Realtime Hit Counter

Sunday 19 June 2011

مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق کڏي وارن، ڪراچي،سنڌ جي وفات، 18 جون،1953 جي ڏيهاڙي جي نسبت سان_جوکيو شفيق احمد





مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق کڏي وارن، ڪراچي،سنڌ جي وفات، 18 جون،1953 جي ڏيهاڙي جي نسبت سان_جوکيو شفيق احمد
صبح جو سلام : اڄوڪي ڏيهاڙي مورخه.18 جون،1953 تي سنڌ جي آزاديء جا هڪ اهم امام اڳواڻ سرواڻ مجاهد اعظم علامه مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارا، ڪراچي،سنڌ جن وفات ڪري ويا هئا، پاڻ سنڌ جي آزاديء جي عظيم تحريڪ ريشمي رومال جي بانين مان هيا ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي ۽ مجاهد اعظم سنڌ/ مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا هڪ سوني سڪي جا ٻه پاسا هيا. سندن بابت تفصيل لکي رهيو آهيان
ياد رهي ته ڪراچيءَ شهر م کڏي واري گوٺ جي باني مجاهد اعظم سنڌ علامه مولانا محمد صادق عرف مولانا کڏي وارن جا والد گرامي قدر علامه ٿيوسافسٽ / ٿيولاجين صوفي با صفا مجاهد مولانا عبد الله ميمڻ جن هيا جنهن ٺٺو-سنڌ جي مهاڻڻ سميجن جتن ميمڻن کي، ڳوٺ کڏي ڪراچيء ۾ وڏي جهجهي انگ ۾ آباد ڪرائي کڏي علم جو اڏو بڻايو، جيڪو اڄ ڪلهه بک بدحالي بيروزگاري فساد دهشت گردي جو شڪار آهي، ان ڪري جو اتي انگزيز جي ڇاڙن اييجنٽن حرامي فوجين بيت الله الحرام تي گولين هلائڻ وارن جو اولاد ميانوالي جهلم خوشاب چڪوال جا گنڊه چرس هيروئن آفيم جوا جا اڏا پيا هلائن، کڏي جي اصلي مقامي ماڻهن جو جيئڻ حرام آهي، اها انگريز جي باقيات جي مهرباني آهي
مولانا محمد صادق کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ جو مشهور عالم دين ٿي گذريو آهي جيڪو مولانا عبد الله کڏي ڪراچيء واري ڳوٺ جو بانيءَ جي جو ٻيو نمبر فرزند هيو. سندن ولادت با سعادت 25 محرم 1291هه مطابق 18 مارچ،1874 ع ۾ ٿي پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا عبد الله ميمڻ کڏي واري کان حاصل ڪيائون، وڌيڪ تعليم لاء هندوستان اسهيا، جتان واپس اچي مدرسه مظهر العلوم ، کڏي ڪراچي ،سنڌ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. پنهنجي والد مولانا عبد الله ميمڻ رح جي وفات کانپوء 1332هه مطابق 1914ع ۾ کين مدرسي جو مهتمم مقرر ڪيو ويو. مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارا، گهڻو ڪري قران حڪيم جو تفسير، احاديث، حجة الله البالغه ۽ طب حڪمة ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهائيندا هيا، مولانا محمد صادق عرف مولانا کڏي وارا طب جا ماهر حڪيم هيا. مدرسي جي اوطاق ۾ سندس مطب هو، شاگردن ۽ مسڪينن جو علاج معالجو مفت ۾ ڪندا هئا. باقي ٻيا سرندي وارا به کين دوا جي قيمت ادا ڪندا هيا، جنهن مان چڱي آمدني ٿيندي هئي.
پاڻ سياسي سرگرمين ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا، تحريڪ ريشمي رومال جي بانين مان هئا.1914ع ۾ ترڪن جي خلاف انگريزي فوجن جي ننڍي کنڊ مان مدد روڪائڻ لاء قلات لسٻيلي جي قبيلن ۾ جيڪي سردار نورالدين مينگل جي اثر هيٺ هيا. ( ۽ پاڻ سردار نور الدين مينگل مولانا محمد صادق کڏي وارن جو معتقد هو) ان جي ذريعي انقلاب آڻائڻ لاء مسلح حملا شروع ڪرايائين پوء مدد رڪجي ويئي، جنهن سبب انگريزي فوج کي ڪوت العمارة(عراق) ۾ شڪست آئي. هڪڙي قبائلي جي جاسوسي جي ڪري مجاهد اعظم سنڌ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن خلاف انگريزن کي خبر پئجي ويئي ۽ مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن کي گرفتار ڪري انڊيا جي ڪاروار جيل ۾ ٽي سال نظر بند رکيائون.( ان بابت تفصيل ۽ گرفتاري جا آرڊر رساله الصادق ڪراچي، سنڌ جي جلد نمبر 31 ۽ شماري نمبر 3 ۾ ڇپجي چڪا آهن) الصادق ڪراچي مورخه-مارچ،2010ع
مجاهد اعظم سنڌ علامه مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا، ڪراچي،سنڌ رح جمعيت علماء هند جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جا رڪن ۽ جمعيت علماء سنڌ جا صدر رهيا. ڪراچيءَ ۾ تحريڪ خلافت جي مکيه اڳواڻن مان هئا. سنڌ جي بمبئي کان آزاديء واري تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتائون.
مجاهد اعظم سنڌ جن هندوستان جي آزاديء لاء جدوجهد ڪندڙن سڀني وڏين پارٽين نمائندا ميمبر ۽ صدر خاص طور سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ،سنڌجي بورڊ جا ميمبر رهيا. آخر تائين ديني ۽ قومي ڪمن ۾ بيماريء ۽ضعيفي باجود حصو وٺندا رهيا. 6 شوال، 1372هه مطابق 18 جون،1953ع خميس جي ڏينهن منجهد جو ڏيڍ لڳي هن دار الفاني مان رخصت ٿي درالبقاء ڏانهن روانا ٿيا. سندن قبر مبارڪ مورڙي جي قبرستان ۾ آهي.(22) سندن ڪتبو لڳل آهي. جيڪو سنڌ جو تاريخي قبرستان، پاڪستان جي حرامي نسل پرستن غدارن حڪمرانن تقريبا مسمار ڪري ڊهرائي ان جي مٿان پل جوڙائي، ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو پيسو ضايع ڪيو آهي، ان پل جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي پر ڇاهي ته پيسو سوئس جي بينڪ ۾ پنهنجي آقائن وٽ ڪئن رکائي وياج تي وڌن ويجن پلجن، رت پياڪ ڄورن وانگر؟
مجاهد اعظم سنڌ، سنڌ جي آزاديء جي امام مولانا محمد صادق ميمڻ عرف کڏي وارا، ڪراچي، سنڌ کي سلام آهي. جيڪي سنڌ جي آزاديء جا سچا سرواڻ هيا، نه ڪي سامراج جا پٺو وڏيرا جعلي جڙتو ايجنٽ هيا جن جنرل ضياء جهڙن آمرن ظالمن جي مدد ڪري افغانستان ۾ سامراجي جهاد لاء امداد ڪري اڻ سڌي طرح مدد ڪري وري سنڌ جي آزادي جا چمپين ٿي ويٺا هئا.
ريشمي رومال تحريڪ بابت تصفيلي مواد هن لنڪ تي :
انگريزن خلاف انقلابي'' تحريڪ ريشمي رومال '' ۾ سنڌ جي حصي جو هڪ اهم واقعو حافظ محمد اسماعيل ميمڻ رح کڏي وارو، ڪراچي،سنڌ.
املاء ڪندڙ جوکيو شفيق احمد
ننڍي کنڊ تي جيئن ئي انگريزن پنهنجين سازشن ذريعي قبضو ڪيو، ان وقت ئي هتان جي غيرت مند عوام، انگريز کي هتان ڪڍڻ جي جدوجهد جوآغاز ڪري ڇڏيو هو.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انگريزن جي خلاف جيڪي به آزاديء جون تحريڪون هليون انهن جي منصوبه بندي ۽ قيادت علماء ڪئي ڪئي هئي. دار العلوم ديوبند (انڊيا) ۽ مدرسه مظهر العلوم، کڏو، ڪراچي-سنڌ ۽ ٻين ڪيترن ئي ئي مدرسن جو بنياد انگريز دشمن تحريڪن جي مرڪزن جي حيثيت سان وڌو ويو هو.
انهن تحريڪن مان هڪ تحريڪ مشهور ى'' ريشمي رومال '' جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هن تحريڪ جو بنياد '' دار العلوم ديوبند (انڊيا) جي استاد شيخ الهند محمود حسن رح جي حڪم سان سندن ٻن شاگردن، مولانا عبيد الله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق (ميمڻ کڏي وارن ) (ڪراچي وارن ) 1908ع ۾ وڌو هو.
اها هڪ حقيت آهي ته هن تحريڪ ۾ سنڌ جو وڏو حصو آهي بلڪ ائين چئجي ته عملا هن جي قيادت سنڌ ئي ڪئي هئي.
جنهن ۾ هڪ سنڌي عالم دين مولانا محمد صادق )ميمڻ کڏي وارن-ڪراچي،سنڌ ) مدير
،هڪ پنجابي پر پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر ڪرڻ عالم دين مولانا عبيد الله سنڌي ۽ هڪ پير طريقت (سنڌ جي آزاديء جو امام سيد ) تاج محمود امروٽي رح جن ائين چئجي ته هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي.
سنڌ ج گهڻا ئي عالم انهن جا ٻانهن ٻيلي هئا. هي هن تحريڪ سان ڳنڍيل هڪ اهم واقعي سان متعلق دستاويز ڇاپي رهيا آهيون، انهن دستاويز جو تعلق مولانا محمد صادق (ميمڻ رح کڏي وارن ڪراچيء-سنڌ ) سان آهي. سندن تاريخ وفات 6 شوال 1372هه آهي، ائين هن شماري ۾ موزون ٿيندو.
هنن دستاويزن جو هڪڙو ڇاپو
1-سبب ته هي آهي، هي هڪ سنڌي عالم جو وڏو ڪارنامي سان واسطو رکن ٿا ۽ هي هڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم واقعو آهي جنهن مان سنڌين کي اهو سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته سندن ماضي مجاهدنانه ڪارنامن سان ڀريل آهي_ همٿ ڪن ته وڏي طاقتن سان به ٽڪر وٺي سگهن ٿا.
2- هن مان سنڌين بلوچن جو باهمي تعلق به ظاهر ٿئي ٿو ۽ اڄ به سنڌي بلوچ گڏجي ظلمن جو مقابلو ڪري پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا.
3-سنڌ جي عالمن کي سوچڻ گهرجي ته ڪيئن انهن پاڻ قيادت ڪري هئي.جڏهن ته هاڻوڪي دور ۾ سنڌي عالم پنهنجيون واڳون ڌارين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون آهن، جيڪي جهڙي پاليسي گُهرن ان تي سنڌي عالمن کي هلائيندا ٿا اچن ائين سنڌي عالمن نه رڳو پنهنجي سرزمين تي، پر ٻاهرين دنيا ۾ به پنهنجو تشخص ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڌاريا عالم سندن جدوجهد جو ثمرو پيا کائي. (گذريل شماري ۾ ڇاپيل هڪ دستاويز به اڳين سنڌي عالمن جي دنيا جي سامهون حيثيت جو هڪڙو واضح ثبوت آهي) مدير
4- ان مان هڪ اهو ثبوت به ملي ٿو ته هن صديءَ جي شروع ۾ به سنڌي زبان کي وڏي اهميت حاصل هئي. ان وقت سنڌ جي جدا حيثيت ڪانه هئي، بلڪه هو بمبئي صوبي جي ماتحت ڪميشنري هئي. تنهن هوندي به سنڌي زبان کي دفتري حيثيت حاصل هئي، جو سرڪاري آرڊر انگريزيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ به جاري ٿيندا هئا.
5-سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي هنن دستاويزن مان مواد هٿ ايندو هو. هتي هنن دستاويزن جو پس منظر انهن سان متعلق اهم واقعي جو ذڪر ڪريون ٿا.
مولانا عبيد الله سنڌي رح لکيو آهي ته سن 1327هه ۾ شيخ الهند (مولانا محمود حسن ) اسان کي دارالعلوم ديوبند ۾ گهرايو. ان جو اکين ڏٺو احوال احوال مولانا عبد الله لغاري رح (جيڪو مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو خاص شاگرد هو.) ان تفصيل سان بيان ڪيو آهي ته مولانا عبيد الله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق (ميمڻ کڏي وارن،ڪراچي- سنڌ) کي مولانا شيخ الهند محمود حسن رح ديوبند(انڊيا) گهرائي، کين انگريزن خلاف انقلاب جي باقائده تحريڪ هلائڻ لاء هدايت ڪئي. پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق ميمڻ، کڏي وارن، ڪراچي - سنڌ جن ''جمعيت الانصار'' جو بنياد وڌو _ ۽ پوءِ مراد آباد (انڊيا) ۾ شوال سن 1328هه مطابق 16_17 اپريل سن 1911ع ۾ '' جمعيت الانصار '' جو باقائده اجلاس ٿيو.(ان جو مختصر احوال ڏسو مضمون '' مولانا محمد صادق (ميمڻ رح، کڏي وارن، ڪراچي-سنڌ) ڇپيل ماهوار الصادق جلد 3، شمارو 4_رجب 1407هه مئي سن 1981ع)''جمعيت الانصار جي تحت مشهور '' تحريڪ ريشمي رومال'' جو آغاز ڪيو ويو هو.
هن تحريڪ جي تحت اٺ مرڪز قائم ڪيا ويا هئا .1-ڪراچي،سنڌ.2-امروٽ،سنڌ.3-دين پور (رحيميارخان).4 -لاهور.5-اتمانزئي. 6-ترنگزئي. 7-رانڌير. 8-پاڻي پت.۽ ٻيا مرڪز به ٻه مرڪز هئا، هڪڙو بنگال ۽ ٻيو شمالي ڪوهستان ۾ اوگي واري هنڌ تي قائم هو.
هن ۾1-ڪراچيءَ وارو مرڪز هيٺين علائقن تي مشتمل هو:
ڪراچي، لاڙ(سنڌ جو هيٺيون ڏکڻ واروعلائقو، لس ٻيلو، قلات ۽ ان جي آس پاس جو بلوچستانجو علائقو.
هن مرڪز جو سربراهه ۽ نگران (جرنيل آف سنڌ ) مولانا محمد صادق (ميمڻ، کڏي وارو،ڪراچي-سنڌ ) هو. انهيءَ وچ ۾ تفصيلي منصوبه تيار ٿيا. سن 1914ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي رح مولانا شيخ الهند رح جي حڪم تي افغانستان روانو ٿيو.
انهيءَ سال سن 1914ع ۾ پهرين جنگ عظيم (مها ڀاري لڙائي) شروع ٿي، جنهن ۾ جرمني ۽ ترڪي هڪڙي پاسي هئا، ته انهن جي مخالفت ۾ برطانيه ۽ روس هئا.( معلوم هجي ته ان وقت روس ۾ زار اليگزينڊر جي باڇاهي هئي ) جوکيو شفيق
برطانيه (انگريزن ) ائين ڪيو ته ترڪي سلطنت جي ماتحت عرب ملڪن تي حملو ڪيو ۽ هندوستان جي فوج گڏ ڪري عراق تي حملو ڪيو ويو.
برطانيه جو پلان هو ته هندوستان فوج موڪلي پهرين بصره تي قبضو ڪيو وڃي جئين ايران مان ايندڙ تيل جي پائيپ لائين محفوظ رهي ۽ پوءِ بغداد ڏانهن پيش قدمي ڪئي وڃي.
سن 1915ع ۾ برطانيه جي فوجين جو نئون ڪمانڊر جنرل ٽائون شيڊ مقرر ٿيو، 27 سيپٽمبر 1915ع جومدائن جي ويجهو ترڪن ۽ انگريزن جو شديد مقابلو ٿيو تان جو 22 نومبر سن 1915ع ۾ انگريز شڪست کائي پوئتي هٽيا ۽ هٽندي 3 ڊسمبر 1915ع تي (جنرل) ٽائون شيڊ ''ڪوت العماره'' پهچي ويو ۽ 3ڊسمبر سن 1915تي تُرڪَ فوجن تيز رفتاريءَ سان جنرل ٽائون شيڊ کي سندس فوجن سميت '' ڪوت العمارة '' ۾ محصور ڪري ورتو. (النورة الڪبريٰ جلد-2 ق-2 ص4_6 انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم جلد3 ص293_294 ) مدير
جنرل ٽائون شيڊ جي قوت ڪيئن ڪمزور ٿي ۽ هو ڪيئن محاصري ۾ آيو؟ اهو ڪم مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي، ڪراچي-سنڌ وارن رح (جن سر) انجام ڏنو هو. مولانا حسين احمد مدني رح لکيو آهي ته هر هفتي ڪراچيءَ-سنڌ مان هندستاني فوج جا سپاهي هٿيار ۽ راشن ويندو هو، جنهن جي ڪري جنرل ٽائون شيڊ عراق ۾ پيش قدمي ڪري رهيو هو.
مولانا محمد صادق ميمڻ، کڏي وارن رح، ڪراچي-سنڌ جي هدايت تي سردار نور الدين مينگل ۽ سندس قبيلي وارن انگريزن خلاف مسلح تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو. ائين بلوچستان ۽ لس ٻيلي ۾ گڙٻڙ جي ڪري اها فوجي امداد جيڪا بصري ويندي هئي ، سا سنڌ ۾ لاٿي وئي ۽ ائين هو فوج سميت '' ڪوت العمارة '' ۾ بند ٿي ويو. (نقش حيات ج 2 ص 197)مدير
مراد آباد جي مولوي افتخار فريدي مون (حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارن ) ٻڌايو ته هن سن 1951ع ۾ ڪراچيءَ ؛۾ اچي مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن، ڪراچي-سنڌ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ کيس ٻڌايو ته '' انگريزن وٽ هندوستان ۾ ايتري فوج ڪونه هئي _جيڪو عراق ۾ مدد به پهچي ۽ هندوستان ۾ اندروني گڙٻڙ کي به ڪنٽرول به سگهجي_ان لاء انگريزن هڪڙي ملٽري ٽرين تيار ڪئي هئي،جيڪا ڪڏهن ڪراچيءَ، حيدرآباد-سنڌ، ڪڏهن ملتان، ڪڏهن لاهور، ڪڏهن دهلي وغيره جي ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي هئي ته جيئن هي تاثر پيدا ٿئي ته انگريزن جي فوج سڄي هندوستان ۾ موجوده آهي.
هن صورتحال جي پيش نظر: مولانا شيخ الهند محمود حسن رح جن؛ مون (مولانا محمد صادق رح کڏي، ڪراچي-سنڌ ) کي هدايت ڪئي ته اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو؛ عراق ۾ ٽائون شيڊ کي مدد پهچڻ بند ٿي وڃي ۽ اسپيشل ٽرينن جي حقيقت پڌري ٿي وڃي.
ائين پاڻ (مجاهد سنڌ و الهند مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي –سنڌ)سندس معتقد سردار نور الدين مينگل کي حڪم ڪيو، جن شڪارپور-سنڌ تي حمله ڪرڻ لاء مسلح گڙٻڙ جو آغاز ڪيو.
انگريزن بدحواسيءَ جو ۾ سمجهيو ته سڄي بلوچستان ۾ هٿياربند تحريڪ اٿي کڙي ٿي آهي انهن خوفزده ٿي عراق ڏانهن ويندڙ مدد روڪي سڄي فوج سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مقابلي لاء موڪلي ڇڏي. ائين عراق ۾ ٽائون شيڊ کي مدد ملڻ بند ٿي وئي ۽ هو پسپا ٿي '' ڪوت العماره '' محاصري ۾ اچي ويو ۽ پوءِ شڪست کائي فوج سميت گرفتار ٿيو.
مولوي افتخار فريديءَ جي هن بيان جي (امام انقلاب ) مولانا عبيد الله سنڌي رح جي شاگرد علامة مولانا مجاهد عبد الله لغاري رح مرحوم جي بيان جي تائيد به ٿئي ٿي. مولوي (علامه مجاهد عبد الله لغاري رح) مزيد اهو به بيان ڪيو آهي ته مولانا (علامه مجاهد اعظم جرنيل سنڌ) محمد صادق کڏي وارا ڪراچي-سنڌ جي والد مولانا عبد الله ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ جي شاگرد مولوي خير محمد به ان وقت انگريزن خلاف هٿياربند تحريڪ شروع ڪئي هئي ۽ هن چهباز (ايراني بلوچستان جي بندر گاهه ) وٽ انگريزي فوج کي شڪست ڏيئي، محصور ڪري ورتو هو _ان لاء هندوستان مان فوجي مدد عراق پهچڻ شروع ٿي وئي هئي _
_ ۽ انگريزي فوج '' ڪوت العماره '' ۾ محصور ٿي ويئي هئي ۽ ترڪن ان کي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ بلوچستان جي بغاوت ختم ڪرڻ لاء انگريزن ڪوشش ورتي ۽ مولانا (مجاهد سنڌ ) محمد صادق ميمڻ کڏي وارن، ڪراچي-سنڌ، کي گرفتار ڪري پونا موڪلي ڇڏيو.
(امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ڪي سرگذشت ڪابل، ص-148_149) مدير صاحب
مسٽر شير محمد بلوچ (رٽارئرڊ سيڪريٽري اريگيشن سنڌ ۽ هوسٽ پاڪستان ) لکيو آهي ته سن 1914ع واري پهرين عالمي جنگ (مهاڀاري لڙائي ) ۾ انگريزن پنجاب جي ڪن فوجن پلٽن کي ترڪن جي مقابلي ۾ ميدان جنگ ۾ آندو ۽ اسان جا پنجابي ڀائر جي ان وقت فرنگي جي ڪن فوجي پلٽڻ کي ترڪن جي مقابلي ۾ ميدان جنگ ۾ آندو ۽ اسان جا پنجابي ڀائر جي ان وقت فرنگيءَ جي فوج ۾ 10 يا 15 رپيا پگهار کڻندا هئا، سي ڪعبي تي گولين برسائڻ (وسائڻ ) لاء به تيار ٿي ويا هيا (منهنجي خيال ۾ ته اهي مسلمان قادياني هئا ڇو ته ڪو به ويداني هندو ٻڌمت سک اهڙو ڪم نه ٿو ڪري سگهي- جوکيو شفيق احمد ) 1
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن ٻين فوجي پلٽڻن جهڙوڪ سک ۽ گورکن کي به عربستان ۾ وڙهڻ لاء چيو ليڪن انهن سڀني مسلمانن جي پاڪ جاين جو احترام ڪندي وڙهڻ کان انڪار ڪيو. ايتري قدر جو جڏهن ڪراچي بندر تي پنجابي سولجرن جا لاش پهتا ته مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ سپاهين جي جنازي نماز پڙهائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ۽ انگريز بهادر هن غريب کي ٽي سال جيل اماڻيو. (پاڻي منجهه پساهه ص 27-28) مدير
اهي مختلف اسباب هئا ۽ واقعا هڪڙو ئي آهي.
بهرحال ڪيترائي مهينا محصور رهي ڪري جنرل ٽائون شيڊ هٿيار ڦٽا ڪيا. اهو واقعو 29 اپريل 1916ع جو ٿيو هو.
نقش حيات ج 2 ص 197 ۽ النورة العربية الڪبريٰ ج 2 ق 2 ص 7 ) مدير
ٽائون شيڊ جا سترهن هزار فوجي هن گهيري ۾ قتل ٿي ويا هيا _ ۽ ٽائون شيڊ تيرنهن هزار فوجين سان گڏ گرفتار ٿيو هو.
پوءِ مينگل قبيلي جي ڪن غدارن جي مخبري تي مولانا محمد صادق کڏي وارن ڪراچي،سنڌ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪاروار (مهاراشٽرا جي شهر ۾ نظر بند ڪيو ويو_باقائده قانوني ثبوت ڪونه ملي سگهين، ان لاء بغاوت جو ڪيس ڪونه هلائي سگهيا.
اها نظر بندي ٽن سالن لاء هئي ۽ پهرين جنگ عظيم ختم ٿيڻ کان پوء مولانا محمد صادق کڏي وارن کي آزاد ڪيو ويو.
هي عجيب واقعو هو جنهن ڏينهن جنرل ٽائون شيد هٿيار وڌا هئا، انهيء ڏينهن مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي، سنڌ کي آزاد جو آرڊر جاري ٿيو هو يعني 29 اپريل 1916ع تي ٻئي واقعا گڏ ٿيا.هن پس منظر کي لکڻ لاء هيٺين ڪتابن کان مدد ورتي ويئي آهي.
1.سنڌ جو صادقآ_ ليکڪ حافظ محمد اسماعيل ميمڻ (هي مولانا محمد صادق ميمڻ رح کڏي وارن ڪراچي،سنڌ جي سنواح حيات لاء منهنجيون ياداشتون آهن جيڪي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان ۽ انشاء الله تعاليٰ سنڌ جو صادق سان شايع ڪيون وينديون ) مدير
2. پاڻِِيءَ منجهه پساهه _ليڪک شير محمد بلوچ (هي ڪتاب ڇپيل آهي)مدير
3. نقش حيات (اردو) ليکڪ مولانا حسين احمد مدني رح (ڇپيل ) لاهور
4. مولانا عبيد الله سنڌي ڪي سرگشته ڪابل (اردو) از مولانا عبدالله لغاري _ مرتبه ڊاڪٽر غلام مصطفي خان _مطبوعه قومي اداره برائي تحقيق و ثقافت اسلام آباد
5. النورة العربيه الڪبريٰ (عربي ) ليکڪ امين سعيد _مصر
6. انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم (اردو) ڇپيل لاهور
هي انهن دستاويزن جا فوٽو هتي ڇاپيون ٿا ۽ سنڌيء ۾ آرڊر شايد برابر پڙهڻ ۾ نه اچن ، ان لاء هتي نقل ڪريون ٿا. ڪن انگريزي آرڊرن جو مختصر ترجمون به ڪريون ٿا تان ته پڙهندڙ کي سهولت ٿئي
''جيئن ته بمبئي جي گورنر (ڪونسل ۾ ) جي خيال ۾ ائين اعتبار ڪرڻ لاء واجبي سبب آهن ته مولوي محمد صادق و لد عبد الله کڏو،ڪراچي _(يعني مجاهد سنڌ امام علامه مولانا محمد صادق ميمڻ بن مولانا عبد الله ميمڻ کڏي وارو، ڪراچي، سنڌ) ۽ انگريز سرڪار جي رعيت، برٽش انڊيا جي بچاءَ ۽ عام سلامتيءَ جي برخلاف هلت ڪئي.
تنهن ڪري هندوستان جي بچاءَ لاء جوڙيل ۽ گڏ ڪيل رولن جي رولز نمبر 3 موجب مليل اختيارين هيٺ بمبئي جي گورنر (ڪونسل ۾ ) حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق ولد عبد الله ڪئنيرا ضلع ڪاروار جي شهر جي ميونسپل حد اندر رهندو ۽ بمبئي سرڪار جي اجازت کانسواء هو نڪي سنڌ ۽ ڪڇ کان آيل ماڻهن سان ملاقاتي ٿيندو ۽ نڪي هندوستان جي انهن ڀاڱن يا افغانستان ، بلوچستان ۽ پرشيا ۾ رهندڙ ماڻهن سان خطن جي رستي احوال ڏيندو وٺندو.
۽ ائين وڌيڪ به حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق (ميمڻ کڏي وارو، ڪراچي،سنڌ) جنهن وقت هي حڪم ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ضلع ڪراچي (سنڌ) مٿيس تعميل ڪندو، ان کان وٺي مدت 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي (سنڌ) ڇڏيندو ۽ انهيءَ رستي کان جنهن رستي کان وڃڻ لاء کيس ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي(سنڌ) جو حڪم ڪندو ۽ ائين پڻ حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته انهيءَ مولوي محمد صادق رح زال ۽ سندس ڪٽنب جو ڪو ٻيو ڪوبه يا ڪي به ڀاتي جن کي ڪمشنر ممالڪ يا ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي (سنڌ) جو اجازت ڏيندو سي مولوي محمد صادق (کڏي وارو، ڪراچي،سنڌ) سان گڏ ڪاروار ۾ رهندا.''
اصل ته دستخط (يعني سگنيچر) بمبئي جي گورنر جي سيڪريٽري جا جاري ڪيل تاريخ 29 اپريل، 1916ع
هي اصل انگريزي آرڊر ۽ ان جو ترجمون سنڌيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي، سنڌ جي دستخط (سگنيچر) سان 6 مئي، سن 1916ع تي مولانا مرحوم (مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن، ڪراچي،سنڌ کي ڏنو ويو.
ان سان گڏ ٻه ٻيا حڪم ناما ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي(سنڌ) جي طرفان مليا.
'' نالي مولوي محمد صادق ولد عبد الله ويٺل کڏو، ڪراچي،سنڌ هن نوٽيس وسيلي اوهان کي سُڌِ ڏجي ٿي ته بموجب هندوستان جي بچاءَ لاءِ جوڙيل ۽ گڏيل رولن جي رول نمبر 3 هيٺ بمبئي جي گورنر جو جاري ڪيل حڪم جو اڄ اوهان تي 12 بجي منجهند جي روبرو تعميل ڪيو ويو ته اوهين ان حڪم جي تعميل ٿيڻ بعد مدت 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي ڇڏي ڪاروار وڃو ۽ انهيءَ رستي کان وڃو جنهن رستي کان وڃڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي،سنڌ جو اوهان کي حڪم ڏئي.
انگريزن خلاف انقلابي'' تحريڪ ريشمي رومال ''
۾ سنڌ جي حصي جو هڪ اهم واقعو
حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارو(سنڌي ( ڪراچي) سنڌ
ننڍي کنڊ تي جيئن ئي انگريزن پنهنجين سازشن ذريعي قبضو ڪيو، ان وقت ئي هتان جي غيرت مند عوام، انگريز کي هتان ڪڍڻ جي جدوجهد جوآغاز ڪري ڇڏيو هو.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انگريزن جي خلاف جيڪي به آزاديء جون تحريڪون هليون انهن جي منصوبه بندي ۽ قيادت علماء ڪئي ڪئي هئي. دار العلوم ديوبند (انڊيا) ۽ مدرسه مظهر العلوم، کڏو، ڪراچي-سنڌ ۽ ٻين ڪيترن ئي ئي مدرسن جو بنياد انگريز دشمن تحريڪن جي مرڪزن جي حيثيت سان وڌو ويو هو.
انهن تحريڪن مان هڪ تحريڪ مشهور ى'' ريشمي رومال '' جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هن تحريڪ جو بنياد '' دار العلوم ديوبند (انڊيا) جي استاد شيخ الهند محمود حسن رح جي حڪم سان سندن ٻن شاگردن، مولانا عبيد الله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق (ميمڻ کڏي وارن ) (ڪراچي وارن ) 1908ع ۾ وڌو هو.
اها هڪ حقيت آهي ته هن تحريڪ ۾ سنڌ جو وڏو حصو آهي بلڪ ائين چئجي ته عملا هن جي قيادت سنڌ ئي ڪئي هئي.
جنهن ۾ هڪ سنڌي عالم دين مولانا محمد صادق )ميمڻ کڏي وارن-ڪراچي،سنڌ )1
،هڪ پنجابي پر پاڻ کي سنڌي سڏائڻ تي فخر ڪرڻ عالم دين مولانا عبيد الله سنڌي ۽ هڪ پير طريقت (سنڌ جي آزاديء جو امام سيد ) تاج محمود امروٽي رح جن ائين چئجي ته هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي.
سنڌ ج گهڻا ئي عالم انهن جا ٻانهن ٻيلي هئا. هي هن تحريڪ سان ڳنڍيل هڪ اهم واقعي سان متعلق دستاويز ڇاپي رهيا آهيون، انهن دستاويز جو تعلق مولانا محمد صادق (ميمڻ رح کڏي وارن ڪراچيء-سنڌ ) سان آهي. سندن تاريخ وفات 6 شوال 1372هه آهي، ائين هن شماري ۾ موزون ٿيندو.
هنن دستاويزن جو هڪڙو ڇاپو
1-سبب ته هي آهي، هي هڪ سنڌي عالم جو وڏو ڪارنامي سان واسطو رکن ٿا ۽ هي هڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم واقعو آهي جنهن مان سنڌين کي اهو سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته سندن ماضي مجاهدنانه ڪارنامن سان ڀريل آهي_ همٿ ڪن ته وڏي طاقتن سان به ٽڪر وٺي سگهن ٿا.
2- هن مان سنڌين بلوچن جو باهمي تعلق به ظاهر ٿئي ٿو ۽ اڄ به سنڌي بلوچ گڏجي ظلمن جو مقابلو ڪري پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا.
3-سنڌ جي عالمن کي سوچڻ گهرجي ته ڪيئن انهن پاڻ قيادت ڪري هئي.جڏهن ته هاڻوڪي دور ۾ سنڌي عالم پنهنجيون واڳون ڌارين جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون آهن، جيڪي جهڙي پاليسي گُهرن ان تي سنڌي عالمن کي هلائيندا ٿا اچن ائين سنڌي عالمن نه رڳو پنهنجي سرزمين تي، پر ٻاهرين دنيا ۾ به پنهنجو تشخص ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڌاريا عالم سندن جدوجهد جو ثمرو پيا کائي. (گذريل شماري ۾ ڇاپيل هڪ دستاويز به اڳين سنڌي عالمن جي دنيا جي سامهون حيثيت جو هڪڙو واضح ثبوت آهي) مدير
4- ان مان هڪ اهو ثبوت به ملي ٿو ته هن صديءَ جي شروع ۾ به سنڌي زبان کي وڏي اهميت حاصل هئي. ان وقت سنڌ جي جدا حيثيت ڪانه هئي، بلڪه هو بمبئي صوبي جي ماتحت ڪميشنري هئي. تنهن هوندي به سنڌي زبان کي دفتري حيثيت حاصل هئي، جو سرڪاري آرڊر انگريزيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۾ به جاري ٿيندا هئا.
5-سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي هنن دستاويزن مان مواد هٿ ايندو هو. هتي هنن دستاويزن جو پس منظر انهن سان متعلق اهم واقعي جو ذڪر ڪريون ٿا.
مولانا عبيد الله سنڌي رح لکيو آهي ته سن 1327هه ۾ شيخ الهند (مولانا محمود حسن ) اسان کي دارالعلوم ديوبند ۾ گهرايو. ان جو اکين ڏٺو احوال احوال مولانا عبد الله لغاري رح (جيڪو مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو خاص شاگرد هو.) ان تفصيل سان بيان ڪيو آهي ته مولانا عبيد الله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق (ميمڻ کڏي وارن،ڪراچي- سنڌ) کي مولانا شيخ الهند محمود حسن رح ديوبند(انڊيا) گهرائي، کين انگريزن خلاف انقلاب جي باقائده تحريڪ هلائڻ لاء هدايت ڪئي. پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي رح ۽ مولانا محمد صادق ميمڻ، کڏي وارن، ڪراچي - سنڌ جن ''جمعيت الانصار'' جو بنياد وڌو _۽ پوءِ مراد آباد ۾ شوال سن 1328هه مطابق 16_17 اپريل سن 1911ع ۾ '' جمعيت الانصار '' جو باقائده اجلاس ٿيو.(ان جو مختصر احوال ڏسو مضمون '' مولانا محمد صادق ميمڻ رح، کڏي وارن، ڪراچي-سنڌ ڇپيل ماهوار الصادق جلد 3، شمارو 4_رجب 1407هه مئي سن 1981ع)''جمعيت الانصار جي تحت مشهور '' تحريڪ ريشمي رومال'' جو آغاز ڪيو ويو هو.
هن تحريڪ جي تحت اٺ مرڪز قائم ڪيا ويا هئا .1-ڪراچي،سنڌ.2-امروٽ،سنڌ.3-دين پور(رحيميارخان).4-لاهور.5-اتمانزئي. 6-ترنگزئي. 7-رانڌير. 8-پاڻي پت.۽ ٻيا مرڪز به ٻه مرڪز هئا، هڪڙو بنگال ۽ ٻيو شمالي ڪوهستان ۾ اوگي واري هنڌ تي قائم هو.
هن ۾1-ڪراچيءَ وارو مرڪز هيٺين علائقن تي مشتمل هو:
ڪراچي، لاڙ(سنڌ جو هيٺيون ڏکڻ واروعلائقو، لس ٻيلو، قلات ۽ ان جي آس پاس جو بلوچستانجو علائقو.
هن مرڪز جو سربراهه ۽ نگران (جنرل) مولانا محمد صادق ميمڻ، کڏي وارو،ڪراچي-سنڌ هو. انهيءَ وچ ۾ تفصيلي منصوبه تيار ٿيا. سن 1914ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي رح مولانا شيخ الهند رح جي حڪم تي افغانستان روانو ٿيو.
انهيءَ سال سن 1914ع ۾ پهرين جنگ عظيم (مها ڀاري لڙائي) شروع ٿي، جنهن ۾ جرمني ۽ ترڪي هڪڙي پاسي هئا، ته انهن جي مخالفت ۾ برطانيه ۽ روس هئا.( معلوم هجي ته ان وقت روس ۾ زار اليگزينڊر جي باڇاهي هئي ) جوکيو شفيق.
برطانيه (انگريزن ) ائين ڪيو ته ترڪي سلطنت جي ماتحت عرب ملڪن تي حملو ڪيو ۽ هندوستان جي فوج گڏ ڪري عراق تي حملو ڪيو ويو.
برطانيه جو پلان هو ته هندوستان فوج موڪلي پهرين بصره تي قبضو ڪيو وڃي جئين ايران مان ايندڙ تيل جي پائيپ لائين محفوظ رهي ۽ پوءِ بغداد ڏانهن پيش قدمي ڪئي وڃي.
سن 1915ع ۾ برطانيه جي فوجين جو نئون ڪمانڊر جنرل ٽائون شيڊ مقرر ٿيو، 27 سيپٽمبر 1915ع جومدائن جي ويجهو ترڪن ۽ انگريزن جو شديد مقابلو ٿيو تان جو 22 نومبر سن 1915ع ۾ انگريز شڪست کائي پوئتي هٽيا ۽ هٽندي 3 ڊسمبر 1915ع تي (جنرل) ٽائون شيڊ ''ڪوت العماره'' پهچي ويو ۽ 3ڊسمبر سن 1915تي تُرڪَ فوجن تيز رفتاريءَ سان جنرل ٽائون شيڊ کي سندس فوجن سميت '' ڪوت العمارة '' ۾ محصور ڪري ورتو. (النورة الڪبريٰ جلد-2 ق-2 ص4_6 انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم جلد3 ص293_294 ) مدير
جنرل ٽائون شيڊ جي قوت ڪيئن ڪمزور ٿي ۽ هو ڪيئن محاصري ۾ آيو؟ اهو ڪم مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي، ڪراچي-سنڌ وارن رح (جن سر) انجام ڏنو هو. مولانا حسين احمد مدني رح لکيو آهي ته هر هفتي ڪراچيءَ-سنڌ مان هندستاني فوج جا سپاهي هٿيار ۽ راشن ويندو هو، جنهن جي ڪري جنرل ٽائون شيڊ عراق ۾ پيش قدمي ڪري رهيو هو.
مولانا محمد صادق ميمڻ، کڏي وارن رح، ڪراچي-سنڌ جي هدايت تي سردار نور الدين مينگل ۽ سندس قبيلي وارن انگريزن خلاف مسلح تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو. ائين بلوچستان ۽ لس ٻيلي ۾ گڙٻڙ جي ڪري اها فوجي امداد جيڪا بصري ويندي هئي ، سا سنڌ ۾ لاٿي وئي ۽ ائين هو فوج سميت '' ڪوت العمارة '' ۾ بند ٿي ويو. (نقش حيات ج 2 ص 197)مدير پوسٽيڊ فب
مراد آباد جي مولوي افتخار فريدي مون (حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارن ) ٻڌايو ته هن سن 1951ع ۾ ڪراچيءَ ؛۾ اچي مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن، ڪراچي-سنڌ سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ کيس ٻڌايو ته '' انگريزن وٽ هندوستان ۾ ايتري فوج ڪونه هئي _جيڪو عراق ۾ مدد به پهچي ۽ هندوستان ۾ اندروني گڙٻڙ کي به ڪنٽرول به سگهجي_ان لاء انگريزن هڪڙي ملٽري ٽرين تيار ڪئي هئي،جيڪا ڪڏهن ڪراچيءَ، حيدرآباد-سنڌ، ڪڏهن ملتان، ڪڏهن لاهور، ڪڏهن دهلي وغيره جي ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي هئي ته جيئن هي تاثر پيدا ٿئي ته انگريزن جي فوج سڄي هندوستان ۾ موجوده آهي.
هن صورتحال جي پيش نظر مولانا شيخ الهند محمود حسن رح جن مون (مولانا محمد صادق رح کڏي، ڪراچي-سنڌ کي هدايت ڪئي ته اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جو عراق ۾ ٽائون شيڊ کي مدد پهچڻ بند ٿي وڃي ۽ اسپيشل ٽرينن جي حقيقت پڌري ٿي وڃي.
ائين پاڻ (مجاهد سنڌ و الهند مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي –سنڌ)سندس معتقد سردار نور الدين مينگل کي حڪم ڪيو، جن شڪارپور-سنڌ تي حمله ڪرڻ لاء مسلح گڙٻڙ جو آغاز ڪيو.
انگريزن بدحواسيءَ جو ۾ سمجهيو ته سڄي بلوچستان ۾ هٿياربند تحريڪ اٿي کڙي ٿي آهي انهن خوفزده ٿي عراق ڏانهن ويندڙ مدد روڪي سڄي فوج سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مقابلي لاء موڪلي ڇڏي. ائين عراق ۾ ٽائون شيڊ کي مدد ملڻ بند ٿي وئي ۽ هو پسپا ٿي '' ڪوت العماره '' محاصري ۾ اچي ويو ۽ پوءِ شڪست کائي فوج سميت گرفتار ٿيو.
مولوي افتخار فريديءَ جي هن بيان جي (امام انقلاب ) مولانا عبيد الله سنڌي رح جي شاگرد علامة مولانا مجاهد عبد الله لغاري رح مرحوم جي بيان جي تائيد به ٿئي ٿي. مولوي (علامه مجاهد عبد الله لغاري رح) مزيد اهو به بيان ڪيو آهي ته مولانا (علامه مجاهد اعظم جرنيل سنڌ) محمد صادق کڏي وارا ڪراچي-سنڌ جي والد مولانا عبد الله ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ جي شاگرد مولوي خير محمد به ان وقت انگريزن خلاف هٿياربند تحريڪ شروع ڪئي هئي ۽ هن چهباز (ايراني بلوچستان جي بندر گاهه ) وٽ انگريزي فوج کي شڪست ڏيئي، محصور ڪري ورتو هو_ان لاءِ هندوستان مان فوجي مدد عراق پهچڻ شروع ٿي وئي هئي _ ۽ انگريزي فوج '' ڪوت العماره ۾ محصور ٿي ويئي هئي ۽ ترڪن ان کي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ بلوچستان جي بغاوت ختم ڪرڻ لاء انگريزن ڪوشش ورتي ۽ مولانا (مجاهد سنڌ ) محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ،کي گرفتار ڪري پونا موڪلي ڇڏيو.
(امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ڪي سرگذشت ڪابل، ص-148_149) مدير صاحب
مسٽر شير محمد بلوچ (رٽارئرڊ سيڪريٽري اريگيشن سنڌ ۽ هوسٽ پاڪستان ) لکيو آهي ته:
سن 1914ع واري پهرين عالمي جنگ (مهاڀاري لڙائي ) ۾ انگريزن پنجاب جي ڪن فوجن پلٽن کي ترڪن جي مقابلي ۾ ميدان جنگ ۾ آندو ۽ اسان جا پنجابي ڀائر جي ان وقت فرنگي جي ڪن فوجي پلٽڻ کي ترڪن جي مقابلي ۾ ميدان جنگ ۾ آندو ۽ اسان جا پنجابي ڀائر جي ان وقت فرنگيءَ جي فوج ۾ 10 يا 15 رپيا پگهار کڻندا هئا، سي ڪعبي تي گولين برسائڻ (وسائڻ ) لاء به تيار ٿي ويا هيا (منهنجي خيال ۾ ته اهي مسلمان قادياني هئا ڇو ته ڪو به هندو سک اهڙو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو دليل مان بعد ۾ ڏيندس - جوکيو شفيق احمد )1
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن ٻين فوجي پلٽڻن جهڙوڪ سک ۽ گورکن کي به عربستان ۾ وڙهڻ لاء چيو ليڪن انهن سڀني مسلمانن جي پاڪ جاين جو احترام ڪندي وڙهڻ کان انڪار ڪيو. ايتري قدر جو جڏهن ڪراچي بندر تي پنجابي سولجرن جا لاش پهتا ته مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي-سنڌ سپاهين جي جنازي نماز پڙهائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو ۽ انگريز بهادر هن غريب کي ٽي سال جيل اماڻيو. (پاڻي منجهه پساهه ص 27-28) مدير
اهي مختلف اسباب هئا ۽ واقعا هڪڙو ئي آهي.
بهرحال ڪيترائي مهينا محصور رهي ڪري جنرل ٽائون شيڊ هٿيار ڦٽا ڪيا. اهو واقعو 29 اپريل 1916ع جو ٿيو هو.
(نقش حيات ج 2 ص 197 ۽ النورة العربية الڪبريٰ
پوءِ مينگل قبيلي جي ڪن غدارن جي مخبري تي مولانا محمد صادق کڏي وارن ڪراچي،سنڌ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪاروار (مهاراشٽرا جي شهر ۾ نظر بند ڪيو ويو_باقائده قانوني ثبوت ڪونه ملي سگهين، ان لاء بغاوت جو ڪيس ڪونه هلائي سگهيا.
اها نظر بندي ٽن سالن لاء هئي ۽ پهرين جنگ عظيم ختم ٿيڻ کان پوء مولانا محمد صادق کڏي وارن کي آزاد ڪيو ويو.
هي عجيب واقعو هو جنهن ڏينهن جنرل ٽائون شيد هٿيار وڌا هئا، انهيء ڏينهن مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن ڪراچي، سنڌ کي آزاد جو آرڊر جاري ٿيو هو يعني 29 اپريل 1916ع تي ٻئي واقعا گڏ ٿيا.هن پس منظر کي لکڻ لاء هيٺين ڪتابن کان مدد ورتي ويئي آهي.
1.سنڌ جو صادقآ_ ليکڪ حافظ محمد اسماعيل ميمڻ (هي مولانا محمد صادق ميمڻ رح کڏي وارن ڪراچي،سنڌ جي سنواح حيات لاء منهنجيون ياداشتون آهن جيڪي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان ۽ انشاء الله تعاليٰ سنڌ جو صادق سان شايع ڪيون وينديون ) مدير
2. پاڻِِيءَ منجهه پساهه _ليڪک شير محمد بلوچ (هي ڪتاب ڇپيل آهي)مدير
3. نقش حيات (اردو) ليکڪ مولانا حسين احمد مدني رح (ڇپيل ) لاهور
4. مولانا عبيد الله سنڌي ڪي سرگشته ڪابل (اردو) از مولانا عبدالله لغاري _ مرتبه ڊاڪٽر غلام مصطفي خان _مطبوعه قومي اداره برائي تحقيق و ثقافت اسلام آباد
5. النورة العربيه الڪبريٰ (عربي ) ليکڪ امين سعيد _مصر
6. انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم (اردو) ڇپيل لاهور
هي انهن دستاويزن جا فوٽو هتي ڇاپيون ٿا ۽ سنڌيء ۾ آرڊر شايد برابر پڙهڻ ۾ نه اچن ، ان لاء هتي نقل ڪريون ٿا. ڪن انگريزي آرڊرن جو مختصر ترجمون به ڪريون ٿا تان ته پڙهندڙ کي سهولت ٿئي.
''جيئن ته بمبئي جي گورنر (ڪونسل ۾ ) جي خيال ۾ ائين اعتبار ڪرڻ لاء واجبي سبب آهن ته مولوي محمد صادق و لد عبد الله کڏو،ڪراچي _(يعني مجاهد سنڌ امام علامه مولانا محمد صادق ميمڻ بن مولانا عبد الله ميمڻ کڏي وارو، ڪراچي، سنڌ) ۽ انگريز سرڪار جي رعيت، برٽش انڊيا جي بچاءَ ۽ عام سلامتيءَ جي برخلاف هلت ڪئي.
تنهن ڪري هندوستان جي بچاءَ لاء جوڙيل ۽ گڏ ڪيل رولن جي رولز نمبر 3 موجب مليل اختيارين هيٺ بمبئي جي گورنر (ڪونسل ۾ ) حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق ولد عبد الله ڪئنيرا ضلع ڪاروار جي شهر جي ميونسپل حد اندر رهندو ۽ بمبئي سرڪار جي اجازت کانسواء هو نڪي سنڌ ۽ ڪڇ کان آيل ماڻهن سان ملاقاتي ٿيندو ۽ نڪي هندوستان جي انهن ڀاڱن يا افغانستان ، بلوچستان ۽ پرشيا ۾ رهندڙ ماڻهن سان خطن جي رستي احوال ڏيندو وٺندو.
۽ ائين وڌيڪ به حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته اهو مولوي محمد صادق (ميمڻ کڏي وارو، ڪراچي،سنڌ) جنهن وقت هي حڪم ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ضلع ڪراچي (سنڌ) مٿيس تعميل ڪندو، ان کان وٺي مدت 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي (سنڌ) ڇڏيندو ۽ انهيءَ رستي کان جنهن رستي کان وڃڻ لاء کيس ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي(سنڌ) جو حڪم ڪندو ۽ ائين پڻ حڪم ڪرڻ فرمائين ٿا ته انهيءَ مولوي محمد صادق رح زال ۽ سندس ڪٽنب جو ڪو ٻيو ڪوبه يا ڪي به ڀاتي جن کي ڪمشنر ممالڪ يا ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي (سنڌ) جو اجازت ڏيندو سي مولوي محمد صادق (کڏي وارو، ڪراچي،سنڌ) سان گڏ ڪاروار ۾ رهندا.''
اصل ته دستخط (يعني سگنيچر) بمبئي جي گورنر جي سيڪريٽري جا جاري ڪيل تاريخ 29 اپريل، 1916ع
هي اصل انگريزي آرڊر ۽ ان جو ترجمون سنڌيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي، سنڌ جي دستخط (سگنيچر) سان 6 مئي، سن 1916ع تي مولانا مرحوم (مجاهد اعظم سنڌ امام مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن، ڪراچي،سنڌ کي ڏنو ويو.
ان سان گڏ ٻه ٻيا حڪم ناما ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي(سنڌ) جي طرفان مليا.
اسين اوهان کي حڪم ڏيون ٿا ته اوهين ڪراچيءَ کان سمنڊ جي رستي برٽش انڊيا اسٽيم نئويگيشن ڪمپنيءَ جي لامبا جهاز (يا ان جي بدران ٻيو ڪو جيڪو به جهاز ويندو هجي ) ۾ بمبئي وينداجو جهاز سڀاڻي منگل ڏينهن تاريخ 9 مئي، 1916ع جي ڪياماڙيءَ کان ڇٽندو. اوهان جي ڪٽنب جا ڀاتي يا ٻيا جن جي گذران جومدار اوهان تي آهي انهن مان ڪي به ٻه ڄڻان ٻن کان وڌيڪ نه جن کي اوهين پاڻ سان وٺي وڃڻ چاهيو ٿا اهي ۽ اوهين ڪياماڙي بندر تي مٿيئن ڏينهن 12 بجي منجهد جو حاضر رهندا. بمبئي کان اوهان ڪاروار يا گاڏي جي رستي ويندا جئين اوهان کي سنهنجائي ٿئي.
اوهان جي مسافريءَ جو خرچ جيڪوٿيندو سو اوهان سان گڏ هلندڙ سرڪاري عملدار ڪندو جيڪو وقت اوهين ڪراچيء سنڌ کان ٻاهر رهندو ان وقت لاء اوهان کي خود مع انهن کي جن جي گذران جو مدار اوهان تي آهي کاڌي پيتي لاء واجبي الائونس ڏيڻ ۾ ايندو. اوهان کي خبردار ٿو ڪجي ته جيڪڏهن اوهان اسانجي انهن حڪمن جي ڄاڻي واڻي انحرافي ڪندا ته اوهان تي مٿين رولن جي رول نمبر 5 هيٺ ڪئي ويندي جنهن موجب اوهان کي 3 سال قيد يا ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي.
دستخط ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪراچي، سنڌ
مورخه 8 مئي، 1916 ع
Madressah Mazhar ul uloom Khadda Karachi

Tuesday 14 June 2011

ملڪيت جي برابريءَ واري تقسيم ۽ ذاتي مليڪت: تعليماتِ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد


ملڪيت جي برابريءَ واري تقسيم ۽ ذاتي مليڪت ۽ امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح

جوکيو شفيق احمد

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رح جن پنهنجي استاد، امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي تعليمات جي روشنيء ۾ هڪ ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت، حڪيم الهند امام شاهه ولي الله جي نظر ۾ لکندي؛ اسلامي فڪر مطابق ملڪيت جي برابري واري تقسيم ۽ (حڪيم الهند ) شاهه ولي الله رح جو فلسفو؛ مطابق هينئن ٿا بيان ڪن ته، هتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته: هن دور ۾ به هر معاشي نظام سسٽم جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن فلسفي تي رکيل هوندو آهي ته ڇا (حڪيم الهند ) شاهه ولي الله به پنهنجي تاليفات (جوڙيل ڪتابن) ۾ عدل انصاف واري دولت جي تقسيم مساوات واري نظام سسٽم تي زور ڏيندي ان نظام سسٽم لاء ڪو فلسفو پيش ڪري ٿو يا نه ؟

ان جو جواب هي آهي ته: بيشڪ ( حڪيم الهند) شاهه ولي الله صاحب جن هڪ جامع فلسفو به پيش ڪيو آهي.اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي فلسفي وانگر جڙتو نه آهي؛ بلڪه ( حڪيم الهند) شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي جو بنياد اسلام جي حڪمت ۽ ان جي روح تي رکيل آهي.

شاهه صاحب جي نظر ۾ سڀ کان اول انسان لاء معاشي خوشحال هجڻ ضروري آهي. جڏهن انسان کي ذهني سڪون ملندو آهي، تڏهن اهو مذهب ۽ اخلاق جو ڳولائو ٿيندو آهي. جنهن جو اصول سبب ڪارڻ هي آهي ته جيستائين ماڻهو انسانيت واري پهرين درجي کي طئي نه ٿو ڪري، ان وقت تائين ٻين حيوانن کان ممتاز (الڳ )ٿي انسانيت Humanجي مٿاهين درجي تي پهچي نه ٿو سگهي. شريعت ۽ اخلاق جي ذميداري انسانن تي ئي هوندي آهي، حيوانن تي نه!

حڪيم الهند امام شاهه ولي الله ۽ ڪارل مارڪس جي نظرين ۾ بنيادي فرق:

ان مان هيئن به نه سمجهڻ گهرجي ته اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي مادي فلسفي سان مشابهت رکي ٿو،

ڇاڪاڻ ته ڪارل مارڪس به اخلاقي اصولن ۽ حڪمن کي معاشي ضرورتن جي تابع قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته جڏهن اخلاقي اصولن ۽ معاشي گهرجن جو پاڻ ۾ ٽڪر هوندو آهي، تڏهن اخلاق ۽ مذهب کي پنهنجي شڪست مڃي معاشيات جو غلبو مڃڻو پوندوآهي.

اصل حقيقت هيءَ آهي، ته معاشيات جي باري ۾ شاهه صاحب جن جي ٻڌايل اصول جو بنياد؛

قرآن شريف جي حڪمت ڀري تعليم ۽ ان جي عملي شڪل پيغمبر عليه الصلواة والسلام جن جي سنة تي آهي، ان ڪري ولي اللٰهي فلسفي ۾ معاشي ضرورتن ۽ مذهب ۽ اخلاق ۾ ٽڪراءُ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. شاهه صاحب جن اسلام جو مطلب ٻن لفظن اقتراب ۽ ارتفاق سان بيان ڪيو آهي، خدا پرستي ۽ انسان دوستي کي انسانيت جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان دوستيءَ جو صحيح مطلب، مال ۽ دولت جي برابريءَ واري تقسيم آهي ته جيئن ائين نه ٿئي جو معاشري ۾ هڪ ته وڏو سرمائيدار بنجي وڃي ۽ ٻئي کي کائڻ لاء مانِي ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙو به نه ملي سگهي.

فاشٽ نظام سسٽم :

فاشٽ نظام ۾ سمورو زور هڪ فرد جي انفراد ( انفرادي) ، صلاحيت ۽ ذاتي ملڪيت تي ڏنو ويو آهي، ان سان اجتماعي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ معاشي فلاح ۽ خوشحالي جو اچڻ ناممڪن کڻي نه هجي، ته مشڪل ضرور آهي. اهوئي سبب ڪارڻ آهي جو شاهه صاحب رح فرد جي ڀيٽ ۾ اجتماعيت زور تي ڏنو آهي. حڪيم الهند شاهه ولي اللهه صاحب جي فلسفي ۾ سڄي ڪائنات حقيقت ۾ هڪ وحدت (هيڪڙائي) آهي، جنهن جو نالو ان جي فلسفي ۾ شخص اڪبر آهي.

شخص اڪبر

طبيعت الڪل

نفس الڪل

هيگل ۽ روح عالم

هنن مٿين چئني عنوانن جي تشريح يا صراحت وضاحت ڪرڻ منهنجو مقصود مطلوب ناهي. جي ڪڏهن واندڪائي جي مهل هوندي ته هنن تي لکندس. پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي انهن عنوانن جو مطالعو ڪرڻو آهي ته هيٺ ڄاڻايل ڪتاب مطالعو ڪري سگهي ٿو.

تنهنڪري وري مان ساڳي عنوان تي واپس اچي لکي رهيو آهي ته :

ذاتي مليڪت :

سرمائيدارن جي مدد يا طرفداري نه رڳو پيسي وارا سرمائيدار ڪندا رهندا آهن. پر سرمائيدارن جوهڪ قسم يعني علمي سرمائيدار به ڪندا آهن. انهن جو ڪم هوندو آهي ته دولت مند سرمائيدارن جي بيحيّائِي وارين حرڪتن ۽ دولت کي گڏ ڪرڻ جي طريقن کي جائز ڪري ڏيڻ ۾ شريعت جي آڙ وٺندا آهن. حالانڪ اسلامي شريعت جو روح، سرمائيداريء نظام سسٽم خلاف آهي. قرآن حڪيم جي رَاءِ مطابق فرد هجي يا ڪا جماعت هجي دنيا جي ڪنهن به شيءِ جا اهي ذاتي مالڪ نٿا ٿي سگهن. هر شيءِ جو اصلي مالڪ ته رڳو الله تعالي ئي آهي، جنهن ان شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. انسانن نائبن ( نيابت نائب نواب خليفه) وارا فرائض انجام ڏئي ٿو ۽ ان ۾ هر هڪ شيءِ معاشري (Society) جي ملڪيت ۾ داخل آهي. جئن ته سورة البقرة جي آية ''هو الذي خلق لڪم ما في الارض جمعاَ'' جو تفسير ڪندي ولي اللٰهي سلسلي جي هڪ مشهور شخصيت شيخ الهند علامه مولانا محمود حسن رح جن لکيو آهي ته '' جهان جو سڀ شيون الله تعالي جي حڪم ''خلق لڪم ما في الارض جميعاَ:''مطابق سڀني انسانن جي ملڪيت معلوم ٿين ٿيون. يعني سڀني شين جي پيدا ڪرڻ مان الله تعالي جو ارادو انسانن جي مختلف حاجتن کي پورو ڪرڻ آهي ۽ ڪا به شيء ذاتي طرح ڪنهن جي ملڪيت نه آهي، هر شيء اصل پيدائش ۾ سڀني جي گڏيل آهي ۽ ڪنهن طرح سان ته سڀني جي ملڪيت آهي، پر جهڳڙي کي ٽارڻ خاطر ۽ نفعي کي حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن هڪ جو قبضو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جيسين ڪنهن به شيء تي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو قبضو باقي آهي، ان وقت تائين ڪوبه ان ۾ هٿ چراند نٿو ڪري سگهي. هائو پر مالڪ کي پاڻمرادو هيئن ڪرڻ گهرجي جو ضرورت کان وڌيڪ تي قبضو ڄمائي نه ويهي پر ٻين کي ڏئي ڇڏي، ڇو ته ٻين جا حق به ته اصولي طرح هن سان واسطو رکن ٿا. اهوئي مطلب آهي جو گهڻي مليڪت ضرورتن کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ سٺو ڪم نه ڳڻيو ويو آهي، جيتوڻيڪه زڪواة به ادا ڪئي وڃي ۽ انبياء سڳورا ۽ اولياء ڪرام شاهوڪاريءَ کان پاسيرا پئي رهيا آهن، حديثين مان اها ڳالهه چٽي سمجهه ۾ اچي ٿي، بلڪه ڪن صحابن سڳورن ۽ تابعين وغيره ضرورت کان وڌيڪ مال پاڻ وٽ رکڻ کي حرام چيو آهي.

جاري آهي.

بحواله: سماجي انصاف ۽ اجتماعيت شاهه ولي الله جي نظر ۾

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رح

مترجمه علامه محمد قاسم سومرو،

ساگر پبلشنگ هائوس،

ڪراڄي، سنڌ

يا

سماجي انصاف اور اجتماعيت شاهه ولي الله ڪي نظر مين

تاليف:

علامه الدهر علم النقل و العقل

غلام مصطفيٰ قاسمي السندي رح

شاگرد رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌي

ناشر: شاهه ولي الله اڪيڊمي،

حيدرآباد صدر

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڪراچي

http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book32/Book_page1.html

http://ubaidullah-sindhi.co.tv/

Sunday 12 June 2011

گيان، وِگيان جي ڀونءِ ٿر من موهن گياني

Taken from Daily Awami Awaz Newspaper (Sindhi)

گيان، وِگيان جي ڀونءِ ٿر

من موهن گياني

پهرين قسط

ريگستاني راڄ جي، ڳالهه ڪريان ڪيهي،

ڪن پچارون پاڻ ۾، سي واري تي ويهي،

ته ”ايندي ماروئين مارئي، شل پکن ۾ پيهي“

اڪنڊ مون ميلاپ جي، آهي جهانگين کي جيهي

منهن جي تن تيهي، آهي سڪ سنگهارن جي (سچل)

ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڪنهن ڀوميءَ کي وارو ملندو آهي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو هو ته راولپنڊيءَ جي مرگلا جهڙين بنجر پهاڙين تي به دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٺهندو؟ پر جيئن اسلام آباد انهن پهاڙين جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي تيئن ”ٿر“ ڪنهن زماني ۾ قدرتي نظارن سان مالا مال هوندو هو، جڏهن هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون، پارينگر، ڪيرٽي ۽ نوهٽو جهڙا بندرگاهه هوندا هئا. پر درياهه جي رخ بدلائڻ ڪري ٿر هڪ ريگستان جي صورت اختيار ڪئي ۽ غلط اکر جيان دنيا وارن جي حافظي جي سليٽ تان ميسارجي ويو! پر ڌرتيءَ ان کي پنهنجي پيٽ، تخم وانگر پالڻ شروع ڪيو ۽ صدين تائين هن جي ٻار وانگر پرورش ڪئي. اڄ وري ٿر دنيا جي نظرن ۾ اهميت حاصل ڪئي آهي. جڏهن ”پٽاڻي اولاد“ وانگر ڪارو سونو (Back Gold) يعني ڪوئلو ان جي ڪک مان ڄائو آهي. جنهن جو ڪاٿو ماهرن موجب پاڪستان ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي 90 سيڪڙو جي برابر چيو وڃي ٿو. اهو خزانو ٿر جي اڃايل ريتيءَ جي پيٽ ۾ سمايل هو. حالانڪه هن کان اڳ ٿر جي ڌرتي کي هڪ ”پٽ“ گرينائيٽ جي صورت ۾ ۽ هڪ ”ڌيءَ“ چيني مٽي (China clay) جي صورت ۾ قدرت اڳ ۾ ئي عطا ڪيا آهن. پر انهن جي اهميت تڏهن ٿي جڏهن ڪوئلي ملڻ جو پتو پيو ۽ ٻاهر ملڪن جي ماهرن جو خيال آهي ته هتي ٻين معدنيات جا به ذخيرا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته سون، موتي، تيل ۽ گئس به هتان لڀي پون. ٿر ۾ هر ڪنهن ڳالهه جي لاءِ پنهنجو منفرد انداز آهي جيڪڏهن ٿر تي لکجي ته گمنام سڄاڻ ماڻهن جو ذڪر به ضرور ڪرڻ گهرجي جيئن لطف به اچي. ٿري لوڪ ڪاغذ تي لکڻ پڙهڻ جي متعلق هڪ ڳجهارت جي نموني دوهو چوندا آهن.

”هر هر ڀونءِ پاتڙي، هاريءَ چتر سڃاڻ،

هٿن واهي ٻاجهريءَ، نين ڪڍان ليڏا(هر معنيٰ قلم، ڀون پاتڙي= ڪاغذ، هاري= لکندڙ، هٿن وهائي ٻاجهري= هٿن سان لکبو آهي، نين ڪڍان ليڏاڻ= اکين سان پڙهبو آهي) ڀڃڻي: قلم سان ڪاغذ تي لکندڙ هٿن سان لکيو آهي ۽ پڙهڻ وارن اکين سان پڙهيو آهي.

تواريخ ۽ جاگرافي سڳين ڀينرن مثل آهن، ڪنهن به هنڌ جي تواريخ سمجهڻ لاءِ جاگرافي جي ڄاڻ ضروري آهي. هر ڪنهن ماڳ جي، رهائش، ذاتيون، سڀا، قدبت، تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ ويچار مختلف هوندا آهن. انهن جو اثر به الڳ الڳ پوي ٿو. انهيءَ لاءِ اسين ٿر ڏانهن اسهڻ کان اڳ، هن جي متعلق مختلف ماڻهن جا رايا ۽ ٿر جي متعلق محققن جي تحقيق ۽ ڄاڻ مان لاڀ حاصل ڪندا هلون ته اڳتي هلي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ سير جو لطف به ڪجهه وڌيڪ ايندو.

ٿر جي اڳوڻي سڄاڻ ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر منگيءَ مٺيءَ ۾ ”ٿر سيمينار 1992ع“ جي موقعي تي چيو هو: ”ٿر سنڌ صوبي جو پٺتي پيل علائقو آهي، هتان جي ماڻهن ۾ وڏيون خوبيون آهن، هو بهادر، ايماندار، قناعت پسند، محب وطن ۽ مهمان نواز آهن. ٿر ۾ وسڪارو ٿيو ته اهو سال ٿر واسين لاءِ سڀاڳو چئبو پر جيڪڏهن نه ته پوءِ ڏاڍي ڏکن ۽ سورن واري زندگي گذارين، پر ڪڏهن به همٿ نه هارين“. ٿر معدني دولت سان مالا مال آهي، تاريخي لحاظ کان به ان کي وڏي اهميت حاصل آهي. هتان جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ قديم آثار پنهنجي بي زبانيءَ سان محققن کي لکڻ جي دعوت ڏيئي رهيا آهن.

محبوب علي چنا صاحب ساڻيهه ۾ لکيو ته سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ واري عجيب و غريب خطي ”ٿر“ جي هن نموني جي تشريح ڪئي آهي: ”قدرت جي هٿ وڏي هندي رڻ پٽ حدون چٽن اهڃاڻن ۾ چٽيون آهن ۽ اسان کي فقط حدبندي ڪرڻي آهي. پوري سمجهڻ لاءِ اسان ”مرو سٿلي“ لفظ جي ترتيب ڪرڻ چاهيون ٿا جو زوردار نموني ۾ هن ”موت جي خطي“ لاءِ موزون وجيه تسميه آهي. هي لفظ ٻن سنسڪرتي لفظن جوڙڻ سان ٺهيو آهي. مري= مرڻ ۽ سٿالي= خشڪ ۽ بي برگ و گياه زمين. مڪاني کريل اچارن جي ڪري سٿالي مان ”ٿل“ ٿيو، جو يوناني لفظ (Oasis) نخلستان جي مترادف آهي. پوکيل ٽڪرا واريءَ جي دڙن جي مقابلي ۾ تعداد خواهه ججهائي ۾ ”ڪين“ پر برابر آهن. جو مان هن قديم رومن تشبيه (آفريڪا ۽ نخلستان چيتي جي قسم پلنگ جي نوار جي پٽن وانگر آهن) جي بدران ائين چوندس ته هندي وڏي رڻ پٽ جي شڪل چيتي جي کل جي پٽن وانگر آهي، جنهن جا ڊگها ڪارا پٽا واريءَ جي وڏن ۽ ويڪرن پٽن وانگر ڏيکائي ڏين ٿا ۽ گهٽ واريءَ واري ميدانن تي چڙهيل ويٺا آهن، انهن جي سطح تي ڪيترا ٿوري آبادي وارا ڳوٺ، وانڍ پکڙيل آهن. هن جي اولهين سرحد جي تشبيح جي ساڳي طرح شروع ڪئي ويئي آهي، ڪوبه انگريز سياح سنڌ جي ماٿريءَ ۾ قدم رکندو ته هن کي لبيا جي رڻ پٽ تي نيپولين بوٽا پارٽ جا چيل هي لفظ ياد ايندا ته: ”سمنڊ سان قريب ۽ قريب، رڻ پٽ مشابهت ڪري سگهي ٿو ته ”ڪنارا ڄڻ نيل جي ماٿري آهن“ محبوب علي چنا اڳتي لکي ٿو ته نيل جي ندي ”سنڌو“ ۾ جيڪڏهن حيدرآباد کان اچ طرف اوڀاري مسافري ڪبي ته نظر جي حد اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن سان گهيرجي ويندي، جيڪي نديءَ جي سطح کان ٻه سئو فٽ کن مٿي ڪر کنيون بيٺيون آهن. انسان کي ڌيان ڌرڻ تي مجبور ڪنديون ته هي جيڪا خلا هن سر سبز ماٿري جي شڪل ۾ نموندار ٿئي ٿي سا ضرور ڪوه قاف جي وهندڙ برف جي ڇپن مان ڳري نڪتي هوندي. هن جي گڏيل پاڻي ”مروسٿالي“ جي تسلسل ۾ رخنو وڌو آهي نه ته رڻ ارٿڪو شيا (Arachosia) جي بيابانن سان وڃي ڳنڍجي ها. (هي بيابان ايران جي اتر اوڀر ۽ افغانستان جي اتر طرف روس ۾ واقع آهن).

”شري رائچند هريجن“ پنهنجي تصنيف ”تاريخ ريگستان“ ۾ لکي ٿو ته ”ٿر“ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي ڪو درياهه نه هجي) انهي سٿ لفظ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“ يعني خشڪ، زمين (ضد جي معنيٰ پاڻي) ۽ ٿل جو اچار ڦري ٿيو ”ٿر“.

نيپولين بوٽا پارٽ اهڙي ڌرتيءَ کي ”ريتي جو سمنڊ“ سڏيو آهي، ساڳي ريت مسٽر پيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به پنهنجن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي: ٿر جا ماڻهو هيٺئين نموني سان تشريح ٿا ڏين (1) ٿر کي ريگستان به چون. ريگ= واري، آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ، (2) هن ڀاڳي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ يا ”ٿڙهي“ چوندا آهن، جنهن مان ٿيو ”ٿر“ (3) کير جي ملائي (Cream) کي به ٿر چوندا آهن. هڪ ته ريتي اڇي جهڙي کير، ٻيو ته جڏهن هتان هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون ته سڄي سنڌ جي دل (Cream) مٿاهون علائقو هو تنهن کي ”ٿر“ سڏيندا هئا. انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته اٺين صدي عيسوي ڌاري ٿر مان وهندڙ هڪڙو درياهه، اتر کان ڏکڻ طرف وهي ڪڇ جي ويجهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هن درياهه جي ڪري ٿر وارو علائقو تمام سر سبز ۽ شاداب هو. پر شايد چوڏهين صدي عيسوي ڌاري زبردست ٻوڏ جي ڪري پنجاب ۾ ندين ۽ نئين جي ڦير گهير ۽ سنڌو درياهه جي اولهه طرف رخ ڦيرائڻ ڪري هڪڙو درياهه ٻن دٻن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ لڳ ڀڳ 1790ع ڌاري بنهه سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ ماڻهن توڙي مال جي زندگي جو دارومدار برسات تي ٿي پيو ۽ اها چوڻي وجود ۾ آئي ته: ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“.

ماڻهن جن ٿر نه ڏٺو آهي انهن جي ذهنن ۾ ٿر لاءِ مختلف ۽ عجيب خيالات، جذبات ۽ احساسات آهن، ڪي سمجهن ٿا ته ٿر صفا هڪ ريگستان آهي جتي وڻ ٽڻ، پاڻي، واهه، ڪجهه به نه آهي، ميلن جا ميل سفيد ريت ئي ريت آهي. پر سرڳواسي رائچند هريجن جي لکيل ”تاريخ ريگستان“ جنهن لاءِ هن صاحب محدود وسائل هوندي به جفاڪشي محنت ڪئي، ڏک ڏٺا ۽ ٽائيم ڏنو سو لک لهڻي، ٿرين تي هن ٿورا ڪيا.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

ڀلائي ڀير ڳڻي ڳڻيا ڪيترا؟ (شاهه)

هن جنهن نموني ٿر تي جامع ۽ هر هڪ ڳالهه جي وضاحت مشاهدي جي بنياد تي ڪئي سا هميشه سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. انهيءَ جي لاءِ غلام محمد گرامي صاحب مهاڳ ۾لکيو آهي ته ”ڪيئن صديون اڳي ٿر آباد ۽ شاداب هو، هاڪڙي ۽ مهراڻ جي واري جي دامن ۾ سوين ڀريل ۽ ڀڪليل شهر هئا. بندر ۽ بازاريون هيون، وڻج ۽ واپار جا مرڪز هئا. ماڻهو سکيا ستابا هئا. هرڪو مڇي ماني وارو هو (اڄ ڪلهه راٻڙيو/ دال روٽي وارو آهي، ڇاڪاڻ جو مڇيءَ جي جڳهه، جهڻ (لسيءَ) ورتي آهي)زندگي پنهنجي حسن ۽ جمال سان جلوه گر هئي. اديبن، عالمن، سگهڙن ۽ شاعرن ڀٽن ۽ ڀانن جي سونهري ٻولن ۽ روپ ورنن قولن سان هن خطي جو هر هڪ حصو بهڪي رهيو هو. اوج ۽ عروج واري زماني ۾ هن زمين تي رومانوي داستانن، سورهيائي ۽ حب وطني جي عظيم ڪهاڻين جنم ورتو، مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياج، ڍولامارو، عمر مارئي، ليلا چنيسر، سڏونت ۽ سارنگا، مهر راڻيءَ ۽ راءِ لاکي، دودي ۽ علاوالدين جي تاريخ ۽ نيم تاريخي قصن جي پيدائش جي هن سر زمين سان وابسته آهي هن کي سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن توڙي ساڃاهه ۽ سرت وارن شاعرن ۽ سگهڙ دل کولي ڳائي وڃائي سنڌي ادب ۾ لافاني حيثيت بخشي ڇڏي آهي ۽ اهي سمورا قصا سنڌي ادب لاءِ هڪ آدرشي ۽ مثالي علامت بنجي چڪا آهن.

هي اهوئي ٿر آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير سنڌ جي سرتاج شاعر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“ ڪيو هو ۽ اتي جي جهانگين، سانگين، ماروئن ۽ پنهوارن جي زندگي جي ترجماني ۽ عڪاسي پنهنجي بيتن ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور انداز ۾ ڪئي آهي، خاص ڪري ”سرمارئي“ ٿر جي حسين زندگي جو اهو عڪس آهي جنهن جي مثال عالمي ادب ۾ به مشڪل سان ملي سگهندو.

دخل در محڪولات لاءِ معذرت، شاهه صاحب جي ذڪر تي موزون هڪ دوست جا خيال ذهن تي تري آيا آهن، اهي بيان ڪجن ٿا. ”الله تعاليٰ انسان کي ڪنول ٿيڻ جو گر به ڏسيو آهي ۽ کيس مذهب جي ٻيڙي به ڏني آهي، نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم جن انسان کي مذهب ۽ شريعت جي ٻيڙي ڏني ۽ فرمايو آهي ته ”منهنجي امت مان ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا جن مان خوشبوءِ ايندي رهندي ۽ هو دنيا بدبودار ٿيڻ نه ڏيندا“. دوست چوي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو.

ها! گوسوامي صاحب سلسلو جاري رکندي لکن ٿا ته: ”هي اهائي ٿر جي سرزمين آهي جنهن جي برادري ۽ برابري اخوت ۽ انساني محبت، غيرت ۽ شجاعت، حب الوطني ۽ مريادا جا جوهر پيدا ٿيا. هي اهائي سرزمين آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخي واقعن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اڃا به ائين چوڻ جڳائي ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ لوڪ ادب جو پورو اڌ حصو هن ئي خطي جي پيداوار آهي ته وڌا نه ٿيندو، ڊاڪٽر شاهه نواز سوڍر جا ٿر جي باري ۾ تاثرات آهن ته: ”ٿر ۾ جڏهن وسوگ نه ٿيندو آهي، ته ان وقت پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ ويچارا انسان پريشان حال نظر ايندا آهن. وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا لوساٽجي ۽ ڪومائجي ويندا آهن، خشڪ ۽ بي رحم موسم جي لپيٽ ۾ هر زندگي لاچار ۽ مجبور ٿي پوندي آهي. ڍور ڍڳا ۽ ٻيا جانور هلندي هلندي ڪريو مريو پوندا آهن، پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري سوين ميلن ۾ وڇايل واريءَ جي ڀٽون باهه جا الا اڇلائڻ لڳنديون آهن. لڳندو آهي ته هن علائقي ۾ بي رحم فطرت زندگي جي خاتمي جو پڪو ارادو ڪيو ٿو ڏسجي. پر ان جي باوجود ٿري ماڻهو خالق ڪائنات جي رحمت مان مايوس ڪونه ٿيندو آهي. هو مرڻ گهڙي تائين رب جي ٻاجهه ۾ اميد رکيو ايندو آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻ ۾ جيڪو ٿري ماڻهو کي ڪرب محسوس ٿيندو آهي، اهڙي مرڻ ۾ کيس ڏکيائي ڪانه محسوس ٿيندي آهي. هزارن سالن جي تجربي ۾ ٿر جي ماڻهو ڏٺو آهي ته جڏهن چئني طرفن کان موت جو راڪاس رڙيون ڪندي زندگي کي هڙپ ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته اهڙي وقت ۾ ٿر جو ٻاٻيهو (پکي) اچي پرگهٽ ٿيندو آهي، لٽ لائي ڏيندو ڄڻ قدرت جي ستل رحمت کي جاڳائيندو هجي، ڄڻ انساني زندگي جي عيوض موسم جي بکايل راڪاس کي پنهنجي زندگيءَ جو ٻليدان آڇيندو هجي! حالانڪه پکي آهي موسم جي خشڪي کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٻئي طرف اڏامي هليو وڃي ته وڃي به سگهي ٿو، پر ٿر جي ماڻهو ۽ هن پکي ۾ شايد اهائي هڪجهڙائي آهي جو ٻئي موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر پنهنجو وطن نه ڇڏيندا آهن“.

هي اهوئي ٿر آهي جي وٺل هجي ته جنهن ۾ سفر ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب فرمايو ته: ”آءٌ پاڻ کي ٻي دنيا ۾ يا بئراج واري علائقي ۾ يا اسلام آباد کان ايبٽ آباد ڏانهن ويندي محسوس ڪندو آهيان“ سو جيڪڏهن ڪو ائين سمجهندو ته صحيح نموني سان لطف وٺي سگهندو:

جي پوي بارش، ته بس ڪشمير تون،

رشڪ جنت ارم جي تصوير تون،

تنهنجي واري سون ۽ اڪثير تون

ٻئي قسط

پهرئين قسط ۾ اوهان ڪجهه ٿر متعلق پڙهيو اهو سلسلو هلندو رهندو، هاڻي ٿرپارڪر جي ٻئي حصي پارڪر متعلق ڪجهه ڄاڻ وٺڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي:

”ڍٽ ڍري پٽ پيئون، پاسي پارڪر،

سڀئي ڀريا سر، پلرجي پالوٽ سين“ (شاهه)

پارڪر، ٿر کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي ۽ هيءُ خطو هر ڳالهه ۾ ٿر کان نرالو آهي. پارڪر ۽ ڪڇ جي وچ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. جيڪو هن وقت سڪل آهي، برسات جو پاڻي يا عربي سمنڊ مان وڏي وير جو پاڻي ايندو آهي. پر ڪنهن زماني ۾ رڻ عربي سمنڊ جي چاڙهه هوندو هو، جنهن کي ”کاريءَ“ چوندا هئا. ڪڇ سان آمدرفت لاءِ کاريءَ پار ڪرڻي پوندي هئي تنهن ڪري چوندا هئا ”پار اڪر“ ۽ آهستي آهستي ٿيو ”پارڪر“ جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪتاب پارڪر ۾ به ساڳئي نموني ڄاڻايو آهي. ٻيو سبب ته، ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر نالي ٽڪري آهي، يعني پاهڻ يا پٿر جو ملڪ پارڪر معنيٰ پٿر يا پهڻ جو ملڪ، انهي ڪري نالو پيو ”پارڪر“. ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان اولهندي 80 ڪوه، اتر ڏکڻ 37ڪوه، ڊيگهه 150 ميل ويڪر، ڀڃ کان ٻلهياري 80 ميل، پکيڙ ڏهه هزار چورس ميل آهي.

ٿر ۽ پارڪر ٻنهي کي ملائي 1834ع ڌاري تعلقو ٺاهيو ويو، پر اهو ڪڇ رياست جي عملداري هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ رکيو ويو. 1906ع ۾ ان جو هيڊ ڪواٽر ميرپور خاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ ٿر نالي ضلعو ڪري ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت انهن جو پراڻو نالو ”ٿرپارڪر“ ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدود ۾ صرف چار ريگستاني تعلقا آهن. مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو، اوهان کي تعجب ٿيندو ته ڇاڇرو تعلقو پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو آهي. ٿر جون ڪئي منفرد ڳالهيون اڳتي هلي ڇرڪائينديون، پر انهن کي ڪڏهن به ڪنهن سطح تي اجاگر نه ڪيو ويو آهي.

ٿرپارڪر ضلعو ڪل 8500 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي، 1995ع ڌاري آبادي 9 لکن تي هئي ڇاڪاڻ جو آدمشماري 1981ع کان آباديءَ جو ڪاٿو، واڌ جي شرح جي حساب سان ئي لڳايو پيو وڃي. آبادي جو انگ اکر 1884ع جي ڪيپٽن ريڪس جي حوالي مطابق 41535 ۽ 1856ع جي آدمشماري وقت 51,073 هو ۽ انگريزن جو خيال هو ته ماڻهو جڏهن تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ترقي ڪندا آهن يا غريب طبقو سماجي طور تي ترقي ڪندو آهي ته آدمشماري جو انگ وڌي ويندو آهي. ٿر ۾ آدمشماري ۾واڌ برطانيا سرڪار جي امن ۽ آشتيءَ واري دور کان پوءِ ٿي آهي. معاشري ۾ اهڙيون بهتر ڳالهيون موجود هيون جن جي ڪري آدمشماريءَ ۾ واڌ آئي. جيڪڏهن آدمشماري انهي رفتار سان وڌندي رهي ته 20 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي. انهي جي ڀيٽ ۾ انگلينڊ جي آدمشماري 52 سالن ۾ يوريشيا جي 26 سالن ۾، آسٽريا جي 69 سالن ۾ ۽ فرانس جي 105 سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. اڳي ٿر جي آباديءَ جي صورتحال مختلف سالن ۾ هينئن آهي. 1881ع ۾ 13,394، 1891ع ۾ 15,349، 1941ع ۾ 68,151، 1951ع ۾ 2,49,280 ، 1961ع ۾ 2,95,969، 1993ع ۾ 10 لک هاڻي 12 لک جي برابر. ٿر ضلعي۾ 166 ديهون آهن، هر ديهه ۾ پنج ڇهه مڪان آهن، ضلعو 45 تپن ۽ 18 سرڪلن ۾ ورهايل آهي. تعلقا اهي ئي پراڻا چار آهن، انهن جي ايراضي گهٽ وڌ ڪانه ٿيندي آهي، پکيڙ هيٺينءَ ريت آهي.

ڇاڇرو 3814 چورس ميل، ننگرپارڪر 1617، مٺي 1562، ڏيپلو 1503 چورس ميل ڪل ايراضي 8496 چورس ميل، ٿرپارڪر ايراضي جي لحاظ کان سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي. جي ڊبليو سمٿ جي سنڌ گزيٽيئر ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ 1919ع موجب به ايتري ايراضي آهي.

قدرت جا رنگ به عجيب آهن، جتي جر جاري وهندو هو، سو اڄ پاڻيءَ جي بوند لاءِ محتاج آهي، چوطرف سڃ لڳي پئي آهي. اڇي واري اڏاميو اچي منهن ۾پوي. وڏيون ڀٽون ۽ سڪل ڏهر پيا ڊيڄارين، نه اهي نديون، نه بندر، نه واهه نه ساوڪ! نه سرسوتيءَ، نه هاڪڙو نه مهراڻ!! ماڻهو ۽ مرون پيا پاڻيءَ لاءِ واجهائين، پوءِ به ٿري ڌڻيءَ جو شڪر ڪيو ويٺا آهن، هيترن ڏکن هوندي به پنهنجا پکا نه ڇڏيندا آهن.

جهڙ ڦڙ مارئين، جت چيها چلڙ چڪ،

اندر ٿو اڄ مري، ساه انين جي سڪ،

پيهون شال پهيون پري، تئان ڏيئي تڪ،

ور پريان سين پڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گهوريا. (شاهه)

اوهان ڪراچي کان اسلام آباد ته چند ڪلاڪن ۾ پهچي ٿا سگهو پر 2000ع کان اڳ اسلام ڪوٽ پهچڻ لاءِ اسلام آباد کان آمريڪا پهچڻ جيترو ٽائيم لڳندو، هو سڌا ويندا ته اوتروئي وقت اڳتي ڪارونجهر پهچڻ ۾ لڳندو. پر جي ڪنهن رولوءَ جي ور چڙهيا ته قلم سان گڏ هلندا رهندا ته شايد وڌيڪ مشڪلاتون، رنڊڪون، ڪشالا، لڪون، جهڪون، جهولا، ڏک ڏولا ڏسڻا پوندا، پر ماڳ تي پهچڻ سان بقول طالب الموليٰ:

”جهڪ جهولا ويندا لهي، ٿيندا لايا سجايا“

جي اوهان کي لگن آهي ته آسان محسوس ٿيندو. هن ۾ اوهان کي هڪ نه پر چئن پنجن نه پر شايد صدين جو احوال ملندو، معنيٰ زمان حال، ماضي ۽ مستقبل ٽنهي کي يڪجاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ”ٿر سيمينار 1992ع“ ۾ آيل مهمانن کي ٿر جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر جناب عبدالقادر منگي ٿر ۽ پارڪر جيئن فور ويل گاڏين ۾ گهمايو، سو مون مسڪين لاءِ محال آهي پر قلم سان گهمائڻ جي ڪوشش ڪندس! اميد ته اوهان گهر ويٺي پيا ياد ڪندا ۽ ٿي سگهي ته اوهان جي به دل ۾ اڄوڪو ٿر جنهن ۾ بجلي ۽ روڊن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، گهمڻ جي چاهه ۽ ڏسڻ جو شوق جاڳي پوي.

”شنده ڪي بود مانند، ديده!“

معنيٰ: سڻيل ڪو ڏسڻ جهڙو ٿي سگهندو؟

سو اوهان کي به سڪ ٿئي ۽ شاهه جا اهي وٿاڻ ڏسڻ جي طلب ٿئي ته ٿري مهمان نواز آهن ئي، شاهه صاحب انهي جي تصديق هينئن ڪري ٿو:

”مون گهر اچي جي ٿئي، مينڌرو مهمان،

آڻي جهوڪيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻ،

تاڻي تنورن ۾، ڀيري هاڻان ڀاڻ،

پيڪن سوڌو پاڻ، گهر تڙ گهوريان پرتان.

جيڪڏهن ٿر وسيل هجي ته هڪ طرف ڪشمير جي جبلن جي چوٽين وانگر ڀٽون سائي چادر پهري نئين نويلي لاڏيءَ جيان گهونگهٽ ڪڍيو ڪر اوچو ڪري دل کي نڀائيندڙ نظارو ڪرڻ جي دعوت ڏينديون آهن ته ٻئي طرف سڌي زمين پنهنجي سيني تي مختلف فصلن جي سنگن سان ساهه کڻندي، اڇن، پيلن ۽ گلابي گلن سان اکين کي ٺار پيئي ڏيندي، شايد شيخ اياز اتي اچي نظارا پسي ٿر کي ”سرڳ“ (بهشت) سڏيو آهي.

ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ، واريءَ تي هي گهر،

سانجهي وير امر، رتي ريت تي.

ٿر جي لنگهه نئون ڪوٽ کان نڪرندي اڳي ندي وهندي هئي جنهن کي هاڻي ”پراڻ ڍورو“ چون ٿا. شاهه صاحب به اتان لانگهائو ٿيو هو، تڏهن چيو هو:

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري،

ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين، پسو ويس ڪيا!

ڍورو پراڻ معنيٰ پراڻي درياهه، جنهن ۾ اڄ ڪلهه گهٽ پاڻي هوندو آهي، اڳي اها ندي وهندي هئي ”ٽاڊ راجستان“ ۾ ذڪر آيل آهي ته سنڌو نديءَ جي شاخ هاڪڙي نالي سان امرڪوٽ جي پاسي کان وهندي هئي، ٿي سگهي ٿو اها اهو ڍورو هجي.

سڪي ڍورو ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،

ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀڻين.

(ڍورو سڪي ويو، ڪٿي ڪٿي پاڻي بيٺل آهي، ڪپر آڏا ڪنڊا ڏنل آهن، پٽيهل (ڳوٺ جو نالو) ۾ اڳيون پاڻي نه آيو. ماڻهن جو ميڙ ڪنهن ڪنهن هنڌ آهي)

ڏيپلي تعلقي ۾ رحمڪي بازار جي ويجهو به ”پراڻ“ آهي، جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي 1947ع ۾ هڪ هنڌ آيل آهي ته : وڳهه ڪوٽ، ونگو (جنهن تان ارباب ونگي جا ڄام سڏجن ٿا) ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويرا واهه سامونڊي بندر هئا. انهيءَ مان محقق انومان لڳائين ٿا ته ”پراڻ“ سنڌونديءَ جي شاخ هئي.

ڍورو ڍري، اسين ٿر جي آجيان ڪندڙ يا پهرين ايندڙ علائقي ۾ داخل ٿينداسين انهي متعلق تاريخ جي حوالي سان ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو. ”جيمس ٽاڊ“ لکيو آهي ته سنڌونديءَ جي هڪ شاخ لکپت ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي وارين ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي، هن کي مٺي ندي يا ”مهراڻ“ به چوندا آهن. ڀٽن ۽ بئراج جي ميلاپ ۽ دنگ واري حصي کي مهراڻو چوندا آهن ٿر کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي وٽ، ڍٽ، پارڪر ۽ مهراڻو.

شري رائچند هريجن به پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان ڀاڱو 2“ ۾ لکي ٿو ته ”مهراڻو“ نديءَ جي وهڪري جي ڀر واري ڀاڱي کي چئجي ٿو. ڍورو اتان لنگهي ٿو جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هجي ته ڪڏهن سڪو پيو آهي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي ڏکڻ اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا، هتي ڀٽون هڪ ٻئي کي ويجهيون آهن. تنهن ڪري وڏا ڏهر نه آهن، ڀٽن جي وچ ۾ ٻنين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، وارياسي زمين هئڻ ڪري آبادي چڱي ٿئي وڻڪار گهاٽي، خاص ڪري ڪنڀٽ ۽ ٿوهر جام آهن. اڳتي هلي اتر اولهه طرف جتي ڀٽن دنگ ڪيو، اهي ان کي ”ڪس“ چوندا آهن. ”ڪس“، ”دنگ“ ۽ ”ڪنٺو“ ٽيئي لفظ مختلف سرن ۾ الڳ الڳ هنڌن تي شاهه صاحب استعمال ڪيا آهن پر معنيٰ ساڳي آهي جيئن ڇاڇري، مٺي ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي سنگم کي ”ڪنٺو“ سڏيو ويندو آهي. مٿي هڪ هنڌ ”ڏهر“ لفظ آيو آهي. ٿري ڏهر انهي ٽڪري کي چوندا آهن جيڪو سڌو سنئون ڏاڍي زمين وارو، ٻن ڀٽن جي وچ وارو حصو هوندو آهي. جنهن ۾ پوک ڪري سگهجي، چراگاهه هجن يا کوه کڻي ڳوٺ آباد ڪري سگهجي، جي ننڍو ٽڪر هجي ته ”ڏهري“ چئبو آهي.

ٿر ۾ زمين جي هر حصي لاءِ هڪ مخصوص نالو آهي، جيئن گوڇار، پوڇانڊو، پٽ، مڙهو، ڊاڳو، گئوچر وغيره وغيره، انهن مان هر هڪ جي معنيٰ اڳتي هلي سمجهه ۾ ايندي.

انسان تي ماحول جو وڏو اثر ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٿر وٺل هجي چوياري گڏ هجي، سر سبز چادر ڪنوار جي ريٽيءَ چنيءَ (ڳاڙهي پوتي) وانگر پکڙيل هجي.

”اِيئن سي اٻن انگيا جئين سي چنيءَ چٽ“ (شاهه)

شاهه صاحب جا بيت خودبخود قلم جي نوڪ تي اچي ويندا آهن. ڇاڪاڻ جو شاهه سائين هنن گهيڙن، گهٽين، ڀٽن، پيچرن مان پنڌ پئي دڳ رسيو هو، اوهان سوچيندا ته هي هڪ قدم اڳتي وٺي وڃڻ بدران چار قدم پوئتي پيو وٺي وڃي سو ادا! اوهان ڪڏهن واچوڙو ڏٺو آهي؟ جنهن کي ”هوا جو ڪن“ به سڏيندا آهن. سو جي ٿر ۾ واچوڙي مثل ٿي گهمبو ته به سڀ حقيقت معلوم ڪري ڪونه سگهبي، واري جي دڙن ۾ پير ته ڊهي ويندا، پر پاڻ به گم ٿي ويندا. هتي ڪيتريون ئي بي زبان اڻ ڇپيل ڪهاڻيون دفن آهن، لوڪ ادب لڪل آهي، انهي جي ڳولا ڪير ڪري ته انت نه ايندو، ڪٿي سگهڙن، ڪهاڻيڪارن، شاعرن، ليکڪن، بيتن، ڏوهيڙن، ڏورن، نظم ۽ نثر جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان پيش ڪيون آهن، ڪي حقيقتون ۽ راز سيني به سيني خانداني ماڻهن جي دلين ۾ دفن آهن. ڇاڪاڻ جو هو پڙهيل نه آهن پر هنن جي يادداشت پڙهيلن کان وڌيڪ آهي. لوڪ ادب اسان جو عظيم ورثو آهي اها قومن جي بقا، انهن جي ڪارنامن ۽ ماضيءَ جي تاريخ جي پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي ۽ ماڙيءَ تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اها حقيقت ٿر جي واريءَ جيان ڪنئري۽ ڀٽن جي گيسر جيان نرم آهي.

رڻ مان رت جي بوءِ اچي ٿي،

ڳاڙهي ٿي ويئي ريٽ جي ريتيءَ (ناشاد)

انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي مرده ڪرڻو هجي ته ان قوم جو اڳيون اتهاس ناس ڪيو وڃي ته قوم خود به خود فنا ٿي ويندي“، تاريخ ۽ تمدن جو اڀياس هر ڪنهن قوم لاءِ ضروري آهي. جنهن قوم کي پنهنجن وڏن ۽ ملڪ جي سڌ نه هوندي سو ملڪ ۽ قوم ڪڏهن اڳتي وڌي ڪونه سگهندا.

اوتڙ ڪنهن نه اولياءَ، ستڙ ويا سالم،

هيڪائي هيڪ ٿيا، احد سين عالم،

بي بها بالم، اڳي ڪيا اڳهين.

ٿر جي واري ڪيترن ئي قسمن جي هوندي آهي، ڪٿي رنگ ميرانجهڙو هوندي، ڳوٺن جي ڀر ۾ گهڻو ڪري اڇيءَ جهڙي کير انهي کي ريٽ جون (معنيٰ اڇي ريتي جا ڍڳ يا دڙا)

ڪٿي پٿر جا ڀڳل ڳاڙها ذرا هوندا آهن، انهن کي ”رائو“ چوندا آهن ۽ پري کان موتين وانگر پيا چمڪندا آهن.

لڳو پير لڪن سين، ڇڄن ٿيو ڇيهون،

رائو رڃ ريهون، جتي نينهان نڪڻي (شاهه)

سڀني قسمن جي ريتنِ ۾ هڪ خصوصيت ساڳي آهي، ته تپي به جلد ته ٺري به جلد، اونهاري ۾ ڪيتري به گرمي هجي پر ٿر جي شام هميشه سهاني ۽ ٿڌي ٿيندي آهي.

ٿڌيءَ وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئي مٿان،

جي پويون ٿئي پساهه، ته نجاءِ مڙه ملير ڏي (شاهه)

ريتي تي جيڪڏهن پير پنڌ هلڻو پوي ته اوهان جيڪڏهن جتيءَ لاهي هٿ ۾ کڻي هلندا ته آسانيءَ سان ۽ جلدي هلي سگهندا ۽ پير به تڪڙو کڄندو نه ته ريتي ۾ گپي ويندو، دڙي جي لهندي يا گس ۾ نديءَ جي پيٽ ۾، ڏرڙ ۾ زمين نرم هوندي آهي. ٿر جا ماڻهو گهڻو ڪري پيرن اوڀراڻا (پيرين اگهاڙا) گهمندا آهن، جنهن لاءِ ڪافي سبب آهن، جتيءَ پائڻ سان ريتيءَ ۾ هلڻ ۾ اولائي ٿيندي آهي، پيرن ۾ پگهر ٿيندو آهي، ريتي جتيءَ اندر هلي ويندي آهي ۽ تڪليف ڏيندي آهي.

کڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن (شاهه)

گهڻن ماڻهن وٽ جتيءَ خريد ڪرڻ جا پئسا نه هوندا آهن (پر اڄ ڪلهه ماشاءَالله ٺيڪ ٺاڪ آهن پر تڏهن به گهڻو ڪري چمپل پائيندا آهن) ڪٿي به ڪچهري ۾ ويندا جتي الاهي ويندا آهن ڇو ته ڪرسيون ٽيبل، صوفا ته نه آهن، اهيئي کرڙ، کٿا، کاهيون ئي وڇايل هونديون آهن. گهڻين ذاتين ۾ اهو رواج آهي ته جتي گهر جي ڪپر وٽ الاهي ويندا هئا خاص ڪري زالون ساهورن گهر ۾ جتي پائي ڪونه وينديون آهن. اڄ ڪلهه به پيدل ٿوري پنڌ لاءِ ويندل ماڻهو چوندا ته ”اٺ تي ڪير پاکڙو وجهي، جتي ڪر هٿ ۾ اِهي ٻه وکون پنڌ ته آهي“ سنڌين چواڻي اهو سڏ پنڌ، پوءِ ڀلي ڇو چار ڳائو (ڪوه) ڇو نه هجي. ڍوري کان هيٺ ڍرندي ته ڪن ٻنين ۾ اوهان کي سرنهن، ڄانڀو وغيره پوکيل ملندا، انهن کي اهي ”تليون“ چون، تليون معنيٰ اهو ڪاٺي زمين جو ٽڪرو جنهن ۾ چئني پاسن جو پاڻي اچي ڪٺو ٿئي.

منهن جو تور، تلين ۾، چيها ٿو چاري،

ڍاٽي ڍٽ ڍاري، آيم اٺي مينهڙي! (شاهه)

پاڻ جنهن علائقي مان پراڻ جو ڪنارو وٺو ته اورئين علائقي جو نالو ”مهراڻو“ آهي، اهو نالو ڪيئن پيو سان ڄاڻ وٺڻ ضروري آهي اهو هڪ مهر راڻيءَ ۽ راءِ لاکي جي محبت جو داستان آهي. انهي ڍوري جي ڀرجهلي جي اسين ڪجهه پوئتي وينداسين ته ”نو هٽي“ شهر جا کنڊر ملندا نو هٽي معنيٰ ”نئو سئو هٽ“ عيسوي ڏهين صدي ۾ هتي راجپوتن جو راڄ هو ۽ انهن جي ذات مهر هئي. راجا جي ڇوڪريءَ کي مهر راڻي ڪري سڏيو ويندو هو. مهرن لڙائي ۾ هارائڻ کانپوءِ راءِ لاکي کي صلح ڪرڻ لاءِ مهر راڻي جو سڱ ڏنو هو پر راءِ کي هن جي ستي هئڻ تي شڪ جاڳايو ويو تنهن ڪري هو کيس ڏهاڳ ڏيئي هليو ويو. مهر راڻي انهي ۾ دلشڪستي ٿي ويئي ۽ مري ويئي ۽ کيس چکيا تي چاڙهيو ويو. ان ڏهر کي ”مهر راڻي جو ڏهر“ ۽ پوءِ ”مهراڻو“ سڏجي ٿو. اتي ڪوٽ جا به نشان مليا آهن. ٿر ۾ انهي سلسلي ۾ مختلف ڏند ڪٿاهون ڀاٽ، چارڻ ۽ مڱڻهار ٻڌائيندا ۽ ڳائيندا اهن.

1973ع ۾ سرڳواسي نند لعل ”نندن“ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر رٽائرڊ ٿيڻ تي چيو هو ته ”ٿر پرميشور جي پياري ڀومي آهي، جنهن جي پوتر پڻي للاٽ تي لڳائڻ سان نراڙ تي نور ٻهڪندو آهي. انهي پويتر ڀومي ڪيترا ڀڳت، فقير، پرڀو جا پيارا پيدا ڪيا آهن ۽ سندن نالو دَرو ۽ پهلاج جي صف ۾ ڇڏي ويا آهن. پر ماروءَ ملڪ ۾ علم، عقل، املاڪ، خلاق، انسانيت، الفت، روحانيت سڀ ڪجهه آهي پر ادب نه آهي. انهي ڪري اسين گمنامي ۾ رهيا آهيون“.

هاڻي هاڪڙو وهندو ويرا واهه کان،

لڳو آهي لوڪ جو، ککر ۾ کڙو،

گجر کڻ گهڙو مهڪي ڀونءَ ملير جي (تاجل بيوس)

هاڻي اسان ٿورو جائزو وٺون ته هتان ڪهڙو درياهه وهندو هو، انهي لاءِ ”هاڪڙو“ جي عنوان سان ”تاج صحرائي“ ٿر سيمينار 1992ع تي لکيل مقالي ۾ چيو هو ۽ پوءِ ڪتاب ”ٿر“ ۾ به عبدالقادر منگي سهڙيو لکن ٿا ته: ”سنڌ مان سنڌوءَ کان علاوه جيڪا ٻيءَ مکيه ندي وهي سنڌ مها ساگر (Indian Ocean) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ان جو نالو سرسوتي، سرسوتي گهاگرو، ٻهڪندو، سنڪارا، وهندو، ريڻي، هاڪڙو، نارو ۽ مهراڻو هو. هن وقت ان درياهه کي هندستان جو گم ٿيل درياهه سڏيو وڃي ٿو. هاڪڙي درياهه کي ”رگ ويد“ واري پهرين مکيه نديءَ سرسوتي (Sarasuati) به سڏيو ويو آهي. جڏهن ته رگ ويد جي گهڻن ۽ مکيه مترجمن، محققن ۽ سارحن جهڙوڪ زمر، ولسن، گرفت، پالڪر ۽ ڀرگوارشيءَ جو چوڻ آهي ته رگ ويد واري سرسوتي کي، سنڌوندي جو ٻيو وڌيڪ صفاتيءَ ۽ علامتي نالو سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن رگ ويد جي عالمن جي خيالن راين شرحن سان اتفاق ڪندي، انهن کي قبول ڪيو وڃي ته پوءِ سرسوتي فقط هڪ خيالي ندي ٿي پوندي، صحيح به ائين آهي، ويدن، پراڻن، سمرتن ۽ سناتن ڌرم وارن جي ٻين ڪتابن کان پوءِ تاريخ جو ڪتاب اسان کي ملي ٿو، سو ايران ۽ سنڌ جي فاتح سڪندر اعظم (356-323 ق م) تي لکيل آهي. ان ڪتاب ۾ سرسوتي کي هڪ خيالي ندي سڏيو ويو آهي.

جي ڊبليو ولڪسن سرسوتي کي برهما جي استري سڏيندي، کيس گيان، وگيان ۽ ويدن جي ماءُ ۽ ديوناگري رسم الخط جي ايجاد ڪندڙ سڏيو آهي. ان جي تائيد ۾ وري ونسنٽ سمٿ، سرسوتي کي علم ۽ ڪلا جي ديوي سمجهي ٿو.

واروڪ بري، ديوڊ ٽرمپ، ليونارڊو ڪوٽيل وغيره پنهنجن لکيل آرڪيالاجي ڊڪشنرين ۾ رگ ويد جي هن ندي جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌو بابت لکيو آهي ته سنڌو تهذيب کي ڄڻڻ، ٺاهڻ، شڪل صورت ڏيڻ ۾ سنڌو اهم مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

ورجيلس فيرم مذهبن ۽ اعتقادن واري انسائيڪلو پيڊيا ۾ سرسوتي کي فقط هندن جي هڪ ديوي لکيو آهي. ڊاڪٽر فيئر سروس سرسوتي جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري. باقي سر ويلر چوي ٿو ته سرسوتي گهاگهرو درياهه هو، جنهن جا ٻيا نالا هاڪڙو ۽ راهو هوندا هئا. اهو درياهه راجستان ۽ بهاولپور جي ريگستانيءَ علائقن کي آباد ڪندو هو. ساڳي نموني سان ڊي پي اگروال پنهنجي ڪتاب آرڪيالاجي ۾ لکيو آهي ته: جڏهن گهاگرو وهندو هو، تڏهن اهو ممڪن هو ته ناري سان ملندو هوندو ۽ پوءِ سڌو سنڌوندي ۾ ڇوڙ ڪندو هو، سرسوتي جي ڏند ڪٿا ۾ اهو چوي ٿو ته سرسوتي سنڌندي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ماڻڪ پتاوالا لکي ٿو ته: ”هاڪڙو جيڪو ناري جو ابو هو سو سنڌ جي اوڀر واري (ٿر) علائقي ۾ گم ٿي ويو. اهو علائقو هينئر ريگستان آهي“ هاڪڙي متعلق لئمبرڪ جو رايو به هيٺ پيش ڪريان ٿو: هتي ان درياهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جيڪو سنڌو درياهه سان تعلق رکڻ وارو نه هو، جيتوڻيڪ ان ۾ اڪثر ڪري سنڌو درياهه جي ٻوڏ ۽ اٿل جو پاڻي وهي، لڙهي پوندو هو. اهو درياهه ٻيو ڪونهي پر اهو ساڳيو درياهه آهي، جنهن کي هندستان جو گم ٿيل درياهه چيو وڃي ٿو، جيڪو گهاگرو يا هاڪڙي نالي سان وڌيڪ مشهور هو. پر ساڳئي وقت ان کي سنڪارو يا نارو به سڏيو ويندو هو. ان درياهه جو اٽڪل اڌ حصو سنڌ مان وهندو هو. ان درياهه جا مختلف ماڳن تي مختلف نالا هئا. جهڙوڪ ريڻيءَ وهندو، نارو ۽ هاڪڙو، ان درياهه جي وهڪري ۽ ڀيٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڪرو درياهه، سنڌو درياهه کان ويهن کان ستر ميلن جي وڇوٽي سنڌو جي اوڀر ۾ وهندو هو.

”شال وري هاڪ وهندو رهي هاڪڙو“ ۽ مون هاڪڙي جي هاڪ جي پٺئين پيرين ڳولا ڪئي آهي.

سنڌ ۾ 962ع ۽ 1050ع ۾ زلزلا آيا. ڪڇ ۾ 1819ع ۾ تمام خطرناڪ زلزلو آيو، 1790ع ۾ بياس ندي رخ موڙي سڪي ويئي. 1764ع کان 1765ع ۾ سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اروڙ وٽ هڪ شاهي بند ٻڌائي ۽ لاڙ ۾ پراڻ کي بند ٻڌي، سنڌو جي اٿل واري پاڻي کي بند ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري آهستي آهستي هاڪڙو سڪندو ويو. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته: سومرن جي صاحبي واري دور ۾ (1026ع کان 1351ع) هاڪڙي سڪڻ شروع ڪيو هو. جنهن ڪري سومرن پنهنجا تخت گاهه ماهمتور وغيره بدلايا هئا. ساڳي وقت انهي زلزلي ڪوري کاريءَ جي اهميت کي به تمام گهڻو گهٽائي ڇڏيو هو. هاڪڙي جي اهميت بابت ايترو چوڻ ڪافي سمجهان ٿو ته سنڌو تهذيب اتر ۾ ڪالي بيکن ۽ اوڀر ڏکڻ ۾ ٿر، ڪڇ، گجرات تائين ان درياهه جي وهڪري سبب پهتي هئي. مان وڏي يقين سان چوان ٿو ته ٿر جي بندرن نهوٽو، وير واه، رحمڪي بازار، پاري نگر ۽ لکپت وغيره تان غورابن جا غوراب ڀرجي گجرات جي بندرن لوٿل، رنگپور تائين ايندا ويندا هئا ۽ ساڳئي واٽ تان چيني سياح ۽ ٻوڌي عالم، ننگرپارڪر، برهمڻ آباد ۽ اروڙ رستي 644ع ڌاري هوشانگ واپس چين ولايت وريو هو. ٿر ۽ پارڪر تي ڪيپٽن ريڪس جي تحقيق مطابق پهرئين عيسوي جي صدي ۾ پاري ننگر جو بندر قائم ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو. ڪن روايتن موجب جين ڌرم وارن جي حڪومت هئي، ان وقت پاريننگر جي آدمشماري چاليهه هزار هئي ۽ اهو علائقي جو وڏو بندرگاهه هو ۽ عربي سمنڊ مان سڌا جهاز لنگهي پاري ننگر تائين ايندا هئا. هتي انهي زماني جي کنڊرن ۾ جين ڌرن جي پنجن يا ڇهن مندرن جا آثار مليا آهن، جين ڌرم وارن جي دور حڪومت ۾ ماڻهو خوشحال ۽ سکيا ستابا هئا. ٻڌ ڌرم جي اوج واري زماني ۾ (232 ق م) هندستان جو راجا اشوڪاهر پنجين سال هتي ٻڌ ڌرم جون مجلسون ڪوٺائيندو هو. اهو به چيو وڃي ٿو ته ان وقت سنڌوندي جي هڪ شاخ اتان وهي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي جا ”هاڪڙي“ جي نالي سڏبي هئي.

ٿر جي قديم تاريخ متعلق جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي. انهي تي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرنل ٽاڊ جي لکڻ موجب ڪن جي راءِ آهي ته ”ٿر“ جو علائقو قديم زماني ۾ ”هاڪڙي ۽ مهراڻ“ جو ميدان ر هيو آهي ۽ هتي جا پراڻا رهاڪو پارسي هئا ۽ انهن جي مناسبت سان پاريننگر جو قديم نالو پارسي ننگر هو. هن شهر جو بنياد 512 ق م ۾ پيو جيڪو هتي وڏو بندر هو. جتي سمنڊ مان جهاز اچي لنگر هڻندا هئا، اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته پراڻي زماني ۾ هتي جهاز ٺاهڻ جا وڏا ڪارخانا هئا.

اڏي اڏي ويا اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،

ٽڪاڻا ۽ ٽول پيا آهن پٽ ۾. (سر ڏهر)

هاڪڙي جي ساک لاءِ هندن جي پراڻي ڌرمي ڪتابن ۽ انهن جي پراڻن ۾ لکيل آهي ۽ صديون پراڻيون ساکيون موجود آهن. پراڻن ۾ رشي پاراسر ۽ ويدوياس (جنهن رامايڻ لکي هئي) جون ملاقاتون سرسوتي ندي جي ڪناري تي ٿيل ٻڌايون ويون آهن. اها گم ٿيل ندي اسان هاڪڙي جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان بنياد تي منهن جي ذهن ۾ اهو شڪ اڀري ٿو ته قديم هندو ادب جو تعلق ٿر ۽ راجستان واري علائقي سان به آهي جتان ڪنهن وقت ۾ درياهه لنگهندا هئا ۽ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. رشي پاراشر متعلق بدر ابڙو پنهنجي ٿر سيمينار 1992ع جي مقالي ”ٿهاريو تڙ“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”ڪارونجهر ۾ هڪ مهارشي پاراسر جو آستانو آهي، جيتوڻيڪ هو جيني يا ٻوڌي نه هو. پر رشي پاراشر جو هڪ مکيه آستانو نيپال کٽمنڊو، پوکران روڊ تي پوکران کان 50 ميل کن اورتي، ٻن ندين ستي کولا ۽ مدي کولا جي سنگم وٽ آهي. رشي پاراشر ويد وياس جو پيءُ هو ۽ سکديو جو ڏاڏو هو. (رشي پاراشر اها هستي آهي جنهن بابت چون ٿا ته هن جا گيت رگ ويد ۾ شامل آهن.) رشي پاراشر بابت ڪارونجهر ۾ مشهور آهي ته هن هتي هڪ هزار سالن تائين تپسيا ڪئي هئي (تپسيا جو رامائڻ ۾ به ذڪر آهي ته سرسوتي ندي جي ڪناري تي نالا مختلف ۽ جڳهيون مختلف نالن سان آهن. ليکڪ)

ڪارونجهر ۾ ڪافي جڳهيون آهن، جن جا نالا رامايڻ ۽ مها ڀارت سان لاڳاپيل آهن هڪ هنڌ آهي جنهن کي ”ڀيم گوڏو“ سڏيو ويندو آهي. اهي تفصيل انهن ماڳن تي پهچڻ سان ۽ وضاحت ڪندس.

سنڌ آزاد نمبر الوحيد اسپيشل ايڊيشن جون 1936ع ۾ لکيل آهي ته ڪپتان ريڪس صاحب جنهن ٿر جي حالتن جو باريڪ بيني سان مطالعو ڪيو آهي سو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ٿر جي زمين ڀٽن جي شڪل ۾ ٿي وڃڻ، ڌرتي جي ڪنهن سخت اٿل پٿل جو نتيجو آهي، جيئن ڌرتي جي ڌٻڻ يا زمين جي اندر واري طاقت جي پلٽي کائڻ سان ٿئي، هوائن جي لڳڻ سان ائين ڪونه ٿيندو آهي، باقي هاڻي هوائن ڀٽن جي شڪل ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪن پيون. جيڪڏهن ڀٽون جي سمنڊ ڪري ٺهيون ۽ پوءِ سمنڊ جي سڪي وڃڻ ڪري ظاهر ٿي بيٺيون ته پوءِ سنڌو ندي جي شاخ ”هاڪڙو“ نديءَ ڀٽن هوندي ٿر مان ڪيئن وهي سگهي هوندي، جنهن جي وهڻ بابت ٽاڊ راجستان ۽ ٻين ڪيترن تاريخن ۾ ثابتيون آهن. ندي جي وهڪري ڪري اتهاسڪار انهي راءِ تي پهتا آهن ته واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي سڪي وڃڻ بعد پوءِ ڪنهن زلزلي سبب ٿين ها ته سڀئي ساڳئي رخ يا ڊول تي، اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه ڪونه ٿين ها، ضرور آڏيون ابتيون ٿين ها، تنهن ڪري ڀٽن جي ٺهڻ جو ڪارڻ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ۽ نڪو ڪنهن به تاريخدان انهي بابت پنهنجو آخرين رايو ڏنو آهي. ٿر جي ڀٽن جي بناوت ۽ بيهڪ مان اهو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿئي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن ۽ زلزلي جو ڪارڻ ڪيترين روايتن موجب راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا، جتي هينئر سڪي آهي، اتي ڪو وقت اڳي پاڻي جون لهرون پئي لڳيون، پوءِ زلزلي سبب يا ٻي ڪنهن خدائي قدرت زمين مٿي چڙهي آئي، جنهن ڪري سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ سڪي جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا، پر ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو. ان وقت سنڌونديءَ جي هڪ شاخ ”هاڪڙو“ نالي پنجاب کان نڪري عمرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي ننگرپارڪر وٽان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي

ٿر جي تاريخ پوري ريت سمجهڻ لاءِ هاڻوڪي صورتحال وساري آڳاٽو وقت اکين اڳيان آڻي ڏسو جڏهن الهندي ڏي جبلن جون چوٽيون نظر اينديون هيون ۽ ٻيا پاسا سمنڊ جي پاڻي هيٺ هئا. سنڌ کي پاڻي مان پر گهٽ ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن، پر انهي زماني جا ڪي ڪتاب موجود نه آهن ته به ”ڀون وِگيان“ (ڌرتي جي علم Geology) وارا انهي وقت جون ڳالهيون پروڙي سگهن ٿا. عالمن ڌرتيءَ جي بنهه تز واري زمين کان وٺي ڌرتي جو هڪ طبق يا تهه (Stratum) جاچي معلوم ڪيو آهي ته هر هڪ تهه ٺهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو هوندو. انهن هر هڪ زماني تي عليحده عليحده نالا (Cambrian, Cretaceousete) رکيا آهن. ڀون وِگياني (Geologists) چون ٿا ته ”جيالاجي“ جي ٽئين زماني(Tertiary age) ۾ سنڌ سميت اتر هندستان جو ڳچ حصو ”ٽيٿيا“ (Tethya Sea) نالي سمنڊ هيٺ هو. جنهن جي ڇولين هماليه جبل کان وٺي ونڌيا جبلن تائين ڇلڪا پئي ڏنا، ڪنهن وقت هماليه جبل طرف اهڙا خوفناڪ زلزلا آيا، جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي ڏيهان ڏور ٿي ويو! ائين زمين ظاهر ٿي، اهي لفظ پروفيسر ايم بي پٿاوالا جا ته سنڌ گهڻو ڪري سمنڊ مان پيدا ٿيل زمين آهي. (“Sindh is Mainly a Sea Born Land” Professor M.B Pithawalla Marvels of Earth) جنهن مٿئين عنوان سان ڪتاب لکيا آهن. انهي حقيقت جي تصدق لاءِ ڀيرومل مهر چند اڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ ميجر ايڇ جي ريورتي جي ڪتاب (The Mehran of Sindh Its Tributaries)جي حوالي سان قديم سڀيتا جي شروعات جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته ”سنڌ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ به ڪڇ جو رڻ ۽ ٿر ڏي ڪي صديون ساندهه سمنڊ هو، ڪراچي ضلعي ۽ حيدرآباد ضلعي واري لاڙ جا به ڪيترا ٽڪرا سمنڊ جي پاڻي ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻي ويجهڙائي ۾ پاڻي هيٺ هئا، جن مان شاهبندر، سجاول، جهرڪن وارو ٿورو پاسو بنهه ويجهڙائي ۾ پاڻي مان نڪري پڌرو ٿيو آهي. اڳتي لکن ٿا ته ”مهراڻ اها سنڌوندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري، پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جيڪڏهن مهراڻ وانگر ”ڪاسڪ“ به اڳي سنڌونديءَ جي هڪ شاخ ڌارا هوندي هئي ته به انهي ۾ تعجب ڪونهي، جنهن صورت ۾ هن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي. ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو جنهن کي جن پارسي تاريخ نويسن ”واهنده“ به سڏيو آهي. سو انهن قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوري جي وقت تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي، ڪڇ جي رڻ جي ويجهو هاڻوڪي ڍوري ”پراڻ“ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ”پراڻ“ لفظ جي معنيٰ ئي ”پراڻو يا جهونو درياهه“ آهي. پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته اها ڦوڪجي وهندي هئي ۽ ڪڇ جي رڻ جو ڪجهه ڀاڱو سرسبز ڪندي ڪوريءَ کاريءَ مان وهي لکپت جي پريان لنگهي، ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ جي پريان بند ٻڌايو ته ان جو پاڻي سنڌ ۾ ئي رهي ۽ لکپت ڏي نه وڃي، لکپت جي ساريال پوک جو دارومدار ئي انهي پاڻي تي هو. تنهن ڪري ڪڇ جي راءِ کي لکن جو نقصان پهتو. سن 1758ع کان اڳ سنڌوندي نصرپور کان وهندي هئي ۽ انهي سال اتان رخ ڦيرايائين ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو آيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو، ڪڇ جي رڻ متعلق تحقيق ۽ شواهد جمع ڪرڻ جي ڪاوش رائچند هريجن ڪئي ۽ هن ٽاڊ راجستان جي حوالي سان لکيو آهي ته ”تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان سوا ٽي سئو ورهيه اڳ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو تڏهن به اتي سمنڊ جي پاڻي ڇوليون پئي هنيون، ڪي صديون پوءِ به اتي پاڻي هو. ”دي ارٿ اينڊ اٽس انهاٽنئٽنس آر يونيورسل جاگرافي“ (The Earth and Its Inhai Tants are Universal Geography) جي حوالي سان لکي ٿو ته 60 عيسوي ۾ يوناني سياح پيربلس اتان لنگهيو هو جنهن به ڪڇ جي رڻ بابت ذڪر ڪيو آهي ته پاڻي هو. الائسي ريڪلس چوي ٿو ته رڻ چوٿين صدي کان کليل سمنڊ هو، پوءِ ڌرتي جي سخت ڌوڏن سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ رڻ ٺهي پيو ۽ سمنڊ هٽي ويو، ننگر پارڪر جي اتر اڀرندي جو ويرانو آهي سو دراصل سامونڊي بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. ”تاريخ فيروز شاهي“ بحواله هسٽري آف انڊيا سر ايليٽ (History of India By Sir Elite) جي مطابق سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ مندر تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان ٿي موٽيو ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون، شايد سگهو ئي پوءِ پاڻي سڪو آهي، جو سن 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون ئي راتيون رڻ ۾ گهاريون، پر ان وقت هتي پاڻي جو ذڪر ڪونهي، فقط ڪن خاص ٽڪرن ۾ پاڻي هو.

جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي واليوم VIII (Journal of the Historical Society Vol: VIII) ۾ آيل آهي ته ”ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سن 1362ع ۾ انهي سموري ايراضي ۾ پاڻي ڪونه هو، اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ پراڻو درياهه، اڳي سنڌوندي جي شاخ هتان وهندي هئي ته ڪڇ جي رڻ مان دنگين ۽ جهازن جو سفر جاري هو ۽ جهاز ڪناري واري بندرن تي اچي پگهه هڻندا هئا. ونڳا گڍ (وڳهه ڪوٽ) وينگڍ، (ونگو) ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا.

سنڌ گزيٽيئر موجب ندي جو پاڻي گهاري شيخاڻي، تعلقي بدين وارن رڻ پسائي لکپت تائين پهچندو هو، ”امپيئريئل گزيٽيئر“ موجب ”سنڌ ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي حصي جو پيٽ ٿو معلوم ٿئي. پوءِ ڪنهن طبعي يا قدرتي سبب ڪري مٿي چڙهي آيو آهي. هن ۾ ٻيو ڪوبه ساهوارو دائمي رهائش نٿو ڪري سگهي، سواءِ جهنگلي گڏهن (گورخرن) جي، جيڪي رڻ جي ٻيٽن ۾ گاهه جي ڳولا لاءِ ڦرندا رهندا آهن. ڪن ٻيٽن ۾ کارو پاڻي به آهي. هاڻي رڻ جو گهڻو ڀاڱو سڪو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي گرمي سبب ڪٿي ڪٿي پوٺو ٿيندو آهي ته پريان پاڻي ڏيکاري پيو ڏيندو آهي ۽ ويچارا هرڻ پاڻي جي آسري ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کان سواءِ ٻيو ماڻهو به سچ مچ پاڻي سمجهندو، ننڍو پٿر به پري کان جبل ڏيکاري ڏيندو آهي.

آرين جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مها-ڀارت جي زماني بعد عربي سمنڊ کهجندو ويو. ان وقت سنڌوندي جي شاخ هاڪڙو نالي اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) عمرڪوٽ وٽان لنگهي ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابو الفضل ”آئين اڪبري ۽ ٽاڊ راجستان“ ۾ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن.

ڪاڇي پِيئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏيو؟

مادر! اوءِ ملوڪ، اٺي ويڙا اڪري (سر رامڪلي)

تازو ٿر مان ڪوئلي لڀڻ مهل جيالاجيڪل سروي جون ٽيمون جيڪي ٻاهرين ملڪن جي ماهرين تي مشتمل هيون، انهن جي رپورٽن مطابق انسانن پهرئين ٻارڻ طور ڪوئلو استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪره ارض تي جهنگلات ۽ پاڻي جو تناسب وڌيڪ هو، انهن جهنگلن يا ٻيلن کي جڏهن باهيون لڳيون، زلزلا آيا ٻوڏون ٿيون، پاڻي جڳهه خالي ڪئي، انهي اٿل پٿل ۾ باهه لڳل جهنگل دٻجي ويا. زمين کي ماهرن چئن ادوار (دورن) ۾ ورهايو آهي، پهريان چار ارب سال جنهن ۾ ڪابه زندگي نه هئي، ٻيو حياتي وارو زمانو، پوءِ جيڪو زمانو آيو، زندگي وارو انهي کي ٽن يگن (دورن) ۾ ورهايو ويو، پهريون جنهن ۾ قديم جاندار ٿيا، جنهن کي ٽرائيلومائيٽ (Triycelomite) ۽ ٻيو گريپولائيٽ(Graptolite) سڏيو ويو، جنهن ۾ ڊائينوسار ۽ ٻيا چرند پرند ۽ وڻ ٽڻ ٿيا. ٽيون دور جنهن ۾ انسان کير ڏيڻ ۽ سواري ڪرڻ وارا جانور پيدا ٿيا، انهن دورن جا نالا (1) ٽراسڪ (Trasic) (2) جراسڪر (Jerosic) ۽ (3) ڪري ٽيشيس (Cretacious) رکيا ويا، پاڪستان ۽ خاص ڪري ٿر ۾ ٽراسڪ ۽ جراسڪ دور جا آثار ملن ٿا پر ڪرٽيشيس دور جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جنهن موجب بلوچستان ۽ سنڌ تاس (تاس معنيٰDelta) ”طاس هڪ اهڙي جڳهه کي چئبو آهي، جتي هزارن سالن کان هڪ ٻئي مٿي مٽي جا تهه ايندا رهيا ۽ انهي وچ ۾ نباتات، حياتيات ڳري سڙي زمين ۾ دفن ٿينديون وڃن“ انهي گهڻي عرصي جي گرمي ۽ دٻاءُ جي عمل ۾ ڪٿي ڪوئلي، ڪٿي گئس يا ڪٿي وري تيل کي جنم ڏنو آهي، ڪريٽينشيس عهد جو ڪوئلو آهي ۽ پيلوسين عهد جي پهاڙين ۾ مدفون آهي.

هندن جي جنتري (ٽپڻي) موجب چار يگ (ادوار) آهن جنهن موجب سرسٽي يا پرٿوي (ڌرتي) کي جملي1,95,58,85,106 ورهيه ٿيا آهن جن مان (1) ست يگ جا 17,28,000 ورهيه (2 ) تريتا يگ 12,96,000 ورهيه (3) دواپر يگ8,64,000 ورهيه ۽ (4) ڪلجڳ 4,32,000 ورهيه آهن هينئر ڪلجگ هلي رهيو آهي جنهن جا 5106 ورهيه گذريا آهن، باقي 4,26,894ورهيه ڀوڳڻا آهن. انهن جو ذڪر رگ ويد منڊل ستين سوڪت 95 رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي. جيالاجيڪل وارن جي رپورٽ مطابق ٿر جو ڪوئلو 11 کان 20 ڪروڙ سال پراڻو آهي. انهي جي تصديق يا خيال کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر ابناش چندر بوس پنهنجي ڪتاب ”رگ ويد انڊيا (Reg Vedic India) صفحو 26-27 ۾ لکي ٿو ته:

Sea, the existence of the Rajputana to the South of this Region (Sapta Sindhi) down to the Seventh or Eight millennium B.C has already been referred to. It is further certain that the Arabian sea also sent upon arm towards the Indus through and Crossed a large part of the Province of Sindh. Which is now occupied by DESERT and the Lower Course of the Indus”

(معنيٰ: منهنجي خيال موجب 17 ۽ 18 صدي اڳ ۾ راجپوتانا سمنڊ جو هن علائقي جي ڏکڻ طرف هجڻ جو مون اڳي ئي ورنن (ذڪر) ڪيو آهي. سنڌ جو ڪافي ڀاڱو جيڪو اڄ ڪلهه ريگستان آهي اهو به سنڌو جي شاخن مان هو)

اڳتي هلي ڊاڪٽر داس موجب رگ ويد جي منڊل ڏهين (2,47) ۾ چئن سمنڊن جو ذڪر ڪيو آهي. پهريون، بنگال جو اپسمنڊ، ٻيو هندي وڏو سمنڊ، ٽيون هاڻوڪو عربي سمنڊ پر چوٿين سمنڊ بابت پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته ڪهڙو سمنڊ هو. جيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ آهي ته اڳي هڪ سمنڊ ترڪمنستان کان وٺي سائيبيريا تائين ۽ منگوليا کان وٺي ڪاري سمنڊ تائين هو. جو پوءِ زلزلي سبب گم ٿي ويو، اڳتي جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنا ڪرڻ سان ائين معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ عربي سمنڊ وڌي راجپوتانا وارو پاسو ۽ هاڻوڪو ٿر ملڪ اڳي پاڻي هيٺ هئا. پوءِ ڌرتي ڌٻڻ سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو، سمنڊ پنهنجي نشاني طور راجپوتانا ۽ ٿر جون هاڻوڪيون ڀٽون آهن.

رگ ويد جي منڊل ستئين سوڪت 95 رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي ته سرسوتي ندي جبلن مان وهي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. اهو اشارو پڻ راجپوتانا واري سمنڊ ڏي آهي. ڀائنجي ٿو ته جنهن زلزلي وقت راجپوتانا کان سمنڊ هٽيو تنهن وقت سرسوتي ندي جو وهڻ بند ٿيو. اڳوڻي سرسوتي جي پيٽ مان هن وقت جيڪو پاڻي برساتي موسم ۾ وهي ٿو سو راجپوتانا جي واريءَ چهي وڃي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي ته سرسوتي هاڻوڪي پٽيالا راج مان لنگهي انهي راجپوتانا واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، انهي ذريعي سنڌي ٻيڙين ذريعي واپار ڪندا هئا. انهي جا نشان پارينگر، وگهه ڪوٽ، ونگو، ٻلهياري، ويرا واهه، جهڙا بندر هئا.

آرين جي سپيتا جا به ٽي دور لکيا ويا آهن، پهريون ڏٿ ۽ شڪارتي گذران ڪندا هئا، ٻيو جڏهن ڌڻ ڌارڻ سکيا، ٽيون جڏهن کيتي ڪرڻ سکيا، انهي ٽنهي دورن جا ماڻهو اڄ به اوهان کي ٿر جي اندر بکون ۽ جهولا ڪاٽيندي انهي صدين جي سڀيتا ۽ تهذيب کي سيني سان لڳائي ٿر جي ڀٽن، رڻن پٽن ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي هستيءَ کي قائم ۽ دائم رکڻ جي جدوجهد ۾ جيئرا آهن.

مينهن اٺي مارئين، لالن سان لڏيندي،

سري منهنجا سومرا، ٿرن ڪين ٿڪيندي،

هميراڻا هٿڙا، مهري ڪين مڃيندي. (شاهه)

چون ٿا ته ذات باري تعاليٰ جو راز معلوم نٿو ٿي سگهي، پر ائين نه آهي، اسان اُهو راز ڳولي لڌو آهي. ”اسين ئي ان جو راز آهيون“.

قدرت پنهنجو نظام اهڙي نموني جوڙيو آهي جو هرڪا شئي پنهنجي محور تي طاقت مطابق ۽ وقت سر سفر ڪري ٿي. انهيءَ جي کوجنا ازل کان شروع آهي ۽ اَبد تائين جاري رهندي. انهيءَ نظام شمسي ۾ ڪائنات جا ڪرشما ڏسڻا هجن ته اُتي وڃجي، جتي لائيٽ، بلب، گوڙ شور نه هجي، ڏينهن جو سج جي ڪرڻن جي تجلن جي تپش ۽ رات جو واريءَ جي ڀٽن جي پاسياڙي مان ليئو پائيندي اوهان جي مٿي تي تارن، نکشترن ۽ چندرما جون پاڻ ۾ سرگوشيون ۽ سرد هوا جا مٺڙا سُر اوهان جي ڪنن ۾ مڌر آلاپ ٻڌائيندا سقراط وانگر ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ۾ چند ستارن ۽ گرهن کي غور سان ڏسي سگهو، صديون اڳ ۾ به جيڪي کوجنائون ٿيون اهي به پرسڪون ماحول ۾ ٿيون. انهن مان پهريائين پل، گهڙي، چوگهڙيو، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن، رات، مهينا، سال، موسمون ٿيا ۽ ڪئلينڊر وجود ۾ آيا. هر ڪنهن وگيانڪ، محفق، ماهر پنهنجي طريقي، مذهب، کوجنا ڪري انهيءَ کي چٽيوَ ٿر ۾ اڄ به پنج نوان سال ملهايا وڃن ٿا. (1) انگريز چون عيسوي سن، جيڪي پهرئين جنوري کان شروع ٿيندو آهي، (2) هندو جيڪي پهرين چيٽ کان سنبت سن ڳڻن، (3) ديوالي جي ٻئي ڏينهن وڪرمي سنبت واڻيا ڳڻن، (4) خواجا جيڪي 21 مارچ نوروز کان نئون سال ڳڻن، (5) اسلامي هجري سن جيڪو پهرئين محرم کان نئون سال شروع ڪن. انهيءَ کان علاوه قمري، شمسي جنتري، جولين جنتري جيڪا پوءِ عيسوي سن ٿي، ڪرن تلڪه يا عزته الزيحات جو جائزو ورتو وڃي ته پوءِ تاريخ ۽ سنبت متعلق اسان کي البيروني کان شروع ڪرڻو پوندو. انهيءَ لاءِ ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ ”سنڌ صدين کان سيمينار“ ۾ پنهنجي مقالي ۾ بحوالا: القانون المسعودي، متن حيدرآباد دکن 1954/1373 جلد اول باب 6 صفحو 150-173 ۾ لکي ٿو ته: البيروني پهريون مورخ هو، جنهن مختلف سنن جو تفصيلي اڀياس ڪيو هو، جي ايامن کان هندستان ۾ رائج هئا. هن پنهنجي تصنيف ڪيل ٻنهي ڪتابن ”انڊيڪا (Indica) ۽ القانون (Canon) ۾ هر هڪ ڪتاب ۾ هڪ مضمون مخصوص طور انهي سلسلي لاءِ وقف ڪيو آهي. ”القانون“ واري مضمون ۾ هن فقط ساڪ سنبت (Saka era) متعلق بحث ڪيو آهي ۽ انڊيڪا ۾ وري انهن مختلف تاريخي سنن بنسبت واضح طور ذڪر ڪيو اٿس، جي هندستان جي جدا جدا حصن ۾ استعمال ۾ هئا، پنهنجو رايو پيش ڪندي ڄاڻايو اٿس ته هتي جي رهاڪن زماني جي هر دور ۾ جيڪي سن عمل پئي آندا آهن، اُهي آڳاٽي زماني ۾ ضرور بي انداز هوندا ”ڇاڪاڻ ته هندن جا تاريخي دور نهايت قديم زماني کان شروع ٿين ٿا“ مکيه سن، جيڪي انهن وقتن ۾ واقعي ڪتب آندا ٿي ويا سي پنج عدد هئا، اُهي هن ريت آهن.

(1) هرشا سنبت: مٿرا ۽ قنوج ۾ (2) وڪرمي سنبت: ڏاکڻي ۽ الهندي وارن علائقن ۾ (3) ساڪا سنبت: اتر هندستان جي ڪشمير سميت سمورن علائقن ۾ (4) ولڀي سنبت: فقط گجرات تائين محدود هو (5) گپتا سنبت: گجرات ۽ ٻين ڪن علائقن ۾. انهن پنجن سنبتن ۾ گمان غالب آهي ته ساڪا سنبت يا ساڪا ڪل انهي حالتن جي پيداوار آهي جي واقعا انهي زماني ۾ سنڌ اندر رونما ٿيا. ساڪا جي حاڪم ”ڪروڙ“ جيڪو ملتان ۽ لوڻي ڪوٽ جي وچ ۾ آهي، اتي سخت شڪست ڏني، انهيءَ جي انت اچڻ واري تاريخ ايتريقدر مشهور ٿي جو بطور سنبت جي استعمال ۾ آندي ويئي. جيئن ته هن سنبت کي جوتشين طرفان عمل ۾ آڻڻ جي شروعات ڪئي ويئي. انهيءَ ڪري ساڪا سنبت عام طور نهايت وسيع پيماني تي استعمال ۾ اچڻ لڳو، حالانڪه هن سنبت جون جنتريون رواجي طور ڪتب آنديون ويون تن جي ابتدا وارا مهينا مختلف علائقن ۾ مختلف نوعيت وارا هوندا هئا، ست سئو سالن بعد ۾ ٻئي هڪ نئين سنبت جي ابتدا ٿي، جيئن ته انهن جي پيدائش سنڌي هئي، ان ڪري کيس سنڌ ملڪ جو سنبت سڏيو ويو (وسن ملک سنده) ”البيروني جي هند“ واري ڪتاب ۾ ان سنڌو سنبت متعلق ذڪر آيل آهي، جنهن حقيقت ڏانهن اڄ سوڌو ڪنهن جو ڌيان نه ويو آهي. اهڙو اشارو ”الارڪنڊ“ جي مضمون ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ”برهم گپتا“ جي علم هيئت واري تصنيف کنڊ اکنڊيڪا جي عربي ترجمي جو ذڪر ڪيل آهي. اهرگنا (يعني سال جي مهينن ۽ ڏينهن جو ڳاڻاٽو) جي حساب ڪرڻ واري طريقي متعلق بحث ڪندي البيروني ڄاڻائي ٿو ته: زيج الارڪنڊ (Zaj alarkand) جو طريقو هڪ اڌوگابري ترجمي مطابق هن طور آهي: ”جيڪڏهن اوهان ارڪند معنيٰ اهرگنا سمجهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اول 90 جي انگ کي 6 سان ضرب ڪريو، جيڪو جوڙ اچي ان ۾ 8 شامل ڪريو ۽ ان سان گڏ سنڌو سنبت جا سال پڻ ڳنڍيو يعني اهو وقت جيڪو 117 هجري جي ماهه صفر تائين آهي. سو 109 سال جي ماهه چيٽ مطابق آهي. ان مان 587 وضح ڪريو ته بقايا جو انگ بچندو، اهو ”ساڪا“ يا ”شاڪا“ سنبت جو سال هوندو. هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ماه صفر هجري 117 جي پهرئين تاريخ دراصل مطابق آهي چيٽ سنڌو سنبت 109 جي 4 تاريخ جي جيڪو اربع جو ڏينهن هو ٻين لفظن ۾ هينئن چئجي ته ماه صفر هجري 117 جي پهرئين تاريخ برابر هئي سنڌو سنبت 109 پهرئين مهيني جي چار تاريخ جي ان حساب مطابق سنڌو سنبت 109 جو پهريون ڏينهن 657 شاڪا ڪلا ماه چيٽ جي پهرئين تاريخ ڏينهن آچر کان شروع ٿئي ٿو. جو برابر آهي ديماه 103 سن يزدگرد 27 فيبروري 735ع ۽ 28 محرم 117 هجري جي. هجري سن جي فقط نظر کان سنڌو سنبت جو پهريون ڏينهن ماه چيٽ ٻڙي، سنڌو سن جو پهريون ڏينهن هو اڱارو ماه چيٽ جي پهرئين تاريخ 548 شاڪاڪلا (گذشته) ۽ 20 آذرڪاه 7 قبل ازيزدگرد (يعني يزگرد کان اڳ) برابر آهي 4 مارچ 626ع يا ماه رمضان 4 هجري.

جيتوڻيڪ هندستان ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترائي سنه عمل ۾ پئي آيا آهن، تڏهين به فقط ست سنه اهڙا آهن جي عام طور مشهور آهن يا وانا سنبت، هرشا سنبت، وڪرما جيت سنبت، ساڪا سنبت، ولڀي سنبت، گپتا سنبت، سنڌو سنبت، انهن مان پنجن جي شروعات هندستان مان ٿي، باقي سنڌو سنبت هڪ واحد سنه آهي جيڪو بنيادي طور پاڪستان جو ورثو آهي، ان حقيقت جي مدنظر ”سنڌو سنبت“ جي بنياد تي هڪ شمسي جنتري ڏيئي ان کي سرڪاري طور ”پاڪستاني قومي جنتري“ جي حيثيت ڏني وڃي ته جيئن زرعي، مالي خزاني ۽ ٻين انتظامي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي. جهڙي طرح شمشي جنتري بجاءِ پڻ ڪم اچي سگهي ٿي ۽ اهو فقط بين الاقوامي مقصدن لاءِ قائم رکيو وڃي، جهڙي طرح ”هجري جنتري“ کي مذهبي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

مَنُ مَريَ مايا مَرَي، مَرَمَرَ جات شَرير (بدن)

آشا ترشنانه مري، ڪه گيا داس ”ڪبير“

”رچرڊ برٽن“ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ لکي ٿو ته جنمپتري هر هڪ هندو ٻار لاءِ ضروري آهي، هن جي عمر جو حساب ڪتاب ان ۾ لکيل هوندو آهي ۽ هو هميشه ان جي صلاح تي هلندو آهي. جنم پتر ۾ ستارن جو جوڙ ۽ صورت، گرهڻ ۽ اهڙين ٻين اهم واقعن جون شڪليون نڪتل هونديون آهن، ماڻهن جي عمر عادتون، ميل ۽ مزاج سڀ ان ۾ ڄاڻايل هوندا آهن، مطلب ته هن جي ڄمار ۾ اهڙو واقعو ڪونه ٿيندو، جو جنمپتري ۾ (واقعي کانپوءِ) نه لڀندو (پر هاڻي ٿر ۽ سنڌ ۾ اهڙا جنمپتري کلڻ وارا جوشي ۽ عالم اڻلڀ آهن) ٽپڻو به جنم پتري وانگر ٺهيل هوندو آهي، اهو مسلمانن جو ”تقويم“ وانگر هڪ قسم جي جنتري آهي ان ۾ يوگ جو مدو، نکشتر، تٿا واري علم هيئت مطابق وقت ڏنل هوندا آهن.

”ڀيرومل مهر چند آڏواڻي“ پنهنجي ڪتاب ”لطيفي سئر“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته مها ڀارت جي لڙائي کانپوءِ جيسلمير کان جادو ونسي پنجاب آيا، انهن جو راجا ساليواهن هو. هن نئون شهر ٻڌي گادي جو هند مقرر ڪيو، جيڪو هاڻ ”سيالڪوٽ“ سڏجي ٿو. انهي زماني ۾ ”ساڪ“ يعني ”ستين لوڪ“ زور هئا جي هن کي سامهون ٿيا. راجا ساليواهن انهن ساڪ لوڪن کي ملتان کان 30 ڪوه پري ڪاهرو جي ويجهو اهڙي سخت شڪست ڏني جو سندس ماڻهن کيس لقب ڏنو ”ساڪاري“ معنيٰ ساڪ لوڪن جو ”اري“ (دشمن) هن وڏي سوڀ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ انهن مهاڀاري لڙائي واري سال (78ع) کان ساليواهن جو ”ساڪ“ يعني سنبت شروع ڪيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. راجا ساليواهن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽيءَ“ هو، جنهن جو اولاد ”ڀٽي راجپوت“ آهن.

بنا سمجهه جکي، ٿو ڪُتو ڪُچَ مندر ۾،

ٻالڪ ٻڌو ورائي، ڀلي ڀؤ رکي،

گيانيءَ پاڻ لکي، ته سُکي ٿئي ”سامي“ چوي.

هندوئن جي ويدن ۾ نو (9) گره آهن. انهن بابت هن دنيا تي وسندڙ انسان، پکي، جانور، وڻ ٽڻ، ريگستان، جبل مطلب ته هر ڪا شيءِ انهيءَ جي اثر هيٺ آهي ۽ پنهنجن ڪيل ڪرمن (اعمالن) انوسار (مطابق) ليڻا ڏيڻي جا ڦل ڀوڳي ٿو. جوتش وديا جي ودوانن، ڏاڍي کوجنا ڪري، انهن قدرت الاهي جي ڳجهه ۾ هٿ وجهي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. آسمان سورج، چندرما، تارا ۽ ٻيا گرهه پنهنجي نيم (اصول) پرماڻي پرماتما جي مقرر ڪيل حدن ۾ صدين کان هڪ مقرر ٿيل اصول موجب گردش ۾ آهن.

پريم ساگر جي جولاءِ 1996ع جي پرچي ۾ مسٽر جڳديش راٺي لکي ٿو ته: 1) سوريه (سج) هڪ راشي ۾ هڪ مهينو، 2) چنڊ ٻه ڏينهن ۽ 6 ڪلاڪ ۾ 3) منگل 45 ڏينهن ۾ 4) ٻڌ 27 ڏينهن ۾ 5) ورشپت هڪ سال ۾، 6) شڪر هڪ مهيني ۾، 7) شني ڇنڇر 30 ڏينهن ۾، 8) راهو ۽ 9) ڪيتو، 18 مهينن ۾ گردش پوري ڪن ٿا. انهن ئي گرهن جي چال رخ، وقت، رفتار ۽ ڌرتيءَ تي اثرات جي باري ۾ سڌ لڌي جڏهن دنيا جا ماڻهو اڪثر ڪري اگهاڙا گهمندا، جهنگلن ۾ شڪار تي گذران ڪندا هئا ۽ علم رياضي کان ناواقف هئا. تڏهن علم جوتش جو جنم ٿيو، جوتش وديا ۾ انهن، (9) نون گرهن کي اهم ڳڻيو ويندو آهي. (1) سُوريه يا روي (آچر) 2 چندرما (سومر) 3) منگل يا يوم 4) ٻڌ 5) ورشپت يا گُرو، 6) شڪر، 7) شني يا ڇنڇر، 8) راهو، 9) ڪيتو، انهن مان پهرين ستن جي نالن سان هندي مهينن جي ستن ڏينهن جا نالا رکيا ويا آهن. انهن جي ناقص هئڻ ڪري انسان گهڻائي دک ڀوڳي ٿو. انهن لاءِ گيتا ۾ هڪ شلوڪ آهي ته: ”گرها، راجيه پرپڇنتي گرها، راجب هر سنتي گرهيه وياپتم اوم سرو چيو لوڪيه س چراچرم“. معني گرهه ئي راڄ ڏيارڻ وارا آهن ۽ گرهه ئي کسڻ وارا هوندا آهن. گرهن سان ئي سڄو سنسار هلي رهيو آهي. گرهن جي ناراض هئڻ ڪري منش، ديوتا، دئيت وغيره ست ڍگ، تريتايگ ۽ دئاپريگ ۾ به ڪشٽ (دک) ڏٺا. جوتش ۾ 12 راسيون آهن، 1) ميک، 2) ورک، 3) مٿن، 4) ڪرڪ، 5) سنگهه، 6) ڪنيا، 7) تل، 8) ورشڪ، 9) ڌن، 10) مڪرَ، 11) ڪنڀ، 12) مين، اردو ۾ انهن کي چون، 1) حمل، 2) ثور، 3) جوزا، 4) سرطان، 5) اسد، 6) سنبل، 7) ميزان، 8) عقرب، 9) قوس، 10) جدي، 11) دلو، 12) حوت انهن کي انگريزي ۾(1 Airies, (2 Taurus, (3 Gemini, (4 Cancer, (5 Leo, (6 Virgo, (7 Scorpio, (8 Sagittarius, (9 Capricorn (10 Aquarius (11 Libra, (12 Piscus

هنن نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي. مطلب ته هر هڪ مذهب يا جوتش دانن جو بنياد انهن 12 راسين تي آهي. هندو پنهنجا نالا ۽ جنم پتري به انهن راسين مان ڳولي پوءِ رکندا آهن. انهن راسين لاءِ به اکر مقرر ٿيل آهن. 1) ميک: چَو، چي، چُو، لَ، لا، لَي، لِي، لُو، لُ، آ، ع، ۽ اُ،

2) ورک: اِ، اُ، اي، او، وَ، وا، بَ، بِ با، وي، وُ، ٻ ۽ ڪي، 3) مٿن: ڪَ، ڪا، ڪي، ڪُ، گهه، ڳَ، ڇ، ڪي، ڪو، ۽ ها، گ.

4) ڪرڪ: هَه، هي، هُه، هي، هو، ڊ، ڊا، ڊي، ڊُ، ڊي، ڊو ۽ ح.

5) سنگهه: مَ، ما، مي مِ، مو، ٽُ، ٽا، ٽي، ٽُ، ٽي، مي ۽ ٽو.

6) ڪنيا: ٽو، پ، پا، پِي، پو، ڻ، ٺ، ٺا، ٺُو ۽ پي، ش.

7) تل: ر، را، ري، رو، ري، رُ، ت، تا، تِي، تُو ۽ تَي.

8) ورشڪ: نَ، نوَ، نا، ني، نو، نُو، ني، يَ، يِ، يا، ييَ، طوءِ، يوءِ، لو، لُو.

9) ڌن: ڀَي، ڀو، ڀِي، ڀ ، ڀا، ڀي، يوَ، ڌ، ڌا، ڦ، ڦا، ڍ، ڍا، ڍو ۽ فا، پي.

10) مڪر؛ ج، جا، جو، ک، کي، کيَ، کو، کا، خو، خا، گ، ذ ۽ ڀو.

11) ڪنڀ: گ، گي، گو، س، سا، سي، سو، ش، شا، ص، صا، ڏ ۽ ڏا.

12) مين: د، دي، د، ٿ، ٿا، جهه، جها، ڄا، دي، دو، چ، ڇا ۽ چي.

انهن کي وري ڪرمن جي ڦل ڀوڳڻ لاءِ 12 ڀاؤ يا آسٿان يا گهرن ۾ ورهايو ويندو آهي. انهن جا نالا آهن. 1) تن، 2) ڌن، 3) سَهجَ، سک، 4) سهرديه، ماتا، 5) سنتان، اولاد، 6) شتروُيا رپوڀاوَ، دشمن ۽ روگ، بيماري، 7) جايا، استري، 8) آيو: عمر يا مرتبو، 9) ڌرم، مذهب، 10) ڪرم ۽ پتا. 11) لاڀ: فائدو، 12) وگيهَ، خرچ، انهن شُپَ، اَشُڀ (چڱا يا برا) گرهه انهن مقامن ۾ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهن. جيئن دنيا ۾ دوست دشمن آهن. ايئن گرهن ۾ به آهن ۽ هر هڪ گرهه کي پنهنجو کاتو مقرر ٿيل آهي. جوتش وديا مطابق سٺو ۽ خراب اثر ٿيندو آهي، هر گرهه کي پنهنجو منتر هوندو آهي. انهن مان ٽن قسمن 1) پراڻو ڪت، 2) ويدوڪت، 3) تنتروڪت منتر آهن. انهيءَ کانسواءِ هر هڪ گرهه لاءِ لاڀدائڪ (فائديمند) پٿر يا نگ هوندا آهن، اُهي ماڻهو گهڻو ڪري منڊين ۾ جڙي پائيندا آهن. انهن جو وچور: 1) سوريه لاءِ ماڻڪ، يا روبي، ياقوت Ruby 2) چندرما ۽ موتي (Pearl) مون اسٽون (Moon)، 3) منگل: مونگا يا پروال (Cord) عميق لعل 4) ٻڌ: پنو يا زهري(Emeraled) 5) گرو: پکراج (Yellow Sapphire)، 6) شڪر: هيرو+زرقون (Diamond) 7) شني: نيلم فيروزه (Blue spphire)8) راهو: گوميد (Gomed)، 9) ڪيتو: لهسنيو. (Cats eye). انهن راسين پٺيان هر ڪنهن گرهه کي انهن راس لاءِ سٺو يا خراب اکرن مطابق نالا ڏنا ويندا آهن. انهيءَ کانپوءِ جنم نکشتر 28 ڏنا ويندا آهن. اُهي آهن:

1) اشوني، 2) ڀرڻي، 3) ڪرتڪا، 4) روهڻي، 5) مرگشيو، 6) اردرا، 7) پنروسو، 8) پشيه، 9) آشليشا، 10) مگها، 11) پوروا ڦالنگني، 12) اتر ڦالنگني، 13) هست، 14) چترا، 15) سواتي، 16) وشاکا، 17) انوراڌا، 18) جيشٺا، 19) مول، 20) پورواشاڍا، 21) اُتراشاڍا، 22) اَڀجت، 23) شروَڻ، 24) ڌنشنا، 25) ستارا، 26) پورو ڀادرپدا، 27) اتراڀادرپدا، 28) ريوتي.

انهن کانپوءِ هر هفتي جو گرهه ڪنڊليون ٺهن ٿيون، پوءِ چوگهڙيا، چار گهڙيون/پَلونُ جيڪي سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين، ڏينهن جا ۽ رات جا الڳ الڳ چوگهڙيا هوندا آهن. هر هڪ چوگهڙيو ڏيڍ ڪلاڪ جو ٿيندو آهي. پوءِ انهن چوگهڙين کي پلڪن ۾ ٺاهبو آهي، جيڪي ڇٺي وڌاتا لکڻ مهل ڳڻيا ويندا آهن. چوگهڙيا سٺا ۽ خراب ٿيندا آهن. انهن جا نالا آهن. 1) شڀ، 2) لاڀ، 3) امرتَ (سٺا)، 4) چنچل، 5) ادويگ، (وچولو)، 6) روگ، 7) ڪال (خراب)، اوهان جيڪي مٿي (9) نوَ گرهن ۾ جيڪي رتن پڙهيا انهن کي وري سنڌي مهينن جي آڌار تي هن نموني ڳڻيندا آهن. 1) چيٽ: ڪپش مڻي Jasper 2) ويساک: هيرو (Diamond) 3) ڄيٽ: پنا (Emerald)4) آکاڙ: مونگو (Coral) 5) سانوڻ ماڻڪ، لالڙي Ruby 6) بڊو: هرتو تپل Ruby sapphire 7)اَسو: نيلم Bluesapphire 8) ڪتي، 9) ناهري: پکراج Topaz، 10) پوه: فروزاTurqualac 11) مانگهه: تامڙي يا وڪت مڻي Goriest. 12) ڦڳڻ، نيل، راگ مڻي Emethyst 13) پروشتم/اڌڪ: نو رتن منڊي.


Copyrights 2001-2007 © to all researchers, students and educators from Sindh and well-wishers of Sindh to download and reuse information at their own risk. All the resources are free to use for non-commercial and educational purpose. If you have any suggestions, comments or would like to report useful or broken links, please send an email to webmaster sindh2uk