Realtime Hit Counter

Wednesday 2 May 2012


جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيء جو بنيادي پرو-گرامُ.
امام انقلاب عبيد الله سنڌي

ان ولي الله الذي نزل الڪتاب وهو يتول الصالحين.

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 الحمد لله رب العالمين
و صلي الله علي سيدنا محمّد سيد المرسلين و خاتم النبين عليٰ آله و اصحابه و اتباعه من ائمة و عباد الله الصالحين  و بارڪ وسلم

اما بعد:-

اڄ اسان خدا جو نالو وٺي ۽ ان جي ئي مدد تي ڀروسو (ويساه) ڪري اترَ اولهندي هندوستان جي نئين سياسي جماعت '' جماعت (پارٽي) جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ'' جي پهرين حصو(ڀاڱي)جو ڪمُ سنڌ ۾ شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.پارٽيءَ جا ڪجهه بنيادي قائدا اسان لکي ورتا آهن ته جيئن خاص ماڻهن کي دعوت ( انوائيٽيشن) ڏيڻ ۾ سهولت (سهنجائي) ٿئي. 

ان ۾ اڪثر اُهي ئي ڳالهيون آهن، جيڪي سياسي مطالعو ( اڀياس، اسٽڊي) ڪندڙن جي نظر ۾ تعارفي عملن جو درجو رکن ٿيون. تنهن ڪري ان جي وڌيڪ تشريح ڪرڻ جي هن مقدمي (مُهاڳَ) ۾ ضرورت ناهي. البته پارٽيءَ جي ميدان عمل کي محدود ڪرڻ جو مسئلو وضاحت جوڳو آهي.

جنهن مبصر( ڏسندڙ) جي نظر ۾ گذريل ٽيهن ورهين جي تواريخ آهي، اهو سمجهي سگهي ٿو ته هندوستان جو سياسي تقدم (اڳياڙي)ڏکيو ڪونهي. جيئن ان کي اڳُ سمجيو ويندو هو، پر گڏوگڏ اها ڳالهه پڻ پڌري ٿئي ٿي ته اها راند جڏهن به ٺهي وري ڊهندي آهي ته ان جي اندر هندو - مسلمُ اختلاف ئي نقصان جو سبب (ڪارڻ) نظر ايندو آهي. ان اختلاف کي حل ڪرڻ لاء مختلف سياسي نظريه جوڙيا ويا پر عملي طور''ويران وير وڌ'' وڌ وارو منظر آڏو اچي ٿو. اسان جي عملي اشتراڪَ سان گڏ فڪري اتحاد جو ضميمو پڻ ڳنڍيو آهي، ان ريت هڪ نئون تجربو ڪرڻ گهرون ٿا، ان لاء اسان هڪ اهڙو پرڳڻو (وطن،ديسن) چونڊيو آهي جيڪو ٻنهي تهذيبن جو مرڪز آهي. جيئن گَنگَا جمنا دو-آبه هندو تهذيب جو سرچشمو آهي ساڳيءَ ريت سنڌ-ساگر (سنڌ پنجاب، پشتونيه، ڪشمير ۽ بلوچستان) مسلم تهذيب جي کاڻ آهي. 

جيڪڏهن اسان ٻنهي عظيم الشان پرڳڻن (وطنن، ديسن) جو پنهنجي نظرين تي ٺاهه ڪرائي سگهياسين، سندن دلي تسڪين تي قادر ٿي سگهياسين ته نه حل ٿيندڙ ڏکيائيءَ جي ڪنجي(ڄاٻي) ملي ويندي. 

جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو پروگرامُ:

1- دارالرشاد، اسواد اعظم ۽ قاسمُ المعارف جا پراڻا ڪارڪن ۽ سندن ساٿي جيڪي وطني خدمت کي پنهنجو مذهبي فرض سمجهن ٿا، انڊين نيشنل ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل پارٽي تشڪيل ڏين ٿا جنهن جو تعلق اتر اولهندي هندوستان جي محدود پرڳڻن سان هوندو.

الف-پارٽيءَ جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي هوندو.

2-ان پارٽيءَ جا نظري بنيادي اصول هي آهن:

الف-عدمُ تشدد جي پابنديءَ سان ڪامل آزاديءَ حاصل ڪرڻ ان تواريخي حقيقت کي ياد رکڻ گهرجي ته عيسائيت عدمُ-تشدد جي جي پابنديءَ سان ٽن سوءُ ورهين ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

ب- آبادگار(هاري، فارمرس) هنر-مند ۽ پورهيت جي معاشي(اقتصادي)حالت سڌارڻ ۽ ان کي ترقي ڏيئي يورپ جي پورهيت جيتري بڻائڻ جيسيتائين ملڪ جي عامُ آباديءَ جي معاشي حالت ترقي نه ڪندي (تيسيتائين) سياسي ترقي (واڌ-ويج) نا-ممڪن آهي.ج-هندوستان کي هڪ ملڪ نه پر يُورَپَ وانگر ملڪن جو مجموعو مڃڻ، ٻوليءَ ۽ معاشرت کي ملڪي ونڊ-ورڇ جو بنياد بڻائڻ.

و- ترقي يافته يورپَ جي هنرن کي اسان جي ملڪ ( ننڍي-کنڊ يعني هند ۽ سنڌُ ) ۾ هلائڻ لاء ۽ وطن جي خدمت ۽ حفاظت ۾ مرد ۽ عورت کي جوان-مردي سيکارڻ لاء يورپين معاشرت (يعني صنعتي ترقي ۽ فوجي تنظيم) (ميڪنازم ڊولپمينٽ ۽ آرمي آرگنائيزيشن) اختيارُ ڪرڻ.

سمجهاڻي:
يورپين قومن جي سياسي برداريءَ ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ نه ايشيا جي سياسي ترقي سؤلي (سهنجي آسان سهل) آهي ۽ نه هندوستان جي؛ تنهن ڪري معاشرتي انقلابُ خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي، نه ته رجعت-پسند قوّتون (ريئڪشنري) ملڪ (وطن) کي رَکَ بڻائي ڇڏينديون.


ز.فڪر،اخلاقُ ۽ سياستَ ۾ هڪ-جهڙائي پيدا ڪرڻ لاء امام شاه ولي الله دهلويءَ  جي حڪمت ۽ فلسفي کي پارٽيء جو عقلي بنيادُ مڃڻ ۽ ان رستي سان انسانيت جي خدمت لاء تيار ڪرڻُ. سمجهاڻي: ٻين هزارين هجريءَ جي شروعات کان يعني جلال الدين اڪبر جي دؤر کان هندوستان جي مفڪرن جو هڪ طبقو ابن عربيء جي فلسفي يا ويدانيت فلسفي جي اصلاح ۽ تڪميل ۾ ان ڪري مصروفُ رهيو جو ان کي هندوستاني زندگيء لاءِ سياسي بنيادُ بڻائي. امام شاه ولي الله دهلويءَ جو فلسفو انهن سڀني ڪوششن جو نچوڙ آهي، ان سان سڀني دينن ۾ تطبيق ڏئي سگهجي ٿي ۽ انسانيت  جي ارتقائي تواريخ جي تشريح ٿي سگهي ٿي. 

ح. هندوستان جو دار-و-مدارُ وفاق (فيڊريشن) کي سمجهڻ هندوستان کي هڪُ ملڪُ سمجهڻ اوتري غلطي آهي، جيئن ڪو رُوسَ کي ڪڍي باقي يورپ هڪ ملڪُ چوي. ط. فيڊريشن جي تڪميل لاء هڪ ڪافي ڊگهي عرصي تائين برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪرڻ. ي. فيڊريشن جي ٻولي ترقي يافته هندوستان (هندي) (اردو) ۽ انگريزي کي مڃڻ. سمجهاڻي: اردوءَ کي رومن رومن ۾ لکي يورپين قومن ۾ رواج ڏيڻ ۽ مقطع اکرڻ ۾ لکي ايشائي قومن ۾ پهچائڻ ان مقصد جي پورائي لاء ضروري آهي

. 3-پارٽيءَ جا عملي سياسي اصول هي آهن

الف- پارٽي پنهنجي نظرين کي ڦهلائڻ لاء خاص تعليم-گاهن (يونيورسٽين) خلق (عوام) جا خادم پيدا ڪندي. فقط اهي ئي ماڻهو پارٽيء جا ميمبر ٿي سگهندا جيڪي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لاء هر قسم جي تڪليف سهڻ جو اهو وچن ڪندا ته هو تڪليف ڏيندڙ کان ڪنهن به صورت ۾ بدلو (انتقامُ) نه وٺندا.

ب-پارٽِيءَ جا جيترا به ميمبر حڪومت ۾ شامل ٿيندا اهي پنهنجي ڪرسيءَ تي ملڪ جي هر فرد سان هڪ-جهڙو وهنوارُ ڪندا ءٌ رُشوت وٺڻ بند ڪرائيندا.

ج- پارٽيء جا ميمبر ماپ-تور ۾ گهٽ وڌائي نه ڪندا، حساب لکڻ ۾ خيانت نه ڪندا، وياجُ بند ڪرائيندا.

د. پارٽِِيءَ جا زميندار ميمبر، هاريءَ /آبادگار سان جيڪو معاهدو ڪندا ان جا پابند رهندا. هاري/ آبادگارَ جي خاندان جي ترقيءَ جي ضرورتن (گهرجن) مهيا ڪرڻ ۾ پوري پوري مدد ڏيندا. 

هه- پارٽيءَ جا هاري / آبادگار ميمبر حڪومت جي ڍل ۽ زميندار جو حصو ( ڀاڱو) معاهدي جي پابنديءَ سان پورو ڪندا. 

و. پارٽيء جا هاري/ آبادگار ميمبر جنهن سان ونهوارُ ڪندا، امانت کي پنهنجو شعار بڻائيندا.

ز- پارٽء جا جيترا به ميمبر علمي يا اخلاقي خدمت ڪرڻ لاء مخصوص آهن اهي پنهنجي ملڪ مان جهالت ختم ڪرڻ لاء سخت جدوجهد ڪندا. هو (پنهنجي لاءِ) زندگيءَ جي ننڍيُن ضرورتن تي گذارو ڪندا. 

ح. پارٽيءَ جي هر تعليم-يافته ميمبر جو فرض آهي ته هر مرد ۽ عورت کي لکڻ پڙهڻ سيکاري:

1- پنهنجي ملڪي ٻوليءَ ۾.2- پنهنجي بين-الاقوامي (هندوستاني) ٻوليءَ ۾.3-هر مذهبي پابند کي سندس ملڪي ٻوليءَ ۾.

ط- پارٽيءَ جي هر ان ميمبر (جيڪو اخلاقي استادُ يا مرشدُ مڃجي ٿو) جو اهو فرض هوندو ته هو پنهنجي ملڪي ڀائرن کي حقن جو احترامُ سيکاري ايسيتائين جو سندن ملڪ جو هر شخصُ ڪنهن جي جان ۽ مال عزت کي نقصان اخلاقي طور حرامُ سمجهي. 

ي- پارٽيءَ جو هر ميمبر پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون پاڻ ڪمائي (ڪرتي) حاصل ڪندو. ان جو فرض هوندو ته ملڪ مان بيڪاريءَ جي زندگيءَ کي ختمُ ڪري. هر امير ۽ غريب کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پورهيت (محنت-ڪش) بڻايو ويندو. 

دار-الرشّادسنڌ ساگر
پير جهنڊو-سنڌ.
ڊسمبر، 10، 939هندي.

ورتل ڪتابمولانا عبيد الله سنڌي تحريرون ۽ تقريرون
سهيڙيندڙ ۽ سنڌيڪارُ ثناءُ الله سومرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ.

۽ پڻ ڪتاب افادات ملفوظات مولانا عبيد الله سنڌي
ليکڪُ پروفيسر محمد سرور،
باني سنڌ ساگر اڪيڊمي،
لاهورُ.

۽ ڪتاب خطابات مولانا عبيد الله سنڌي،
ڊاڪٽر پروفيسر سلمان شاهجان-پوري ثم سنڌي
ڪراچي، سنڌ.

۽ پروفسر بشير احمد بي.اي لڌيانوي جا ڪتاب.

۽ پڻ علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي
اڳوڻو چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ /
ڊئريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي،
حيدرآباد، سنڌ.

۽ پڻ علامه موسيٰ جارُ الله روس وارو جيڪو
شاگر رشيد امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جا ڪتاب.

هي اختصار سان لکيو
مون فقير
جوکئي شفيق احمد.