڻجي رهيو هو- ڳوٺ واسين طرفان منهنجي ايتري آجيان ٿيندي. مانُ-سنمان ملندو! ڳوٺ جي ڀونءِ تي پير ڌرتي، آسيس وٺي، سنڌ جي مٽي مستڪ لڳائي، منهنجو جيون سڦلو ٿيو. اِهو سفر تيرٿن تڪڻ کان به وڌيڪ ڀانيان ٿو. اِهائي منهنجي زيارت ۽ ياترا هئي.
ارجن حاسد به پنهنجي جاءِ ڏسي موٽيو. جيتوڻيڪ اُتي مهاجر رهيل هئا، پر هنن حاسد جي شاندار آجيان ڪئي. سڄي جاءِ گُهمائي، کيس ڪجهه پل وهڻ جو موقعو ڏنو. حاسد پڻ چاهه وچان در- درين کي چميو. هن جي اکين پڻ خوشيءَ جا لڙڪ وهايا. ڪنڊياري جي سفر ۾ مون سان گڏ شري گيهاڻي به هو، هو پڻ شاندار آجيان کان ڪافي متاثر ٿيو.
رهڙڪي- سائين سچل جي درگاهه. سائين ساڌرام جي آسيس پائي، جروان ۾ سائين ڪنور رام جي جنم آسٿان جو درشن ڪندي، سنت شدارام جن جي پوتر آسٿان حيات پتافيءَ ۾ رات گذاري، 25 ڊسمبر صبح جو سکر ڏانهن روانا ٿياسين. سائين وسڻ شاهه جي درٻار جو ڀنڊارو-پاپڙا کائي، ساڌ ٻيلي جي ملاقات وٺي، شڪارپور لاءِ روانا ٿياسين. لاڙڪاڻي ۾ رات- واسو ڪري، هن – سنڌ جي فنڪارن جي گيت- سنگيت جي محفل ماڻيسين.
تاريخ 26 ڊسمبر، موهن جي دڙي جي ملاقات. سيوهڻ شريف جي ملاقات، شهباز قلندر صوفي سنت جي مزار تي سجدو ڪيوسين. سَن ۾ سائين جي. ايم سيد جي مزار تي پڻ سجدو ڪندي، فَضا کي ”جيئي سنڌ- سدا جيئي“ جي نعرن سان گونجايو ويو.
تاريخ 27 ڊسمبر: ٺٽي جي شاهي مسجد، دنيا ڀر ۾ مشهور قبرستان مڪليءَ ۾ دولهه دريا خان شهيد جي قبر تي گل چاڙهي، پريم ساگر ۽ ماتا سِنگهه ڀوانيءَ جي آسيس وٺي، ڪراچيءَ پهتاسين.
تاريخ 28 ڊسمبر تي ڪانفرنس جي سماپتي ٿي. رات جو سنڌ جي عظيم فنڪاره عابده پروين جي گيتن جي موج ماڻي، 29 ڊسمبر تي ڪراچيءَ کان ڀارت لاءِ روانا ٿياسين.
http://magazine.awamiawaz.com/2011/26-06-2011/artical-16.htm
No comments:
Post a Comment