Realtime Hit Counter

Wednesday 2 March 2011

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو ٻيو جلد به غلطين کان بچي نه سگهيو

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جو ٻيو جلد به غلطين کان بچي نه سگهيو

سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان ”انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ جي غلطين سان ڀرپور پهرئين جلد کان پوءِ ٻيو جلد به آندو ويو آهي. هن جلد جي مطالعي مان خبر پئي ته منجهس ڄاڻايل معلومات ڪجهه اڻپوري ڄاڻ ۽ غلطين سان ڀرپور آهي. پڙهندڙ پاڻهي ان کي ظاهر ڪندا، مان رڳو ٻن ٽن عنوانن جي نشاندهي ڪريان ٿو: ٺارو شاهه جو ذڪر صفحي 526 تي ڏيکاريل آهي..... ان کي ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته هي شهر ضلعي نوشهري فيروز ۾ شامل آهي. ضلعي نوشهري فيروزکي وجود ۾ ايندي به ڏهن سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ساڳي غلطي صفحي 528 تي، ٺاڪر داس ڀاون داس تولاڻي ٺاڪر، جي عنوان ۾ ڪئي ويئي آهي. بهلاڻي شهر کي پڻ ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ ڏيکاريو ويو آهي. حالانڪه، هالاڻي ۽ بهلاڻي، نوشهري فيروز جا تاريخي ماڳ ۽ شهر يا ڳوٺ آهن، نه ڪي ضلعي نواب شاهه جا. صفحي 35 تي، ڀان سعيد آباد لکيل آهي، جيڪو ”ڀان“ قبيلي وارن اڏايو هو. سڄي احوال ۾ ”ڀان“ قبيلي وارن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. ”سيد آباد“ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، ڀان ته سومرن جا اهم فقير ۽ منگتا هئا، ڀلا انهن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي! اهڙيءَ طرح سان سيوهڻ تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو ”ڀانڊيديرو“ آهي، جنهن جي آدم شماري هڪ هزار کان وڌيڪ آهي، ان جو عنوان نظر ڪونه ٿو اچي. ڪن شخصيتن جي والد جو نالو، ذات يا قبيلو، اولاد، جنم ۽ موت جا سال ڄاڻايل آهن، ته ڪن جا سري کان نه لکيا ويا آهن، حالانڪه انهن جو رڪارڊ يا معلومات عام آهي. ٽالپر مير علي نواز خان جو احوال صفحي 418 تي ڏنل آهي. هيڏي وڏي شخصيت جي والد جو نالو ۽ پُٽاڻي اولاد جي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي. ٽنڊي ڄام ۾ رهندڙ ٽالپر مير محمد (ڪامريڊ) ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، هن جو به اندراج ٽالپرن جي ترتيبي احوال ۾ ٿيڻ گهرجي ها. جيڪڏهن کيس ”ڪامريڊ“ سان لکڻو آهي ته ان لاءِ به ٽالپر ۾ داخلا رکي، پوءِ ”ڪ“ عنوان لاءِ اشارو ڏيڻ گهرجي ها. ڀنگوار، بڙدي، بليدي بلوچن جي هڪ مکيه ذات يا پاڙو آهي. هن ذات وارا هزارن جي تعداد ۾، بلوچستان ۽ سنڌ، خصوصاً جيڪب آباد ضلعن ۾ آباد آهن، اها ذات به ” انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ ۾ نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا ايندڙ جلد جي ضميمي ۾ لکڻ گهرجي. صفحي 579 تي عنوان: ”ثور1“ ”ثور 2“ ۽ ”ثور 3“ لکيل آهن. ترتيب جي لحاظ کان ثور (جبل) ثور (غار) ۽ ثور (ڍڳو) لکڻ گهرجي ها! ڍڳي واري ”ثور“ جو احوال بعد ۾ اچڻ گهرجي يا عربي لفظن تي اعرابون لڳائڻ گهرجن. ثور جبل ۽ غار جي تصوير ڏني وئي آهي، ڍڳي جي تصوير ڏيڻ به ڪو مشڪل ڪم نه هو. ٽنگڻي، ڪپڙن ٽنگڻ واري شئي کي چوندا آهن، جيڪا اڪثر ڪري هر گهر يا آفيس توڙي دوڪانن تي موجود هوندي آهي، جنهن ۾ ٻيون شيون پڻ ٽنگبيون آهن. هيءَ پڻ هن جلد جي داخلا ۾ هجڻ گهرجي ها!

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي/سيوهڻ

The Kawish Group of Publication

B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.

Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

No comments:

Post a Comment