Realtime Hit Counter

Saturday 27 November 2010

تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد. جوکيو شفيق احمد

تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد

املاء ڪندڙ جوکيو شفيق احمد

فاتح قوم ، مفتوح قوم جي ملڪ وٺڻ بعد ، سڀ کان پهريون انهن جي ملڪي زبان جون پاڙون ڪپيندي آهي ، تاڪه زبان کي ختم ڪري ، قوم جون قومي خصوصيات ۽ انجو علمي سرمايو ناس ڪري ختم ڪري ڇڏي ، جنهن تي انهي , قوم جي غيرت ، فڪر ، تخيل ۽ قومي ڪردار جو بنياد هوندو آهي ، انهن مٿان ڌاري زبان مڙهي انهن کي ذهني غلاميء ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي ، تاڪِ (ته جيئن) ان قوم جو روح فنا ٿي وڃي ، غيرت ۽ حميت هلي وڃي ، ۽ هو فاتح قوم جي مقابلي ۾ ڪڏهين به اسري ۽ اڀري نه سگهي.

اهو مسلمه اصول آهي ته جسماني غلامي ، قومن کي ختم ڪري نه سگهندي آهي؛ جيڪڏهن قوم کي ڪابه غلامي هميشه لاءِ نيست نابود ڪري ڇڏيندي آهي ته اها ذهني غلامي آهي، جا (جيڪا) محض زبان جي بدلائڻ ذريعي آڻي سگهبي آهي.

صفحه _257 موجوده سياسي مسئلا_ سائين جي ايم سيد.

سنڌي زماني جي سردين گرمين ۾ پاڻُ جهلي جُداگانه زبان جي حيثيت حاصل ڪري ويئي، جڏهن ٻيون سندس همنسل زبانون گهڻو ڪِري پيون.ديباچو !_2

تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت.

مضمونَ جي شروع ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته قومي ۽ زباني مسئلي تي اسلامي تهذيبَ ۽ تمدن جي نقطي نگاهه کان پڻ سوچيو وڃي ٿو ، ۽ ان نقطي نظر کان صرف عربيءَ کي ئي قومي زبان بنجڻ جو حق حاصل ٿي سگهي ٿو. مگر اردو جا طرفدار جي اسلامي جذبي کي اردو زبان جي خاطر استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، سي دعويٰ ڪن ٿا ته اردو زبان اسلامي تمدن جي جي پيداوار آهي ۽ ِاها ئي مسلمانن جي بنايل زبان آهي انهيءَ ڪري انهي کي قومي زبان بنايو وڃي. مگر تواريخ شاهد آهي ته جيڪڏهن هن برِعظيم هندوستان جي ڪنهن به زبان تي صحيح اسلامي فڪر جو اثر پيو ۽ جنهن کي سڀ اول مسلمانن پنهنجو ، ڪري سمجهو (سمجهيو) سا فقط سنڌي زبان ئي آهي. هيٺيون حقيقتون انهي نظريي جي تائيد ڪن ٿيون:-

الف_ سنڌي ٻولي انهي ملڪ جي زبان آهي جو برعظيم ۾ سڀ کان اول مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. اهي قُرُونُ اُولَي ا جا عرب مسلمان هيا جن اصحاب، تابعين ۽ تبع تابعين (هئا)هيا ۽ اهي صحيح اسلامي فڪر ۽ ڪردار سان سان سنڌ ۾ داخلا ٿيا ۽ انهي ڪري سنڌ باب الاسلام بني ۽ سنڌ جي ٻوليءَ تي پڻ صحيح اسلامي فِڪِرَ ۽ تَمَدُن جو اثر پيو.

ب_ انهن عَرَبَ مسلمانن پنهنجي رواداريءَ، صحيح علمي ڄاڻ ۽ ملڪ جي ڀلي خاطر سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺايو، ايتري قدر جو سنڌي زبان جي شاعرن کي عرب دنيا سان روشناس ڪرايائون.چوٿِين صدي هجريءَجي هڪ عرب عالم پنهنجي ڪتاب ”روضَةُ العُقَلا“ ۾ سنه187 هه کان به اڳ جو هڪ تاريخي واقعو بيان ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ سنڌي شاعر عباسي خليفن جي مشهور وزير يحيٰ بن خالد برمڪِي کي پنهنجو سنڌي زبان ۾ چَيَلُ قصيدو ٻڌايو ، جنهن تي کيس هڪ هزار دينار انعام طور مليا. مطلب ته عربن سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرايو ۽ انکي ساڳيو عربيءَ جھڙو درجو ڏنو. چوٿين صدي هجريءَ ۾ جڏهين سنڌ ۾ عربي دورِ حڪومت قائم هو ، تڏهن مشهور عرب سياح ،ِابنِ حوقل ، لکي ٿو ته ملڪ جي خاص زبانون سنڌي ۽ عربي آهن. هن حوالي مان ظاهر آهي ته عربن ، عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به ملڪي ٻوليءَ جي درجي تي پھچايو.

(ج) ھن برعظيم ۾ سنڌي پهرين زبان هئي ، جا عربي خط ۾ لکي ويئي . ”روضة العقلا“ جي مصنف سنه 187ھه کان اڳ انھي سنڌي شاعر جي سنڌي ۾ چيل قصيدي جو هڪ شعر عربي خط ۾ نقل ڪيو آهي ، جو هن اڳين ڪتابن تان نقل ڪيو هوندو: جنھنجي معنيٰ ته اھو سنڌي قصيدو بروقت عربي خط ۾ نقل ڪيو هو. هيءَ حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ٻولي ٻي صدي هجريءَ جي آخر کان وٺي ،عربيءَ خط ۾ لکجڻ شروع ٿي ۽ اڄ ڏينھن تائين انھيءَ خط ۾ لکجي پئي.هن وقت به سواءِ عربيءَ جي ، فقط سنڌي ٻولي دنيا جي مکيه ٻولين مان هڪ واحد زبان آهي، جا انهيءَ اوائلي اسلامي تمدن جي اثر هيٺ خَطِّ نَسَخَ ۾ لکي وڃي ٿي.

انھن مٿين حقيقتن مان ظاهر آهي ته هن برعظيم جي مڙني ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻوليءَ کي اسلامي تمدن جي نقطي نظر کان اهم درجو آهي. انجي ڀيٽ ۾ اردوخ ته ڪنڌ کڻڻ جي قابل ئي قابل ئي نه آهي. اردو مغلن جي تنزل جي دور جي پيدائش آهي ، جنهن وقت قُرون اُوليٰ وارو اسلامي فڪر ۽ تمدن ختم ٿي چڪو هو. عربن سنڌيءَ کي عملا ۽ ارادتا (عملن ۽ ارادتن) ترقي ڏني ،مگر مغلن اردو کي عملا ۽ ارادتا( عملن ۽ ارادتن) زور ڪونه وٺايو ، بلڪ اها فوجي ضرورت سبب (سببان) پيدا ٿي . مغلن جي فوج ۾ هندو ، مسلمان سڀ شامل هئا ، انهيءَ ڪري اردو کي اصلا يا اصولن مسلمان جي ٻولي چوڻ به حقيقت جي برعڪس ٿيندو . جيئن عربن جي دور ۾ سنڌيءَ کي ملڪي ٻولي جو درجو حاصل هو. تيئن اردو کي مغلن جي دور ۾ ملڪي ٻوليءَ جو درجو ڪٿي به حاصل ڪونه هو. اردو فقط هڪ کچڻي (کچڙي) هُئي جا شاهي لشڪر جي بورچيخاني(رَڌڻي) تائين محدود هُئي . سنڌي هن برعظيم ۾ اسلامي طاقت جي بنيادجي بنيادي ٻولي هُئي ۽ انهيءَ ڪري اها خود داري ، غيرت ، مردانگي ۽ صحيح اسلامي فڪر جو آئينو بني. اردو مغلن جي زوال وقت زور ورتو ۽ اها هندوستان ۾ مسلمانن جي زوال جي نمايان نشان (سڃاڻپ) آهي. مسلمانن جي زوال جي پيدا ڪَيَل ٻوليءَ کي دورِ آزاديءَ جي ٻولي بنائڻ نفسياتي طور غلط آهي. جيئن ته غلامانه دور ۾ هن ٻوليءَ ترقي ڪئي . انھيءَ ڪري انجي افڪار (فِڪر) تي به غلاميءَ جو رنگ چڙهيل آهي : مرثيه خواني ، شڪسته ذهنيت ، نااميدي ، طعنه زني ، مدح سرائي ، مُشاعِرن جي دماغي عياشيءَ ۾ ڀٽن واري واھ واھ_ اردو جي شاعريءَ جون نُمايان (واضح) خصوصيتون آهن . اردوءَ جي نثر جو وڏو حصو اڌارن خيالن ۽ ترجمي بازيءَ جو ڀنڊار آهي . خيالن جي علاوه (کانسواءِ) ٻين ٻولين مان ورتل لفظن ۾ رڳو تذڪير ۽ تانيث( مذڪر ۽ مئونث) جو صحيح فرق به قائم نه ڪيو ويو آهي ؛ نتيجو اِهو آهي جو اردوءَ ۾ ” ڪتاب“ مونث ، ”شرم“ مونث ته ”عَقُل“ به مونث آهي ، ۽ ”اخبار“ مذڪر آهي . ظرف زمان جو اِهو حال آهي ”ڪَلَّھ“ (ڪالھ) به ”ڪَلَّ“ آهي ته سُڀاڻي به ”ڪَلَّ“ آهي. باوجود ڪِن حضرات جي وَڏِين دعوائن جي ، اردو جي ترقيءَ جو معراج اِهو آهي!!

سائين جيم سيد جي ڪتاب جو مضمون پورو ٿيو.

(سنڌ جا موجوده سياسي مسئلا)

لیيکڪ :- سائين جي ايم سيّدُ_ تان ورتل

صفحه _ (257 ، 269 ،270 ، 271) هي مواد

اصل ڪتاب ۾ سائين جيم سيد جي هٿن

مبارڪ سان لکيل آهي


2 comments:

  1. **** اچو ته سنڌيءَ ۾ سوچيون ****

    قرآن شريف ۾ آهي ته :وَإِذَا قُلْتُمْ فَاعْدِلُوا“ يعني جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو!.

    فرض ڪريو ته هڪ گهر مان چور چوري ڪري ويو. واردات ٿيڻ کان پوء گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ ويهي هڪ ٻئي تي حفاظتي بندوبست ۾ سستي جو الزام هڻڻ لڳا.
    گهر ڀاتين مان هڪ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻين کي چيو :

    ”جڏهن اوهان پنهنجي سامان جو خيال نه ڪندا ته پوء چور چوري ڇو نه ڪندو!؟ تنهن ڪري اوهان پاڻ پنهنجي سامان جي چوريءَ جا ذميدار آهيو! “

    پر اهو ڪاوڙيل گهر ڀاتي گهر مان نڪري جڏهن پنهنجي چوري ٿيل سامان جو ڪيس لڙڻ جي لاء پوليس يا عدالت ۽ پئنچائت وغيره وٽ ويو ته اتي ان مسئلي جو ٻيو پاسو کنيائين۽ هاڻي گهر ڀاتين جي خلاف شڪايت ڪرڻ جي بجاء چور جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳو.
    هاڻي سوال اهو آهي ته هو جڏهن گهر ۾ پنهنجي ماڻهن کي چوريءَ جو ذميدار سمجهي ٿو ته پوء چور جي خلاف ڇو ٿو دانهن ڪري!؟

    ان جو جواب اهو آهي ته برابر گهر ڀاتين جو قصور آهي پر قانون ۽ اخلاق جي نظر ۾ گهر ڀاتين جي ان قصور سان چور کي اهو حق ڪڏهن به نٿو پهچي ته هو ٻئي جي گهر ۾ ناحق گهري پئي ۽ موقعي جو فائدو وٺي ان جو سامان چورائي وڃي!

    هاڻي ان اصول تي هڪ سياسي مسئلو سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو گهر آهي ان جي حفاظت ڪرڻ ۾ اسان گهر ڀاتين کان هزارين ڪوتاهيون ٿيون آهن. اسان ۾ محنت جي بجاء سستي آهي. علم ۽ هنر جي بجاء جهالت آهي. اتحاد جي بجاء اختلاف آهي. اسين ڪانئر ۽ ٽوٽي ۽ نڪما آهيون. بي دين ۽ بد اخلاق آهيون. وغيره وغيره.دنيا جهان جون سڀ ڪمزوريون اسان ۾ آهن.اسان پنهنجي سنڌ پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻين جي حوالي ڪئي آهي پر ڇا اهو اسان جو چوري جي واردات وانگر اندروني بحث مباحثو هجڻ گهرجي يا ان بنياد تي اسين سياسي ڊائلاگ ۽ قانوني ادارن جي فورم تي ڌارين کي اهو حق ڏيون ته هو اسان جا سياسي ۽ معاشي حق ڦٻائي وڃن!!!!! ؟؟؟
    آئون اها ڳالهه ان ڪري چوان ٿو جو اسان جي قوم جا ڪيترا ئي ساده لوح شريف ماڻهو ان غلط فهمي جو شڪار اهن. انهن کي ايئن چوندي بڌبو آهي ته ”سنڌين ۾ ڪو لڇڻ ئي ناهي تنهن ڪري قومي حقن جي جدوجهد جي ڳالهه ڪرڻ اجائي فضول آهي خواه مخواه تعصب آهي“ وغيره وغيره.
    پر انهن کي سوچڻ گهرجي ته گهر ڀاتين جي سستيءَ سبب چور جي وارادت ڪرڻ کي حق بجانب قرار ڏئي نٿو سگهجي!!!! قرآن شريف ۾ آهي ته :وَإِذَا قُلْتُمْ فَاعْدِلُوا“ يعني جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو!.
    سو منهنجي خيال ۾ ته انصاف جي ڳالهه اها اهي ته گهر ڀاتين جي سستي جي بنياد تي دنيا جي ڪا به عدالت چور کي چوري ڪرڻ جو حق نٿي ڏئي...

    ReplyDelete