Realtime Hit Counter

Wednesday 11 May 2011

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
“ساهتي” پرڳڻي جي ڀلاري ڀونءِ مان وقت جا ڪيترائي بلند پايي جا عالم، محدث، مفسر، فقيه، اديب، شاعر، حڪيم، قومي ڪارڪن، سخي ۽ بهادر انسان پيدا پئي ٿيا آهن، جن جي علمي ۽ عملي ڪارنامن سان سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريا پيا آهن. نوشهري فيروز ضلعي جي “ڪنڊياري” شهر جي اوڀر ۾ قومي شاهراهه جي وٽ سان “ڄام نـُـور الله” (1) جي نالي سان هڪ قديم ڳوٺ آهي. اهو ڳوٺ “سهتا” قوم جي هڪ سردار ڄام نـُـورالله (2) جو ٻڌايل آهي.
اسلام جي فيض ۽ برڪت سببان قديم زماني کان وٺي “ڄام نـُـور الله” جي قديم بستيءَ وقت جي وڏن عالمن، فاضلن، محدثن، فقيهن ۽ درويشن کي جنم ڏنو آهي. هن ويجهڙائيءَ واري دؤر ۾، هن ڳوٺ جي سرزمين مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي (3) وڏي بلند مرتبي وارو عالم، خطيب، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. “ساهتي” پرڳڻي ۾ مولانا عبدالخالق جهڙو بلند مرتبي وارو عالم هن دؤر ۾ پيدا نه ٿيو آهي. خدا جي هن نيڪ ۽ صالح بندي جي ساري عمر، ظاهري توڙي باطني علمن جي اشاعت ۾ گذري. پاڻ ذات جو “سهتو” هو. “سهتا”، سنڌ جي هڪ نج قديم قوم آهي ۽ “ساهتي” پرڳڻي ۾ ڪثرت سان آباد آهي. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت هيءَ قوم اسلام جي دائري ۾ آئي هئي.
مولانا عبدالخالق جو خاندان، هڪ طرف درويش ۽ خدا وارن فقيرن جو گهر هو، ته ٻئي پاسي هڪ علمي خاندان پڻ هو. سندس والد بزرگوار، ميان محمد هاشم ۽ سندس ڏاڏو ميان شاهه محمد، ٻئي فقير تن شخص ۽ وقت جا لاثاني عالم هئا. مولوي صاحب جو چاچو، ميان نظام الدين پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس گهراڻي کي اڪثر ماڻهو “فقير گهر” يا “ميان وڏا فقير” ڪري چوندا هئا.
مولانا عبدالخالق جي ولادت سن 1892ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ “ڄام نور الله” ۾ ٿي. جيئن ته سندس گهرو ماحول علمي ۽ فقيراڻو هو، انهيءَ ڪري پاڻ هڪ نيڪ ۽ صاف سٿري علمي ۽ ديني ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيو. پاڻ جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ واريءَ ڄمار کي پهتو، ته کيس ڳوٺ جي “ڄامن واري مسجد” جي مڪتب ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي آخوند الهه بخش سيٺر (4) کان قرآن پاڪ ناظره پڙهيائين. ابتدائي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جا ڪتاب پڻ پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پرايائين. اهڙيءَ طرح، پاڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي محبت ۽ تربيت هيٺ وڌي جوان ٿيو ۽ ابتدائي تعليم جا مرحلا طيءِ ڪيائين. ديني علمن جي وڌيڪ تعليم ۽ تحصيل لاءِ کيس سنڌ جي پري پري جي مدرسن ۽ مڪتبن جو سفر ڪرڻو پيو. پاڻ سڀ کان پهريائين “ڍينگي شريف” (5) جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ان کان پوءِ “کاهي ڪـُـنڍا” ۾ ديني علمن جو درس ورتائين. انهن ٻنهي مدرسن مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، “پير جهنڊي” جي مشهور مدرسي ۾ ويو، جتي وقت جي وڏي جيد عالم مولانا محمد اڪرم انصاري ۽ برصغير جي وڏي عالم ۽ مفڪر، مولانا عبيدالله سنڌي رحه جهڙن عالمن جي مسندِ فيض تان علمي فيض پرايائين. آخرڪار، سجاول جي مدرسي ۾ وڌيڪ ديني علمن جي تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو.
مولانا عبدالخالق علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، زندگيءَ جي عملي دؤر ۾ قدم رکيو. پاڻ سڀ کان پهريائين پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي، درس ۽ تدريس ڏيڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ وارو مدرسو ڇڏي، ڪنڊياري شهر ۾ “شاهه زڪريا” واري ننڍڙي مسجد شريف ۾ تعليم ڏيڻ جو مشغلو جاري ڪيائين. ان کان پوءِ، ساڳئي شهر ۾ “کـَٽـِـُين” واري مسجد شريف ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين. ڪنڊياري شهر ۾ ميمڻن جي اسرار تي ميمڻن واري قــُبائين مسجد شريف ۾ به ڪجهه وقت لاءِ اچي مدرسو جاري ڪيائين. اهو مدرسو هن وقت تائين هلي رهيو آهي.
ان زماني ۾، ڪنڊياري شهر ۽ ان جي آس پاس “قادياني” فتنو زور تي هو. ان ڏس ۾، مولانا عبدالخالق قلمي توڙي عملي طرح ان فتني کي ٽوڙڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. سندس وعظ ۽ نصيحت ۾ الله تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. سندس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري ڪيترائي راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌي راهه تي اچي ويا. مولوي صاحب قادياني فتني خلاف ڪيترائي مفيد ۽ ڪارائتا مضمون تحرير ڪيا، مگر افسوس جو اهي مضمون اڄ عدم موجود آهن.
مولانا عبدالخالق ظاهري عالمن وانگر ڪٽر مولوي ڪونه هو، مگر مذهبي ۽ ديني علم سان گڏ سياسي بيداري ۽ سياسي سوچ پڻ رکندڙ هو. انهيءَ لحاظ کان پاڻ “جميعت العلماء هند” ۾ شموليت اختيار ڪيائين. پاڻ “خلافت تحريڪ” جو سرگرم رڪن پڻ هو ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ خلافت تحريڪ کي ڏاڍو زور وٺرايائين. “دريا خان مري” (ضلعي نوشهري فيروز) واري مدرسي جو مشهور عالم، مولوي عبدالله خلافت تحريڪ ۾ سندس رفيق هو. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾، مولوي صاحب ان دؤر جي انگريز سرڪار جي خلاف ڏاڍايون زوردار ۽ پـُـراثر تقريرون ڪيون.
انهيءَ دوران برصغير ۾ “هجرت تحريڪ” زور ورتو، جنهن ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ وڏو نمايان حصو ورتو. 9- جولاءِ 1925ع تي ميان جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ هيٺ هجرت تحريڪ وارن جو قافلو سنڌ کان ڪابل ڏانهن روانو ٿيو. مولانا عبدالخالق پڻ پنهنجي روحاني رهبر، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي فرمان مطابق هجرت جو فيصلو ڪيو. مولوي صاحب پنهنجن ٻارن، دوستن ۽ احبابن سان گڏ ڪابل ڏانهن هجرت جو سفر اختيار ڪيو. مولوي صاحب سان گڏ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار هئا، جن مان هڪ سندس وڏو فرزند محمد هاشم پڻ هو. ڳوٺ “ڄام نور الله” مان ٻين ٻن گهرن پڻ هجرت ڪئي هئي، جن مان هڪ گهر جـُـمعي فقير جو هو، جنهن ۾ ٻه مرد، ٽي عورتون ۽ هڪ ٻار شامل هئا. ٻيو گهر مولوي عبدالعزيز جو هو، جنهن ۾ سندس ٻه ڀائٽيون ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به هئا. انهن کان علاوه، ميان شمس الدين سهتي ۽ مولوي محمد عالم سومري، جو پير جهنڊي ۾ ڪاتب ۽ جـُـلد ساز هو، پڻ مولانا عبدالخالق سان گڏ هجرت ڪئي هئي. “مـَـچلا” (6) قوم جا ماڻهو پڻ انهيءَ سفر دوران مولوي صاحب سان گڏ هئا. ڪابل وارن جي سرد مهريءَ سبب جڏهن اها تحريڪ ٿڌي ٿي، ته مهاجر واپس سنڌ موٽي آيا. مولانا عبدالخالق به واپس ڳوٺ “ڄام نور الله” موٽي آيو ۽ ڳوٺ واري مدرسي کي ٻيهر جاري ڪيائين. مولانا عبدالخالق، هجرت تحريڪ کان پوءِ، مولانا شوڪت عليءَ جي “ترڪ موالات تحريڪ” ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو.
مولوي صاحب سن 1925ع جي آخر ڌاري پنهنجي آبائي شهر ڪنڊياري کي ڇڏي، نواب شاهه ۾ اچي رهيو. پاڻ سن 1938ع تائين نواب شاهه جي جامع مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران عام مسلمانن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيائين. سن 1939ع ۾ نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر، مسٽر ڊو سان سندس سياسي اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري نواب شاهه کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، حيدرآباد ۾ اچي رهيو.(7) مولوي صاحب جلد ئي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فقہ ٽيچر مقرر ٿيو. ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال، خانبهادر محمد صديق ميمڻ سندس ڏاڍو معتقد هوندو هو ۽ مولوي صاحب کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو. مولوي صاحب، “مدرسة البنات” ۾ به محمد صديق ميمڻ سان گڏجي وڏو ڪم ڪيو. مولوي صاحب سرڪاري ملازمت سان گڏوگڏ، پهريائين “واڍن جي پڙ” واري مسجد ۽ بعد ۾ “ڪورين جي پڙ” واري جامع مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. “ڪورين جي پڙ” واري مسجد ۾ پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين پيش امام جا فرائض بجا آڻيندو رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرئوف ميمڻ جي روايت آهي ته حيدرآباد جي “ڪورين جي پڙ” واري مسجد شريف ۾ حاجي پيرو، حاجي محمد رمضان، حاجي محمد عثمان، ميان عبدالرحمان ميمڻ ۽ غلام محمد، مولانا عبدالخالق جا خاص معتقد ۽ جماعتي هوندا هئا.
مولوي صاحب تعليمي لحاظ کان وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ ڪيترين ئي فضيلتن جو مالڪ هو. ديني علمن سان گڏ، پاڻ علم طب،علم منطق ۽ سنڌ جي تواريخ جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ رهائش دوران مولوي صاحب جو هميشه اهو دستور هوندو هو ته سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ، حديث شريف جو درس ڏيندو هو ۽ فجر جي نماز کان پوءِ، قرآن پاڪ جو تفسير بيان ڪندو هو. مولوي صاحب نه صرف علم جي دولت سان مالا مال هو، پر روحانيت جو به صاحب هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ حضرت مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي “قادري” طريقي جي بيعت ڪئي هئائين. مولانا امروٽيءَ جي وفات کان پوءِ، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين، جو مولانا امروٽي رحه جو خليفو هو. مولوي صاحب جي روحاني فضيلت ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي، ڪافي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. سندس روحاني فيض پڻ ظاهري علمن وانگر جاري هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي “ڏوڪري” طرف “تـُنيا” ذات جا ماڻهو اڪثر سندس مريد هئا. مولوي صاحب ظاهري پيرن ۽ مولوين وانگر ڪنهن کان به ڏَنُ وغيره ڪونه وٺندو هو. پاڻ هميشه شرع جو پابند رهيو ۽ غير شرعي ڪمن ۽ بدعتن جي خلاف ڪم ڪندو هو. مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ “ڄام نور الله” جي ماڻهن مان بد رسمن ۽ بدعتي ڪمن جو بلڪل خاتمو آندو. ڳوٺ جي عورتن ۾ پردي جو سختيءَ سان رواج وڌائين ۽ سمورن ماڻهن جي عورتن لاءِ پردي جو تاڪيد ڪيائين. مولوي صاحب هڪ لاثاني حڪيم پڻ هو. سندس ڪي خاص نسخا ڪيترين بيمارين لاءِ تير بهدف هوندا هئا.
مولانا عبدالخالق جي قلم ۾ خداوند تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. پاڻ هميشه حق ۽ انصاف جو قائل رهيو ۽ سموري زندگي ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. مسلمان قوم، خاص طرح سان سنڌي مسلمانن جي ديني اصلاح سان گڏ، سياسي بيداريءَ جي لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهيو. مولوي صاحب اهو چاهيو ٿي ته سنڌ جي مسلمانن اندر ، صحيح نموني ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ ساڳئي وقت ان سان گڏ صحتمند اسلامي اصولن تي معاشرو قائم ٿئي. مولوي صاحب ان ڏس ۾ وڏو قلمي جهاد ڪيو ۽ بي سروسامانيءَ ۾ انهيءَ ڪٺن ۽ مشڪل راهه ۾ ڪيتريون ئي ذهني ۽ مالي تڪليفون سٺائين. پر انهيءَ ڏس ۾ پاڻ هميشه اٽل ۽ اورچ رهيو.
مولانا عبدالخالق پهريائين پنهنجا قيمتي ۽ عالمانه مضمون، ان دؤر جي مشهور ديني رسالي “توحيد” ۽ مشهور اخبار “الوحيد” ۾ شايع ڪرائيندو هو. مولوي صاحب کي انهيءَ شوق صحافت جي ميدان ۾ گهلي آندو. پاڻ سن 1936ع ۾ نواب شاهه مان “معارف” نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين. اهو رسالو سري ڪرشنا ليٿو پريس، سکر ۾ ڇپبو هو ۽ ان جي سالياني قيمت سوا ٻه روپيه هوندي هئي. هن رسالي ۾ مذهبي، علمي، تواريخي ۽ اخلاقي مضمون شايع ٿيندا هئا. رسالي جي اندرئين ٽائيٽل واري صفحي تي رسالي جا اغراض ۽ مقاصد لکيل هوندا هئا. هن رسالي جي جاري ڪرڻ جو وڏو مقصد هيءُ هو ته قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي اشاعت ٿئي ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ ان جو شوق پيدا ٿئي. ان سان گڏ اسلامي تواريخ، اسلامي تصوف ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جي باري ۾ پڻ عمدا مضمون ڏنا ويندا هئا. هيءُ رسالو مالي مشڪلاتن جي باوجود، سن 1938ع تائين باقاعدي هلندو رهيو ۽ اهو سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، آفيسرن ، وڏيرن، زميندارن ۽ ٿوري علم وارن ماڻهن ۾ پڙهيو ويندو هو.
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾، ڪاليج مان نڪرندڙ رسالن، جهڙوڪ: “اخبار تعليم” ۽ “مـُـلا مخزن” ۾ پڻ مولوي صاحب جا علمي، ادبي، تواريخي، اسلامي فقه ۽ قرآن پاڪ جي تفسير بابت بهترين علمي شهپارا شايع ٿيندا هئا.
مولانا عبدالخالق سن 1930ع ۾ “سورهِ ڪوثر” جو سولي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ تفسير لکيو. (8) هن تفسير ۾ نماز اضحيٰ، حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تابعداري ۽ سندن دشمنن جي بد عاقبت جو تمام عمدي نموني ۾ بيان ڪيل آهي. سن 1932ع ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پاڪ تي هڪ ننڍڙو رسالو “حالات حضور” جي نالي سان پڻ ڇپائي پڌرو ڪيائين. (9) مولوي صاحب سن 1361هه/ 1942ع ۾ “معارف القرآن” جي نالي سان عام فهم سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير لکيو. هيءُ تفسير سنڌي زبان جي معياري تفسيرن مان هڪ آهي. مولوي صاحب، قرآن پاڪ جو اهو تفسير، ان دؤر جي وڏي عالم، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي هدايت تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن تفسير جا ماخذ ڪافي معتبر تفسير آهن، جهڙوڪ: تفسير ابن ڪثير، تفسير حقاني، تفسير روح المعاني، تفسير ڪبير، تفسير الجواهر الطنطاوي مصري وغيره. مولوي صاحب جي عبارت تي مولانا ابوالڪلام آزاد جي عبارت جو گهڻو اثر غالب نظر اچي ٿو. مولوي صاحب ڪـُـل پنجن پارن جو تفسير لکيو هو، جن مان پهريان ٻه پارا “سنڌ مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد” ۾ ڇپيا ۽ انهن کي “وقف ۽ مسجد سوسائٽي، حيدرآباد” شايع ڪرايو. باقي ٽن پارن جو تفسير قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهي.(10)
مولانا عبدالخالق جو قلم سموري زندگي هلندو رهيو ۽ اُن ۾ آخري وقت تائين ڪنهن به قسم جي ڪمي ڪانه آئي. پاڻ “صحيح بـُخاري” ۽ “مثنوي مولانا روم” جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هئائين. ان کان سواءِ، ڪي ٻيا ڪتاب به ضرور لکيا هوندائين. ليڪن، افسوس جو پوين جي بي قدريءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب مولوي صاحب جو اهو سمورو علمي ذخيرو برباد ٿي ويو!
مولوي صاحب ديني ۽ سياسي خدمتن سان گڏ شعر و شاعري به ڪندو هو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪيترو ئي شعر چيو هئائين. پاڻ شاعريءَ ۾ “عبد” تخلص ڪندو هو. سندس شاعريءَ ۾ اسلامي ۽ اصلاحي رنگ زياده سمايل هو. هتي سندس هڪ طويل نظم مان ڪجهه بند انتخاب طور پيش ڪجن ٿا.
نظم
عيد آ دلڪش نظامِ حسنِ شانِ زندگي،
عيد آ هڪ روح پرور جلوهِ آنِ زندگي.
عيد جيئرن لاءِ آهي ارمغانِ زندگي،
صد مبارڪ عيد توکي شادمانِ زندگي.

تنهنجي دم سان قوم و ملت کي ملي منزل وئي،
ازل کان تنهنجي لئه ٿيو هفت خوانِ زندگي.
زندگيءَ کي زندگي تنهنجي ئي صدقي ٿي عطا،
تنهنجي ئي دم کان رهيو قائم نشانِ زندگي.
زندگي اقوام جي تنهنجي مسيحائيءَ جو نشان،
فيض تنهنجي کان ٿيو زنده جهانِ زندگي.
عيد راحت گاهه آهي ڪاروانِ زندگي،
تون سنڀالي ڌر قدم اي رهه روانِ زندگي.
پردهِ گل ۾ سوين مستور آهن مارزار،
مثل بلبل جي هي رنگِ بوستانِ زندگي.
ڪالهه قومن کي ڪيو جيئرو تو ميرِ ڪاروان،
ڪيئن ٿئين تون پاڻ اڄ ننگِ جهانِ زندگي.
زندگيءَ جي نبض آ بي تابي - جوشِ عمل،
تو نه سمجهيو آ مگر رازِ نهانِ زندگي.
ذوق راحت جي توکي ڪمزور ۽ بزدل ڪيو،
تون کڻي سگهندين ڪٿي بارِ گرانِ زندگي.
جاهل و بيڪار دنيا ۾ جيئڻ جنجال آ،
دم بدم دشوار آهي امتحانِ زندگي.
زور بازوءِ، حڪومت جو زمانو اڄ ويو،
علم جي ئي هٿ ۾ آهي ٿي عنانِ زندگي.
جلوه آرا هٿ مٿي تنهنجي ئي هو نـُـورِ مبين،
تر ڪيو روشن زمين و آسمانِ زندگي.
کـُـهه پيا ذلت غلامي جا هـِـي ڪاٽڻ چار ڏينهن،
خاڪ هي آزادگيءَ جي آهه شانِ زندگي.


مولانا عبدالخالق 55 ورهين جي عمر ۾ سلهه جهڙي موذي مرض ۾ ساندهه ٻه سال مبتلا رهڻ بعد، جون 1947ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي خانداني قبرستان واقع ڳوٺ “ڄام نورالله” ۾ دفن ڪيو ويو. مولوي صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرئين گهر مان ٻه فرزند، هرهڪ محمد هاشم ۽ عبدالرزاق نالي ٿيا، جي ٻئي هڪ ٻئي پوئتان الله کي پيارا ٿي ويا. ٻئي گهر مان صرف هڪ فرزند محمد هاشم نالي ٿيو، جو حال حيات آهي ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر آهي.
مولوي صاحب جي شاگردن ۾ مولوي رضا محمد مڱريو، مولوي عبدالرحمان کوسو، مولوي غلام محمد رند ۽ مولوي نهبندو خان اُڄڻ وغيره وڏا ديني عالم ٿي گذريا آهن.(11)



حوالا:
(1) چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن ڳوٺ جو اصل نالو “لـُـقمان” هو ۽ قديم عرب دؤر کان وٺي انگريزن جي ابتدائي دؤر تائين انهيءَ نالي سان سڏبو هو. لـُـقمان سهتي جي خاندان مان ڄام نـُـور الله (ثاني) نالي هڪ وڏو زميندار ۽ جاگيردار ٿي گذريو آهي، جنهن جي نالي پوئتان هن ڳوٺ جو نالو”لـُـقمان” مان بدلجي، “ڄام نـُـور الله” سڏجڻ ۾ آيو.(قاضي نور الله: “تذڪره خاندان قريش” - قلمي فارسي، ضميمو نمبر 5، ورق 10)
(2) مرحوم عبدالخالق پيرزادي جو چوڻ آهي ته ڄام نـُـور الله سهتو، چاچڪ سهتي جي اولاد مان هو.(زباني روايت، جولاءِ 1973ع)
(3) ڳوٺ “ڄام نـُـور الله” جيئن ته ڪنڊياري شهر جي وٽ سان آباد آهي، انهيءَ ڪري مولانا عبدالخالق پاڻ کي “ڪنڊياروي” سڏائيندو هو.
(4) حافظ مولوي الهه بخش ولد حاجي خان سيٺر سن 1861ع ڌاري ڳوٺ”شهمير ديري” تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽان ديني علمن جي تحصيل ڪئي هئائين. مولوي صاحب هڪ وڏو عابد ۽ زاهد شخص هو. پاڻ ٽنڊي سائينداد واري بزرگ، خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جو معتقد ۽ مريد هو. ڳوٺ شهمير ديري، ڳوٺ ڄام نـُـور الله ۽ محبت ديري جتوئيءَ جي ديني مدرسن ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. وٽانئس ڪيترن ئي شاگردن فيض حاصل ڪيو، جي وقت جا ناميارا عالم ٿي گذريا آهن. مولوي صاحب سن 1965ع ۾ وڏي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي.
(5) ڍينگي شريف جو ننڍڙو ڳوٺڙو، “ڀريا روڊ” جي ڀرسان “سدا واهه” جي ڀـِـڪَ سان آباد آهي. هتي “ڪيريا” قوم مان وڏا عابد ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن بزرگن مان ميان عبدالرحمان ۽ ميان علي محمد وڏا حال ۽ قال جا صاحب هئا. ڍينگائي بزرگن وٽ هڪ وڏو ڪتبخانو پڻ هو. هتي ديني علمن جو هڪ مدرسو به هو، جتي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن وقت اهي سڀ زماني جي لـَـهـَـر ۾ لـــُـڙِهي ويا آهن ۽ بزرگن جي ياد وڃي باقي رهي آهي.
(6) “مـُـچـُـلن جو ڳوٺ”، ڪنڊياري شهر جي اولهه ۾ پنجن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي.
(7) مولوي صاحب نواب شاهه کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ “ٻـَـرهـُـون”(شاهپور چاڪر) ۾ به خطيب ۽ مـُـدرس ٿي رهيو.
(8) هن تفسير جو ٻيو ايڊيشن 1994ع ۾، “حياتِ ملت” جي نالي سان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي، ڄام نـُـور الله، تعلقي ڪنڊياري طرفان پڌرو ٿيو.
(9) انهيءَ رسالي جو ٻيو ڇاپو 1992ع ۾، مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي، ڄام نـُـورالله، تعلقي ڪنڊياري طرفان شايع ٿيو.
(10) تفسير “معارف القرآن” سنڌ جي معروف اداري، “روشني پبليڪيشن”، ڪنڊياري طرفان اشاعت هيٺ آهي.
(11) هن مقالي جي تياريءَ ۾ عزيزم پروفيسر عبدالرزاق گهانگهري، ساڪن ڳوٺ ڄام نور الله ڪافي مواد فراهم ڪيو.(ق. ح. خ )1
http://sindhipeoples.blogspot.com/2011/03/blog-post_16.html

شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني

شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني
خادم گھراڻو
اسان جي شهيد صحافت ساٿي شهيد امان الله دائودپوٽو کي اوچتو ڪنهن ايڊيشن بابت خيال ايندو هو ته مون کي چوندو هو ته اهو ايڊيشن ڪڍون . شهادت کان ڪجھه ڏينهن پهرين مون کي چيائين ته شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني کي توهان ڏٺو هو مون هن کي چيو ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي پاڙي مان مولانا صاحب لنگھندو هو اسان راند روند ۾ هوندا هئاسين ته ساٿي اچي چوندا هئا ته مولانا صاحب اچي پيو پوءِ اسان لڪي ويندا هئاسين .جڏهن اسان مولانا صاحب کي ڏٺو هو ته ان وقت اسان مئٽرڪ ۾ پڙهندا هئاسين . سائين جن مون کي چيو ته ٻي ڪا ڄاڻ مون چيو ته نه آهي پاڻ چيائون ته توهان کي ڄاڻ نه آهي ته توهان جي هم عمر ماڻهن کي ڇا هوندي تنهن ڪري مولانا صاحب اسان جي سنڌ جو سرمايو هو هن بابت معلومات گڏ ڪجي جيئن اسان جو موجوده نسل ان بابت ڄاڻي سگھي ته سنڌ جي هن عظيم شخصيت جو ڪيڏو مان مرتبو هو . پاڻ کي هن بابت ڪوشش ڪرڻي پوندي مون چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا . آئون پنهنجي کوجنا کي لڳي ويس مون روزاني عبرت 19 ڊسمبر 1991ع جي عبرت جو ڪالم اڄوڪو ڏينهن ليکڪ بدر پاٽولي ، سوجھرو پبليڪيشن 1985ع نصرپور جا اولياءَ ولي بزرگ اديب ليکڪ يوسف شاڪر ابڙو ،بريلوي ڇو نه بنيس ليکڪ حافظ غلام محمد ميمڻ متعلوي ، اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو سهيڙيندڙ ثناءُ الله سومرو ،شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجھد سهيڙيندڙ ثناءُ الله سومرو مان مواد گڏ ڪرڻ لڳس انهن جي ٿورن سان ئي هي مضمون ڪجھه تيار ڪيم جنهن مان به اسان جي سنڌ وارن کي ڪافي ڄاڻ ملي سگھندي شهادت کان ڪجھه ڪلاڪ پهرين آئون سائين جن وٽ ويو هوس مون کي چيائون مواد مليو يا نه مون کين چيو ته ڪجھه مواد مليو آهي ان کي ترتيب ڏيڻو آهي پر جڏهن سندس شهادت جي خبر پيئي ته ڪم رڪجي ويو پر سندن هڪ سپنو هو جنهن کي پورو ڪرڻو هو مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جي شڪرئي سان هيءُ مضمون لکي رهيو آهيان . اسان جي سنڌ هر دور ۾ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زنده آهن انهن مان نصرپور جي شهر ۾ هڪ غريب خاندان ۾ جنم وٺندڙ مولانا عبدالحق رباني به هڪ آهي مولانا عبدالحق رباني جو جنم نصرپور شهر ۾ 1910ع ۾ محمد رمضان جي گھر ۾ ٿيو سندن والد ڪورڪو ڪم ڪندوهو . مولانا عبدالحق رباني جو اصل نالو محمد وريل هو پر استادن منهن تي حق ۽ سچ چوڻ جي ڪري کين عبدالحق سڏيو ۽ ان ئي نالي سان مشهور ٿي ويا مولانا عبدالحق رباني اڃا ننڍو هو سندن والد وفات ڪري ويو پوءِ کيس سندن چاچن حاجي محمد دائود ، محمد اسماعيل ، محمد ڪامل نپايو . محمد ڪامل سنڌي مولود ۾ مشهور هو مولانا عبدالحق رباني کي ننڍپڻ ۾ ئي الله وارن جي سرپرستي حاصل ٿي پاڻ شروعاتي تعليم حافظ قاضي خدا بخش جي مدرسي مان ورتي جتي پاڻ قرآن شريف ۽ سنڌي ٻئي درجي جي تعليم حاصل ڪئي ان بعد مولانا تاج محمد قاضي جي مدرسي ۾ ويٺا جتان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي 1921ع ۾ کين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ديوبند التحصيل موڪليو جتي پاڻ حضرت مولانا محمد ابراهيم ،حضرت مولانا حسين احمد مدني ، حضرت مولانا شبير احمد حضرت مولانا اعزاز علي کان تفسير ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪئي مولانا عبدالحق رباني وڌيڪ حديث ۽ تفسير جي تعليم مولانا عبيدالله سنڌي کان حاصل ڪئي 1932ع ۾ پاڻ نصرپور ۾ قاضي مقبول جي مسجد ۾ مدرسو مظهر الحق قائم ڪيو جنهن جو مدرس سندن آخري دم تائين ساٿي رهندڙ حڪيم قاضي احمد متعلوي هو هن مدرسي مان مڪران بهاول پور ۽ ٻاهر جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا حيدرآباد ۾ چار حجري واري مسجد ۾ مدرسو کوليو مولانا عبدالحق رباني 1951ع ۾ ميرپور خاص ۾ هڪ تعليمي ادارو دارالعلوم قاسميه قائم ڪيو حڪيم محمد صالح سندن معاون هو هن مدرسي مان مولوي عبدالقيوم درس ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو مولوي سيف الله ڊاڪٽر سائين ڏنو قاري خير محمد محمد جمن شاهه بخاري ۽ نور محمد عمراڻي تعليم حاصل ڪئي .1971ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي خانگي ادارا سرڪار جي تحويل ۾ ورتا ان وقت هي مدرسو به سرڪاري تحويل ۾ آيو هن وقت هاءِ اسڪول آهي . جڏهن جمعيت العلماءِ هند جي نصرپور ۾ 1937ع ۾ شاخ کلي ته مولانا عبدالحق رباني ان جو پهريون صدر ٿيو 1933ع ۾ نصرپور مان ماهوار مبلغ رسالو جاري ڪيائون 1946ع ۾ هفتيوار العدل به جاري ڪيائون ان کان سواءِ الفاروق ۽ موحد اخبارون به جاري ڪيائون .1945ع ۾ ليجسليٽو اسيمبلي جي اليڪشن جو اعلان ٿيو پاڻ 21 ڊسمبر 1945ع نامينيشن فارم ڀرايو 12 جنوري 1946ع تي پولنگ ٿي 29 جنوري 1946ع تي نتيجو آيو جنهن ۾ مير بنده علي ڪامياب ٿيو . 1954ع ۾ سنڌ عوامي محاذ ۾ شامل ٿيا 1968ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا 1970ع ۾ پ پ پ حڪومت ۾ پاڻ گرفتار ٿيا هئا .1943ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان پوءِ کين جمعيت العلماءِ سنڌ جو ناظم اعلى منتخب ڪيو ويو مولانا صاحب جڏهن به ڪراچي ويندو هو ته ڪراچي جي کڏي واري مدرسي مظهر العلوم ۾ ترسندو هو . مولانا عبدالحق رباني 1954ع ڌاري اداره اشاعت التوحيد قائم ڪيو جتان پاڻ مختلف ڪتاب ڇپرايائون نظام حڪومت اسلامي ( مولانا ابو الڪلام آزاد ) پيغام ولادت ( مولانا ابو الڪلام آزاد )۽ دنيا کي اسلام کان ڪيئن روڪيو ويو ( مولانا عبدالحق رباني ) وغيره . مولانا عبدالحق رباني 1944ع ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ جمعيت العلماءِ هند جو جلسو ڪرايو هو جنهن ۾ وڏا وڏا عالم شريڪ ٿيا هئا .مولانا عبدالحق رباني لواري واري جڙتو حج واري فتني خلاف تحريڪ ۾ ۽ ون يونٽ جي تحريڪ ۾زبردست حصو ورتو . مولانا عبدالحق رباني جو قاديانين سان ٿيل مناظرو جيڪو ڪتاب بريلوي ڇو نه بنيس ليکڪ حافظ غلام محمد ميمڻ متعلوي صفحي 72 تي لکيل آهي ته مٽياري جي آخوند محمد صالح پنهنجا ٻه پٽ بمبئي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليا جيڪي قادياني اثر هيٺ اچي قادياني بنجي ويا انهن شهر ۾ تبليغ شروع ڪئي ماڻهن ۽ عالمن سخت مخالفت ڪئي آخر حق ۽ ناحق ثابت ڪرڻ لاءِ مناظرو ڪيو ويو هنن پنهنجا عالم گھرايا هتان نصرپور جو عالم مولانا عبدالحق رباني گھرايو ويو جامع مسجد ۾ مناظرو ٿيو مناظري هلندي قادياني عالم دليل ڏيندو معتبر ڪتابن جا حوالا ڏيندو انهن جون معنائون ڪڍندو ويو هڪ جاءِ تي پهچي هڪ ڪتاب ڪڍي نظر ان تي رکي پر عبارت پنهنجي مرضي جي پڙهڻ لڳو مولانا صاحب کانئس ڪتاب وٺي اصل عبارت پڙهي ۽ مجلس صدر کي ڏيکاريو ته ڪتاب ۾ اها عبارت آهي ڪونه اتي ماڻهو مڇرجي پيا قاديانين مٿان ٽٽي پيا ان بعد قاديانين جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو ويو ٻئي ڊاڪٽر شهر ڇڏي هليا ويا بحر حال ان بعد اڄ ڏينهن تائين مٽيارين ۾ ڪوبه قادياني پيدا نه ٿيو آهي مولانا عبدالحق رباني مولوي احمد چارڻ ٺارو شاهه ، مولانا حبيب الله ، مولانا قاري عزيز احمد ٺيڙهي وارو مولانا محمد يوسف ڪوٽڙي وارو قاري محمد صاحب ميهڙ واري سان رهاڻيون ڪندا هئا . مولانا عبدالحق رباني جنهن کي هڪ ڏينهن اوچتو فالج جو حملو ٿيو کين ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي پاڻ 13 ربيع الاول 1404هجري بمطابق 19 ڊسمبر 1983ع ۾ سومر جي ڏينهن وفات ڪيائون کين نصرپور جي اتر طرف جيئي شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو مولانا عبدالحق رباني وڏو عالم هو پر اسان جي موجوده دور جي نوجوانن کي ان بابت مڪمل ڄاڻ نه آهي محترم ثناءُ الله سومرو مولانا عبدالحق رباني بابت ٻه ڪتاب مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجھد سال 2002 ع ۽ اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو سال 2006ع ۾سهيڙيا آهن انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن مولانا صاحب بابت مضمون لکيا آهن انهن مضمون مان محترم ثناءُ الله سومرو جي ٿورن سان ڪجھه حصا ڏجن ٿا ته اسان جي اديبن مولانا عبدالحق رباني بابت ڇا چيو آهي نياز همايوني جن لکن ٿا ته سنڌ جو امام حضرت مولانا عبدالحق رباني پڻ اما م الهند حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد جيان چانهه جو شائق هو مولانا صاحب تقرير ۽ ٽحرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو موقعي تي ماڻهن کي بيداري جا سبق ڏيندو هو . مولانا غلام مصطفى دادوي جن لکن ٿا مولانا صاحب قرآن شريف جي پندرهن سيپارن جو تفسير به لکيو هو مولانا جي گفتگو مان اها ڳالهه ظاهر هوندي هئي ته سچ ڳالهايو ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهايو وڏن ماڻهن ۽ سماج جي رهبرن ليڊرن وزيرن کي سچ چئو قرآن شريف صحيح نموني سمجھو . ڄام ساقي جن لکيو ته مولانا عبدالحق رباني مظلومن سان محبت ڪرڻ وارو هو کين مولانا عبيدالله سنڌي جي وارثن مان چئي سگھجي ٿو . ايڊووڪيٽ محمود ڏاهر جن لکن ٿا ون يونٽ تحريڪ ۾ مولانا صاحب اسان جي سرپرستي ڪئي مولانا صاحب جن اسان کان جيل ۾ مليا ۽ چيائون ته اوهان جون قربانيون رنگ لائينديون ون يونٽ ٽٽندو مولانا عبدالحق رباني منهنجو سياسي مرشد هو سياسي مسئلي بابت پهريائين کانئن رهنمائي وٺندو هوس .مولانا صاحب تمام وڏا بهادر بي باڪ سياستدان عالم هئا سندن سياسي ڪارناما علمي ۽ فڪري جاکوڙ جدوجھد سنڌ جي تاريخ جو عظيم سرمايو آهي جن جي ڄاڻ هر سنڌ جي سڄاڻ ماڻهو کي حاصل ڪرڻ گھرجي .يوسف شاهين پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته مولانا عبدالحق رباني منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو هو سنڌي اڻ موٽ قوم جو اڻ موٽ فرزند هو اڄ پاڻ اسان ۾ نه آهن پر هن جي دليري سچائي ورثي طور اسان وٽ موجود آهي .ربڏنو باريجو پنهنجي يادگيرين ۾ لکن ٿا ڪنهن دعوت ۾ وڃڻ ٿيو اتي رلي وڇايل هئي پاڻ رلي کي ڏسي روئي پيا رلي کڻائي تڏي تي ويٺا ۽ فرمايائون ته ماڻهن اسان جي لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي پر اسان ڪنهن جي لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھياسين. يوسف شاڪر ابڙو جن لکن ٿا ته مولانا تاج محمد قاضي جي مدرسي ۾ محمد وريل هڪ شاگرد پڙهندو هو پنهنجي حق گوئي حق پسندي ٻين اڳيان ڪنڌ نه جھڪائڻ سبب استادن طرفان عبدالحق سڏيو ويو پاڻ مولوي حاجي احمد ملاح جي بدين واري مدرسي ۾ ٽي سال ۽ ديوبند واري مدرسي ۾ به ٽي سال پڙهيا . مولوي محمد چنڊ جن لکيو آهي ته مولانا عبدالحق رباني صاحب جن کي وڏي ڄاڻ ۽ وڏو حافظو هو مولوي صاحب جو ورتاءُ سخت هوندو هو پر ان ۾ محبت ۽ پيار سمايل هوندو هو مولانا عبدالحق رباني جي جنازي نماز مون پڙهائي هئي عبدالقادر ميمڻ ( تڏهوڪو ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ) لکن ٿا ته مولانا صاحب کي سنڌ جي عوام محبت ۽ عقيدت سان شيخ السنڌ جو لقب ڏنو مولانا صاحب جي طبيعت ۾ ڪمال جي سادگي هوندي هئي مولانا صاحب جھموريت جا قائل هئا .پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر قاضي چيئرمين اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جن لکيو ته مولانا صاحب هڪ جامع شخصيت هو پنهنجي پريس مان هميشه قلمي جھاد جاري رکيائين . ڪامريڊ روچي رام لکي ٿو ته مولانا صاحب هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ ۽ کين حق وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجھد کي پنهنجو فرض سمجھندو هو مولانا صاحب نه رڳو حق پرست عالم هو پر ساڳئي وقت بي باڪ سياسي سماجي رهنما پڻ هو جنهن پنهنجي سموري زندگي حق ۽ سچ جو علم بلند رکيو .ايڊووڪيٽ عاشق حسين لغاري جن لکن ٿا مولانا صاحب سنڌي ماڻهن سان حقيقي محبت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کيس شيخ السنڌ جي لقب سان نوازيو مولانا صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم قرآن شريف ۽ حديث جو ڄاڻو هو ۽ وڏو مدبر سياستدان هو جنهن تي سنڌ کي ناز آهي .خليل الرحمان لغاري جن لکيو آهي ته مولانا صاحب دور انديش سياستدان هئا جو وقت ۽ حالتن جي نزاڪتن کي محسوس ڪندي مستقبل تي مرتب ٿيندڙ اثرات کي پرکي وٺندا هئا . معراج محمد خان لکي ٿو ته مولانا صاحب وڏو عالم عوام دوست هو مدبر ۽ بهادر هو مولانا صاحب مان آزادي جي خوشبوءِ ايندي هئي . ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جن لکن ٿا ته مولانا صاحب دل جو سخي مرد هو سندس روشن خيالي سندس علم ۽ لياقت جي ڪري کيس شيخ السنڌ جو لقب ڏنو ويو .مولانا عزيز الله ٻوهيو لکيو ته مولانا عبدالحق رباني صاحب سنڌ جي تاريخ جي اهم شخصيت هو . مولوي محمد يامين شورو جي لکڻ موجب مولانا صاحب جھالت جي خاتمي لاءِ تعليم ۽ جهاد کي پنهنجو نصب العين بنايو هو مولانا عبدالحق رباني تقرير ۾ سادي ۽ سليس ٻولي استعمال ڪندو هو . خليل الرحمان دائودپوٽو جن لکيو آهي ته مولانا عبدالحق رباني صاحب سدائين خلق خدا کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آجو ڪري آزاديءَ جي روشن راهن جا گس ۽ گھير ڏسيا عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جي قيام لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو . پروفيسر برڪت علي ڪريمي موجب مولانا عبدالحق رباني صاحب جون تقريرون ۽ خطبا سنڌ جي تاريخ جو اڻ مٽ باب آهن . مولانا عبدالحق رباني سنڌ جي اها شخصيت هو جنهن کي شيخ السنڌ جو لقب مليو مون کان جيڪا ڪوشس ٿي سگھي اها مون ڪئي آهي جيئن سنڌ وارن کي سنڌ جي هن عظيم انسان جي باري ۾ ڪجھه چاڻ ڏيئي سگھون مولانا صاحب تي وڌيڪ معلومات اسان کي محترم ثناءُ الله سومرو جي سهيڙيل ڪتابن مولانا عبدالحق رباني شخصيت ۽ جدوجهد ۽ ٻئي ڪتاب اسلام جي حقيقي تعليم ۽ اسان جو مذهبي طبقو مان ملي سگھي ٿي اسان کي اهي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ گھرجن اسان کي اهي ڪتاب ساگر پبلشنگ هائوس گلشن اقبال ڪراچي وٽان ملي سگھن ٿا .هيءُ جيڪو مون مواد گڏ ڪيو آهي مثي ذڪر ڪيل ڪتابن تان کڻي ترتيب ڏنو آهي جنهن جي لاءِ انهن جو آئون شڪريو ادا ڪريان ٿو . اسان جي ڪوشش آهي ته اسان نصرپور شهر جي انهن عظيم ماڻهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيون جيڪي اسان جي سنڌ ديس جو سرمايوهئا هڪ دفعو آئون انهن سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن جي ڪتابن جي مدد سان مون هيءُ مواد تيار ڪيو آهي .
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?10673-%D8%B4%D9%8A%D8%AE-%D8%A7%D9%84%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D9%85%D9%88%D9%84%D8%A7%D9%86%D8%A7-%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%AD%D9%82-%D8%B1%D8%A8%D8%A7%D9%86%D9%8A

Friday 6 May 2011

Imam Mohammad Hayyat ibn Ibraaheem Al-Sindi. Produced & Edited by Jokhio Shafique Ahmed



Imam Mohammad Hayyat ibn Ibraaheem al-Sindi
(Arabic) امام الشيخ محمد حياة بن ابراهيم السندي ) (d. ca. 1750 ): was a
prominent Muslim scholar in Medina in the eighteen-century.
Ibn Abd-al-Wahhab's teacher Abdallah ibn Ibrahim ibn Sayf introduced the relatively young man to Mohammad Hayya Al-Sindhi in Medina and recommended him as a student. Ibn Abd-al-Wahhab and al-Sindi became very close and Ibn Abd-al-Wahhab stayed with him for some time. Al-Sindi was a renowned scholar of hadith who was well known for repudiating innovations. Scholars have described Muhammad Hayya ( Hayyat) as having an important influence on Ibn Abd-al-Wahhab, encouraging him to denounce rigid imitation of medieval commentaries and to utilize informed individual analysis (ijtihad). Muhammad Hayya also taught Ibn Abd-al-Wahhab to reject popular religious practices associated with 'saints' and their tombs that resembles later Wahhabi teachings. Muhammad Hayya and his milieu are important for understanding the origins of at least the Wahhabi revivalist impulse.[1]

His Death:He passed away on Wednesday, the 26th of Safar, 1163H in Medina, and was buried in the Jannat al Baqi.[2]

Further reading:Muḥammad Ḥayyā al-Sindī and Muḥammad ibn Abd al-Wahhab: An Analysis of an Intellectual Group in Eighteenth-Century Madīna, John Voll. Bulletin of the School of Oriental and African Studies, University of London, Vol. 38, No. 1 (1975), pp. 32–39. Cambridge University Press on behalf of School of Oriental and African Studies. Stable URL: http://www.jstor.org/stable/614196
' The non-Wahhabi Hanbalis', 277-91.
Aziz Ahmad, ' Political and religious ideas of Shah Wali-ullah of Delhi ', Muslim World, LII, 1, 1962, 22.
G. W. J. Drewes, 'Indonesia: mysticism and activism', in G. E. von Grunebaum (ed.), Unity and variety in Muslim civilization, Chicago, 1955, 290-1.
Saint-Prot, Charles. Islam. L'avenir de la tradition entre révolution et occidentalisation (Islam. The Future of Tradition between Revolution and Westernization). Paris: Le Rocher, 2008.[edit]

References

^ BOOK REVIEWS - Robinson 3 (1): 116 - Journal of Islamic Studies
^ http://aa.trinimuslims.com/showthread.php?t=275
http://jis.oxfordjournals.org/cgi/pdf_extract/3/1/116 BOOK REVIEWS - Robinson 3 (1): 116 - Journal of Islamic Studies
http://en.wikipedia.org/wiki/Mohammad_Hayya_Al-Sindhi
The End.

Following is next article
Shaikh Muhammad Hayaat bin Ibraaheem As-Sindee

Died 1163H: Shaikh Muhammad Hayaat bin Ibraaheem As-Sindee

AUTHOR: Compilation from Various Authors
SOURCE: Several Sources (See Below)
PRODUCED BY: Al-Ibaanah.com

His Name and Lineage:He was Muhammad Hayaat bin Ibraaheem As-Sindee, then Al-Madanee. His lineage can be traced back to the tribe of Jaajur, a people from the inhabitants of Sind that used to live in the outskirts of ‘Adilpur. This he was born in Adilpur, Sind, which is presently located in Pakistan.

The land of Sind (or Sindh) was considered one of the centers of knowledge and virtue ever since it underwent the Islamic conquest at the hands of Muhammad bin Al-Qaasim during the reign of the Umayyid Caliph Al-Waleed bin ‘Abdil-Malik in 93H (712 CE). Since then, the lands of Sind have produced many ingenious scholars and big Muhadditheen throughout history whose names have become immortalized in the pages of Islamic History.

The biographical accounts do not mention the date or year in which he was born. Rather, all that is stated is that he was born and raised in the outskirts of ‘Adilpur. When he grew up, he moved to the city of Tatta, the capital of the lands of Sind. After this, he migrated to the two holy sites in Saudi Arabia, and took residence in Madeenah.

His Quest for Knowledge:It was after the Shaikh moved to Tatta that he began to devote himself to seeking knowledge, thus learning at the hands of its scholars and teachers. He learned under the great scholar of India, Shaikh Walee-ullaah Ad-Dihlawee, and studied closely under the scholar, Muhammad Ma’een bin Muhammad Ameen At-Tattawee As-Sindee, who was from the prominent figures of the country.

Then he migrated to the two holy sites (Al-Haramain) and made Hajj. Then he took up residence in Madeenah and learned from its scholars. There he studied closely under Shaikh Abul-Hasan Ibn ‘Abdil-Haadee As-Sindee Al-Madanee, and took over his study circle after he died, holding it for 24 years.

His Teachers:He acquired knowledge from many scholars and teachers, to the point that he produced for himself a list of scholars[1] in which he mentions the eminent scholars that he heard from and who granted him approval (ijaazah) to teach from various books of Hadeeth. Amongst his teachers were:

1. Shaikh Muhammad Ma’een bin Muhammad Ameen At-Tattawee As-Sindee (d. 1161H)[2]
2. Shaikh Abul-Hasan Muhammad bin ‘Abdil-Haadee As-Sindee Al-Madanee (d. 1138H)[3]
3. Shaikh ‘Abdullaah bin Saalim bin Muhammad bin ‘Eesaa Al-Basree Al-Makkee (d. 1134H) [4]
4. Shaikh Abu Taahir Muhammad bin Ibraaheem Al-Kurdee Al-Madanee (d. 1145H)
5. Shaikh Abul-Asraar Hasan bin ‘Alee Al-‘Ujaymee Al-Makkee Al-Hanafee (d. 1113H)[5]
6. Shaikh Walee-ullaah bin ‘Abdir-Raheem Ad-Dihlawee

His Students:As was mentioned previously, the Shaikh took charge of teaching in the study circle of his teacher, Abul-Hasan Muhammad bin ‘Abdul-Haadee, in Madeenah, and remained there for 24 years. Due to this, countless students were produced at his hand. Imaam Sideeq Hasan Khaan Al-Qinnawjee said in his biographical account "Abjad-ul-‘Uloom" (3/170): “He devoted all his attention to teaching the Prophetic Hadeeth, and spent his entire life in service of the words of the chosen one (i.e. Prophet Muhammad). He would admonish the people before the Morning Prayer in the Prophet’s Mosque (in Madeenah), and a large amount of people, both Arabs and non-Arabs, benefited from him. The inhabitants of Makkah, Madeenah, Egypt, Syria, Europe and India turned to him for their beliefs and understanding.”

From among the most famous of his students were:

1. The great Scholar and Reformer, Imaam Muhammad bin ‘Abdil-Wahhaab (d. 1206H) [6]
2. The great scholar of Fiqh, Muhammad bin Ismaa’eel Al-Ameer Al-Kahlaanee As-San’aanee (d. 1182H) [7]
3. Imaam Muhammad bin Ahmad As-Safaareenee
4. The Muhaddith, Abul-Hasan Muhammad bin Muhammad Saadiq As-Sindee (d. 1187H) [8]
5. Shaikh Ahmad bin ‘Abdir-Rahmaan As-Sindee
6. Shaikh Muhammad Sa’eed bin Muhammad Safar (d. 1192H) [9]
7. Shaikh ‘Aleem-ud-Deen bin ‘Abdir-Rasheed Al-‘Abbaasee Al-Lahoree, who is buried in Damascus, Syria (d. 1168H) [10]
8. Shaikh Khair-ud-Deen bin Muhammad Zaahid As-Sooratee

9. Shaikh Muhammad Faakhir bin Yahyaa Al-‘Abbaasee Al-Ilaah Abaadee [11]
10. As-Sayyid Ghulaam ‘Alee Azaad Al-Balkaraamee (d. 1200H) [12]

His Characteristics:Al-Muraadee sad in Silk-ud-Durar (4/34): “He was abstinent, detached and disconnected from the people except for the times in which he would hold lessons. And he would be diligent at praying in the first row of the congregation in the Prophet’s Masjid.”

Al-Qinnawjee said about him in Abjad-ul-‘Uloom (3/169): “He would combine knowledge with action and adorn excellence with beautiful outward appearance.”

His Books and Writings:Even though he was preoccupied with teaching, issuing religious verdicts and giving lectures and admonitions, the Shaikh still gave importance to authoring books. It is due to this that we can find numerous beneficial books written by him today on various subjects, which indicate his educational inclinations and the vastness of his religious heritage. Amongst his works are:

1. Tuhfat-ul-Muhibbeen fee Sharh al-Arba’een [A Gift to the Beloved in Explaining An-Nawawee’s 40 Hadeeth]
2. An Explanation of At-Targheeb wat-Tarheeb of Al-Mundhiree in 2 volumes
3. Tuhfat-ul-Anaam fil-‘Amal bi-Hadeeth an-Nabee ‘alayhis-Salaatu was-Salaam [A Gift to Mankind: Acting on the Prophet’s Hadeeth] – An excellent book in which he discusses the obligation of following the Sunnah and not blindly-following one of the four madh-habs, whilst bringing many narrations from the four Imaams about this.
4. Fat’h-ul-Ghafoor fee Wad’-il-Aydee ‘alaas-Sudoor – A treatise on placing the hands on the chest in prayer
5. An Abridgement (Mukhtasar) of Imaam Ibn Hajr Al-Haytamee’s famous book of sins, Az-Zawaajir
6. Al-Eeqaaf ‘alaa Sabab-il-Ikthilaaf – A treatise on the reasons for differing
7. Muqaddimah fil-‘Aqaa’id [An Introduction to the Beliefs of Creed]
8. Al-Junnah fee ‘Aqaa’idi Ahlis-Sunnah [The Beliefs of Ahlus-Sunnah]
9. Hukm I’faa-ul-Lihaa – [The Ruling on Leaving the Beard to Grow]
10. Sharh al-Arba’een Li-‘Alee Al-Qaaree [Explanation of 40 Hadeeth compiled by the great scholar ‘Alee Al-Qaaree]

It must be noted that some historians, such as ‘Umar Ridaa Kahaalah, author of the book "Mu’jam-ul-Mu’alifeen" (9/275), counted the book “Irshaad-un-Nuqaad ilaa Tayseer-il-‘Itiqaad” as being from among As-Sindee’s writings. However, in reality, it is one of the writings of one of his students, Imaam Muhammad bin Ismaa’eel As-San’aanee (d. 1182H). Perhaps, this notion came about due to the fact that As-San’aanee included large amounts of quotes from As-Sindee’s book “Tuhfat-ul-Anaam” in his book “Irshaad-un-Nuqaad.”

He authored many more treatises and books to the point that after mentioning some of his works, Al-Muraadee said: “He also has other small treatises and astounding verifications.”

Those who recorded his biography have not mentioned many of these treatises, as they still remain in the shadows of the manuscript realm, may Allaah assist their future publications.

His Madh-hab:Even though Shaikh Muhammad Hayaat As-Sindee was brought up on the Hanafee Mah-hab, as that is the prevalent school of thought in India, and he ascribed himself to it, he still was not from the extremists towards the madh-hab, those who fanatically attach themselves to the Imaams. Rather, he shunned blind-following (taqleed), stuck to the proofs and was active in calling to the practical application of the Hadeeth. He even authored a book solely on this subject, which he called “Tuhfat-ul-Anaam fil-‘Amal bi-Hadeeth an-Nabee ‘alayhis-Salaatu was-Salaam.”

The great scholar Al-Fullaanee said in “Eeqaadh Himam Uleel-Absaar” (pg. 70): “The teacher of our teachers, Muhammad Hayaat As-Sindee said: ‘The requirement upon every Muslim is that he strive hard to understand the meanings of the Qur’aan and to seek after the Ahaadeeth, understanding their meanings and extracting rulings from them. If he is not able to do this, then it is upon him to blind-follow the scholars without restricting himself to one particular madh-hab because this may resemble taking him (i.e. the Imaam of the madh-hab) as a prophet. He is also required to take the most cautious and safest view from each madh-hab (school of thought). And he is permitted to abide by the allowances (rukhas) in cases of emergency. But as for times in which there is no emergency, then it is better to leave it off.

As for what the people of our time have introduced from making it required to stick to one particular madh-hab, and that it is not permissible to change from one madh-hab to another madh-hab, this is ignorance, innovation and deviation. And we have indeed seen them abandoning authentic ahaadeeth – that are not even abrogated – and instead clinging on to their madh-habs without any support. Verily, to Allaah we belong and to Him we will return.”

He also took stances against the Hanafee shaikhs from the people of his homeland. An example of this was his authoring of a treatise called “Ad-Durrah fee Idh’haar Ghish Naqd-is-Surrah” [The Pearl in Exposing the Fraud: A Criticism of “The Prize”] in which he refutes Shaikh Muhammad Haashim bin ‘Abdil-Ghafoor As-Sindee Al-Hanafee in his treatise “Dirham-u-Surrah fee Wad’-il-Aydee tahta as-Surrah” [The Prize in Putting the Hands below the Navel]. In this treatise, he professes the view that it is from the Sunnah to place the hands upon the chest during prayer, acting upon the ahaadeeth that were mentioned in this regard, even though this view contradicts what the Hanafees are upon. This is why when he authored his treatise “Ad-Durrah”, Shaikh Muhammad Haashim replied to him in two treatises. This lead Shaikh Muhammad Hayaat As-Sindee to once again reply to him, so he wrote his famous treatise: “Fat’h-ul-Ghafoor fee Wad’-il-Aydee ‘alaas-Sudoor” [The Victory of the Most Forgiving on Placing the Hands on the Chest in Prayer] [13]

The Scholars’ Praise for Him:Everyone that recorded a biographical account for the Shaikh has praised him and lauded his knowledge.

Al-Muraadee said in Silk-ud-Durar (4/34): “The Muhaddith, the one with deep understanding, carrier of the flag of the Sunnah in Madeenah, chief of mankind and jinn.”

Al-Qinnawjee said in Abjad-ul-‘Uloom (3/169): “He was from the well-versed scholars and the great Muhadditheen.”

In another place (3/188), he said: “The Haafidh, the Authority.”

Ibn Bishr Al-Hanbalee said in ‘Unwaan-ul-Majd (1/41): “He had an extensive expertise in knowledge of the Hadeeth and its narrators.”

‘Abdul-Hayy Al-Kitaanee said in Fahras-ul-Fahaaris (1/356): “He was the Muhaddith of Al-Hijaaz.”

Muhammad bin Ja’far Al-Kitaanee said: “He was the bearer of the flag of the Sunnah in Madeenah.”

The great historian of India, the noble scholar, ‘Abdul-Hayy Ibn Fakhr-ud-Deen Al-Hasanee, said in Al-I’laam biman fee Taareekh-il-Hind min al-A’laam (815): “The Shaikh, the great Imaam, the Muhaddith, Muhammad Hayaat bin Ibraaheem As-Sindee Al-Madanee, one of the well-known scholars.”

His Death:He passed away on Wednesday, the 26th of Safar, 1163H in Madeenah, and was buried in the Baqee’ Cemetery.

Biographical Sources:The secondary biographical sources used to produce (i.e. translate) this biography were:

1. Salaah-ud-Deen’s verification of “Tuhfat-ul-Anaam” [Ghiraas Publishing 2003]
2. TaHa Busreeh’s verification of “Tuhfat-ul-Anaam” [Dar Ibn Hazm 1993]
3. ‘Abdul-Majeed Jum’ah’s verification of “Hukm I’faa-ul-Lihaa” [Maktabah Al-Haafidh Adh-Dhahabee 2004]
4. Muhammad Shaayib Shareef’s verification of “Tuhfat-ul-Muhibbeen fee Sharh al-‘Arba’een” [Dar Ibn Hazm 2005]
****
Footnotes:

[1] It is called “An Index of As-Sindee’s Teachers.” A copy of it can be found in the Jumu’ah Al-Maajid Center in Dubai.

[2] He is one of the well known scholars, from the students of Ash-Shaah Walee-ullaah Ahmad bin ‘Abdir-Raheem Ad-Dihlawee, the Muhaddith of Delhi, India (d. 1176H). He authored several books, the most important of which was: “Diraasaat-ul-Labeeb fil-Uswat-il-Hasanah bil-Habeeb.”

[3] He was the famous Abul-Hasan, author of commentaries on the Six Collections of Hadeeth, the Muhaddith, the Haafidh, the Mufassir, the Faqeeh, teacher in the Prophet’s Mosque.

[4] Shaikh Muhammad Hayaat As-Sindee received ijaazah (approval) from him. He was a teacher in the Haram of Makkah. Many students from Saudi Arabia learned from him. From among the books he wrote was: “Diyaa’-us-Saaree ‘alaa Saheeh al-Bukhaaree” and “Al-Imdaad bi-Ma’rifat-il-Isnaad.” From his great feats was his editing and amending of all of the Six Collections of Hadeeth, such that his edited versions of them came to be relied on as sources of reference (i.e. for later publications of the Books of Hadeeth). The greatest of these was his editing of the book Saheeh Al-Bukhaaree, since he wrote it with his own hand and it took him almost twenty years to complete.

[5] Shaikh Al-‘Ujaymee was a follower of the Sunnah. He did not used to believe that blind-following was obligatory. He would also combine between the Dhuhr and ‘Asr Prayers and between the Maghrib and ‘Ishaa Prayers when traveling, contrary to the Hanafee Madh-hab. His writings include: “Al-Farj ba’ada ash-Shiddah fee anna-Nasaaraa Laa Yaskunoona bi-Jiddah.”

[6] He was the famous Imaam and Mujaddid that needs no introduction, author of the valuable treatises on Tawheed. In his biography of Shaikh As-Sindee as is found in “‘Unwaan-ul-Majd fee Taareekh-in-Najd”, the famous historian, ‘Shaikh Uthmaan bin Bishr An-Najdee said (1/14): “A large group of people learned from him, the most prestigious of whom was Shaikh-ul-Islaam Muhammad bin ‘Abdil-Wahhaab, Shaikh ‘Alaa-ud-Deen As-Sooratee and others.”

[7] He was the author of the famous book “Subul-us-Salaam”, the explanation of Buloogh-ul-Maraam of Al-Haafidh Ibn Hajr, apart from numerous other books.

[8] He was the Muhaddith and Usoolee, author of the book “Bahjat-un-Nadhar ‘alaa Sharh Nukhbat-il-Fikar” of Ibn Hajr on the Science of Hadeeth Terminology.

[9] He was a scholar of Hadeeth, Fiqh and Didactic Poetry. Amongst his writings is: “Mandhoomah al-Hudaa fee Ittibaa’ an-Nabee Al-Muqtadaa.”

[10] He is the author of the book “Al-Fawaa’id-ul-Afdaliyyah.” He died around the year 1168H.

[11] He went by the nickname “Zaa’ir.” He was a follower of the Sunnah and he would not restrict himself to one particular madh-hab. He spent his whole life reviving the Sunnah and calling the people to adhere to the Book and the Sunnah. He was almost attacked once for his open vocalization of the Ameen in prayer while in the Central Mosque of Delhi, but Ash-Shaah Walee-ullaah Ad-Dihlawee interceded between him and the Hanafee blind-followers. He wrote numerous books, mostly on following the Sunnah.

[12] He was the poet and historian, author of the books “Subhat-ul-Marjaan fee Athaar Hindistaan” and “Shamaamat-ul-‘Anbar feemaa warada fil-Hind min Sayyid-il-Bashar.”

[13] All of the treatises mentioned here are printed. Refer to the introduction of “Fat’h-ul-Ghafoor” by the professor, Muhammad Diyaa-ur-Rahmaan Al-A’dhamee.
http://aa.trinimuslims.com/showthread.php?t=275

corrigendum:
01.tribe of Jaajur.= correct is tribe of of Sindh is chachar
02.Al-Waleed bin ‘Abdil-Malik.= correct is Waleed bin Abdul Malak
03.Tatta = correct is Thatta or Thatto Sindh.
04.Muhammad Ma’een bin Muhammad Ameen At-Tattawee As-Sindee = Muhammad Mu’een bin Muhammad Ameen At-Tattawee Al-Sindhi
05.Shaikh Abul-Hasan Ibn ‘Abdil-Haadee As-Sindee Al-Madanee = correct is Shaikh Imam Abul-Hasan Ibn ‘Abdul-Haadee Al-Sindhi then Al-Madanee


ترجمة الشَّيخ مُحَمَّد حَيَاة السِّـنْدِي رَحِمَهُ الله
من أشهر تلاميذه : شيخ الإسلام محمَّد بن عبد الوهَّاب، والعلامة المجتهد محمَّد الصنعاني صاحب (سبل السلام) رحمهما الله تعالى.


ـ هذه الترجمة تنشر لأول مرة في الشابكة ـ والله أعلم ـ فرَّغتها من كتاب (( رسالة في حـكم إعفاء الّلحى )) تأليف الشيخ المترجم له، بتحقيق الشيخ الفقيه الأصولي: أبو عبد الرحمن عبد المجيد جمعة حفظه الله,
ـ قام بالترجمة الشيخ المحقق للرسالة نفسها : أبو عبد الرحمن عبد المجيد جمعة جزاه الله خيرا.


ترجمة الشَّيخ مُحَمَّد حَيَاة السِّـنْدِي رَحِمَهُ الله (1)

· مولود ونَسَبُه:
هو محمَّد حياة بن ابراهيم السِّندي الأصْلُ والمَوْلِد، المدني الإقامة والوفاة، ولد بمدينة (جاجر) من إقليم السند، ونشأ بها، ولم يذكر مترجموه تاريخ ولادته، ثمَّ انتقل إلى مدينة (تته) ـ قاعدة بلاد السند ـ

· طلبه للعلم ورحلته:
لما انتقل الشيخ السندي رحمه الله إلى مدينة (تته)، بدأ ينكب على طلب العلم، ويأخذ عن علمائها ومشايخها، فأخذ على علاَّمة الهند الشيخ وليّ الله الدَّهلوي، ولازم الشيخ العلاَّمة محمَّد معين بن محمَّد أمين التتوي السندي وهو من مشاهير البلدة.
ثم هاجر إلى الحرمين الشَّريفين، فحجَّ، وتوطَّن المدينة، وأخذ عن علامائها، ولازم الشيخ أبا الحسن بن عبد الهادي السندي المدني، وجلس مجلسه بعد وفاته أربعًا وعشرين سنة.

· شيوخه:
أخذ العلم عن علماء كثيرين، وخرَّج لنفسه مشيخة(2) ،ذكر فيها أعيان العلماء الذين سمع منهم وأجازوه في مختلف كتب الحديث، منهم: الشيخ عبد الله بن سالم البصري، والشيخ أبو طاهر محمَّد بن إبراهيم الكردي المدني، والشيخ أبو الأسرار حسن بن علي العجيمي، وغيرهم.

· تلاميذه:
تولَّى التَّدريس بعد وفاة شيخه أبي الحسن بن عبد الهادي وأخذ مكانه مدَّة أربع وعشرين سنة كما تقدَّم، وقد تخرَّج على يديه وتلاميذ لا يكاد يحصون (3)، قال القنوجي في (أبجد العلوم) (3/170): شدَّ حزامه على درس الحديث النبوي، وأفنى عمره في خدمة الكلام المصطفوي، وكان يعظ النَّاس قبل صلاة الصبح بالمسجد الشريف، وانتفع به خلقٌ كثير من العرب والعجم، وأقبل عليه أهل الحرمين ومصر والشام والرُّوم والهند بالاعتقاد والانقياد.
ومن أشهر تلاميذه: شيخ الإسلام محمَّد بن عبد الوهَّـاب، والعلاَّمة المجتهد محمَّد بن إسماعيل الصنعاني صاحب (سبل السَّلام)، والعالم المحدِّث أبو الحسن ابن محمَّد صادق السندي، وخلق كثير من العلماء والمشايخ.

· صفاته:

قال في (سلك الدُّرر) (4/34): (كان ورعاً متجرِّدًا منعزلاً عن الخلق إلاَّ في وقت الدروس، مثابرًا على أداء الجماعات في الصفِّ الأوَّل من المسجد النَّبوي).
وقال القنُّوجي في (أبجد العلوم) (3/169): ( قرن العلم بالعمل، وزان الحسن بالحُـلَل).

· مذهبه:

رغم أنَّ الشيخ السندي رحمه الله، نشأ على مذهب الحنفي كما هو السائد في بلاد الهند، وقد نسب إليه، إلاَّ أنَّه لم يكن من الغالين في المذهب، المتعصِّبين للأئمَّة، بل كان منابذًا للتَّقليد، متمسِّكا بالدَّليل، داعياً إلى العمل بالحديث، وقد ألَّف في ذلك رسالة لطيفة، سمَّاها: (تحفة الأنام في العمل بحديث النبيِّ عليه الصلاة والسلام) (4).
قال العلامة الفلاَّني في (إيقاظ همم أولي الأبصار)قال شيخ مشايخنا محمَّد حياة السندي: اللاَّزم على كل مسلم أن يجتهد في معرفة معاني القرآن، وتتبَّع الأحاديث، وفهم معانيها، وإخراج الأحكام منها، فإن لم يقدر فعليه أن يقلِّد العلماء من غير التزام بمذهب؛ لأنَّه يشبه اتِّخاذه نبيًّا، وينبغي له أن يأخذ بالأحوط من كلِّ مذهب، ويجوز له الأخذ بالرُّخص عند الضَّرورة، أمَّا بدونها فالأحسن التَّرْك.
وأمَّا ما أحدثه أهل زماننا من التزام مذاهب مخصوصة، لا يرى ولا يجوِّز كلٌّ منهم الإنتقال من مذهب إلى مذهب، فجهل وبدع وتعسُّف، وقد رأيناهم يتركون الأحاديث الصِّحاح غير المنسوخة، ويتعلَّقون بمذاهبهم من غير سند [إنا لله وإنا إليه راجعون] اهـ.
وكانت له مواقف مع مشايخ الحنفيَّة من بني بلدته، فقد ألَّف رسالة سمَّاها: (الدُّرَّة في إظهار غشِّ نقد الصرَّة) ردَّ بها على الشيخ محمَّد هاشم بن عبد الغفور السندي الحنفي في رسالته :(درهم الصرَّة في وضع الأيدي تحت السرَّة) ذهب فيها إلى أن السُّنَّة وضع اليد على الصَّدر في الصَّلاة، عملاً بالأحاديث الواردة في ذلك، وإنْ كانت تخالف مع عليه الحنفية، ولهذا لمَّا كتب (الدُّرَّة) ردَّعليه الشيخ محمَّد هاشم في رسالتين إحداهما: (ترصيع الدرَّة في درهم الصرَّة)، والثانية: (معيار النقَّاد في تمييز المغشوش من الجياد)، ردَّ عليه الشيخ السندي مرَّة أخرى في رسالة سمَّاها : (فتح الغفور في وضع الأيدي على الصدور) (5).


· ثناء العلماء عليه:

لقد أثنى على الشَّيخ السندي رحمه الله كلُّ من ترجم لسيرته، وأشاد بعلمه:
قال المرادي في (سلك الدُّرر)(4/34): المحدِّث الفهَّامة حامل لواء السُّنَّة بمدينة سيِّد الإنس والجنَّة.
وقال القنوجي في (أبجد العلوم) (1/169): (كان من العلماء الرَّبَّـانِيِّين وعظماء المحدِّثين)
وقال في موضع أخر (3/1: ( الحافظ المسند ).
وقال ابن بشر الحنبلي في (عنوان المجد) (1/41): (كانت له اليد الطولى في معرفة الحديث وأهله).
وقال عبد الحيّ الكتاني في (فهرس الفهارس) (1/356): (مُحدِّث الحجاز).
وقال المؤرِّخ الهند الكبير العلاَّمة الشريف عبد الحي ابن فخر الدين الحسني في (الإعلام بمن في تاريخ الهند من الأعلام) (815): (الشيخ الإمام الكبير المحدِّث محمَّد حياة ابن إبراهيم السندي المدني، أحد العلماء المشهورين).


· وفاته:

توفي ـ رحمه الله تعالى ـ آخر ليلة الأربعاء لأربع من صفر سنة ثلاث وستّين ومائة وألف (1163هـ) بالمدينة النبوية ودفن بالبقيع .

· مصنفاته :

توفي الشيخ السندي رحمه الله، وترك آثارًا عديدة، ومصنَّفات مفيدة، منها :
1 ـ شرح الترغيب والترهيب للحافظ المنذري ، ـ في مجلدين ـ .
2 ـ تحفة المحبِّين شرح الأربعين للنووي.
3 ـ شرح الأربعين لعلي القاري.
4 ـ مختصر الزواجر لابن حجر الهيتمي.
5 ـ إرشاد النقَّاد إلى تيسير الاجتهاد.
6 ـ تحفة الأنام في العمل بحديث النبي عليه الصلاة والسلام.
7 ـ شرح الحِكًم العطائية.
8 ـ شرح مقدمة في العقائد.
9- الجُنّة في عقائد أهل السنّة.
10- الإيقاف على سبب الإختلاف.
11- رسالة في إبطال الضرائح.
12-رسالة في النهي غن عشق المرد والنِّساون .
13- رسالة في كراهية الاختضاب بالسواد.
14- الدرَّة في إظهار غشِّ نقد الصرَّة.
15- فتح الغفور في وضع الأيدي على الصدور.
16- الحِكَم الحدادية .
17- فتح الودود في التكلّم في مسألة العينية ووحدة الوجود.
18- الركضة في ظهر الرفضة .
19-الردّ على كتاب:الحُجَّة الجليَّة في الردِّ على من قطع بالأفضلية. لمحمد معين التتوي.

ـ وغيرها كثير، حتَّى قال المرادي بعدما ذكر بعض مصنَّفاته: ( وله رسائل أُخَرُ لطيفة، وتحقيقات عجيبة منيفة .

ـ وكثير من هذه الرَّسائل لم يذكرها مترجموه، ولا تزال مخطوطات في غياهب الخزانات، والمُشتكى إلى الله ربِّ البريَّات.
***

(1)ـ انظر : (سلك الدرر) للمرادي (4/34)، (عنوان المجد في تاريخ نجد) لابن بشر (1/41)، (أبجد العلوم) للقنوجي (3/163)، (الأعلام) للزركلي (1/41) بما في تاريخ الهند من الأعلام) للشريف الحسني (815)، (مقدمة رسالة فتح الغفور في وضع الأيدي على الصدور) للسندي، تحقيق: محمد الأعظمي.


(2)ـ وهو موسوم بـ: (ثبت شيوخ السندي) وتوجد نسخة منه في مركز جمعة الماجد بدبيّ.
(3)ـ ومع هذا، يقول طه بوسريح في تحقيقه لرسالة (تحفة الأنام) : (لم أجد فيما لديّ من المصادر ذكرًا لمن أخذ عنه من العلماء)، والغريب في الأمر أنَّه ذكر من المصادر التي اعتمد عليها في الترجمة كتاب: ( عنوان المجد في تاريخ نجد) للمؤرخ الشهير الشيخ عثمان بن شبر النجدي، وقد قال هذا الأخير في الكتاب نفسه (1/41): ( وأخذ عنه جماعة، من أجلِّهم شيخ الإسلام محمَّد بن عبد الوهاب قدَّس الله روحه، والشيخ علاء الدين السورتي وغيرهم).

(4)ـ طبع بعناية الشَّيخ محمود حسن بجنوري في المكتبة السلفية بدلهي، ثمَّ حقَّقه الشَّيخ محمَّد عطاء الله الحنيف، ثمَّ حقَّقها أبو علي طه بوسريح.

(5)ـ وكلُّ هذه الرَّسائل مطبوعة، انظر مقدمة (فتح الغفور) للأستاذ محمَّد ضياء الرَّحمن الأعظمي.

http://www.ajurry.com/vb/showthread.php?t=6063

Wednesday 4 May 2011

ڪجهه سچ- ڪجهه ڪوڙ سنڌ سازشن جي ڄار ۾ مقصود گل


ڪجهه سچ- ڪجهه ڪوڙ
سنڌ سازشن جي ڄار ۾

مقصود گل



مون کي ٻي ته خبر ناهي، پر ايتري خبر ضرور اٿم ته اسان جي سنڌ سان ٿيندڙ سازشن ۾ ڌارين سان گڏ اسان جا پنهنجا مقتدر ۽ معتبر ماڻهو به شامل آهن، اڳئين شور ۽ شر واري زماني ۾ ته سنڌ سان وڏيون عقوبتون ٿيون. زمانو ڪهڙو به هجي، هر دور ۾ جنهن به سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قوم ۽ ساهت سان همدردي ۽ پيار جو اظهار ڪيو آهي. يا سنڌ ۽ سنڌين جي حقن ۽ حفاظت جي لاءِ ٻه اکر ٻوليا آهن. انهن تي اقتداري ڌرين جي ڏاڍ ۽ ستمگريءَ پنهنجي مڪمل جنگي ساز ۽ سامان سان ميدان ۾ اچي، انهن قومي هيرن کي ميٽڻ ۽ ميسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.

شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول ۽ سورهيه بادشاهه اسان جي سنڌ جا اهي شهيد آهن جن جو ڏوهه صرف اهو هو جو انهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت جي ظالم ۽ غاصب حڪمرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي، مظلوميت جي پٺ ڀرائي ڪئي. اهي ته آهن پراڻي زماني ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيل ظلمن جا مثال پر جيڪڏهن هاڻي به اسان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن جو پوتاميل ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته اهو ظلم ۽ ستم جو سلسلو ساڳيو ئي برقرار آهي. مطلب ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ساڳيو ئي دستور ۽ منشور جاري آهي. صرف ماڻهو ۽ منڍيون مٽبيون رهيون آهن.
دور ۽ زمانا بدليا، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو سالن کي صدين ۾ تبديل ڪندو وڃي ٿو. پر افسوس جو اسان جي سنڌ کي ڪو به چڱو ڏينهن ڏسڻ لاءِ ڪو نه مليو. هاڻي به اسان جي سنڌ جنهن پر آشوب دور مان گذري رهي آهي ان جو وچور ويچارڻ ڪنهن به قلم يا ذهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
سنڌ جي ماضيءَ توڙي حال ۾ ٿيندڙ ظلمن ۾ هڪڙي ڳالهه جنهن کي هر دور سان وابسطه ڪري ٿو سگهجي سا آهي. ڌارين سان گڏ پنهنجي بي حسي ۽ قومي غيرت جو فقدان.

تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته شاهه شهيد جي پرامن هاري تحريڪ کي فساد ۽ بغاوت جو رنگ ڏئي دهليءَ جي تخت ڌڻين کي اشتعال ڏياري شاهه عنايت جي خلاف اڪسائڻ ۽ مڇرائڻ ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنهنجن سنڌ جي ئي حڪمرانن جو هٿ هو. شاهه شهيد ته سنڌ جي ڇڙوڇڙ هارين کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ”جوکيڙي سو کائي“ نالو ڏئي الله جي زمين تي بندن جي حق جي ڳالهه ڪئي. جنهن کي ڪلهوڙن حڪمرانن پنهنجي حڪومت ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ کي لڏندي محسوس ڪيو ۽ پوءِ گورنر اعظم خان، پليجن ۽ ڪلهوڙن گڏجي، شاهه شهيد ۽ فقيرن جي خلاف مغلن کي مڇائي ۽ مڇرايو ۽ اها به حقيقت آهي. هن فقيراڻي تحريڪ کي اميرن جي خلاف سازش جو رنگ ڏيڻ ۾ ان دور جا ٻيا ننڍا وڏا پير فقير ۽ وڏيرا به شامل هئا. جن جي پيري، مريدي ۽ وڏيرپ کي خطرو محسوس ٿيو هيو.

اهڙي طرح مخدوم بلاول شهيد کي گهاڻي ۾ پيڙائڻ واري سازش ۽ عمل ۾ صرف شاهبيگ ارغون شامل ڪو نه هو پر ان بي گناهه قتل ۾ به گهڻن ئي مقامي سنڌي درٻاري ماڻهن مفتين ۽ مولوين سان گڏ ٻيا به کوڙ ماڻهو جي ارغونن جون جتيون سڌيون ڪندا هئا. انهن ڀرپور نموني ۾ قومي هيري ۽ اهم ڪردار کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجي قومي بي غيرتيءَ جو مظاهرو ڪيو هو.

انگريزن جي دور ۾ سورهيه بادشاهه جي خلاف جيڪو ظلم ۽ ستم جو طوفان برپا ٿيو هو، ان ۾ به هن شهنشاهه سنڌيءَ جو وڏو ڏوهه اهو هو جو هن سنڌ جي حقن ۽ حفاظت جي ڳالهه ڪئي هئي.
چوڻ وارا چون ٿا ته انگريزن کي اندر ۾ نفرت جي باهه جا الا ڀرڻ لاءِ به اسان جي سنڌين ۽ پير صاحب جي ويجهن ۽ گهڻ گهرن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن انگريز سرڪار پير صاحب تي بغاوت وارو نام نهاد ڪيس هلايو هو ته ان ۾ پير صاحب جي خلاف جن ماڻهن برقعا پائي پاڻ لڪائي پير صاحب جي خلاف شاهديون ڏنيون اهي اسان جا سنڌي ماڻهو ۽ پير صاحب جا ويجها گڏ رهندڙ، پير ۽ وڏيرا ئي هئا جن فقير سيد کي ڦاسيءَ جي فتويٰ ڏيارڻ ۾ ججن ۽ مفتين جي ڀرپور مدد ڪئي هئي.

ديکها جو تير کهاکي کمين گاهه کي طرف
اپني هي دوستون سي ملاقات هو گئي

پراڻي سلسلي کي جيڪڏهن اڄ جي سياسي ۽ سماجي حالتن سان ملائبو ته تقريبن ساڳيو ئي حال نظر ايندو. مطلب ته سنڌ هر دور ۾ سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهي آهي.
فرق صرف اهو آهي ته اڳ تخت دهلي سنڌ تي پنهنجا حڪم هلائيندو هو ۽ هاڻي تخت جنهن کي ٻين لفظن ۾ وفاق چون ٿا اهو ئي سنڌ جي هر اڇي ڪاريءَ جو مالڪ آهي.
ٺاهي ڊاهي جيلر صاحب جو ڀي چاهي جيلر صاحب اسان جا اڳواڻ قومي ۽ جمهوري صاحب اسان جا اڳواڻ قومي ۽ جمهوري سڏائڻ وارا يا قوم پرست ليڊر چوندا ته آهن ته هينئن ٿيڻ نه ڏينداسين پر آخر ڪار اهي بحث مباحثا ۽ گرما گرم بيان وقت سان گڏ ماٺا ٿي ويندا آهن ۽ ٿيندو اهو ڪجهه آهي جيڪو وفاق يا پنجاب ئي چاهيندو آهي.

هن دور ۽ هن جهان ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيندو آهي جيڪو اڳ ٿي گذريو آهي يا ٿيندو رهيوآهي. ڪوڙي جو ڪنڌ ۽ ڪاپار مٿي هوندو آهي ۽ اقتداري ڌر جا ڳجهيءَ ڳوهه ۾ يا ظاهر ظهور گيت ڳائيندو ۽ مان پائيندو آهي. بس پرائي ٻوڙ ٿي ٽوپي نراڙ تي.

باقي جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو سچ ۽ سنڌڙيءَ جو ساٿي نڪري پيو ته پوءِ ان لاءِ ساڳيون ئي اڳوڻن سچن ماڻهن وانگر ڦٽڪا، ڦاسيون، جيل، جبر ۽ جان جو خطرو ئي هوندو آهي.
ايجنسين جون اندروني ڪوششون ۽ قومي ماڻهن جي لاءِ قهر ۽ ستم ظريفيون بجا طور تي جاري آهن. پوءِ جيڪي جهڪيا ۽ جان بچائي ويا ته پوءِ انهن جي لاءِ جهوڙا ئي جهوڙا آهن. باقي جي سورهيه بڻجي سچ جا ساٿاري بڻجي ويندا آهن پوءِ انهن کي سر ڏئي سوريءَ سزا وار ٿيڻو ئي پوندو آهي. هي ٽوڙي ڦاٽڪ ۽ سانگهڙ سانحي وارا ۽ اهڙا ٻيا واقعا هن مايوسي واري دور ۾ اهو ئي ٻڌائن ٿا ته

اڃا رڃ منجهان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ائين سمجهين مئا مور سارا
http://www.awamiawaz.com/2011/May/4th/Articls/03.htm

اي سنڌ جا عالمو! _نور احمد سنڌي


اي سنڌ جا عالمو!_نور احمد سنڌي

اوهان سنڌ ۾ ابراهيمي دين جي پنج هزار ساله اسلامي اصولن ۽ ضابطن کي عوام جي ذهنن ۽ قلبن تائين رسائي هتي ماڻهپي، امن ۽ سک جو مانڊاڻ مچائي ورتو هو. اوهين صدين کان انهن ديني روايتن جو تسلسل آهيو ۽ جڏهن حضرت محمد ؐ دين اسلام سان انسانيت کي فلاح ۽ آجپي جو عالمگير پروگرام ڏنو ته اوهان ان وقت به انهيءَ پيغام کي اکين تي رکيو. اوهان ان عالمگير پيغامِ هدايت جون هتي علمي روايتون قائم رکيون ۽ هتان جي ماڻهن کي ايمان، دعوت ۽ جهاد جي لڙيءَ ۾ پوئي رکيو. اوهان جي علم ۽ عمل سان لڳاءَ ۽ جذبي سبب پيغمبر اسلام به چئي ڇڏيو هو ته”مون کي هند ۽ سنڌ کان سڳنڌ هير اچي ٿي.”
اوهان منصوري کان وٺي مهر ڳڙهه تائين ۽ ٺٽي کان وٺي ڳڙهي ياسين تائين سنڌ ۾ علم ۽ فضل جا مرڪز، مڪتب ۽ مدرسا ڦهلائي ڇڏيا ۽ هر طرف علم ۽ فڪر جي جهونگار ٻڌڻ ۾ پئي آئي. سنڌ تي جڏهن به غنيمن حملوڪيو ته اوهان ڌرتيءَ جي فرزندگيءَ جو حق نباهيو. اوهان گهاڻي ۾ پيڙهجڻ منظور ڪيو پر ڌارئي اقتدار جي قبضي کي تسليم نه ڪيو. اوهان ويڙهه جي ميدانن ۾ شهادت جي رتبن کي سيني سان لڳايو پر ڌارئي اقتدار جي سرپرستيءَ ۾ ديش دروهين جي پاران سنڌ جي عوام کي زمين جي مالڪيءَ جي حق کان دستبرداريءَ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو. حر تحريڪ جهڙي دنيا جي نرالي گوريلا ويڙهه کي جنم ڏئي اڌ دنيا تي اقتدار جو تسلط رکندڙ گوري انگريز جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ريشمي رومال تحريڪ ۾ انگريزن جي عالمي اقتدار لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ۾ اوهان جي جدوجهد ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي.
اوهان انسانن کي اڪيلي الله تعاليٰ جي معرفت ۽ وحدانيت جون سُرڪيون پياريون. انسانن جي اخلاقي ۽ معاشرتي ۽ دنياوي زندگيءَ جي ڀلاين سان گڏ انهن کي آخرت جو اهڙو شعور پئي عطا ڪيو، جنهن سان هر انسان پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بنياد تي پاڻ کي سرخرو ڪري پنهنجي رب جي حضور ۾ پنهنجيون ڪامرانيون تلاش ڪري. اوهان پاڻ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مزاحمت جو مجسمو بڻجي خدا جي خلق ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مزاحمت جو روح پئي ڦوڪيو. ماڻهن کي انسان، ڌرتي ۽ الله سان محبت جو شعور پئي ڏنو ۽ ان شعور سان انسان کي آخرت جي ڪامرانين جي تياري پئي ڪرائي.
هيءُ اوهان مان چونڊ حق جي عالمن جو شاندار ماضي آهي ليڪن اوهان مان اڪثريت جو جيڪو هاڻوڪو حال آهي سو بيحد افسوسناڪ ۽ ڏکائيندڙ آهي. موجوده سنڌ جو شرڪ، جهالت ۽ انتشار ۾ بري طرح ڦاٿل هئڻ ۽ هتان جي اخلاقي ۽ معاشرتي نظام جي ابتري اوهان جي غير فعال ۽ غنودگيءَ ۾ ورتل ڪردار تي وڏا شاهد بڻيل آهن.
اي سنڌ جا عالمو!
سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سٻاجهي فطرت پٽاندڙ هميشه دين اسلام جي خدا پرست انسان دوست اوريجنل تعليمات جا پيروڪار رهندا آيا ليڪن هن ڌرتيءَ جا غاصب، ڦورو ۽ استحصالي طبقا هنن کي فرقيوارانه رويي ۽ مسخ ٿيل مذهبيت ۾ ڦاسائڻ جون ڪوڙڪيون اڏي کين تباهي جي ڪناري ڏانهن گهليندا ويا ۽ اوهان کي هوش ئي نه رهيو ته انهن ڪوڙڪين جي ڏور اوهان جي هٿن ۾ ڏني وئي آهي.
اوهان کي، نبين جي سلسلي بند ٿيڻ کانپوءِ قرآن جي ڪامل هدايت تي انسانن جي تعليمي رهبري جي ذميداري سونپي وئي ليڪن اوهان پنهنجي ذات کي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو سرچشمو بنائي انسانن جي تقليدي رهبري ڪئي. قرآن، يهودين جي عالمن ۽ مشائخن مٿان ڦٽڪار ڪئي ته انهن پاڻ کي احبار ۽ رهبان بڻائي يهودين کي پنهنجي پٺيان هلائڻ شروع ڪيو! ليڪن هينئر اوهان مان اڪثريت ساڳيو ئي طريقو اختيار ڪري ورتو آهي. نتيجي ۾ عوام ذهني طور تي اوهان جو غلام آهي ۽ ملتِ واحده جي بجاءِ اوهان جي فرقيوارانه طور طريقن تي اوهان جي خواهشن ۽ مرضيءَ جو غلام آهي. عوام اوهان جي رحم و ڪرم تي آهي ته اوهان ان کي هڪ خدا وحده لاشريڪ کي مالڪ، آقا ۽ ڪارساز مڃائڻ لاءِ ڪوششون ٿا وٺو يا انهن کي پاڻ سميت ڀانت ڀانت جا هادي، مددگار، دستگير ۽ ڪارساز بڻائي ٿا ڏيو. هي به اوهان جي رحم ۽ ڪرم تي آهي ته اوهان پنهنجي پوئلڳن کي فرقن ۽ ٽولن ۾ ورهائي کين هڪ ٻئي جي خلاف اڪسائي رتوڇاڻ ڪرايو ۽ ايئن هزارين ابهم ٻارڙن کي يتيم بنائڻ سان گڏ سوين عورتن کي بيوه ٿيڻ سان سرفراز ڪري ڇڏيو!
اي سنڌ جا عالمو!
اوهان کي ڌرتيءَ تي پنهنجي عملي ڪردار سان انسانن کي فلاحي معاشري جي اهڙين برڪتن کان بهره ور ڪرڻو هو جنهن سان هڪ طرف ماڻهن کي ذهني آسودگين سان سرشار ٿي ۽ فقر فاقي جي ڳڻتين کان آجو ٿي، پنهنجي پوري روح سان الله تعاليٰ سان پنهنجو تعلق، تعبد ۽ تخلق نباهڻ جا سوين موقعا ملي سگهن ۽ ٻئي طرف اهو جنت نظير معاشرو ڌرتيءَ تي دنيا جي ٻين انسانن جي لاءِ مثال بڻجي خدا سان تعلق ڳنڍڻ لاءِ مقناطيس جو ڪم ڏئي سگهي. اوهان کي توحيد جي غلبي لاءِ سڀني انساني غلامين کي”لا الهٰ“ جي ضرب سان تباهه ڪري رڳو”الاالله“ جي حاڪميت قائم ڪرڻي هئي. پر بدقسمتيءَ سان اوهان جي مذهبي راهبانه طريقن جي ڪري انسانيت نه صرف غلاميءَ جي سوين شڪلين ۾ جڪڙيل رهي بلڪه اوهان مان ڪيترن مذهبي ٺيڪيدارن شعوري طرح انسانن کي غلامين ۾ جڪڙيندڙ طاقتور مستڪبرين (آمرن) ۽ مترفين (دولتمندن) غاصب طبقن جي آله ڪار وارو ڪردار ادا ڪيو.
اوهان کي توحيد جي هڪ عظيم نجات دهنده فڪر سان هڪ طرف انسانيت کي شرڪ، جهالت، بدعت، گمراهي، فرسوده ۽ مشرڪاڻن عقيدن مان نجات ڏيارڻي هئي ته ٻئي طرف توحيد جي ان عظيم فڪر سان ڌرتي تي انساني غلامي، تسلط ۽ غلبي جي سڀني طريقن کي نهوڙي ناس ڪري انساني آزادين کي ڪمال تي پهچائڻو هو. پر ان جي بجاءِ هڪ طرف اوهان مان ڪيترا پاڻ شرڪ، جهالت، گمراهي ۽ مشرڪاڻن عقيدن جا علمبردار بڻجي انسانيت کي پنهنجي ڪڍ هلائڻ جا روادار بنجي ويا ۽ ٻئي طرف معمولي ۽ سڻڀن مفادن تي اميرن ڪبيرن جا ساٿاري بڻجي ويا. نتيجي ۾ هتان جي ماڻهن کي طرح طرح جون غلاميون پلئه پيون. ڪي مرشدن جي خواهشن ۽ غلاميءَ جي ڪڙين ۾ قيد ٿي ويا، ڪي سيدن جي پوتر عقيدتن جي سنگهرن ۾ سوگها ٿيا. ڪي مُردن جي قبرن تي اونڌا ٿي پنهنجي دردن جي دوا طلبيندا رهيا. ڪي وڏيرن کي پنهنجو ڪارساز ۽ آقا مڃي پنهنجي مفادن جي دفاع ۾ لڳي ويا. ڪي ولين کي دستگير ۽ داتا مڃي پنهنجي روحن کي رڃ پٺيان رڙائيندا رهيا ۽ ڪي وري وقت جي حڪمرانن کان هر قيمت تي ۽ هر حال ۾ مراعات وٺڻ جي ڪڍ ڊوڙندا رهيا!
اوهان مسخ ٿيل مذهبن جي گهڻن خدائن، گهڻن مددگارن ۽ گهڻن داتائن وارو عقيدو غيرمحسوس طريقي سان مسلمانن جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيو. ڪن کي مددگار بنائي، ڪن کي وارث بڻائي، ڪن کي دستگير بڻائي، ڪن کي وسيلو بڻائي، ڪن کي پهتل بڻائي انهن جي مقبرن ۽ قبرن کي سجدي گاهه بنايو ويو، تان جو اوهان پنهنجي مسلڪ جي پوئواريءَ ۾ شرڪ ۽ ڪفر جا پڌرا منظر به قبول ڪندا رهيا. اوهان کي شرح صدر حاصل هو ۽ پنهنجي ليکي پڪ سان ڄاڻو پيا ته انهن خرافات جو قرآن جي تعليم ۽ حضرت محمد ؐ جي سيرت سان ڪو واسطو ڪونهي ليڪن اوهان پنهنجي ضمير، ذهن ۽ عقل کي مسلڪن جي ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيو هو. هينئر اوهان جو جيئڻ ۽ مرڻ رڳو انهن مسلڪن جي عزت ۽ ناموس لاءِ هو.
يهوديت جي اعليٰ ۽ اتم نسل واري ساڳي علت سيدن کي اعليٰ ۽ اتم هئڻ جي نسلي برتريءَ جي گهمنڊ ۾ وجهي، معاشري کي اڪيچار خرافات ۾ وجهندي رهي ۽ اوهان جي لاءِ اها بڇڙائي به ڪا اهميت رکندڙ ڪانه هئي!
اوهان کي قرآن مجيد صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو هو ته”انسان لاءِ اهو ئي آهي جنهن لاءِ هن ڪوشش ڪئي ۽ جاکوڙيو“ ۽”انسان لاءِ اهو ئي آهي جيڪو هن پنهنجي عمل سان اڪتساب ڪيو.“ ”جيڪو ذري برابر به نيڪي ڪندو ته انهيءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ جيڪو ذري برابر به بدي ۽ مدائي ڪندو ان کي انهيءَ جي سزا پلئه پوندي.” انسانن کي پنهنجي عملي زندگي بنائڻ جا ڪيڏا نه شاندار قرآني اصول چٽا ڪري ٻڌايا ويا هئا ليڪن قرآن جي هن تعليم کي مسخ ڪري، اوهان مان هڪڙن عيسائيت جو هي عقيدو مسلمانن جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ته جيئن حضرت عيسيٰ علي. السلام صليب تي چڙهي سڀني عيسائين جي گناهن جو ڪفارو ڏئي ويو آهي، تيئن حضرت امام حسين رضه به شهادت جو نذرانو ڏئي سڄي حسينيت کي نجات ۽ شفا جو پروانو ڏئي ويو. اوهان مان ٻين وري شفاعت جي مشرڪاڻن عقيدن کي مسلمانن ۾ فروغ ڏئي کين بي عمل بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. اهڙي طرح ٻڌمت واري رهبانيت اختيار ڪرڻ ۽ سماج کان ڪٽجي منهن مونن ۾ وجهي وردن وظيفن جي ذريعي الله کي ريجهائڻ جو ماحول جڙندو ويو ۽ انساني سماج بدلائڻ جا رجحان ماڻهن وٽ ڌنڌلائبا ويا. اوهان انهن رجحانن کي به چئلينج ڪونه ڪيو.
قرآن انسانن جي فلاح ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بنجندڙ سرڪش حڪمرانن، ڦورو سرمائيدارن ۽ ڪمزور قومن کي غلام بڻائي استحصال ڪندڙ قومن ۽ طبقن کي”طاغوت” قرار ڏئي، حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ محمدي جماعت وانگر انهن سان مزاحمت جو حڪم ڪيو هو، ليڪن خدا ۽ بندي جي وچ ۾ اچي انهن جي رشتهءِ بندگيءَ کي ٽوڙي پنهنجو غلام ۽ ڳيجهو بنائيندڙ طاغوتي طاقتن سان مزاحمت جي بجاءِ اوهان صرف”شيطان” کي ئي طاغوت جو نالو ڏنو ۽ ايئن اوهان مسلمانن جا مزاحمتي ٽارگيٽ تبديل ڪري آمرن، سرمائيدارن، پيرن ۽ ڦورو طبقن جا ڳٽ انهن جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيا.
اي سنڌ جا عالمو!
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان ۽ ٻين صوبن مان آيل بدعتن ۽ مسلڪن جا مذهبي اڳواڻ هتان جي ڌرتي ۽ مال تي قابض ٿيڻ جي لاءِ مسخ ٿيل مذهبيت کي فروغ ڏئي پنهنجي مفادن جا جاوا ڪندا ويا ليڪن سنڌ جا عام مذهبي طبقا انهن جي چالبازين ۽ فنڪارين جو جيئن اکيون ٻوٽي شڪار ٿيا سو رڳو افسوسناڪ ناهي پر المناڪ بهآهي. انهن نوواردن جي هن ڌرتيءَ جي خمير سان ڪا نسبت ئي ڪانه هئي، جنهن اثر ۾ هو هتان جي سماج کي سنواري رکڻ ۽ هتان جي ماڻهن جي دين ۽ دنيا کي بچائڻ جو فڪر دامنگير رکن. ان جي باوجود اوهان مقامي عالمن انهن جي ڌرتيءَ گريز ۽ ڌرتيءَ دشمن عملن کي ڪڏهن به چئلينج نه ڪيو. جمعراتي سيدن جا ڪٽڪ هتي اچي ڪڙڪيا جن هتان جي محبتي ماحول جو ناجائز فائدو وٺي ڪوڙن ڪليمن جي ذريعي نه صرف جائيدادن ۽ زمينن تي تسلط قائم ڪري ورتو بلڪ ٻين سماجي رتبن ۽ لامحدود مراعات جامالڪ بڻبا ويا. هنن هتي بدعتون، شرڪ ۽ هندستاني خرافات سان اسان جي سماج کي لولو لنگڙو، ڳيجهو ۽ ويڳاڻو بڻائي ڇڏيو. سيدي استحقاق، آٽوٺن چمڻ جي مذهبيت ۽ پيداگير مرشديت سان ماڻهن جي عقل، سوچ ۽ صدين جي تهذيبي ۽ خداپرست انسان دوست روايتن تي غلاف وجهي ڇڏيا. اوهان کي انهن خداپرست انسان دوست روايتن جي امين طور، قرآن مجيد جي اوريجنل هدايت جي مبلغ واري حيثيت سان هتان جي ماڻهن کي انهن فرسودگين کان بچائڻو هو. اوهان کي انهن حالتن تي پاڻ کي مضطرب ڪرڻو هو. دعوت ۽ سڌاري جي لاءِ تڙپ ۽ جستجو پيدا ڪرڻي هئي، بي چين ۽ بي خود بنجڻو هو. ايئن ئي جيئن پيغمبر اسلام ؐ ان وقت جي حالتن تي پاڻ کي ايترو بي چين ڪري ڇڏيندا هئا جو الله جي ذات کي به ان بي چينيءَ تي ڪهڪاءُ اچي ويندو هو ۽ جبرئيل اچي پيغام ڏيندو هو ته (اي پيغمبر) شايد انهيءَ فڪر ۾ پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪري ڇڏيندين ته هي ماڻهو ايمان واري واٽ نٿا وٺن. (الشعرائ-3)
پيغمبر ڪريمؐ جي اطاعت ان جي سموري اسو. حسن. ۾ هئي. انسانن کي توحيد ۽ معرفت الاهي جو پيڪر بنائڻ، کان وٺي انسانن کي فلاحي معاشرو قائم ڪري ڏيڻ تائين اسو. حسن. هئي ليڪن هتي اڪثر مذهبي طبقن وٽ اسو. حسن. جو تصور پاڻ ڪريمنؐ جي کائڻ پيئڻ، پوشاڪ ۽ پهرڻ تائين محدود رهيو. مڪي جي گهٽين۽ گوشن ۾ راتان ڏينهن ڪري ماڻهن تائين رسڻ، عڪاظ جي ميلن جا گشت، طائف جي بازارين ۾ رت وهائڻ، بدر ۽ حنين جي معرڪن جون مشقتون... اهي سڀ ڳالهيون اوهان جي احساسِ عمل ۾ شامل ئي نه هيون!
قرآن اوهان جي مٿان خيرامت جي طور تي انسانيت کي نيڪين جي طرف سڏڻ ۽ مداين کان روڪڻ واري منصب جي ادائيگيءَ لاءِ پاڻ کي ديوانو بنائي رکڻ جو ذمو رکيو هو ليڪن اوهان کي انهيءَ ذميواري نڀائڻ جو احساس، امنگ ۽ تڙپ ڪانه هئي. ايستائين جو اوهان جا عزيز به ان پيغام رسانيءَ کان محروم رهيا! اوهان جي چوڌاري واقفڪارن جي دل تي توحيد واري معرفت خداونديءَ جي دستڪ ڪانه آئي. اوهان جا پاڙيسري حق جو ساٿ ڏيڻ وارن جا ساٿاري نه بڻجي سگهيا ۽ اوهان جي قوم جا ماڻهو پنهنجي خلقڻهار جي ٻڌايل زندگيءَ جي ضابطن کي اپنائڻ کان بيگانا رهجي ويا!
اي سنڌ جا عالمو!
انهيءَ بيگانگيءَ جي ڪري اسان جي قوم ڇا ڇا نه ڀوڳيو آهي! قومي غلاميءَ جي سنگهرن کان وٺي شخصي ۽ قبيلائي غلاميءَ جي بدترين اذيتن سان هتان جي ماڻهن جو ڪيئن نه واسطو پيو. اهي هن ڌرتيءَ تي بدترين غلاميءَ ۾ ڦاسايا ويا. هو نه پنهنجي مرضيءَ جو حاڪم پنهنجي لا چونڊي پئي سگهيا. نه پنهنجي وسيلن تي مالڪيءَ جو حق تسليم ڪرائي پئي سگهيا. نه پنهنجي شهرن جي مالڪي کين حاصل هئي ۽ نه صنعتن ۽ تجارت ۾ سندن موجودگي هئي. نه کين روزگار جو تحفظ مليل هو، نه امن امان جو ماحول مليل هو، نه کين سول سوسائٽيءَ جي ڊولپمينٽ مليل هئي، نه وٽن بنيادي سهولتن جي هوند هئي. نه امن ۽ شرافت سان گذاري جو يقين هو ۽ نه پنهنجن ٻچن جي عزتن جي تحفظ جي ضمانت مليل هئي. بدقسمتي وري اها ته انهن سڀني ڳالهين جي اڻ هوند جي باوجود هي انهيءَ احساس کان به عاري هئا ته اهي ڪي غلاميءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن!
هڪ الله جي ٻانهپ ۽ آزاديءَ جي انهيءَ نعمت کي جيڪا خدا پنهنجي بندن جي لاءِ پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي هر دور ۾ محفوظ پئي ڪرائي، ان جي حاصلات اوهان جي ايمان ۽ عمل جو حصو نه هئي. اوهان وٽ انساني آزادين جي حاصلات به رڳو سيڪيولر ۽ لادين ماڻهن جي ڪرت قرار ڏني وئي هئي.
ان صورتحال جي ڪري اسان جي نوجوان ۽ پوڙهن کي، معصومن ۽ نياڻين کي، غريبن ۽ بيڪسن کي، ننڍن ۽ وڏن کي جنهن عذاب، ڪرب ۽ پيڙا مان گذرڻو پيو انهيءَ جي سنگيني هنيانءُ ڏاريندڙ آهي. هينئر روزانو اخبارن جي ذريعي ماڻهن جي ذهن ۽ قلبن تي اهي واقعا وڄ بڻجي ڪرن ٿا.
اي سنڌ جا عالمو!
هڪ طرف صورتحال جي ايڏي سنگيني ۽ ٻئي طرف هيڏي سماجي ابتريءَ کان لاتعلقي! حضرت محمدؐ جي وارثن کان ايئن ٿيڻ ممڪن ڪونه هو! يا ته اوهان اُن وارثيءَ جي عملي طرح پچر ڇڏي ڏني آهي يا سماج ۾ تبديلين جي وڏين سعادتن کان پاڻ کي محروم رکڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهان ٻنهي مان پنهنجي لاءِ ڪنهن به هڪ فيصلي جي چونڊ ڪري ورتي آهي ته پوءِ اوهان جي حال تي افسوس آهي ۽ اوهان جي محرومي تي افسوس آهي! اوهان وٽ، قومن جي زوالجندڙ تقديرن کي سنواريندڙ ڪتاب موجود آهي، رڳو اوهان الله جي ان ڪتاب ۽ الله جي مخلوق جي وچ ۾ پاڻ کي مذهبي بت بنائڻ بجاءِ خود به قرآن جا طالب بڻجي پئو. اوهان ماڻهن کي قرآن جي ويجهو اچڻ ڏيو ته هو پاڻ کي قدرت جي ٿيل خطابن کان بهره ور ٿين. پاڻ کي قدرت جي مليل خوشخبرين جو لطف وٺن، پاڻ کي قدرت جي ڏنل ڏوراپن جو ادراڪ حاصل ڪن ۽ پاڻ کي ڪيل تنبيهن جي خشيت پنهنجي دلين ۾ موجزن ڪن.
اوهان کي هن سماج ۾ احترام وارو مرتبو به مليل آهي ۽ اوهان جي منصب جي نوعيت به اهڙي آهي. اوهان کي مدرسن ۽ مسجدن جي صورت ۾ لکين ادارا به آهن ۽ انهن جي چوڌاري ڪروڙين ماڻهن جي وابستگي به آهي. اوهان کي موقعا به آهن ۽ اوهان لاءِ هر وقت ماحول به موجود آهي. پر بدقسمتي رڳي هي آهي ته قرآن جهڙو عظيم سڌارڪ ڪتاب اوهان جي ذريعي قوم جي لاءِ شوڪارن ۽ ڦوڪارن ۾ استعمال ٿئي ٿو! اوهان قرآن جي ذريعي قوم کي غلامين مان نجات ماڻي آزاديءَ جي آسودگين جو شعور نٿا بخشيو.
قرآن جو مرڪز توحيد آهي. اوهان جيڪڏهن الله جي ربوبيت، حاڪميت ۽ معبوديت جو فڪر خلق تائين رسائي ورتو ته انهن جي غلاميءَ جا زنجير ٽٽڻ لڳندا. اهي حضرت موسيٰ جي نقش قدم تي فرعونن ۽ آمرن جا مقابل بڻبا. اهي حضرت ابراهيم جي نقش قدم تي شرڪ ۽ جهالت جي آذري ادارن کي چئلينج ڪندا. اهي حضرت محمدؐ جي نقش قدم تي قيصر ۽ ڪسريٰ جي سرپرستين هيٺ پلجندڙ رئيسن ۽ سردارن جي نظام کي نهوڙي ڇڏيندا. قرآن انهن کي مالڪ حقيقي سان انسيت ۽ فدائيت سيکاريندو. قرآن انهن جي پاڻ سڃاڻڻ جو معلم بڻبو. قرآن انهن جي ستل صلاحيتن کي بيدار ڪندو ۽ قرآن انهن جي تزڪيي ۽ تربيت جو غير معمولي رهنما بڻبو.
اي سنڌ جا عالمو!
اوهان رڳو هيٺيان چند عمل اختيار ڪيو ته هن قوم جي مسيحائيءَ جا رستا کلي پوندا:
1- فرقيواريت جا طريقا ڇڏي، پاڻ کي قرآن مجيد جي عالمگير هدايت ۽ قرآن واري سماجي شعور جي رهبريءَ هيٺ آڻيو.
2- انساني مرتبن جي بلندي ۽ انساني آزادين کي پائدار بنائڻ جي لاءِ حضرت محمد ڪريمؐ جي اتباع سنت ۾ پنهنجي اندر بيتابي ۽ تڙپ پيدا ڪيو.
3- توحيد جي ربوبيت، حاڪميت ۽ معبوديت واري فڪر سان ماڻهن جي سماجي، فڪري ۽ اخلاقي ڀلائيءَ جو شعور عام ڪيو.
4- ايمان، دعوت ۽ جهاد قرآن جي تعليم جو خلاصو آهن. ايمان سان الله تعاليٰ جي معرفت، دعوت سان ستل انساني صلاحيتن جي بيداري ۽ جهاد سان ڌرتي تي فلاحي معاشري جو مقصد حاصل ڪريو.
5- پنهنجي علمي ۽ شخصي غرور کي ڇڏي اجتماعي ڌارا ۾ شامل ٿي پاڻ ۾ سماج جي تبديليءَ جي ديوانگي پيدا ڪريو.
6- سنڌ جي عظيم علمي روايتن کي سلهاڙي پنهنجي محبت جو محور مظلوم عوام ۽ انهن جي خوشيءَ کي بڻايو.
اوهان جو مرتبو ۽ اوهان جي ذميدارانه حيثيت هنن وڏن ڪمن سان آهي. اوهان پنهنجي لاءِ بلند فڪري، بلند حوصلگي ۽ بلند عمليت جو انتخاب ڪري پنهنجي ذميدارانه منصب جي تڪميل ڪيو. جڏهن اوهان عظمتن جي هن واٽ جو انتخاب ڪندوئ ته پوءِ پڪ سان اوهان ۾ واقعي ان حيثيت ۽ ذميداريءَ جو درياهه موجزن ٿيندو جنهن جي قرآن مجيد شاهدي ڏني آهي ته حق جي واٽ جا”عالم الله جي خشيت سان معمور هوندا آهن.“
http://www.facebook.com/notes/noor-ahmed-sindhi/%D8%A7%D9%8A-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D8%A7-%D8%B9%D8%A7%D9%84%D9%85%D9%88/146656795405142?notif_t=note_reply

Monday 2 May 2011

”اوڏ اِتهاس“ جو آڳو پيڇو عبدالرئوف سومرو

”اوڏ اِتهاس“ جو آڳو پيڇو
عبدالرئوف سومرو


اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا عوام جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا لمحن ۾ نت نيون خبرون، حيرت انگيز ۽ ڇرڪائيندڙ اسٽوريز اسڪرين تي آڻي عوام کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر ٻئي پاسي پرنٽ ميڊيا به اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عروج باوجود پنهنجي بقا کي برقرار رکيو اچي. اخبارون ۽ رسالا ڪرنٽ اشوز توڙي علمي ادبي موضوعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن پر ڪتابن جو اجراء پنهنجي پر ۾ وڏي تاريخ رکي ٿو. ڪتابن جي سفر ۾ صدين کان وٺي اڄ تائين لکين موضوعن تي لکيو ويو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي طوفان قارئين کان ڪتاب پڙهڻ جي ڪرت کسي آهي پر پوءِ به کوڙ سارا ”ڪتابن جا ڪيڙا“ ڪتابن کي تلاش ڪري وٺندا آهن ۽ پسند جا ڪتاب وٺي علم جي اڃ اجهائيندا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ تاريخي ڪتاب ناياب ٿيندا پيا وڃن. تاريخي ڪتابن جو مواد ئي اصل ۾ ان جو جوهر ۽ جلوو ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ سارنگا پبليڪيشن جي ڪوشش جس لهڻي، جو انهن تاريخي ڪتابن جي تلاش ۾ هڪ قدم اڳتي وڌائيندي اوڏ کتريه چندريڪا کي ”اوڏ اِتهاس“ جي نالي سان ڇپائي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. اهو ڪتاب 1930ع ڌاري ڀارت جي مهان ليکڪ ٺاڪر لڪشمي نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه هندي زبان ۾ اوڏن جي نسل بابت تحرير ڪيو. هو لکي ٿو ته، هن 1917ع ڌاري اوڏ جاتي تي تحقيق شروع ڪئي ۽ ڏهه سال تاريخ سهيڙيندو رهيو هو. هن ڪتاب کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪريڊٽ امولک داس کيتاڻي ڏانهن وڃي ٿو پر افسوس جو هو پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو تاريخي ڪتاب ڇپرائي نه سگهيو پر ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ پنهنجي پٽ رٽائرڊ پروفيسر شوقين مل اوڏ کي پارت ڪري ويو. ويهن سالن جي وقفي کان پوءِ شوقين مل نامياري ليکڪ ۽ شاعر سردار شاهه جي نگرانيءَ هيٺ ڇپائيءَ جو ڪم حوالي ڪيو، اها ذميواري رام اوڏ کي سونپي ويئي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پهريون حصو ٺاڪر لڪشمي نارائڻ سنگهه جو ۽ ٻيو حصو ”اوڏ اڀياس“ رام اوڏ جو لکيل آهي. اوڏ اتهاس جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي مشهور ڪالم نگار سردار شاهه جي مختصر ۽ معنيٰ خيز لکڻي، جيڪا ڪتاب جي مترجم امولک داس کيتاڻي جي باري ۾ ساروڻيون ساري ٿي.

هن ڪتاب جو پهريون حصو نون بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ اوڏ نسل جي تاريخ بابت اوڏن کي راجپوت ثابت ڪندي اهو لکيو آهي ته اوڏ سورج ونسي راجپوت چڪر ورتي مهاراجا سگرجي جو اولاد آهن ۽ انهن جي حڪمراني اوڏ ديش (اوڙيسه) ۾ هئي. رِشي اوءرو جي ڪارنامن جي عيوض مهاراجا سگرجي پنهنجي پيڙهيءَ جو نالو اوڏ رکيو ۽ لفظ اوءرو مان اوڙ ۽ پوءِ سنسڪرت زبان ۾ اوڏ ٿيو. ليکڪ هن ڪتاب ۾ اوڏن جي نسل جو ذڪر تاريخي حوالن سان ڪندي راجا سگر، ڀاگيرت ۽ آهوڪِجي وغيره جو احوال اهڙو ته عاليشان اوريو آهي، جنهن مان ان وقت جو مذهبي، سماجي، ثقافتي عڪس پسي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ اوڏ نسل جون شاخون پڻ آيل آهن، جنهن ۾ لڪشمي نارائڻ سنگهه برهما کان شروع ٿيندڙ اوڏن جو نسلي شجرو شري رامچندر سان وڃي ملائي ٿو. ان ڪتاب جي انفراديت ان ڪري به آهي، جو ليکڪ پراچين اتهاس جي ناياب ڪتابن تي نگاهه وجهندي پنهنجي موقف جي دفاع ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ اهڙن ڪتابن جا حوالا ڏئي ٿو، جيڪي ڪتاب سنڌ جي اڪثر تاريخدانن جي پهچ کان پري آهن. گنگا نديءَ جي وهڪ کان ويندي اوڏ ديش جي عظمت بابت هن ليکڪ ڏاڍي معقول ۽ منفرد انداز ۾ اتهاس سهيڙي اوڙيسه جي عروج جو احوال بيان ڪيو آهي. مجموعي طور تي ”اوڏ اتهاس“ ۾ ليکڪ ڪتاب ۾ اهڙي دلچسپي رکي آهي، جو پڙهندڙ صفحي پويان صفحا پڙهي يڪساهيءَ ۾ ڪتاب کٽائڻ جي ڪوشش ڪندو پر ڪٿي به بوريت واري بحر ۾ قطعي غوطا ڪونه کائيندو. ان ڏس ۾ مترجم به ڪمال جو ڪم ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ائين ئي محسوس ڪندو ته اهو ترجمو نه پر اصل سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل آهي.

اوڏ اتهاس جي ٻئي حصي جي ”اوڏ اڀياس“ جي ليکڪ رام اوڏ وڏي سنڌ جي قلمڪارن کي مزيد تحقيق ۽ تنقيد جي دعوت ڏني آهي. هن سنڌ جي عام لکارين تي ڇوهه ڇنڊيندي اوڏن بابت اڻپوري معلومات جو به سوال اُٿاريو آهي. هن مقالي ۾ سنڌ جي اوڏن جي زندگيءَ ۽ ڪرت سميت سندن ڪڙم ۽ قبيلن، مذهبي ڏڻن ۽ رسم جي ڄاڻ ڏني آهي. صنعتي انقلاب کانپوءِ اوڏن جي پيشيوراڻي پسمنظر ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون؟ هنگلاج ڏانهن اوڏن جي ياترا، ڀڳتن جي منڊلين ۽ سنڌ ۾ ستسنگ ۾ ڀگتن جي ڀڄنن تي فني حوالي سان به قلم کي جُنبش ۾ آڻي ڪيترن ئي اُلجهيل مامرن کي سلجهايو آهي. ان کانسواءِ سنڌو ڪناري ويد رچنا ۽ راف ٽي ايڇ گرفٿ جي ڪتاب تان رگويد ۾ آيل سنڌوءَ جي احوال کي به ترجمو ڪيو آهي ۽ اهي شبد سنڌوءَ جي عظمت متعلق آهن. هن حصي ۾ حال حيات ۽ پرلوڪ پڌاري ويل اهم اوڏ شخصيتن جو به ذڪر ڪيل آهي. اهي پروفائيل ڪافي گمنام ڪردارن کي منظر عام تي آڻين ٿا. اوڏ اتهاس جو پهريون حصو هند جي قديم اوڏن بابت ۽ ٻيو حصو سنڌ جي موجوده اوڏن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، مذهبي ۽ ثقافتي پسمنظر جو شهپارو آهي.

abdulraoofsoomro@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com